مٿي جيڪي ڪي لکي آيا آھيون، تنھن جو ڪجھھ خلاصو
پيش ڪرڻ نامناسب نھ ٿيندو. مٿين ٽنھي ڳالھين کي
پکيڙي لکڻ ۾ ۽ انھن جي پابندي لاءِ تنقيد نگار
مجبور آھي. جتي ان ۾ قدامت پسندي ھجي، نون نون
خيالن ۽ نون نون مذاقن جو خير مقدم ڪرڻ لاءِ بھ ھر
وقت تيار رھي. جتي ھن ۾ جوش ۽ عصبيت ھجي، اتي
متانت ۽ فراخدلي بھ ھجي. جتي ھو اميد افزا مصنفن
جي تعريف ڪري ٿو، اتي بيھوده ۽ لفظ حشرات سخن جي
ندامت جي لاءِ بھ مستعد رھي.
اڳتي ڪجھھ نقاد جي تحصيل بابت بحث ڪريون ٿا:
1)
نقاد کي ادب جي معلومات ۽ ان جي متفرق شعبن جي
خصوصيتن کان واقف ھئڻ گھرجي. ٻيو تھ متفرق اصناف
سخن جي اصطلاحن جي اشتقاق ۽ معنيٰ تي بھ ھن کي
ڪافي عبور ھجڻ ضروري آھي، تان تھ جتي جتي اصطلاحون
اچن تھ ھو انھن جي سڀني بلند مرتبن کان واقف ھجي.
2)
تاريخ تي ھن جي ڳوڙھي نظر ھئڻ گھرجي. ماضي جي سڀني
اديبن ۽ فنڪارانھ دورن جي نشوونما ۽ عروج وزوال
کان ھن کي ڪافي واقفيت ھجڻ ضروري آھي، نھ تھ بھتر
کان بھتر تنقيدي تحرير بھ ھڪ شاندار پر بي بنياد
عمارت ثابت ٿيندي.
3)
ھڪ شيءِ جو ٻي شيءِ مان نڪرڻ جي فني واقفيت وسيع
ھئڻ گھرجي. جيڪڏھن موسيقي جي ڪنھن تصنيف تي فيصلو
ڪرڻو ھجي تھ ھن کي موسيقي ۽ خاص واڄن سان واقف ٿيڻ
ضروري آھي. شاعريءَ تي تنقيد ڪرڻ واري جي لاءِ وزن
۽ قافيھ ۽ رديف جي مشڪل گھاٽين مان گذرڻو پوي ٿو.
نقاش يا مجسمو ٺاھيندڙ جي ڪارنامي تي تنقيد ڪرڻ
وقت اقليدس جا مسئلا ۽ رنگ سازي جي ماھيت بابت
ڪجھھ نھ ڪجھھ ڄاڻ ھجڻ لازمي آھي. تنقيد ڇا فارسي
شاعريءَ ۽ نجوم وھيئت ۽ يوناني ۽ لاطيني شاعريءَ ۾
علم الاصنام کان واقفيت کان سواءِ دستگاه حاصل ڪري
سگھجي ٿي؟
انھن سڀني ڳالھين جي لاءِ ضروري نھ آھي تھ نقاد ھڪ
مخصوص نجومي، جيد مؤرخ، عملي نقاش يا ناميارو شاعر
بنجي وڃي. ادب، فلسفھ، تاريخ يا ڪنھن ٻئي علم جي
مخصوص شخصيتن کان نقاد جو درجو بلڪل جدا ٿئي ٿو.
ان جي ڪا ضرورت نھ آھي تھ ھڪ مخصوص فاضل ئي ٻين
فاضلن جي ڪلام تي تنقيد ڪري سگھي ٿو. نقاد انھن
سڀني عالمن جو نمائندو آھي، جن جي لاءِ جدا فنن جا
ڪامل پنھنجيون تصنيفون پيش ڪندا آھن.
ليڪن جيئن پھرين بھ ذڪر اچي چڪو آھي تھ رڳو علمي
اصطلاحون، روز مره جا محاورا، عروض ۽ فصاحت وبلاغت
جي فن جي معلومات ۽ تاريخ تي ذاتي گھمنڊ ڪرڻ
خطرناڪ آھي، ڇاڪاڻ تھ ھر ھڪ ڪامل تصنيف علم وادب
جي دنيا ۾ ھڪ انقلاب پيدا ڪري ڇڏي ٿي. اھا نھ رڳو
مقرر ٿيل قاعدن ۽ ضابطن ۽ ماضي جي روايتن جي ئي
پابندين کان آزاد رھي ٿي، بلڪھ نون نون قاعدن ۽
وسيع نقطھ نظر قبول ڪرڻ تي زبان ۽ اھل زبان کي
مجبور ڪري ڇڏي ٿي.
انگريزيءَ ۾ ”شيڪسپيئر“ جي تصنيفن جي لاءِ نئين
لغت ۽ نئون گرامر مرتب ڪرڻا پيا. ”ڪارلائل“ جي
اسلوب بيان ۽ ٻوليءَ جي طريقي تي جيتوڻيڪ ھن جي
معاصر نقادن جي طرفان اعتراضن جي بارش ٿي، پر پوءِ
ھن جي ڪمال جي آڏو سڀني کي سر تسليم خم ڪندي،
پنھنجي تنقيد جي دائري کي وسيع ڪرڻو پيو.
4)
جيڪڏھن اسين علم بيان ۽ عروج جي فن کان گھڻو گھٽ
واقف آھيون، پر اسان جي طبيعت ۾ صداقت آھي ۽ اسان
جو مذاق بلڪل صھيح آھي تھ اسين بھتر کان بھتر لکي
سگھون ٿا. ”اناطوس فرانس“ ڪيترو نھ ٺيڪ ٿو چوي تھ:
”بھترين نقاد اھو آھي جو انھن مھمات کي ئي بيان
ڪري ٿو جن کي ھن جو روح ادبي شھ پارن ۾ طئي ڪري
ٿو.“
ھڪ معمولي شخص ڪنھن ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ
ان بابت جيڪا سڌي ۽ سادي پر خلوص سان ڀريل راءِ
قائم ڪري ٿو، تنھن کي معمولي ۽ حقير ھرگز نھ سمجھڻ
گھرجي. انھيءَ قسم جي برجستھ تنقيد انھيءَ لاءِ
گران بھا قرار ڏيئي سگھجي ٿي، جو اھا پيشھ ور
تنقيد نگارن جي تعصب ۽ تڪلف سان ڀريل راين جي
مقابلي ۾ گھڻو وڌيڪ آزاد، شگفتھ ۽ بي غرض ھوندي
آھي.
5)
بس نقاد کي گھرجي تھ ھر قسم جي جانبداري کان (خواه
اھا شخصي مذاق جي پاسداري ھجي، ڪنھن خاص تعليم ۽
تربيت جو اثر ھجي يا قوم، ملڪ ۽ جماعت وفرقي جي
طرفداري ھجي) پري ۽ آزاد رھي. اڪثر تجربي ۾ آيو
آھي تھ اھا ئي تنقيد جا پنھنجي مقرر ٿيل حدن جي
اندر نھايت سنجيده ۽ ڪار آمد معلوم ٿيندي ھئي،
ج٠ھن ڪنھن خاص مقصد جي لا٣ پنھنجي سوڙ کان ٻاھر
پير ڪڍي ٿي تھ مسخري ۽ بيھوده بنجي رھجي ٿي وڃي.
تھذيب ۽ ترقي يافتھ ٻولين جي ترقي ڪيل ذھنن ۾ ان
جي شاھدن جو فقدان نھ آھي.
”ڊاڪٽر جانسن“ جھڙو اعتقاد جي قابل شخص بھ جڏھن ھڪ
اھڙي مصنف بابت ڪجھھ لکڻ لاءِ قلم کڻين ٿو، جنھن
جي ھو ڪنھن نھ ڪنھن سبب جي ڪري تعظيم ڪري ٿو تھ
نھايت شاندار ۽ تعريف جھڙا جملا ٽمي پون ٿا. ان جي
برخلاف جڏھن اھڙن انشا پردازن تي نظر وجھي ٿو جن
کان ھو خواه مخواه نفرت ڪري ٿو تھ ھن جون سڀئي
سرگرميون سر مھري جي دامن ۾ پناھ وٺن ٿيون. ڇا
”ايڊيسن“ ۽ ”پوپ“ جي واکاڻ ”جانسن“ جي ھد کان وڌيڪ
طرفداري کي ظاھر نٿي ڪري؟ ۽ ”ملٽن“ تي ڇا ھن
پنھنجي شخصي اعتقادن جي ڪري بي دلي سان بحث نھ ڪيو
آھي؟
مطلب تھ تنقيد نگار جو پھريون فرض ھي آھي تھ ھو
ھميشھ غير جانبدار رھي. ڪنھن تصنيف تي تنقيد ڪرڻ
کان اڳي پنھنجي دماغ جي پلؤ کي شخصي واسطن ۽ ذاتي
خيالن جي گرد کان بلڪل پاڪ ڪري وٺي ۽ پنھنجي دل جي
ڦرھي تان ماضي جي ثبت ٿيل نقش کي مٽائي ڇڏي، تان
تھ ھو بلڪل صاف ۽ شفاف ٿي وڃي ۽ جنھن ڪتاب تي
تنقيد ڪئي پئي وڃي، سا پنھنجي اونداھين پھلو سان
گڏ بھ ھن تي ظاھر ٿي سگھي.
ھن کان سواءِ ھڪ حقيقي نقاد جي لاءِ ضروري آھي تھ
ھو حساس، ذھين، تاثر جي ھر ھڪ نقش کي منعڪس ڪرڻ
وارو، حقيقتن جي اونھائين تائين پھچڻ وارو، پڻ
”مئٿيو آرنلڊ“ جي خيالن مطابق ھڪ اھڙو صاحبِ نظر
ھجي، جو شين کي انھن جي ذاتي ۽ اصلي حيثيتن جي
روشني ۾ ڏسي، نھ پنھنجي شخصيت ۽ ذاتي اعتقادن جي
اوندھ ۾.
ڪنھن تصنيف يا مصنف سان نقاد جي روش، ھڪ اھڙي آرسي
جيان ھوندي آھي، جو ھن ڳالھھ کي ظاھر ڪري ٿي ڇڏي
تھ ھن جي شخصيت جون ڪھڙيون خصوصيتون، ھن جي تنقيدي
ڪارنامن ۾ پنھنجو جھلڪو ڏيکاري رھيون آھن؟
ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ بنا خاص محنت ۽ وسعتِ
معلومات جي ڪامياب تنقيد نگاري ڏکي ڳالھھ آھي، پر
ان کي ھڪ محدود ڌنڌو بھ نھ بنائڻ گھرجي. ھن خيال
جي خاطرداري لازمي آھي جو ايتري تعليم ضرور حاصل
ڪري وٺڻ گھرجي تھ جڏھن ڪنھن ڪارنامي تي تنقيد ڪرڻي
ھجي تھ سند جي طرھ پنھنجي وسيع معلومات کي پيس ڪري
سگھجي. ٻيو تھ پنھنجي تنقيدي فيصلن کي ڪنھن خاص
اصول جي ھيٺ نافذ ڪري سگھجي. ان سان گڏوگڏ مذاق جي
ترتيب ۽ درستي انھيءَ لاءِ ضروري آھي تھ پنھنجي
معلومات کان شائستھ ڪم ورتو وڃي.
پڇاڙيءَ ۾ وري ھن ڳالھھ تي زور ٿو ڏجي تھ نقاد کي
ھميسھ ان جو لحاظ رکڻ گھرجي تھ ھن جا تنقيدي فيصلا
ھن ڳالھھ جا شاھد ھجن تھ ھن جي علميت ڪيتري آھي ۽
ھن جو ادبي مذاق ڪھڙو آھي؟ جيڪڏھن انھن ۾ ڪنھن قسم
جي ڪمي يا خرابي ھجي تھ يقين ڪرڻ گھرجي تھ ھن جو
بيان خواه ڪيترو ئي دلچسپ ۽ پرزور ڇو نھ ھجي، رڳو
وقتي ۽ غير معتبر ھوندو. انھيءَ ڪري ”مئٿيو آرنلڊ“
ھن ڳالھھ تي پورو زور ڏنو آھي تھ رڳو ھڪ يا ٻن
ٻولين جي ادبيات جو ڳوڙھو مطالعو ڪامياب تنقيد
نگاريءَ جي لاءِ ڪافي نھ آھي. جيسين دنيا جي ھر ھڪ
قوم ۽ ملڪ جي ادب جي شھپارن جي گھٽ ۾ گھٽ نوعيت يا
خوبين کان واقفيت پيدا نھ ڪري وٺجي، تنقيد نگاري
ھرگز شروع نھ ڪرڻ گھرجي. رڳو ڪنھن ھڪڙي قوم يا
ٻولي جي ادب تي حاوي ٿي وڃڻ سان تنقيد نگار ھرگز
بنجي نھ ٿو سگھجي.
تنقيد لکڻ وارن جي حفاظت
جھڙي طرح اديبن جي تصنيفن جي عيبن ۽ خوبين جي جانچ
ادب جي ترقي لاءِ زبردست حامي آھي، ساڳي طرح تنقيد
لکڻ وارن جي ڪارنامن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بھ ادبي سليقي
جي درستي لاءِ ضروري آھي، ڇاڪاڻ تھ جيئن اديبن کي
آزاد ڇڏڻ قوم جي لاءِ خطرناڪ آھي، تيئن تنقيدنگارن
کي ڇڙواڳ ڇڏڻ بھ ادب جي لاءِ مھلڪ ثابت ٿيندو. پر
پوئين ڪم کي سرانجام ڪرڻ پھرئين کان گھڻو ڏکيو
آھي.
ھن ڪم لاءِ سڀ کان اڳي اسان کي نقاد جي شخصيت، ان
جي عادتن، خصلتن ۽ علمي تحصيل تي نظر وجھڻ گھرجي،
جو انھيءَ لحاظ کان ڏسڻو پوي ٿو تھ انھن سڀني
ڳالھين سندس تنقيدي ڪارنامن تي ڪھڙا اثر وڌا آھن؟
ان کان پوءِ ھن ڳالھھ جي تحقيق لازم ٿيندي تھ ھتان
ڪنھن مصنف يا تصنيف سان غير جانبداري يا تعصب جو
رستو ورتو آھي تھ سندس اھو فعل ڪيتري حد تائين حق
بجانب آھي؟ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڌيان جي قابل سوال آھي
تھ نقاد جيڪا راءِ اختياري طرح ڪنھن لاءِ قائم ڪئي
آھي، سا ڪھڙي معيار تي جاچي سگھجي ٿي؟ پڻ ھيءُ بھ
ڏسڻو آھي تھ نقاد ڪھڙن اصولن ۽ قاعدن جي ماتحت
پنھنجو فيصلو پڌرو ڪيو آھي؟
تنقيدي ڪارنامي جي عام خصوصيت ۽ ان جي نوعيت کي
مدنظر رکڻ جي بھ سخت ضرورت آھي. انھيءَ لاءِ تھ ھڪ
نقاد جھڙي طرھ ڪنھن مصنف کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ ۽
سندس سچي پچي خدمت ڪرڻ جي خواھش تي قلم کڻي ٿو،
تھڙيءَ طرھ انھيءَ مصنف جي مقابلي ۾ پنھنجي لياقت
۽ ذھانت ڏيکارڻ لاءِ بھ تنقيد لکڻ تي تيار ٿي
سگھندو؟
جھڙي طرح ھمدرد، منصف مزاج نقاد سڀني خوبين معلوم
ڪرڻ لاءِ تيار ٿي سگھي ٿو، ساڳي طرح متعصب، ضدي ۽
ھميشھ بڇڙائين جي تلاش ڪرڻ وارو بھ ٿي سگھي ٿو.
اوھين ”ايڊيسن“ جي تنقيد نگاري ڏسندا تھ اوھان کي
معلوم ٿيندو تھ تنقيدي پيرايھ ڪيترو مھذب، شائستھ
۽ پر لطف اٿس. ھن جو چوڻ آھي تھ صحيح نقاد اھو
آھي، جيڪو خوبين تي نظر رکندو ھجي ۽ عيبن کي لڪائڻ
جي ڪوشش ڪري. ھو جيڪڏھن ھميشھ انھيءَ تي ڪاربند
رھي تھ تنقيد نگار جو فرض آھي تھ ڪنھن بھ مصنف جي
مخفي قابليتن کي ظاھر ڪري ۽ ھن جي انھيءَ ڪارنامي
جي خصوصيتن کي پڌرو ڪري، جيڪي عوام ۾ پسنديده نظر
سان ڏٺيون وڃن ٿيون.
ان مان اسان جو خيال آھي تھ پرھندر رڳو ھي ھاصل
ڪندو تھ ڪنھن تصنيف ۾ ڪھڙيون خوبيون آھن ۽ ڪھڙي
ريت ان جي تعريف ڪرڻ گھرجي؟ باقي ان تصنيف ۾
ڪھڙيون خرابيون ۽ اوڻايون آھن؟ سي معلوم ڪري نھ
سگھندو ۽ ان کان بھ محروم رھجي ويندو تھ سچ مچ ان
تي ڪھڙي طرح شائستھ تنقيد ڪرڻ کپي؟
”ايڊيسن“ جي طرز تنقيد جي خلاف ”جيفري“ جي تنقيد
جو اسلوب ڏسن سان يقين ٿي ويندو تھ ھو خار وچان
اھڙي قسم جي تنقيد پيو ڪري. اھڙي قسم جي نقادن جي
روبرو مصنف ھميشھ اھڙي شڪل سان ايندو آھي، ڄڻ ھن
جي ڳچي ۾ ڳراھو پيو آھي ۽ ھو انھن کان رحم وڪرم جو
خواستگار آھي تھ: ”خدا ڪارڻ منھنجن ڏوھن کي معاف
ڪري ڇڏيو.“
انھيءَ قسم جي تنقيد لکڻ مان ”سينٽبري“ جي خيال
موجب ٻن قسمن جا نقصان پھچن ٿا: ھڪ ھي تھ جيڪي
ماڻھو تنقيد جي فائدن کان اڻڄاڻ آھن، سي نقاد سان
دشمني رکڻ لڳن ٿا ۽ ٻيو ھيءُ تھ جيڪي نقاد معتبر ۽
سنجيده نٿا ٿين، سي پنھنجي سوڙ کان ٻاھر پير
ڊگھيرڻ لڳندا آھن. انھيءَ ڪري علم ادب ۾ خرابيون
پيدا ٿي وينديون آھن. ان ۾ شڪ ناھي تھ بعض ڪارناما
اھڙا بھ ٿين ٿا، جو نقاد حد کان وڌيڪ سختي کان ڪم
وٺڻ تي مجبور ٿئي ٿو يا ھي تھ بعضي ٿوري نرمي ۽
ماٺ ھن جي ڪمزوري ۽ جانبداري کي ظاھر ڪري ٿي ڇڏي.
پر ڪٿي سختي جائز آھي ۽ ڪٿي نرمي واجب ٿئي ٿي؟
انھن ڳالھين جي فيصلي ڪرڻ جي ھيءَ جاءِ نھ آھي.
اسين ھتي رڳو ھيءُ بحث ڪرڻ ٿا گھرون تھ نقاد جون
ذھني، روحاني ۽ وحداني خصوصيتون ان جي تحريرن ۾
ڪيتري قدر جولانيون ڏيکاري سگھن ٿيون ۽ ھو ڪنھن
فيصلي پڌري ڪرڻ وقت ڪھڙيون ڪھڙيون ادبي منزلون طئي
ڪندو نڪتو آھي؟
تنقيد ڪرڻ جو سڀ کان پھريون طريقو ھيءُ ھئڻ گھرجي
جو ھڪڙي نقاد جي ڪارنامي کي ٻين تنقيد نگارن جي
انھن تحريرن سان جيڪي ساڳئي موضوع تي لکيون ويون
ھجن، آڏو رکي ڀيٽيو وڃي تھ انھن مان ھڪڙي تحرير
ٻيءُ کان ڪھڙين ڳالھين ۾ مختلف آھي؟ اھو فيصلو اڃا
بھ ان وقت وڌيڪ مستند ۽ تحقيق ٿيندو، جڏھن ٻن
نقادن جي انھن ڪارنامن جو مقابلو ۽ موازنو ڪيو
ويندو، جيڪي ھڪڙي ئي ڪتاب، ھڪڙي ئي مصنف، ھڪڙي ئي
زماني ۽ ھڪڙي ئي ادبي قسم بابت پيش ڪيا ويا ھجن.
انھن ڪارنامن بابت اسان کي رڳو ھي نھ ڏسڻ گھرجي تھ
غور ھيٺ آيل بحث تي ٻنھي نقادن جي ظاھري راين ۾
ڪيسين تائين اختلاف آھي ۽ ڪيسين تائين اتفاق؟ بلڪھ
ھن ڳالھھ جي تحقيق ۽ تفتيش ڪرڻ لازمي آھي تھ انھن
جو فيصلو جن اصولن جي ھيٺ ڪيو ويو آھي، تن ۾ ڪيتري
قدر ھڪجھڙائي ۽ ڪيتري قدر جدائي آھي؟ ھڪڙي جو ٻئي
سان ڪھڙي قسم جو تعلق آھي ۽ ڪھڙو اصول وڌيڪ مستند
۽ ڪھڙو نامعتبر آھي؟
اھو لحاظ بھ ھئڻ گھرجي تھ ٻنھي جي پيرايھ بيان ۽
وسعت نظري ڪھڙي ڳالھھ جي حامي آھي؟ ھڪڙي ئي
ڪارنامي تي ٻنھي ڄڻن ڪھڙي زاويھ نگاھ کان نظر وڌي
آھي ۽ ان جي خوبين ۽ عيبن تائين پھچڻ جو ڪھڙو
طريقو اختيار ڪيو اٿن؟ انھن جي ڪارنامن ۾ ڪھڙيون
ڪھڙيون ڳالھيون ڇڏيون ويون آھن ۽ ڇو؟ جن پھلوئن تي
وڌيڪ روشني وڌي ويئي آھي، تن تي ٻنھي ڄڻن ڪيتري حد
تائين ھڪ ٻئي سان مطابقت ڪئي آھي ۽ اھو پڻ تھ انھن
جي ذھنيت ۽ ادبي مذاق جون جولانيون ڇا ٿيون ظاھر
ڪن؟
اھڙي قسم جي ڪوشش کان پوءِ جيڪو نتيجو نڪرندو، سو
نھ رڳو پنھنجي سر دلچسپ ھوندو، بلڪھ ھر ھڪ نقاد جي
خصوصيتن، تنقيد نگاري جي طرز، معلومات جي وسعت ۽
مقصدن جي اڳواڻي ڪندي، قوم ۽ ان جي ادب جي انتقاد
جي صحيح طرز جي طرف رھبري ڪندا.
تنقيد جا اصول:
ھتي ھي سوال پيدا ٿئي ٿو تھ ڇا تنقيد جا ڪي خاص
اصول مقرر ڪري سگھجن ٿا يا نھ؟ جيڪڏھن حقيقت ۾ ان
جا اصول موجود ۽ مروج آھن تھ انھن جو آڌار ڪھڙين
ڳالھين تي ٿي سگھي ٿو ۽ اھي پڻ ھر ڪنھن زماني لاءِ
ڪارائتا ٿي سگھن ٿا يا مذاق ۽ ذھنيت سان گڏ بدلبا
رھن ٿا؟ جيڪڏھن بدلجندڙ آھن تھ مذاق جي صحت جو سچو
پچو معيار ڪھڙو آھي ۽ جدا جدا قومن ۾ اھو ڪيتري
قدر مشترڪ آھي؟
ھڪ جرمن نقاد پنھنجي تنقيد ڪرڻ جي طرز بابت لکي ٿو
تھ: ”آءٌ تنقيد ڪرڻ وقت شايد ئي ڪنھن اصول جي
پابندي ڪندو آھيان. سڀ کان اڳي غور ھيٺ آيل ڪتاب
جو ھڪ ھڪ مضمون کڻان ٿو ۽ خود ان جي فطرت مان جا
ڳالھھ ظاھر ٿئي ٿي، تنھن کي قلمبند ڪري وٺان ٿو.
ڪم ڪندي مون کي جيڪي مقابلو يا موازنو ڪرڻو پوي
ٿو، تن جي نتيجن کي ڏسڻ بعد ڪڏھن ھي تھ فلاڻي
ڳالھھ جي لاءِ ڪوبھ اصول مقرر ڪري نٿو سگھجي.“
”ارسطو“، ”لان جائي نس“، ”ڊرائيڊن“ ۽ ”ڪولرج“ جو
بھ اھو ئي طريقو ھو. انھيءَ جرمن نقاد جو ھڪ ھي بھ
خيال آھي تھ تنقيد نگاريءَ جي لاءِ اصولن کي نھ
ڏسڻ گھرجي، بلڪھ مصنف جي شخصيت جي جانچ ڪجي. مثلا
”شاھ ڀٽائي“، ”سچل“، ”گل“، ”قاسم“، ”حامد“، ”گدا“،
”بلبل“، ”سانگي“، ”مخلص“، ”حيدري“ ۽ ”واصف“ جي
ڪلام تي تنقيد ڪرڻي ھجي تھ ڪنھن ھڪ خاص اصول ھيٺ
نھ ڪرڻ گھرجي، بلڪھ انھن جي حيثيتن کي نظر آڏو
رکجي.
يورپ ۾ عام طرح تنقيد جا ٻھ اصول اختيار ڪيا وڃن
ٿا. ھڪ اجتھادي ۽ تحقيقي آھي، جنھن جو علمبردار
پروفيسر ”مولٽن“ آھي. ”مولٽن“ ۽ ھن جي طرفدارن جو
خيال آھي تھ تنقيد کي بھ سائنس وانگيان تحقيقي ۽
تجرباتي فن بنائڻ گھرجي. ھو تنقيد جي تعريف ھنن
لفظن ۾ ڪري ٿو تھ: ”ادب جي بحث کي تحقيقي ۽
تجرباتي سائنس جي دائري ۾ داخل ڪرڻ کي تنقيد سڏجي
ٿو، تنھن ڪري ڪيترن سائنس پرست انشا پردازن جي تھ
ھيءَ راءِ آھي تھ تنقيد کي ادب جي نھ بلڪھ سائنس
جي شاخ بنائڻ گھرجي.
واقعي ھڪ اھڙي تنقيد، جنھن ۾ ڪامل تحقيق ۽ جاچ کان
ڪم ورتو ويو ھجي ۽ جنھن ۾ پڻ سائنس وانگيان بلڪل
بي تعصبي ۽ غير جانبداري ورتي ويئي ھجي، تنھن کي
جيڪڏھن شائنس جي احاطي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، سا
تعريف ۽ تذليل ٻنھيءَ کان آزاد ۽ خوشامد يا تعصب
يا ڪنھن ٻي ميلاپ کان بلڪل پاڪ رھندي آھي.“
(مولٽن)
ھن اصول ھيٺ ھڪ نقاد (آن سائنٽيفڪ تحقيقات ڪندڙ
محنتي وانگر، جنھن کي ڪم جي نوعيت جي لحاظ کان ھو
پنھنجو شريڪ سمجھي ٿو) ادبي ڪائنات کي انھيءَ نقطھ
نظر سان ڏسي ٿو، جنھن جي اصل ۾ ھو مستحق ھوندي
آھي. پڻ جن اصولن ۽ قاعدن ھيٺ ادب جو عالم ظاھر
ٿئي ٿو ۽ اھو اثر وجھي ٿو تھ ھڪڙو نقاد انھن کي بھ
قابو ڪري ٿو ۽ ادبي ڪارنامن جي سند کان سواءِ ٻئي
ڪنھن بھ محڪمي جي فيصلي کي منظور نٿو ڪري.
تنقيد ڪرڻ جو ٻيو اصول، جيڪو يورپ ۾ قديم زماني
کان رائج آھي ۽ جنھن جي نقصن جي تلافي لاءِ مٿيون
ذڪر ڪيل اصول اختيار ڪرڻو پيو ھو، سو غير تحقيقي
پڻ قدامت پسندي تي مبني ھئڻ جي سبب سائنس جي فضا
کان ٻاھر آھي. انھيءَ اصول ھيٺ ادبي ڪارنامن ۾
عظمت جا سلسلي وار ۽ درجي بدرجي مرتبا، مثالن ۽
مشاھدن جي مطالعي جي ذريعي مقرر ڪيا وڃن ٿا.
ھڪ طبيعات يا زمين جي طبقن جي علم جو ماھر ڪنھن بھ
ھڪ شيءِ کي معيار مقرر ڪري، پوءِ جيتريون شيون
ملنديون ويون، تن سڀني کي ان ئي ڪسوٽي تي جاچڻ جي
ھرگز ڪوشش نٿو ڪري. ھن کي ھر وقت نئين نئين
پيداوار سان واسطو پوندو رھندو آھي، تنھن ڪري ھر
دفعي نئين معيار مقرر ڪرڻ ۾ مشغول رھندو آھي.
انھيءَ حالت ۾ ھڪ نقاد کي بھ اصول ۽ قاعدن جو
ھميشھ لاءِ ھڪ ئي سانچو نھ ٺاھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ
اھو سانچو کيس ھميشھ جي لاءِ ڪارائتو نھ ٿيندو.
بلڪھ ھن جو ڪم آھي تھ ھر ڪنھن نئين ڪارنامي ۾ عجيب
۽ انوکي شين جو خير مقدم ڪندو رھي. ھن کي عظمت جي
مرتبن جو لحاظ نھ رکڻ کپي، بلڪھ قسمن جو.
ھڪ شيءِ ٻي شيءِ کان ڪنھن نھ ڪنھن ڳالھھ ۾ ضرور
جدا ٿئي ٿي، ھڪڙي ادبي ڪارنامي جي ٻئي ادبي
ڪارنامي سان جنسي ڪابھ مطابق نٿي ٿئي. مثلا ”شاھ
ڀٽائي“ جي ڪلام کي ”سانگي“ جي ڪلام سان منطبق ڪرڻ
جي ڪوشش بلڪل اجائي ٿيندي. قاسم ۽ واصف جي شاعري
وزن ۽ بحر کان سواءِ پاڻ ۾ ھرگز نھ ملي سگھندي.
”مولٽن“ جتي ”شيڪسپيئر“ ۽ ”بن جانسن“ جو ڊرامھ
نويس جي حيثيت ۾ مقابلو ڪيو آھي، اتي ھي نٿو ثابت
ڪري تھ ”بن جانسن“ جو ڊرامو گھٽ درجي جو ۽
”شيڪسپيئر“ جو عظيم الشان آھي، بلڪھ ھي ڏيکاري ٿو
تھ ھڪڙي جي نوعيت ٻئي کان اھڙي جدا آھن، جھڙي
موتئي ۽ گلاب جي حيثيت ٿئي ٿي. مطلب تھ ھڪڙي مصنف
۽ ٻئي مصنف جي وچ ۾ فرق ۽ امتياز مقرر ڪري سگھجي
ٿو، پر ھي ثابت ڪرڻ ڏکيو آھي تھ ھڪڙو بلند شان
وارو ۽ ٻيو معمولي آھي.
ان کان سواءِ قديم تنقيد جو اصول ھن ڳالھھ کي مڃي
ٿو تھ ادب جا قانون بھ اخلاقيات يا حڪومت جي قانون
وانگيان ڪنھن ٻاھرين غلبي ۽ قوت جي ماتحت ٺاھيا
وڃن ٿا.
ٻيو ھي تھ ھر ڪنھن اختراع ڪندڙ دماغ کي انھن جي
اھڙي طرح پابندي ڪرڻ گھرجي، جھڙي طرح عوام اخلاق ۽
حڪومت جي قاعدن جي پابندي ڪندا آھن. پر ”مولٽن“ ۽
ھن جي ھم خيالن وٽ انھن قانونن جي ڪابھ حيثيت
ڪانھي. ادب جي نظرن ۾ ادب جي قانونن جي ايتري
اھميت آھي، جيتري فطرت جي قانونن جي ھڪ سائنس جي
ماھر وٽ ٿيندي آھي. ادب جي قانونن ۾ اھڙيون
پابنديون نھ ٿيون ٿين، جن کي ٻاھرين اثر تيار ڪيو
ھجي، بلڪھ اھي حقيقي واقعا، جيڪي مسئلن جي شڪلين ۾
پيش ڪيا وڃن ٿا.
فطرت جا قانون ڪائنات جي انھيءَ تنظيم جا، جن تي
تحقيقي نظر وڌي ويئي ھجي، جامع مظھر ٿيندا آھن.
ادب جا قانون بھ بلڪل اھڙي طرح تيار ڪيا ويندا
آھن. انھن جو ڪم ھي آھي تھ جيڪو جنھن حالت ۾ ھوندو
آھي، تنھن کي انھيءَ حالت ۾ ظاھر ڪرڻو آھي ۽ ھيءُ
بيان نھ ڪرڻو آھي تھ ھن کي ڇا ٿيڻ کپندو ھو؟ پوءِ
”شيڪسپيئر“ ۽ ”گدا“ مجبور ھجن، بلڪھ ڊرامي لکڻ جي
مشق ۽ غزل گوئي جا اھي قانون جيڪي انھن جي حقيقي
ڪارنامن جي ڀاڱن ڪرڻ ۽ تشريح ڪرڻ کان پوءِ مقرر
ڪري سگھن ٿا. تنھن ڪري انھن تي تنقيد ڪرڻ لاءِ ھن
اصول کي مدنظر نھ رکڻ گھرجي تھ ”شيڪسپيئر“ ۽ ”گدا“
ڪھڙن ڪھڙن قاعدن ۽ قانونن جي ڪيتري قدر وفاداريءَ
سان پابندي ڪئي؟ بلڪھ ھيءُ تھ انھن جي ڊرامن ۽
غزلن جو صحيح غور ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ۽ انھيءَ اصول
کي مقرر ڪريون، جن جي انھن خود پنھنجي نموني
پابندي ڪئي آھي.
الغرض تنقيد لکڻ جو اعليٰ اصول ھي آھي تھ ادبيات
کي صحيح ۽ تحقيقي طريقي تي جاچيو وڃي. خود اديب جي
ڪارنامن مان ان جا ذاتي مقرر ڪيل اصل ڪڍيا وڃن.
ادب کي فطرت جي ٻين شين وانگر ھڪ تدريجي ترقي پائڻ
واري شيءِ جي حيثيت سان ڏٺو وڃي، جنھن ۾ ھرڪو مصنف
۽ ھرڪا تصنيف پنھنجي نوعيت جي ڪري ھڪ ٻئي کان بلڪل
جدا ٿئي ٿي. ھن ڳالھھ کي پڻ ھميشھ مد نظر رکيو وڃي
تھ ھڪ زبردست انشا پرداز ڪڏھن بھ ٻاھرين اثرن جي
تيار ڪيل قانونن کي قبول نھ ڪندو، پر رڳو انھيءَ
اصول جي پابندي ڪافي ڪانھي. تنقيد لکندڙ کي اڃا بھ
ڪجھھ ترقي ڪرڻي پوي ٿي. سائنس جي رفتار ھڪ مقرر
ڪيل حد تي روڪجيو پوي ٿي، پر ادب تيز رفتاري سان
بلڪل گھڻو پري نڪيو وڃي، تنھن ڪري تنقيد لکندڙ کي
گھرجي تھ سائنس جي خاطر ادب جي دامن کي ھرگز نھ
ڇڏي، نھ تھ ادب جي منزل تي پھچڻ جي بجاءِ اڌ رستي
۾ ئي کيس ناڪام واپس ورڻو پوندو. |