ھن کي ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ جو اجتھاد چوڻ گھرجي تھ
اھو مادي حسن جيڪو انساني جذبات کي بي قابو ڪري ٿو
ڇڏي ۽ انسان جذبات ۾ ٻڏي وڃي ٿو تھ ھو حسن مادي ۾
اھڙو فنا ٿي وڃي ٿو جو روحانيت سان ھن جو ڪو تعلق
باقي نٿو رھي، ڇاڪاڻ تھ ان کان اڳي ڊاڪٽر صاحب چئي
چڪو آھي تھ عشق حق جي ڪرشمھ سازي آھي، دنيا جي
خوبصورتي ۽ رونق جو سبب آھي، پر انسان حسن مادي
کان مغلوم ٿي عشق روحاني سان پنھنجو تعلق قطع ڪري
وٺي ٿو ۽ مادي جماليات جي طرف ڌيان ڏئي ٿو، خواه
اھي جماليات قدرتي آھن يا مصنوعي.
حقيقت ۾ ڊاڪٽر صاحب ائين چيو آھي تھ انسان مجاز
کان مغلوب ٿي حسنڀ حقيقي کان بي نياز ٿي پوي ٿو ۽
ھن ڳالھھ کي وساري ٿو ڇڏي تھ حسن مطلق ئي آھي،
جيڪو مختلف جمالياتي مظاھر ۾ مقيد ٿي ظاھر ٿو ٿئي.
پوءِ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي چوڻ کي ھي چئي تقويت
پھچائي آھي تھ: ”شعر نيڪ نيتن، پاڪ خيالن ۽ عشق جي
امنگن جو ترجمان آھي.“
حيرت جي ڳالھھ آھي تھ ھن پاڪيزه خيالات رکڻ واري
انسان ۾ شعر جي تقدس جي ادراڪ جو جذبو ڪيترو لطيف
۽ ڪيترو سينگاريل آھي.
ھيٺئين اقتباس کي ملاحظھ فرمايو:
”سچل ۽ ساميءَ، بيدل ۽ بيڪس، يوسف ۽ صادق جا نالا
ھر ڪنھن ٻڌا ھوندا. ھر ھڪ جي ڪلام ۾ پنھنجي پنھنجي
خوبي ۽ لذت آھي. ڪن پڙھندڙن کي ھڪڙي مان مزو ايندو
تھ ڪن کي ٻئي مان، پر شاھ عبداللطيف جھڙو ھر وجھ
ڪامل ۽ ھر دلعزيز شاعر سنڌ ۾ اڃا ڪونھ پيدا ٿيو.“
ھڪ فني اصول آھي تھ ادب پارو موجود ڪرڻ واري کي
پنھنجي فن سان محبت ھئڻ گھرجي ۽ محبت ۾ اخلاص بھ
ضروري آھي ۽ جنھن مقصد سان ھي فن پارو موجود ڪيو
ويو آھي، تنھن مقصد جي عظمت بھ انشا پرداز جي دل ۾
ضروري آھي.
ملاحظھ فرمايو ھوندؤ تھ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي۾ جا اھي
سڀئي اقتباسات ”شاھ لطيف“ جي شعر وشاعري بابت آھن،
جن مان ظاھر آھي تھ ھن کي ”شاھ صاحب“ ۽ سندس شعر
وشاعري سان ۽ ان جي مقصد سان (جيڪو عرفان آھي)
ڪھڙو زبردست تعلق، بلڪھ عشق آھي!
جيڪڏھن ڊاڪٽر صاحب کي ”شاھ“ صاحب جي ذات ۽ ھن جي
شاعري سان والھانھ عشق نھ ھجي ھا تھ ھن جي حياتي
يا ھن جو روح يا ھن جو علم اھڙن جواھرن کي پيش نھ
ڪري سگھي ھا، جيڪي ھن جي اقتباسات جي روپ ۾ ظاھر
آھن.
ھن کان پوءِ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ شاھ صاحب جي قوت
متخيلھ جي لاءِ ارشاد فرمائي ٿو تھ: ”ٻين شاعرن جي
خيالي قوت پڻ چڱي آھي، مگر شاعريءَ جي فن ۾ ”شاھ“
جي دز کي بھ رسي نھ سگھندا.“
”شاھ“ صاحب جي شاعريءَ جي ھيءَ اھڙي ترجماني آھي،
جيڪا حقيقت جي عين مطابق آھي. شعر فھم جي متخيلھ،
جيڪڏھن شاعر جي قوت متخيلھ جي برابر يا ھن کان
بھتر آھي تھ ھو شاعر جي ڪلام کي مڪمل طور تي سمجھي
سگھندو ۽ جيڪڏھن شعر فھم جي قوت متخيلھ شاعر کان
گھٽ آھي تھ ھو شعر کي سمجھڻ کان قاصر رھندو.
”ڊاڪٽر گربخشاڻي“، ”شاھ“ صاحب جي قوت متخيلھ جي
جيڪا تعريف ڪئي آھي تھ مان تنزل تي طريق تي چئي
سگھان ٿو تھ ڊاڪٽر صاحب موصوف ”شاھ“ صاحب جي قوت
متخيلھ کي صحيح طور سان نھ سمجھي سگھي ھا تھ سڀني
شاعرن تي ”شاھ“ صاحب جي سبقت ھن جي سمجھھ ۾ نھ اچي
سگھي ھا.
ڪجھھ تنقيد بابت:
مون پنھنجي بيان جي منڍ کان ھيسي تائين ختم ٿيڻ
سوڌو ظاھر ڪيو آھي تھ سنڌي ٻولي تنقيد جي لحاظ کان
مفلس نھ آھي. ھن زمان ۾ ابتدا کان ئي شاعرن جي پاڻ
۾ محبت ۽ شاعرن جا تذڪرا ۽ رسالن ۾ شعر جي عيب ۽
خوبين تي بحث ۽ مشاعرن ۾ شعرن جي داد وتحسين، اھي
سڀئي اھڙيون شيون آھن جن ۾ تنقيدي اشارات ملن ٿا.
اختصار جي سبب شاعرن جي صحبتن جون لطيفھ سنجيون،
اخبارن ۾ عيب ۽ خوبين جا بحث ۽ بعض انھيءَ مضمونن
کي انھيءَ سبب ڇڏي ڏنو آھي تھ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“
صاحب جو ”مقدمه لطيفي“ انھن سڀني شين جو جامع آھي،
جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي.
ھيءُ سمجھڻ نھ گھرجي تھ ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ صاحب جو
بيان حرف آخر آھي. نھ ائين ڪونھ آھي، بلڪھ ڊاڪٽر
صاحب کان پوءِ بھ ڪيترا ئي شاھ جا رسالا لکيا ويا
آھن ۽ انھن تي چڱي محنت ڪئي وئي آھي ۽ ھر ھڪ شخص
ڪا نھ ڪا نئين ڳالھھ ان ۾ لکي آھي. مثلا ”غلام محم
شھواڻي“، ”غلام مصطفيٰ قاسمي“، ”ڪلياڻ آڏواڻي“،
”علامھ آئي آئي قاضي“، ”ڊاڪٽر سارلي“ وغيره وغيره
جيڪي ٿورا مثال آھن. انھن سڀني تاليفات ۾ تنقيدي
شعور اعليٰ درجي جو نظر اچي ٿو، پر ”ڊاڪٽر
گربخشاڻي“ جيڪي ڪي لکيو آھي، تنھن جو بنياد فن تي
آھي. تنھن ڪري اھو سڀني رسالن کان جدا نظر اچي ٿو.
قيام پاڪستان ۽ سنڌي فن تنقيد جي ارتقا:
جڏھن قيام پاڪستان جي سياسي اميد نظر اچڻ لڳي،
تنھن کان گھڻو اڳي مسلمانن جي دلين ۾ نوين نوين
امنگن پاسا وٺڻ شروع ڪري ڏنا ھئا. جن مسلمانن اھو
ادبي ۽ تنقيدي شعور ڏيکاريو، تن مان ڪي پاڪستان
ٿيڻ کان اڳي ۽ ڪي پاڪستان کان ٿورو بعد گذاري ويا،
جھڙوڪ: ”حڪيم فتح محمد“، ”عبدالرزاق ميمڻ“، ”شمس
الدين بلبل“، ”ورمانند ميوارام“، ”مولانا دين محمد
وفائي“، ”ڄيٺمل پرسرام“، ”مخدوم محمد صالح ڀٽي“،
”ڀيرومل مھرچند آڏواڻي“ وغيره.
جيئن قيام پاڪستان جي تاريخ ويجھي ٿيندي وئي، تيئن
ادبي رجحانات ۽ ميلانات ۾ بھ نوان نوان فڪر پيدا
ٿيڻ شروع ٿي ويا. ھن جو اثر سنڌ تي بھ پيو ۽ تمام
گھرو پيو.
پاڪستان ١٤ آگسٽ ١٩٤٧ع جو دنيا جي نقشي تي اڀريو،
پر ١٩٤٦ع ۾ ئي سنڌ ۾ ”جمعيت الشعراءُ“ جو بنياد
پيو، جنھن جو پھريون صدر ھن خاڪسار کي مقرر ڪيو
ويو. ”جمعيت الشعراءُ“ جنھن شعور کان ڪم ورتو، ان
جا فائيل اديب سنڌ رسالي جي ڏيڻ سان خبر پئجي سگھي
ٿي تھ سنڌي اديبن ۾ تنقيدي شعور ڪيترو نھ پيدا ٿي
چڪو ھو. سر اجلاس مباحثھ ۽ اديب سنڌ رسالي ۾ جو
”جمعيت الشعراءُ“ جو آرگن ھو، تنھن ۾ شاعرن جي
ڪلام تي رايا ۽ ڪڏھن ڪڏھن تنقيد بھ ڪئي ويندي ھئي.
جنھن حالت ۾ اھو ھڪ طويل معاملو آھي، تنھن ڪري ان
جي تفصيل کي قلم انداز ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي عام
تنقيدي رجحان جو ذڪر ٿو ڪجي. نون سنڌي اخبارن ۽
نون سنڌي رسالن جي جنم، نوان تنقيدنگار پيدا ڪيا
جن جا ڪجھھ نالا ھيٺ ڏجن ٿا.
شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، محمد
بخش واصف، لالچند امر ڏنھ مل، علي خان ابڙو، حاجي
محمود خادم، خان بھادر محمد صديق ميمڻ، محمد صديق
مسافر، نارائڻداس ڀنڀاڻي وغيره وغيره. انھن جو دور
اڃا ھلي رھيو ھو تھ ٻيا ڪيترا نوان نوان تنقيد
نگار اڀرندا رھيا. جھڙوڪ: عثمان علي انصاري، حافظ
خير محمد اوحدي، لطف الله بدوي، محبوب علي چنا،
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، رئيس ضياءُ الدين بلبل،
مولانا خير محمد نظاماڻي، ليکراج عزيز، علي نواز
جتوئي، محرم خان، اياز قادري، عبدالرازاق راز،
عبدالمجيد ميمڻ، عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر سيد اسد
الله شاھ، شفيع محمد علوي، نورجھان شاھين، رشيد
احمد لاشاري، احسان بدوي ۽ ھي خاڪسار شيخ محم
ابراھيم خليل وغيره وغيره.
اخبارن ۽ تنقيدن ۾ انھن سڀني ماڻھن جون تنقيدون
شايع ٿينديون رھيون آھن ۽ اڄ تائين جيڪي زندھ آھن،
تن جون تنقيدون ڇپجنديون رھن ٿيون. انھن مان گھڻا
اھڙا تنقيد نگار آھن، جيڪي ترقي پسندي جي باوجود
سلاست روي جا مالڪ آھن ۽ انھن جي ھڪ وڏي ڀاري
اڪثريت آھي، جن صالح ادب جي تخليق ڪئي ۽ اھا تخليق
تنقيدي تخليق آھي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا ٻيا
بھ گھڻا ناقدين رھجي ويا آھن، مگر مون رڳو احتياط
جي لحاظ کان انھن جو ذڪر ڪيو آھي، جي چڱي مٺي جي
تميز رکن ٿا ۽ جن جي تنقيد جو مذاق بلڪل صحيح آھي
۽ اھڙن نقادن کي ڇڏي ڏنو آھي، جن ۾ تنقيدي شعور
ناپختھ آھي يا جيڪي رڳو ڪناين، ادبي شھپارن ۽ شعرن
۾ تنقيص جي تلاش ڪندا رھيا آھن ۽ شاعرن جي عيب
جوئي ڪندا رھيا آھن ۽ محاسن جي طرف کان اک ٻوٽ
ڪندا رھيا آھن. انھن جون تحريرون انھن ڳالھين جي
گواھي ڏين ٿيون تھ اھي ماڻھو حقيقت ۾ فن تنقيد جو
مفھوم ئي سمجھڻ کان قاصر آھن ۽ بنا ڪنھن ادبي ثبوت
ڏيڻ جي پنھنجي دعويٰ کي پيش ڪن ٿا. مطلب تھ انھن
تنقيدنگارن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪي منھنجي اڳيان
فن تنقيد جو شعور رکن ٿا. جن کي فن تنقيد جي
بنيادي اصولن کان ئي واقفيت نھ آھي، تن جي ذڪر کان
ئي گريز ڪيو ويو آھي.
تنقيد بابت ضروري ڳالھيون پيس ڪيون ويون آھن. اھل
غور جي لاءِ ”ارسطو“ کان وٺي اڄ سوڌو اھي اصول ۽
قاعدا پيش ڪجن ٿا، جيڪي پوري تجربي کان پوءِ مقرر
ڪيا ويا آھن. اھي ”ارسطو“ جي موافق يا مخالف آھن،
جن تي ٻنھي قسم جي اديبن اتفاق ڪيو آھي.
(الف) سڀ کان اڳي ڪنھن ڪتاب، ادبي شھپاري يا شعر
بابت ئي غور ڪرڻو آھي ۽ ھي تجويز ڪرڻي آھي تھ ان
جو اصل مواد ڪھڙو آھي؟
(ب) پوءِ ھن موار جو تصور ۽ خاڪي کي ذھن ۾ قائم
ڪرڻو آھي.
(ج) پوءِ ھي ڏسڻو آھي تھ اصل مواد کي تصور يا خاڪي
جي مطابق ڪھڙي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آھي ۽ ان جا
ترڪيبي جزا ڪھڙا آھن؟
(د) ھي جاچڻ تھ جيڪي ڪي پيش ڪيو ويو آھي، تنھن جي
پيش ڪرڻ جو اندازو ڪھڙو آھي ۽ انھن جي ترتيب اصل
خاڪي سان ھم آھنگ آھي يا نھ؟
(ھ) جيڪو ادب پارو تنقيد جي لاءِ تجويز ڪيو ويو
آھي، تنھن جي ٻولي ڪھڙي قسم جي آھي؟ ھن ڳالھھ جو
جاچڻ بھ ضروري آھي تھ جيڪو لفظ عبارت ۾ استعمال
ڪيو ويو آھي، سو ھن مفھوم کي صحيح طرح ادا ڪري ٿو
يا نھ ۽ اھو موقعي، ضرورت ۽ تقاضي جي مطابق ادا
ٿيو آھي يا نھ؟
(و) ھن ادبي شھپاري جي مقصد جو جائزو وٺڻ بھ ضرور
آھي. ڇا ھيءُ مقصد زندگي جي تقاضائن جي مطابق آھي
يا نھ؟ ۽ ھن مقصديت جو انحصار افاديت تي آھي؟
جيترو زندگيءَ جي تقاضائن لاءِ مفيد ھوندو، انھيءَ
لحاظ کان ھن مقصد جي بلندي جو قدر ڪيو ويندو.
(ز) ھن کان پوءِ ھن ادبي شھپاري جو مقام مقرر
ڪرڻو آھي.
تنقيد جي انھن پنجن نڪتن جو خلاصو ھيٺ درج ڪجي ٿو.
1)
سڀ کان اڳي ڪتاب يا ادب پاري ۾ ھي ڏسڻو آھي تھ اھو
ڪھڙي موضوع سان واسطو رکي ٿو ۽ اھو ڪھڙي قسم جي
تنقيد ۾ شامل آھي؟
2)
ھن ڳالھھ کي جاچڻ گھرجي تھ جنھن ادب پاري يا ڪتاب
تي تنقيد ڪرڻي آھي، تنھن ۾ ڪتاب جي لفظن ۾ باھمي
ربط آھي يا نھ؟ يعني ڪتاب معنوي ۽ ظاھري صورت ۾
پنھنجي موضوع سان ڪيترو پنھنجي فرض پورو ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو آھي؟
3)
ڪتاب جي ترتيب جو اسلوب ڪھڙو آھي؟
4)
چوٿين اصول جو ھي خلاصو آھي تھ ڪتاب جي مصنف جي
حالات کان ۽ ان زماني جي زندگيءَ جي ضرورتن کان ۽
سماجي ماحول، سياسي ۽ اخلاقي تحريڪات ۽ زندگيءَ جي
ترجماني ان ۾ ڪيتري حد تائين لڀن ٿيون؟
5)
تصنيف جي ادبي تڪميل تي نظر ڪئي وڃي.
حرف آخر:
تنقيد جي باب ختم ڪرڻ کان ٿورو اڳي عرض ڪرڻ ضروري
آھي. اميد تھ ناظرين ان کي غور سان پڙھندا:
1)
تنقيد اصل ۾ زندگيءَ جي عڪاسي نٿي ڪري، بلڪھ ان
ادب جو تجزيو ڪري ٿي، جيڪو زندگيءَ جو عڪس ھوندو
آھي.
2)
پوين صفحن ۾ چيو ويو آھي تھ فنون لطيفھ مان ادب جي
شعبئھ شاعريءَ ۾ وسعت ۽ گھرائي وڌي آھي. يعني جنھن
شيءِ کي مصور، موسيقار ۽ بت تراش ادا ڪري نٿا
سگھن، شاعري انھن کي نھايت ڪاميابيءَ سان مؤثر
پيرايھ ۾ ادا ڪري ڇڏي ٿي. مثلا جنھن حالت ۾ شاعري
وسيع ۽ گھري آھي، تنھن ڪري زندگيءَ جي ھر شعبي جي
مصوري، عڪاسي ۽ ترجماني ڪري سگھي ٿي، پر انساني
بطون جون ڪيفيات ۽ واردات ۽ انساني حواس جي
محسوسات ۽ وجدانيات جي تصوير ڇڪڻ رڳو شاعريءَ جو
ڀاڱو آھي ۽ ھي ڀاڱو ادب لطيف جو لطيف ترين حصو
آھي، تنھن ڪري جيڪا تنقيد ھن لطيف ترين حصي سان
واسطو رکندي ھوندي، سا تنقيد ئي سڀني تنقيدن جي
قسم ۾ سڀ کان وڌيڪ اھم ۽ زندگيءَ جي سڀ کان عظيم
عڪاس ھوندي.
شعر ۾ جمالياتي تنقيد ۽ تاثراتي تنقيد، انسان جي
بطون کان گھڻو ويجھي آھي. جمالياتي تنقيد ۾ خارجي
شين جو تناسب ۽ ان جي ساخت کي وڏو دخل آھي. پر
تاثراتي تنقيد خارجي شين ۽ ذھني شين مان لنگھي،
انسان جي انفعالي ڪيفيت جي ترجمان آھي. يعني اھا
تنقيد ھي ڏيکاري ٿي تھ انسان ڪنھن تاثر کان ڪھڙي
طرح بي قابو ۽ آپي کان ٻاھر ٿي وڃي ٿو.
ھن تنقيد زندگيءَ جا وڏا وڏا ڪارناما انجام ڏنا
آھن. مثلا عرب جي شاعرن پنھنجن پنھنجن قبيلن کي سؤ
سؤ سالن تائين ويڙھايو آھي. فارسيءَ ۽ اردو ۾ بھ
انھيءَ قسم جا گھڻا واقعا ملن ٿا، جن مان وڏا وڏا
انقلاب پيدا ٿي ويا آھن. سنھ ١٩٤٠ ع کان سنھ ١٩٤٧ع
تائين جيڪو قيام پاڪستان جي جنگ جو زمانو ھو، ھر
ھڪ صوبي جي شاعري پاڪستان جي جنگ ڪرڻ ۾ ھڪ خاص
ڪردار ادا ڪيو آھي. اھڙي طرح انھ٠٦٥ع ۽ ١٩٧١ع جي
جنگين ۾ شاعرن جي نغمن ميدان جنگ ۾ سپاھين جي
حوصلھ افزائي ڪئي آھي ۽ انھن ۾ سرفروشيءَ جو جذبو
پيدا ڪيو آھي.
ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو تھ تاثراتي تنقيد
نھايت طاقتور ھجڻ جي باوجود ايتري لطيف ۽ زود اثر
آھي تھ ان کي تنقيد جي سڀني قسمن جو جوھر چوڻ
گھرجي.
باب ٽيون
سنڌي علم ادب
سنڌ جو علمي ۽ ادبي خزانو ڪھڙي وقت کان وٺي گڏ ٿيڻ
لڳو؟ تنھن جو پورو پتو ڪونھ ٿو پوي. تاريخي نقطھ
نظر کان ھيءُ ڳالھھ ثابت ڪرڻ ڏکي آھي تھ سنڌي
ٻوليءَ ۾ ادب ڪھڙي زماني کان شروع ٿيو ۽ ادبي فن
جي ابتدا ڪھڙي قسم جي پھريائين ٿي؟ جيتوڻيڪ اھو
تاريخي ثبوت روايت جي لحاظ کان بلڪل ڏکيو آھي، پر
تنھن ھوندي بھ البتھ روايت کي اڳيان رکندي، ڪنھن
صحيح رستي تي پھچي سگھجي ٿو.
سنڌ تي اسلامي حملي ۽ فتوحات کان اڳ ھندن جي حڪومت
ھئي. ھندن ۾ تاريخ لکڻ جو ڪوبھ رواج ڪونھ ھو. قديم
ھندن ۾ فقط برھمڻ پڙھيل ھوندا ھئا، جيڪي مذھبي
توڙي حڪومتي ڪاروبار تي قابض ھئا. برھمڻن کان
سواءِ کتري، وئش يا شودرن کي قانونا علم پرائڻ کان
منع ھئي. برھمڻن وٽ مذھبي شبدن ۽ ڌرمي ڪٿائن کان
سواءِ ٿورو ٿورو ويدڪ علم ۽ علم رياضي بھ چالو ھو
۽ فلسفو، تاريخ، جاگرافي ۽ حڪمت وغيره جي ڪابھ عزت
۽ خواھش ڪانھ ھوندي ھين. اھي ڌرمي ڪٿائون ۽ شبد
پھريائين سنسڪرت ۾ ۽ پوءِ پالي، اپ ڀرنش ۽ ورچڊا ۾
ھوندا ھئا، جن جا ڄاڻو بھ صرف برھ،ڻ ۽ ٻڌ ڌرم جا
مذھبي پيشوا ھوندا ھئا. مطلب تھ ٻي دنيا جو وسيع
علم سنڌ توڙي ھند ۾ صرف برھمڻ ذات لاءِ مخصوص ۽
انھن تائين محدود ھو. نٿو چئي سگھجي ٿھ اھم ڌرمي
علم بھ ڪھڙي صورتخطيءَ ۾ لکيو ويندو ھو، ڇاڪاڻ تھ
اٽڪل کان سواءِ ان بابت سچي تاريخي شاھدي موجود نھ
آھي.
سنڌ ۾ ويدڪ علم جو رواج برابر ھو ۽ ان سان گڏ جوتش
وديا تھ ھندن لاءِ اڳي ئي ھڪ ڌرمي بنيادي اعتقاد
موجب سمجھي ويندي ھئي. ھندو راجائون توڙي عام
ماڻھو جوتش کي ھڪ الھامي علم وانگيان مڃيندا ھئا،
جنھن جا نشان اڄ تائين بھ ھندن ۾ موجود آھن. ڪنھن
ٿوري ڳالھھ، شادي، غمي، ڄم ۽ ٻار تي نالو رکڻ يا
شاري بابت مھورت ڪڍائڻ يا ست نارائڻ، بنسبت پنچمي،
گيارس، اماس وغيرھ ڏڻن معلوم ڪرڻ لاءِ ھندو ھر وقت
برھمڻن جا محتاج رھن ٿا، جي جوتش رستي ٽپڻو ھڻي
نئين ڄاول ٻار تي نالو بھ رکي ڏيندا آھن ۽ شاديءَ
جي بھ مھورت ڪڍي، ڏينھن مقرر ڪري ڏيندا آھن. اھو
جوتش وديا جو ئي اثر ھو، جنھن راجا ڏاھر کي ڀيڻ
سان شادي ڪرائي. عربن جي مقابلي ۾ سوڀ پائڻ لاءِ
گھوڙي جي زين پٺيان شڪر گره جو سونو پتلو ٺھرائي
ٻڌايو. بھاحال! سنڌ ۾ ھندو حڪومت جي وقت جي ڪابھ
جيئري ادبي نشاني موجود ڪانھي، جنھن جي آڌار تي
قديم سنڌي ادب جي حقيقت معلوم ڪري سگھجي.
جڏھن سنڌ تي عرب فاتحن مڪمل قبضو ڪيو، تڏھن اھي
اسلامي تعليم جا پورا پورا پابند ھئا. ھنن پاڻ سان
سڀئي اسلامي نعمتون ۽ برڪتون آنديون ھيون، جيڪي
سنڌ جي رھاڪن کي بي دريغ ڏيڻ لڳا.
اسلامي تعليم جو سرچشمو قرآن شريف آھي. عرب فاتح
قرآن شريف جو عملي تفسير ھئا. ھو دنيا جي جنھن بھ
ملڪ ۾ ويندا ھئا، اتي مفتوح قوم اڳيان قرآن شريف
رکندا ھئا. اھڙي طرح سنڌ جي ھندن اڳيان بھ قرآن
شريف ۽ ان جي تعليم کي پيش ڪيو ويو.
ھتي ھيءَ ڳالھھ درايتا صاف ٿئي ٿي تھ عرب فاتحن
سنڌ ۾ پھريائين قرآن شريف جي تعليم پکيڙي. قرآن
شريف جي تعليم جو مطلب اڄوڪي رواج موجب قرآن شريف
جا الفاظ پڙھڻ ۽ پڙھائڻ نھ آھي، بلڪھ قرآن شريف جي
معنائن، مطلبن، حڪمن ۽ حڪمتن سمجھڻ لاءِ تفسير
مراد آھي ۽ ان سان تعلق رکندڙ شاخن، علم قرئت، علم
حديث ۽ علم فقھ وغيره آھن.
اھا تعليم ڪھڙي ٻولي ۾ ھئي؟ ان بابت جدا جدا رايا
آھن. ھڪڙا سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ ٻيا عربي زبان ۾ چون
ٿا، پر قياس آھي تھ ٻنھي ٻولين ۾ ھوندي، ڇاڪاڻ تھ
سنڌين کي پنھنجي فاتح ۽ حڪمران قوم سان ملڻ جلڻ جي
آساني لاءِ ضرورت پيش آئي ھوندي ۽ فاتح قوم کي
رعيت سان ملي، ماڻھن جي دلين وٺڻ ۽ سندن اھنجن
سھنجن ۽ خواھشن معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي ضرور
سکني پئي ھوندي. طرفين جي انھن ضرورتن ھڪ ٻئي کي
ھڪ ٻئي جي ٻولي سکڻ تي مجبور ڪري، فاتح ۽ مفتوح کي
ھڪ مرڪز تي آڻي بيھاريو.
حڪومتن جي ڦيرين گھيرين ۽ زوال ۽ انقلاب جي مختلف
حالتن جي ڪري، سنڌ جي حڪمران قومن ۾ بھ مٽا سٽا
ٿيڻ لڳي ۽ عرب، افغان ۽ ترڪ وغيره مختلف وقتن ۾
حڪومتن جون واڳون سنڀاليندا پئي رھيا، جنھن ڪري
علم ادب بھ مختلف شڪلين ۾ تبديل ٿيندو ٿي رھيو.
البتھ ايترو آھي تھ جيڪا بھ نئين حڪمران قوم آئي
ٿي، تنھن جو مذھب اسلام ھو. عيسوي پندرھين صديءَ ۾
غزنوي خاندان جو سنڌ ۾ سڪو ھليو. اھو وقت فارسي
ٻوليءَ جي ابتدائي اوج جو ھو. ان وقت جي مسلمانن ۾
شعر وشاعري، رزم وبزم، اخلاق وتصوف جو گھڻو شوق ۽
رواج ھو، تنھن ڪري غالبًا گمان آھي تھ سنڌي ادب جي
ابتدا اخلاق ۽ تصوف کان ئي ٿي ھوندي جيتوڻيڪ
شاعريءَ جو رواج عربي دور ۾ شروع ٿي چڪو ھو ۽ تصوف
۽ اخلاق کان اڳ وڌيڪ ضرورت تفسير، حديث ۽ علم فقھ
جي ھئي، جنھن جي ابتدا عربي دور ۾ ضرور ٿي ھوندي،
پر ان جو جيئرو ثبوت (ڪتاب) اسان وٽ موجود ڪونھي.
سنڌين ۾ عربي ۽ فارسي علم جا وڏا وڏا قابل ۽ فاضل
پيدا ٿيا، جن جون تصنيفون عالم اسلام جي گوشي گوشي
۾ موجود آھن. اھا ڳالھھ سنڌ جي لاءِ بيشڪ قابل فخر
آھي، پر اسان جو مقصد ھتي خاص سنڌي ٻولي ۽ ان ۾
پيدا ٿيل ادب آھي ۽ نھ عربي ۽ فارسي.
محمود غزنويءَ جي طرز ۽ حڪومت ۽ ملڪي انتظام تي
غور ڪجي ٿو تھ معلوم ٿو ٿئي تھ ھن بادشاھ نھ رڳو
ترار جي زور تي فتحون ڪيون ھيون، بلڪھ سندس قلمي
فتوحات جي وسعت ۽ علم جي عام اشاعت واري شاھاڻي
ڪوشش جو تفصيل لکڻ لاءِ بھ ھڪ مستقل ڪتاب لکڻ جي
ضرورت ٿيندي.
انھيءَ مان ھن ڳالھھ جو يقيني گمان ٿئي ٿو تھ سنڌ
تي محمودي حڪومت جي وقت ۾ علم جي عام پالوٽ ٿي
ھوندي ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو مذھبي تفاوت کان سواءِ علم
جي دولت سان مالا مال ٿي ويو ھوندو ۽ اھو ادبي
مذاق جيڪو پايھ تخت ”غزنوي“ ۾ زور وشور سان ھلندڙ
ھو، جنھن پنھنجي دامن ۾ سنڌ کي ضرور ويڙھيو ھوندو
۽ علم تفسير، حديث، فقه، حڪمت، فلسفھ، رياضي،
شاعري، اخلاق، تصوف ۽ رزم وبزم وغيره مختلف علمن
جي عام اشاعت ٿي ھوندي. تعليم جو لازمي نتيجو
تصنيف آھي، جنھن جي ڪري يقين آھي تھ فارسيءَ سان
گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ تصنيف ڪرڻ جو ذوق بھ ضرور موجود
ٿيو ھوندو، ڇاڪاڻ تھ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائڻ بند
ڪانھ ٿي ويئي ھئي ۽ نڪي سنڌي زبان ۾ ادب پيدا ڪرڻ
تي ڪا روڪ پيل ھئي ۽ اڳتي ھلي انھن ضرورتون ”ابو
الحسن“ جي سنڌي، ”مخدوم محمد ھاشم“ جي سنڌي ۽
”تفسير عزيزي“ جھڙا اسلامي ڪتاب پيدا ڪيا. اھي
ضرورتون ان وقت بھ موجود ھيون، پر اھي تصنيفون يا
تھ مالڪن جي عدم توجھي ۽ بر پروائي سببان اڏوھيءَ
جو کاڄ ٿي ويون، يا بادشاھ گردي جي ڀاڄ ۾ ورق ورق
ٿي اڏامي ويون. بھرحال! سورھين ۽ سترھين صدي عيسوي
کي ڇڏي، ارڙھين صديءَ جو پويون اڌ جڏھن سنڌ ۾
انگريزي حڪومت شروع ٿي، جيڪو مستقل طرح جديد ادب
جي پيداوار جو زمانو آھي. سترھين صدي عيسويءَ ۾
فقط حضرت ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحھ“ ھڪ اھڙو جامع
الفضائل والڪمالات متبرڪ انسان پيدا ٿيو، جنھن جي
فضيلتن جو شمار جھڙي تھڙي معمولي انشا پرداز کان
ھرگز نھ ٿي سگھندو. شاھ صاحب جو رسالو، سنڌي ادب
جو بي مثال ۽ لاجواب شاھڪار آھي، جنھن تي سنڌ جي
قابل اديبن تنقيدي نموني سان قلم فرسائي ڪري ڪجھھ
قدر معنوي موتين کي نروار ڪيو آھي.
ارڙھين صديءَ ۾ درازن جو درويش ”سچل سرمست“ بھ
پنھنجي مجذوبانھ جلالي جوش سان نروار ٿيو. ”روحل
فقير“ ۽ ”سامي“ بھ فقيريءَ جي شان سان سنڌ ۾ پڌرا
آھن. انگريزي حڪومت جي دور ۾ پاڇي جي ايجاد گھڻن
اديبن کي ميدان ۾ آندو، ڇاڪاڻ تھ ھاڻي ڪتابن کي
اڏوھيءَ جي کاڄ ٿيڻ جو ڊپ لھي ويو ۽ ھندو مسلمان
برابري جي حصھ رسي سان ادب پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾
مصروف ٿيا ۽ گھڻي ئي جديد طرز جا ڪتاب تصنيف ٿيا.
سنڌي شاعري ڏوھيڙن وارو لباس لاھي، موجوده ايراني
طرز واري پوشاڪ پھري سينگارجي آئي ۽ باقاعدھ جديد
نموني جي شاعرن جو سلسلو شروع ٿيڻ لڳو. اخباري
مذاق نثر لکڻ جو نئون رنگ پيدا ڪيو، جنھن ۾ مرحوم
”بلبل“ جھڙي قابل ظريف، ظرافت کي بھ داخل ڪري سنڌي
نثر ۽ نظم کي دلڪش بنائي، ان ۾ تفريح جو سامان
پيدا ڪيو. مرحوم ”بلبل“ جي انھيءَ ظريفانھ ايجاد
کي ھلائڻ وارا وڌيڪ ڪين پيدا ٿيا، جنھن ڪري اھو
دلپسند طريقو مرحوم کان پوءِ ھميشھ لاءِ ختم ٿي
ويو.
قيس سا پھر نھ اٽھا کوئي بني عامر ميڻ
فخر ھوتا ھڍ گھرانڍ کا سدا ايک ھي شخص
سنڌي ادب تي تنقيد
گذريل سورھين صدي عيسوي کان وٺي ويھين صدي تائين
سنڌي زبان جيڪو ادب پيدا ڪيو آھي، تنھن جو ھڪ
مختصر خاڪو اوھان جي اڳيان رکيو ويو آھي. انھيءَ
مان معلوم ٿيندو تھ موجوده صدي جو ادب پنھنجي دامن
کي مختلف رنگا رنگي موتين سان ڀريو آھي.
ڇا فن شاعري جي ترقي جي لحاظ کان، ڇا نثر نويسي جي
دلڪشي ۽ دلاويزيءَ جي ڪري، ھيءُ وقت اڳوڻين صدين
کان وڌيڪ شانائتو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي نثر ۾ بھ
گھڻن موضوعن تي ڪتاب ڇپجي شايع ٿي چڪا آھن، جھڙوڪ:
”حجة الاسلام امام محمد غزالي رحھ“ جون قيمتي
تصنيفون ”ڪمياءِ سعادت ايھا الولد“ وغيره سنڌي
زبان ۾ اچي ويون آھن ۽ اڃا بھ تصنيف، تاليف ۽
ترجمي جو سلسلو جاري آھي. انگريزي ٻولي ڄاڻڻ ڪري
وڏا وڏا سند يافتھ اھل ڪمال تصنيف يا ترجمي ۾
مشغول آھن.
حضرت ”شاھ ڀٽائي“ جي رسالي تي بھ مختلف نمونن سان
تنقيدون شايع ٿي چڪيون آھن، جن جي ذريعي ”شاھ“
صاحب جي ڪيترين مخفي خصوصيتن کي گھڻي ڀاڱي نروار
ڪيو ويو آھي. پاڪستان ٺھڻ جي ڪري اردو ادب سان بھ
اڳي کان گھڻو وڌيڪ واھپو رھيو آھي. تنھن ڪري سنڌي
جو اثر اردو تي ۽ اردو ٻوليءَ جو اثر سنڌي ٻوليءَ
تي پيو آھي. ڇا ھڪ قدرتي ڳالھھ آھي، جنھن جي نتيجي
۾ ڪيترا اردو دان سنڌي نثر تھ ٺھيو، پر سنڌي شاعري
بھ ڪرڻ لڳا آھن. ساڳيو حال سنڌي ڄاڻندڙن جو بھ
آھي. اردو ادب جو سنڌي ٻوليءَ تي چڱو اثر پيو آھي،
خصوصا تنقيدي ادب جي معاملي ۾. اردو ۾ ھڪ پھاڪو
آھي تھ گدري کي ڏسي گدرو رنگ بدلائيندو آھي. لفظ
”سائين“ جنھن معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندو آھي،
اردو ۾ انھيءَ معنيٰ ۾ نھ ٿيندو ھو، پر مزي جي
ڳالھھ آھي تھ انھيءَ معنيٰ ۾ ھاڻي اردو ۾ بھ اھو
لفظ استعمال ٿيڻ لڳو آھي. جدا جدا ٻوليون جڏھن پاڻ
۾ گڏجن ٿيون تھ لفظن جي مٽا سٽا ائين شروع ٿيندي
آھي.
منھنجي راءِ ۾ اردو تنقيد ”حالي“، ”شبلي“، محمد
حسين ”آزاد“ ۽ سيد ”مسعود حسين“ رضوي ”اديب“ جي
ڪارنامن جي ڪري معراج ڪمال تائين پھتي. انھن بزرگن
کان پوءِ ”آل احمد“، ”سرور“، ”ڊاڪٽر سيد عبدالله“،
ڊاڪٽر ”ابو الليث صديقي“، پروفيسر ”رشيد احمد“ ۽
”چڪبست“ جي تصورات ۾ اردو تنقيد ڪجھھ آسودگي محسوس
ڪئي. ڊاڪٽر ”يوسف حسن“، پنڊت ”دتاتريھ ڪيفي“،
ڊاڪٽر ”عبادت بريلوي“ ۽ ”وقار عظيم“ وغيرھم بھ ھڪ
حد تائين اردو تنقيد کي اردو زبان جي روايتن جي
قريب ڪيو.
انھيءَ زماني ۾ ”پروفيسر ڪليم احمد“ ۽ ”عبداللطيف“
دڪني ۽ انھيءَ خيال جي ھڪ جماعت پيدا ٿي، جنھن اھا
ناڪام ڪوشش ڪئي تھ مشرقين جي سرن ۾ مغربي مغز رکن
۽ اردو سماج کي انگريزي، فرينچ، رومي ۽ اطالعوي
زبان جي سماج ۾ قطعا بدلي ڇڏين ۽ برصغير جي طبعي ۽
سياسي جاگرافي کي يورپ جي جاگرافي سان بدلائي
ڇڏين. يعني انھن ماڻھن اردو جي سڀني قدرن کان
انڪار ڪيو ۽ مغربي قدرن جي تصديق ڪئي. يعني انھن
ماڻھن ھيءَ ڪوشش ڪئي تھ مشرقي شاعرن ۽ نقادن جي
جسم مان سارو ايشيائي خون ڪڍيو وڃي ۽ يورپ جي
باشندن ۽ روسين جو خون انھن جي جسمن ۾ داخل ڪيو
وڃي. انھن جي اھا ڪوشش منطق، نفسيات ۽ روايات جي
برخلاف ھئي ۽ اھا بلا ترقي پسندن جي ذريعي نھ رڳو
اردو ٻوليءَ ۾ ائي، بلڪھ سنڌي ٻوليءَ جي تنقيد کي
بھ اوتر ئي نقصان پھچايو، جيترو اردو جي تنقيد کي.
ائين نھ سمجھڻ گھرجي تھ اردو زبان جي صالح تنقيد
جو، جيترن ناقدن جو اسان ذڪر ڪيو آھي، تن تي ڪو
اضافو ئي نٿو ٿي سگھي، نھ ائين نھ آھي. اسان فقط
مثال جي طور تي ڪجھھ نالا پيش ڪيا آھن. انھيءَ طرح
”ڪليم الدين احمد“ ۽ سندس ساٿين کي قياس ڪرڻ
گھرجي.
ھن ھنڌ تي ھڪ نڪتھ جي وضاحت ڪجي ٿي تھ تنقيد ۾
نيئن ۽ پراڻي فلسفئھ تنقيد جو ڪو بحث پيدا نٿو
ٿئي. قديم ۽ جديد نقادن پنھنجي پنھنجي زماني ۾
زندگيءَ تي غور ڪيو آھي ۽ اھڙو ادب، جيڪو زندگي جي
ترجماني ڪري ٿو، تنھن کي آڏو رکي ان ۾ زندگي تي
تنقيد ڪئي آھي ۽ ھي ثابت ڪيو آھي تھ زندگي تي ئي
رھي آھي. شايد ”علامھ اقبال“ اڄ ڏينھن لاءِ چيو
آھي:
زمانھ ايک حيات ايک کائنات بھي ايک
دليل کم نظري قصئھ جديد وقديم
تنقيد جي جديد ۽ قديم قسمن ۽ انھن جي اصولن جو ھن
مقالي ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آھي. انھن اصولن جي
روشنيءَ ۾ ئي پھرين طباعت ۾ اھا ڪوشش ڪئي ويئي ھئي
تھ تنقيد جا ڪجھھ نمونا پنھنجي صلاحيت جي مطابق
پيش ويا وڃن، پر ڪن دوستن کي اھي نمونا يا تھ
سمجھھ ۾ ڪين آيا، يا انھن جو خيال آھي تھ باوجود
غلطين ھجڻ جي بھ اھڙين مشھور شخصيتن تي مون يا ڪن
ٻين ڇو تنقيد ڪئي آھي؟ اھڙو خيال رکڻ ئي سراسر
اصول تنقيد جي خلاف آھي. ڇاڪاڻ تھ جڏھن اھو تسليم
ڪيو وڃي ٿو تھ برابر ڪٿي ڪٿي غلطيون ٿينديون آھن
تھ پوءِ جيڪڏھن مون يا ٻين انھن غلطين جي نشاندھي
ڪئي آھي تھ ڪھڙو گناھ ٿيو؟ مشھور ۽ فن کي ڄاڻندڙن
تي تھ وڌيڪ ذمھ داريون آھن تھ اھڙين غلطين کان
بچن. اسان انھن اعتراضن جا جواب پنھنجي اصل جڳھھ
تي ھن ٻئي طباعت ۾ ڏنا آھن، جيڪي اڳتي ايندا. ھن
طباعت ۾ ڪجھھ وڌيڪ نمونا بھ ڏنل آھن.
انھن نمونن کي پيش ڪرڻ کان اڳي عرض آھي تھ مٿي
اردو ٻوليءَ لاءِ جيڪي ڪي چيو ويو آھي، سو سنڌي
ٻوليءَ جي تنقيد تي بھ اھو ئي دور گذريو آھي. جيڪا
اردو زبان جي تنقيد جي اڄ حالت آھي، سا ئي سنڌي
زبان جي تنقيد جي آھي. مون کي حيرت آھي تھ انھن
ٻنھي ٻولين جي ادب ۾ ڪيتري نھ پاڻ ۾ مماثلت آھي.
يقينا اردو زبان ۾ سرن، ابيات ۽ وائين جھڙو ڪو
ملندڙ سلسلو نظر نٿو اڇي. ان کي سنڌي ٻوليءَ جي ئي
خصوصيت چوڻ گھرجي، مگر عروض ۽ ٻين علوم ادبيھ جي
معاملي ۾ ٻنھي ٻولين ۾ اھڙي مشابھت معلوم ٿئي ٿي،
جھڙي طرح ھڪ چڻي جون ٻھ داليون. ان جو ھي سبب
معلوم ٿو ٿئي تھ سنڌي زبان ۾ علم عروض جي ابتدا
ابيات ۽ قافيون وغيره کان گھڻو اڳي نظر اچي ٿي.
اھو ئي اڳتي ھلي سڀني زبانن ۾ علم عروض جي جذب ٿيڻ
جو سبب ٿيو. ايتري حد تائين جو سنڌي غزل پنھنجي
روايت جي اعتبار کان اردو غزل جيان فارسي ٻوليءَ
جي ھڪ شاخ معلوم ٿئي ٿو.
جنھن حالت ۾ ھي ھڪ اھڙو پکڙيل ۽ وسيع مضمون آھي،
جنھن جو بيان ھڪ ضخيم ۽ مستقل ڪتاب جو جدا مطالعو
ڪري ٿو، تنھن ڪري ان کي اتي ئي ڇڏجي ٿو.
ادبي خزانو:
ھن ڪتاب جو مؤلف مرحوم ”غلام محمد شھراڻي“ ايم،
اي، بي، ٽي ھيڊ ماستر نور محمد ھاءِ اسڪول
حيدرآباد سنڌ ھو، جيڪو ھڪ نوجوان اھل قلم ۽ سنڌي
ٻولي جي علم ادب سان خاص شغف رکندڙ ۽ مختلف قسم جي
ڪتابن جو مصنف ھو. جھڙوڪ ”گلشن بھار“، ”نظري ۽
عملي تعليم“، ”علمي خزانو“، ”راز ۽ رمزون“،
”اصول“، ”شاھ جو رسالو“ وغيره. ھيءُ ڪتاب ”شيخ
سعدي“ جي بينظير اخلاقي ۽ ادبي ”گلستان“ جو ترجمو
آھي. ھن ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ ثابت ٿيو تھ
سنڌي ادب کي وڌائڻ ۽ ان کي دلچسپ ۽ ڪارآمد بنائڻ
جو مصنف کي زيادھ کان زيادھ شوق ۽ خيال ھو.
”گذارش“ جي عنوان سان مصنف مٿئين ڪتاب ۾ رقمطراز
آھي تھ: ”گلشن“ دنيا جي بھترين ڪتابن مان ھڪ ليکجي
ٿو ۽ ان جي ٻولي رنگين آھي.“
اسان کي اميد ھئي تھ مصنف ”گلستان“ جو ڪو رنگين ۽
سٺو ترجمو سنڌي ادب ۾ پيش ڪيو ھوندو، جھڙي طرح
مصنفن دنيا جي مشھور ڪتابن جو ترجمو ڪري پنھنجي
ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آھي. پر افسوس آھي تھ فاضل مصنف
ان ۾ بلڪل ناڪامياب رھيو آھي. ڪا طبعي ڳالھھ لکي
وٺڻ ايترو مشڪل ڪم نھ آھي، جيترو ڪنھن ٻوليءَ جو
ترجمو پنھنجي زبان ۾ ڪرڻ. ٻي ٻوليءَ کي پنھنجي
زبان ۾ منتقل ڪرڻ ۽ مصنف جي قابليت ان وقت معلوم
ٿي ٿئي، جڏھن ڌارين ٻولين جا محاورا پنھنجي ٻوليءَ
جي محاورن ۾ ظاھر ڪرڻا ٿا پون. فاضل مصنف ان ۾ بھ
ناڪامياب ٿي، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت بدران ان کي
اٽلو نقصان پھچايو آھي. جيڪڏھن اھڙا اھل قلم
پنھنجين تحريرن ۾ غلط جملا ۽ محاورا استعمال ڪندا
تھ ان جو جيڪو اثر سنڌي ادب تي پوندو، سو ظاھر
آھي.
گذارش ۾ مصنف تحرير فرمايو آھي تھ: ”اھڙي ڪتاب جو
سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو فقط پڙھندڙن کي خيال پھچائي
سگھندو ۽ نھ اھو حظ جنھن جو ڏيڻ ادب جو ڏاج آھي.
مٿئين اشاري تي عمل ڪري، گھڻي محنت کان پوءِ
سنجيدي صنائع ۽ تڪبندي کان ڪم وٺي، حتي المقدور
ڪوشش ڪري سنڌي کي رنگين بنايو ويو آھي. اميد تھ
پڙھندڙن کي پرلطف لڳندو الخ.“
انھيءَ لکيل عبارت جي فرمائڻ موجب سنڌيءَ کي رنگين
بنائڻ جو رستو فقط صنائع بدائع ۽ تڪبنديءَ کي ڪم
آڻڻ آھي، حالانڪھ اھو خيال بلڪل غلط آھي تھ صنائع،
بدائع، تڪبندي ڪلام جو حسن نٿا وڌائين، بلڪھ گھڻين
جاين تي مورڳو پڙھندڙ جي دماغ ۽ ذھن کي ٿڪايو
ڇڏين.
سادي، سليس ۽ سھڻي عبارت جيتري قدر ڪلام کي دلچسپ
بنائي ٿي، اوتري قدر صنعت ۽ تڪلف واري ٻولي بدمزه
ٿي ٿئي، جھڙي طرح ھڪ عورت جنھن کي قدرتي سونھن عطا
ٿيل آھي، سا بنا ڪنھن ھار سينگار جي سھڻي لڳي ٿي.
پر ھڪ بدصورت ۽ بڇڙي شڪل واري زال کي کڻي ڪيترا بھ
زيور پھرايا وڃن يا مڪلف لباس سان سينگاريو وڃي،
تڏھن بھ اھڙي تڪلف ۽ تصنع مان منجھس ڪابھ دلڪشي ۽
دلربائي جي صورت پيدا نھ ٿيندي.
تعجب آھي تھ قابل مصنف صنائع بدائع جي مرغوبيت تي
ڪيئن موھجي پيو ھو؟ جڏھن پاڻ گذارش واري ٽڪري ۾
فرمايو اٿس تھ: ”نھ اھو حظ جنھن جو ڏيڻ ادب جو ڏاج
آھي“، ادب جو مقصد آھي پڙھندڙ کي حظ ڏيڻ. سندس
چوڻي موجب جيڪڏھن ڪو ادب حض نھ ڏيندو تھ پوءِ اھڙي
لکڻ مان ڪھڙو فائدو؟
”گلستان“ اھڙو ڪتاب آھي، جنھن جي بي نظير فصاحت ۽
بلاغت جي ڪري ڪيترين ٻولين ۾ ان جو ترجمو ٿيل آھي،
تنھن ڪري سنڌي زبان لاءِ ھيءَ فخر جي ڳالھھ چئبي،
جنھن ۾ ھڪ قابل اديب ”گلستان“ جھڙي بي مثال ڪتاب
جو ترجمو ڪري، کيس ھڪ لازوال فخر نصيب ڪيو آھي.
اسان کي اميد ھئي تھ قابل مصنف جي اھا محنت، سنڌي
ادب جي لاءِ ھڪ ناميان اضافو ٿيندي، مگر غلط
محاورن ۽ بيجا تڪبندين ڪتاب کي ادب جي آسمان تان
ڪيرائي، ھيٺ پٽ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي.
ھاڻي اسين انھيءَ ادبي خزاني مان نموني طور ڪي
ٿورا آبدار جواھر ٻاھر ڪري ڏسون ٿا تھ انھن ۾
برابر ادبي آبداري ۽ رونق آھي يا نھ؟ جيڪڏھن سڄي
ڪتاب تي تنقيد ٿي لکجي تھ ڪتاب اجايو ڊگھو ٿيندو ۽
اسان جي رٿيل مقصد کان نڪري ويندو. تنھن ڪري فقط
سنڌي چوڻي موجب ”ڪڻ ڏٺو تھ مڻ ڏٺو“ نھايت مختصر
طور نمونو ڏيکاريون ٿا.
ص١٢ س٢ حياتيءَ جا باقي ڏينھن ھو مونن ۾ منھن ھڻي
غربت سان گذاريندو ڪنھن سان بھ ڪين ڳالھائيندو ۽
نھ ڪنھن ڏي نھاريندو.“
ھي صنائع بدائع جي برڪت ڏسو، سڄي عبارت ۾ ھڪ جملو
بھ صحيح ۽ بامحاوره ڪونھي، جنھن جو تفصيل ھي آھي:
غربت يعني پرديس ھتي ماٺ ڪري ويھڻ جو مطلب آھي،
جيڪو غربت جي لفظ مان نٿو نڪري. ”ڪنھن ڏي نھ
نھاريندو“ چوڻ بھ ناموزون آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪنھن لفظ
جي تنيڪر عام آھي، جيڪا ممڪن نھ ٿي سگھندي.
ھتي مصنف سخت ڌوڪو کاڌو آھي، نھ تھ نھارڻ کان گريز
ڪرڻ جو ذڪر آڻي ئي نھ ھا. جڏھن ”نھ ڳالھائيندو“ جو
لفظ سڀ کي واضح ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تھ ڳالھائڻ ڪنھن غير
جي موجودگيءَ کي واضح ڪري ٿو تھ ”نھ ڳالھائيندو“
ثابت ڪري ٿو تھ ڪوبھ ماڻھو سندس منھن نٿو چڙھي.
اھڙي حالت ۾ ”نھ نھاريندو“ جي ضرورت ئي نٿي رھي.
ص١٢ س١٣: ”ڪھڙو عقل وارو مڃيندو تھ حضرت علي رضھ
جي ذوالفقار مياڻ ۾ رھي ۽ سعدي جي زبان ماٺ جي مھر
سھي.“
”زبان کي مھر ھڻڻ“ يا ”زبان جو ھر سھڻ“ نھ ڪنھن
ٻڌو نھ ڪنھن سڻو، افسوس آھي جو ”گلستان“ جھڙي ڪتاب
جي ترجمي ۾ ھھڙا غلط محاورا، فقط تڪبنديءَ جي
ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ آندا وڃن، نھ تھ سليس،
بامحاوره جملو وڌيڪ فصيح ۽ موزون ٿئي ھا.
ص١٣ س٣: ”جنھن ڪري ماٺ ڪرڻ ۾ مون کي مزو نھ آيو.
مونن مان منھن ڪڍي، مٿي ڪيم ڳاٽ، زبان تان ماٺ جي
مھر ٽوڙن ڌاران ٻي نھ سمھيم واٽ الخ.“
ڇا ”سعدي“ جي اصل عبارت جي فصاحت ۽ دلچسپي ۽ ڇا ھن
صنعت ڀريل عبارت جي بدصورتي ۽ ناموزوني. ماٺ ڪرڻ
مان مزو نھ آيو بي محل ۽ نا مناسب جاءِ تي استعمال
ڪيو ويو آھي، ڇاڪاڻ تھ ”سعدي“ جو اصل مطلب ھي ھو
تھ آيل دوست جي گفتن مون کي ڏاڍو مجبور ڪيو ۽ وڌيڪ
ماٺ ڪرڻ مون کي نامناسب لڳي، ڇاڪاڻ تھ ھو سچو ۽ دل
گھريو دوست ھو. اھو مطلب رکي ماٺ کي نامناسب چئي
پر ماٺ کي بي مزه چوڻ تھ نسوري اره زورائي آھي. سڀ
ڪنھن ڳالھائڻ جو وقت ۽ موقعو ٿيندو آھي، پر مصنف
اھو نڪتو ملحوظ نھ رکيو آھي ۽ ”مٿي ڪيم ڳاٽ“ ڪھڙو
نھ ڳرو ۽ نامانوس جملو لڳي ٿو. چوڻ کپندو ھو تھ
ڪنڌ مٿي ڪيم يا مٿو مٿي کنيم.
ص١٣ س١٣: ”اھا بھار جي موسم ھئي، جنھن ۾ سردي وڃي
پنھنجي سمھڻ جو آستانو وسايو ھو ۽ گلن اچي ميدان ۾
پنھنجي حسن جو نظارو مچايو ھو.“
”سعدي“ جي اصل فارسي عبارت جو جملو آھي: ”صولت برد
آرميده بود“ يعني سياري جي دھشت گھٽجي وئي ھئي.
ھتي آرميدن جي معنيٰ سياري جي مناسبت جي ڪري گھٽجي
وڃڻ ٿيندي. جيتوڻيڪ فارسي ۾ ان جي معنيٰ آرام وٺڻ
آھي، پر ڪنھن بھ حالت ۾ ان کي سمھڻ نھ چئبو.
سنڌيءَ ۾ چئبو آھي تھ ماٺو ٿيو. سيارو ماٺوڻيو آھي
يعني گھٽيو آھي. افسوس آھي تھ فاضل اديب ”آرميدن“
يعني آرام وٺڻ کي سمھڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آھي
۽ ”سعدي“ جي اصل عبارت جي مفھوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
صحت ۽ تلازمي جي صحيح ھجڻ تي بھ ڪو غور نھ ڪيو
اٿس. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”سيارو ستو آھي يا سردي ستي
آھي“ اھڙو ڪو محاورو نھ آھي ۽ نظارو مچائڻ بھ غلط
محاورو آھي. نظارو مچندو ڪونھ آھي، بلڪھ ڏسبو آھي
يا ڏيکاربو آھي. نظاري جي معنيٰ ھل يا بکيڙو نھ
آھي، جنھن کي مچائي سگھجي. ”سعدي“ جو اصل جملو
آھي: ”آوان دولت ورد رسيده“. مصنف ھن جملي کي فصيح
نموني ترجمي ڪرڻ کان عاجز ٿي، غلط جملو چئي ويو
آھي. محاورن جي انھيءَ قسم جي غلطين مضمون کي
دلچسپ بنائڻ جي بدران بدنما بنائي ڇڏيو آھي.
ھيءَ ڳالھھ ياد رکڻ گھرجي تھ اصل ڪتاب ”گلستان“ جي
فارسي نھايت فصيح ۽ بليغ آھي. ”گلستان“ کي پڙھي
شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪرندا آھن ۽ فارسي مصطلحات
جا ڪامل عالم ٿيندا اھن، پر مصنف جو ھي ادبي خزانو
شاگردن کي مرڳو ادب کان سڃيو بنائيندو ۽ غلط سنڌي
محاورا سيکاريندو، جنھن جي ڪري انھن جو غلط ۽ بيجا
استعمال شاگردن تي جيڪو اثر وجھندو، سو عيان آھي.
اسان جا نوجوان جيڪي انگريزيءَ جا وڏا امتحان پاس
ڪندا آھن، سي شايد ائين سمجھندا آھن تھ اسين سنڌي
ٻولي جا بھ وڏا قابل ۽ ڄاڻو آھيون ۽ سنڌي ٻوليءَ
کي انگريزي ٻوليءَ تي عمل ڪندا آھن، تنھن ڪري
انگريزي ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ محاورن جو ھوبھو ترجمو
ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽنبيندا آھن. پر اھا پروڙ ڪانھ
پوندي اٿن تھ ھڪڙي ٻولي جو محاورو ٻي ٻوليءَ ۾
مشڪل سان استعمال ٿي سگھندو آھي. شايد مصنف
انگريزي ٻوليءَ ۾ اھڙو محاورو پڙھيو ھجي، جنھن مان
سرديءَ جو سمجھڻ ثابت ھجي تھ عجب ڪونھي، پر اھو
انگريزي لاءِ مخصوص سمجھڻ گھرجي، نھ سنڌيءَ لاءِ.
سنڌيءَ ۾ اھڙو محاورو آھي ئي ڪونھ. ھي ”گلستان“
جھڙي لاجواب ڪتاب جو ترجمو نھ ٿيو، بلڪھ سنڌي
ٻوليءَ ۾ ان جي ادب کي برباد ڪرڻ جو بنياد چئبو.
جنھن بھ انگريزي خوانده کي صحيح بامحاوره سنڌي
ٻولي سکڻي ھجي تھ اھا ٻھراڙيءَ جي ماڻھن وٽان
ملندي، جن جا نج سنڌي پھاڪا زبانن تي ھلندڙ آھن.
ٻھراڙيءَ جا ٻڍا مرد ۽ ٻڍڙيون عورتون بلڪل صحيح
محاورا استعمال ڪن ٿيون. چئبو تھ صحيح سنڌي ٻولي
ٻھراڙي ۾ عام جام ۽ محفوظ آھي، جنھن جو ڪاليجن ۽
اسڪولن ۾ نشان بھ ڪونھي.
ص١٨- آکاڻي(٢): ”خراسان جي ھڪ بادشاھ جي اڳيان
خواب ۾ ”سلطان محمود“ ولد ”سبڪتگين“ اچي پڌاريو
الخ.“ پڌارڻ جي معنيٰ وڃڻ آھي، اچڻ نھ آھي. ھتي بھ
محاورو غلط استعمال ٿيل آھي. چوڻ کپندو ھو تھ
خراسان جي ھڪڙي بادشاھ ”سلطان محمود“ کي خواب ۾
ڏٺو، پر ان ۾ ھڪڙي ڏکيائي ٿئي ھا جو قافيو ڳولي ھٿ
ڪرڻ ڏکيو ٿئي ھا ۽ تڪبندي ۾ صنعت جي دامن تھ ڇڏي
ڪانھ ھئي، محاورو ڀل غلط اچي پر قافيھ جو التزام
ھٿ کان نھ وڃي.
ص٣٠ س١٢: ”حصور جن جو حڪم ۽ اقبال سدائين ھجي شال
تھ حاسدن کي ڪھڙي مجال جي توھان ڀلايو ڀال تھ ھنن
جي قيل وقال کان ڦرندا تھ منھنجا ڪرندا ڪونھ ڪال،
مٿان منھنجي مال، ڀلي کڻي ڪن ڪوشش ڪي سال الخ.“
ھن ادبي خزاني ۾ جيڪڏھن ڪو آبدار جواھرن ۽ قيمتي
موتين جو دٻلو آھي تھ اھا اسان جي نقل ڪيل عبارت
اھي. جھڙي آھي منجھس بي مثال فصاحت ۽ بلاغت، تھڙي
آھي ان ۾ دلچسپي ۽ دلآويزي. ھن کي جيڪڏھن ادبي
دماغ جو سدا بھار گلدستو چئجي تھ بجا آھي يا آسمان
فصاحت جو عقد ثريا سڏجي تھ بھ روا آھي، البتھ
ايترو چئبو تھ عبارت ذرا مغلق ٿي ويئي آھي، جنھن
کي آسان ڪري سمجھائڻ لاءِ شرح لکڻ جي تڪليف وٺڻي
پوندي، ورنھ شرح کان سواءِ ھنن موتين جي چمڪ، آب
وتاب ۽ قدر قيمت ڪابھ خبر ڪانھ پوندي.
ص٢٥ س٤-٦: ”۽ صبح جو سڀني کي آڻي بادشاھ جي درٻار
۾ حاضر ڪيائون، جنھن سڀني ڌاڙيلن جي قتل ڪرڻ جون
فتوائون ڏنيون.“
مقدمھ
لطيفي مصنف ڊاڪٽر گربخشاڻي ص١٠٥
|