سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:19 

مولانا سيد اسد الله شاھ جو رايو:

جڏھن ڄيٺمل ۽ ليلا رام زبردست تنقيدون ڪري رھيا ھئا ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جا مسلمان ۽ ھندو دوست انھن جا جواب ڏيئي رھيا ھئا ۽ اھو سلسلو بند ٿيڻ جي واھ نظر ڪانھ ٿي آئي، ڪن ماڻھن مولانا سيد اسد الله شاھ ٽکرائي کي چيو. تنھن الوحيد اخبار ۾ ھڪ مضمون وڌو، تڏھن ڪٿي ڄيٺمل پرسرام وڃي ماٺ ڪئي. مولانا دين محمد وفائي اھو بيان پنھنجي ڪتاب ”شاھ جي رسالي جو مطالعو“ ۾ صفحي١١٤ تي تفصيل سان ڪيو آھي. ڄيٺمل جي اعتراضن کي ھو اصولي ٿو سڏي. يعني اھي اعتراض اصول تي ھئا.(١)

اسد الله شاھ صاحب بيتن ۽ معنائن بابت ڊاڪٽر گربخشاڻي لاءِ ائين چيو آھي. انھن کي ٻن قسمن ۾ ورھايو آھي:

1)        ڪلام ۾ قطع بريد ڪرڻ ۽ بيتن جي معنيٰ صحيح نھ ڪرڻ بابت چوي ٿو تھ: ”اھي اھڙا وزندار آھن، ڇاڪاڻ تھ ھن تحقيق ۽ تنقيد سان پنھنجي خيال موجب صحيح ڪلام ڪڍيو آھي ۽ ٻيو خارج ڪري ڇڏيو آھي. گڏ ڪيل ڪلام جامع نھ آھي، بلڪھ منتخب ۽ صحيح.“(٢)

2)       ڪي ڳالھيون فرو گذاشت ڪيون آھن، جي تمام اعتراض جوعيون آھن.(٣) شاھ جي سوانح عمري، سندس مذھب، علم تصوف ۽ صوفي مشرب جي تشريح اصول اسلامي تي ٿيڻ کپندي ھئي، جا بلڪل ائين نھ ڪئي ويئي آھي. اصول اسلام کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آھي.(٤) جيڪي اصول بيان ڪيا ويا آھن، سي ناقابل اعتماد آھن(٥) ۽ صوفياءِ ڪرام اسلام بلڪل غير معتبر بلڪھ مردود ۽ باطل بيان ڪيو آھي ۽ ڪنھن بھ اسلامي تصوف جي ڪتاب ۾ اھا تشريح ڏنل ڪانھ آھي.(٦)

ڊاڪٽر گربخشاڻي مقدمھ لطيفي ۾ جتي غلط تشريح ڪئي آھي، سي ھنڌ ڳڻائي ويو آھي.

1)        معنوي اصولن جو ڪنھن دين يا مذھب سان واسطو ڪونھي. (مقدمھ ص٧٥)

2)       پرين جي پسڻ جو طريقو عليحدو آھي، جنھن جو دين، مذھب سان واسطو ڪونھي. (مقدمھ ص٧٩)

3)       شاھ صاحب اھڙي منزل تي ترسيل ھو، جتي کيس شريعت جي پابندي جي ضرورت ڪانھ ھئي. (ڏسو مقدمو گربخشاڻي ص٨١)

4)       اخير ۾ مذھب جي پيروي ۽ تقليد ڳچيءَ جو گھنگھرو ٿيو پوي. (مقدمھ ص٨٣)

5)       عاشق جو مذھب عليحده آھي. سو نڪو ھندو آھي، نڪو مسلمان، نڪي ڪافر. (مقدمھ ص٨٠)

اڳتي ھلي لکي ٿو: ”الغرض رسالي جي مقدمھ ۾ صوفي المشرب ان کي چيو ويو آھي، جو شتر بي مھار مطلق العنان ھجي. شريعت جي حدن اندر رھڻ ۽ ظاھري احڪامن جي پابندي ۽ ڪبيرن گناھن کان گوشي ۾ رھڻ ۽ ارڪانن اسلام جي بجا آوري جي ان کي ڪابھ ضرورت ڪانھي، فقط باطن جو تصفيھ ۽ روح جي صفائي ۽ باطني ذڪر فڪر ڪافي آھي. اھو عقيدو اسلامي اصول موجب صوفي المشرب ڪھڙي بھ منزل تي رسي، ابتدا يا انتھا ۾ ان کي شريعت جو اتباع ۽ ظاھري احڪامن جي بجا آوري ۽ اسلامي حدن ۾ رھڻ ۽ ان کان پير ٻاھر نھ رکڻ ۽ منع ڪيل مٺن ڪمن کان پرھيز ڪرڻ، حلال ۽ حرام جي تميز جي سخت ضرورت آھي. ان کان سواءِ ڪوئي صوفي ڪماليت کي نٿو پھچي.(١)

اڳتي ھلي لکي ٿو: ”اھڙو صوفي جيڪو فقط معنوي اصولن ۽ باطني صفائي کان سواءِ بجا آڻڻ ظاھري احڪامن جي قرب الاھي جي دعويٰ ڪري تھ اسلامي تصوف موجب ڪوڙو، ملحد ۽ زنديق چئبو.(٢)

مولانا وفائي لکي ٿو تھ: ”علامھ اسد الله شاھ جي لکڻ کان پوءِ پاڻ ۾ ردوڪد ختم ٿي ويو.“

مولانا اسدالله شاھ ٽکڙائي کير ۽ پاڻي ڌار ڪري ڏيکاري ڇڏيو آھي. اھڙي ڳالھھ جو ڀيرومل ڀلا ڪيئن ذڪر آڻي ھا؟

ڀيرومل جنھن پاڻ ان وقت تنقيدن ۾ ڀاڱو پئي ورتو، تنھن ٻين جون تنقيدون ضرور پڙھيون ھونديون، تنھن ھوندي بھ سنڌو رسالي ۾ ذڪر نھ آندائين. جيٺمل پرسرام روحاني رازن جو ذڪر ڪيو آھي، پر اسلامي نظريھ کان بلڪل واقف نھ ھو جو ان مان ثابت آھي.

جي ڀائين جوڳي ٿيان تھ سڱ سڀيئي ڇڏ،

اوڏو ٿي الف کي من ميم سين گڏ.

چوي ٿو: ”الف ۽ ميم منھنجي راءِ موجب آھي تھ ”نم“ يعني اوم کي سڏجي ٿو. رڳو ھڪڙي ھنڌ اھڙي سٽ ھجي تھ جيڪر چئجي تھ ٻي معنيٰ ٿيڻ جو بھ امڪان آھي پر اھڙيون سٽون ٻيون بھ آھن.“ (عجيب استدلال آھي- خليل)

پڙھيا پڙھيا، سبق انھي سورجو،

ميم رکو رکو من ۾ الف تنھن اڳيان،

چتان چوريجان، اھا لات لطيفي چئي.

”اھو الف ۽ ميم وارو ڪو اکر ھن جي خيال ۾ آھي، جو ھو ”پڙھڻ“ ٿو گھري ۽ جنھن ”لات“ سان ھو چت کي ٿو چورڻ گھري. اھا ”لات“، اھو ”ام“ يعني ”اوم“ جو منتر آھي.“

ھاڻي اسان جي ھن تنقيد تي ڊاڪٽر شاھ صاحب چوندو: ”خليل ڄيٺمل پرسرام جي شرح کي غلط سمجھندو ۽ بحث ۾ پوندو پيو وڃي.“

حقيقت ڇا آھي تھ سنڌي مسلمان ھميشھ جيئن غفلت ۾ رھيا ۽ ڌارين شاھ ڀٽائيءَ تي غلط يا صحيح جيڪي آيو، سو لکي ڇڏيو ۽ بنا سمجھھ جي مسلمانن بھ کڻي قبول ڪيو. اسان جا عالم سڳورا، جن کي انھيءَ ڪم ۾ ھٿ وجھڻ کپندو ھو، ڇاڪاڻ تھ شاھ صاحب اسلامي عقيدن ۽ تصوف کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين لکيو آھي، پر جڏھن مسلمان سجاڳ ٿيا تھ خوب لکڻ شروع ڪيائون. مسلمانن ۾ ھڪ ٽولو اھڙو پيدا ٿيو جو اھڙيون ڳالھيون شاھ صاحب سان منسوب ڪرڻ لڳو، جن سان ھن جو واسطو ئي ڪونھ ھو.

ڄيٺمل صاحب جيڪي روحاني رازن بابت چيو آھي، مسلمان ڪجھھ ڪين چيو. ڇاڪاڻ تھ ھندو سمجھندي اختيار ڪيائون، پر جيڪي پاڻ کي مسلمان سڏائي غلط ڳالھيون شاھ صاحب ڏانھن منسوب ڪندا، تن کي اسان کان سخت سست ٻڌڻو پوندو، نھ تھ انھن کي مسلمان ھجڻ جو ليبل ھڻائي، ڀلي شاھ صاحب کي ھندئن وانگر چون پوءِ انھن تي ميار ڪانھ رھندي. باقي کين صحيح ۽ حقيقت ٻڌڻي پوي جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي مولانا اسد الله شاھ کان ٻڌڻي پئي ھئي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي ڀلا ڇو نھ شاھ جي مذھب تي ھڪ پورو باب لکي ھا. جڏھن ڄيٺمل صاحب ١٩٢٠ع ۾ ”شاھ عبداللطيف جو ڌرم“(١) نالي سان مضمون لکيو ۽ ڀٽ شاھ جي رسالي جي ملڻ جي خاطري ڏني ويئي ھئي. ڊاڪٽر دائود پوٽي کي سر ڪيڏاري تي چراغ پا ٿيڻ کان اڳي، ڊاڪٽر گربخشاڻي تي شروع کان مدد ڪرڻ کان اڳي سخت ضابطو رکڻ کپندو ھو، ڇاڪاڻ تھ پاڻ نڪري ولايت ھليو ويو ۽ پٺيان گربخشاڻي جيڪي راڱا ڪيا، سو زمانو ھاڻي کيس بھ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي. جيتوڻيڪ ڪنھن کان اھو ڳجھو نھ آھي تھ ھو مسلمان ھو، پر دنيا جو وات بند ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي تي ھيتريون تنقيدون ٿيون، سو ڊاڪٽر شام يا ٻيا چئي نٿا سگھن، بقول شيڪسپيئر جي مملڪت ڊينمارڪ ۾ مڙيئي ڪو رولو آھي. انھن تنقيدن ۾ ھر ڪنھن تنقيدنگار جو انداز بيان ۽ رنگ پنھنجو آھي. دنيا جي وڏن وڏن چوٽي جي اديبن تي تنقيدون ٿينديون آھن، جھڙوڪ: افلاطون، شيڪسپيئر، ڊانٽي، ٽيني سن، شبلي، سر سيد احمد، غالب ۽ اقبال وغيره، تنھن ڪري ڊاڪٽر گربخشاڻي تي سندس شاگرد خليل يا ٻين تنقيد ڪئي تھ ڪا عجب جي ڳالھھ نھ آھي. اھڙين تنقيدن مان معلومات وڌي ٿي ۽ تنقيد ڪرڻ جي واٽ ھٿ اچي ٿي. ارسطو بھ پنھنجي استاد افلاطون تي تنقيدون ڪيون آھن.

خليل جي ڊاڪٽر گربخشاڻي تي تنقيد:

حقيقت ۾ ڊاڪٽر شام کي جيڪڏھن اھا خبر ھجي ھا تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي اسلامي تصوف ۽ ويدانت تي ڪيترو ڄاڻي ٿو ۽ اسان ان بابت ڇا لکيو آھي ۽ سندس معلومات ان بابت ڪيتري آھي؟ تھ ڪڏھن تنقيد جو قلم ھٿ ۾ نھ کڻي ھا. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي اسلامي تصوف بابت معلومات بلڪل سطحي ھئي. جيڪڏھن حقيقت ۾ ڄاڻندو ھجي ھا تھ ويدانت ۽ اسلامي تصوف کي ھڪ ڪري ڪڏھن نھ ڏيکاري ھا. ڊاڪٽر شام کي وري اھو مغالطو ھو تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي اسلامي تصوف کي ڏاڍو ڄاڻي ٿو. ان مان صاف ظاھر آھي تھ خود ڊاڪٽر شام جي پنھنجي معلومات پوري نھ آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي بابت صحيح رايو مولانا سيد اسد الله شاھ چٽيءَ طرح ڏيئي ڇڏيو آھي.

ڊاڪٽر شام جو مون تي اعتراض[1] آھي تھ: ”تصوف جو بنياد قرآن شريف تي آھي.“ پوءِ بحث ڪري ٿو تھ تصوف جو بنياد اسلام تي ئي آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي انڪار ئي ڪونھ ٿو ڪري تھ تصوف اسلام جي پيدائش آھي. وڌيڪ چوي ٿو تھ تصوف جا سلا پڻ اسلام مان ڦٽي نڪتا آھن.

شام صاحب ائين ڪيئن سمجھي ورتو تھ مون ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ھن خيال تي اعتراض ڪيو آھي؟ ڇا ڊاڪٽر شام صاحب ھي خيال ڪري ٿو تھ جيڪا دعويٰ مون اسلام جي لاءِ ڪئي آھي، تنھن تي مون خود اعتراض ڪيو آھي؟ يعني ڊاڪٽر شام صاحب جيڪو قول ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نقل ڪيو آھي، تنھن تي ڄڻ مون خود پاڻ تي اعتراض ڪيو آھي. پروفيسر شام کي سمجھڻ کپندو ھو ۽ ائين سمجھڻ ۾ تھ ھو منھنجو اصل مفھوم سمجھي ويندو، حق بجانب ھوس، پر اھي اعتراض نقل ڪرڻ جي بدران گربخشاڻي جو اھڙو حوالو نقل ڪيو آھي، جيڪو حقيقت ۾ صحيح آھي ۽ مون ان تي اعتراض ئي نھ ڪيو آھي. ڇا ڊاڪٽر گربخشاڻي جيڪا صحيح ڳالھھ لکي آھي، تنھن جي تشريح ۽ تعمير بھ ڊاڪٽر گربخشاڻي صحيح ڪئي آھي؟ نھ ائين نھ آھي!

رھيو تصوف جي تاريخ بابت ڪي خيالات، جن کي شام صاحب نقل ڪيو آھي، جنھن تھ بي ڪو اعتراض نھ آھي. بلڪھ اعتراض اھو آھي تھ تصوف خالص مغز اسلام آھي ۽ اسلام کان اڳي تصوف جي اھا صورت موجود نھ ھئي، جيڪا ڪتاب وسنت ۾ موجود آھي ۽ بنان شڪ جي ڊاڪٽر گربخشاڻي کي ڪتاب وسنت جو علم نھ ھو. ھن تصوف کي آڳاٽن جھڙوڪ يونانين، فارسي يا اردو ڪتابن مان پڙھيو ھو. موصوف جي تحريرن مان ثابت آھي تھ ھن توحيد الاھيھ جي تشريح نھ سمجھي آھي، جيڪا ڪتاب وسنت ۾ ملي ٿي. انھيءَ ڪري مان ھن کي تصوف کان بي بھره سمجھان ٿو ۽ تصوف مان ظاھر آھي تھ منھنجو مطلب حقيقي تصوف سان آھي ۽ اھو تصوف ھرگز نھ آھي، جيڪو اردو جي معمولي شاعرن ۽ ھندئن جي لکيل پڙھيل طبقي ۾ سمجھيو وڃي ٿو، جن ۾ ڊاڪٽر شام بھ شامل آھي.

انھيءَ مغالطي کي دور ڪرڻ جي لاءِ مون ٻھ لفظ بي بھره ۽ تنگ نظر لکيا آھن. بي بھره انھيءَ لاءِ تھ ھو واقعي حقيقي تصوف کان ناواقف ھو ۽ تنگ نظر انھيءَ لاءِ تھ ھن ويدانت جي ذريعي يا خود ويدانت کي ئي تصوف سمجھيو ھو.

ڊاڪٽر شام جي عبارت جو ھڪ ٽڪڙو آھي تھ: ”سچ پچ آڳاٽو تصوف اسلام ئي ھو.“[2] ھي ٽڪرو جنھن سلسلي ۾ لکيل آھي، سو ڊاڪٽر گربخشاڻي جي تصوف داني جي حمايت ڪري ٿو. مان ۽ ڊاڪٽر شام صاحب، ڊاڪٽر گربخشاڻي کي تصوف جي تاريخ ڄاڻڻ ۾ متفق آھيون، پر مان ھن کي اسلامي تصوف جو ماھر نٿو سمجھان ۽ ڊاڪٽر شام ھن کي تصوف جي ماھيت جو واقف سمجھي ٿو. ڊاڪٽر شام جي فيصلي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۾ ساڳي بوءِ آھي. ڊاڪٽر شام جو فرض ھو تھ تصوف جا مباديات ۽ مسلمات پيش ڪري، ڊاڪٽر گربخشاڻي جي تصنيف مان ثابت ڪري ھا. اھا ئي ڳالھھ ڊاڪٽر گربخشاڻي کي تصوف ڄاڻندڙ ثابت ڪري ھا. ڇا شام صاحب جو خيال آھي تھ ”حضرت جنيد بغدادي“، ”امام غزالي“، ”ابو سعيد“، ”ابو الخير“، ”بايزيد بسطامي“، ”منصور حلاج“ ۽ ٻين صوفين جا نالا وٺڻ سان تصوف معلوم ٿي وڃي ٿو؟

مان گھران ھا تھ تصوف جا مباديات ۽ مسلمات جيڪي استادن کان حاصل ڪيا ھيم ۽ پنھنجي مطالعي جي تجربي سان سکيا ھيم، تفصيل سان پيش ڪري سگھان ھا، پر ھڪ ضخيم ڪتاب ٿي پوي ھا. ٻيو تھ موضوع کان ٻاھر بھ ٿئي ھا، تنھن ڪري جيڪي اھي پڙھڻ ۽ سکڻ گھرن ٿا، سي ھيٺيان ڪتاب مطالع ڪن: تحفة مرسله، لوائح جامي، فصوص الحڪم، تجديد تصوف وسلوڪ، ڪشف المحجوب ۽ وحد الوجود يعني ڪلمة الحق. ھي پويون ڪتاب ھڪ ٺيٺ سنڌي عالم مولانا عبدالرحمن عربي ۾ لکيو ھو، جنھن جو اردو ۾ ترجمو ٿيل آھي. ھي پوءِ لکنؤ ۾ گذاري ويو.

ڊاڪٽر شام اعتراض ڪرڻ جا عجيب وغريب طريقا اختيار ڪري ٿو ۽ ثابت ڪرڻ ٿو گھري تھ مان تصوف نٿو ڄاڻان ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي اعليٰ درجي جو ماھر ھو، تنھن ڪري ڪجھھ عبارت منھنجي ڏئي ٿو ۽ ڪجھھ ڊاڪٽر صاحب جي ۽ معاملي کي ائين منجھائڻ گھري ٿو. لکي ٿو: ”خليل صاحب لکي ٿو تھ جيڪي سچا صوفي آھن، تن جو ڪو ڌار مذھب ڪونھي. انھن جو مذھب اسلام، قرآن ۽ سنت سان سچائي آھي. ڏسجي ٿو تھ ڊاڪٽر خليل ”مقدمھ لخيفي“ ۽ ”لنواري جا لال“ جو ڳوڙھو مطالعو نھ ڪيو آھي. سندس مٿئين راءِ وارا ساڳيا لفظ گربخشاڻي بھ لکي ٿو ھو چوي ٿو: ھو (صوفي فقير) نھ ھندو آھن نھ مسلمان. عاشقان را ملت ومذھب خدا است.“[3]

فرض ڪريو تھ نقل ڪيل مٿئين عبارت ۾ مان ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي ٻئي متفق آھيون تھ ڊاڪٽر شام صاحب ان ۾ اعتراض ڪھڙو سمجھيو آھي؟ سمجھو کڻي تھ مون مقدمھ لطيفي ۽ لنواريءَ جي لال جو ڳوڙھو مطالعو نھ ڪيو آھي، پر ڊاڪٽر شام کان فقط ايترو گھرون ٿا تھ اھو انھن ٻنھي ڪتابن مان اھڙا حوالا نقل ڪري، جيڪي تصوف جي بنيادي اصولن تي مبني ھجن ۽ ھي بھ لکي تھ اھي قرآن جي ڪھڙي آيت جا، ڪھڙي حديث مقدس مان ماخوذ آھن ۽ ان تي بھ روشني وجھي تھ ھي مسئلا ڊاڪٽر گربخشاڻي انھيءَ طرح سمجھندو ھو، جيئن قرآن ۽ حديث ۾ آھن. تڏھن سمجھبو تھ اسين تصوف گھٽ ڄاڻون ٿا ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر شام اسان جي ڀيٽ ۾ اعليٰ مقام رکن ٿا.

ڊاڪٽر شام جي منطق تھ اسين مقدمھ لطيفي ۽ لنواري جا لال نھ پڙھيا آھن، تنھن ڪري تصوف کان اڻ واقف آھيون، عجيب آھي. ان مان اھو ثابت ٿو ٿئي تھ جن اھي ٻئي ڪتاب پڙھي ورتا، تن کي ئي تصوف جو علم اچي ويو ۽ جنھن حالت ۾ ڊاڪٽر شام صاحب اھي ڪتاب پڙھي ورتا آھن، تنھن ڪري تصوف جو ماھر ٿي ويو آھي. اسان ڏٺو آھي تھ ڪيترن اھي ڪتاب پڙھيا آھن، پر تصوف جي ابجد کان بھ واقف نھ آھن، تنھن ڪري حيران آھيون تھ اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگھيو جو شام صاحب تصوف جو ماھر ٿي ويو ۽ ٻيا ڪتاب پڙھي بھ سمجھي ڪين سگھيا!

مون بھ تنقيد ۽ ادب جي صفحي ١٩٢ تي مولانا روم جو ھي شعر نقل ڪيو آھي:

مـلـت عـشـق از ھمـھ ملت جدا ست

عاشقان را مذھب و ملت خدا ست

ڊاڪٽر گربخشاڻي بھ اھو شعر لکيو آھي، جنھن تي منھنجي اعتراض ۾ ڊاڪٽر شام صاحب بھ مون تي اعتراض ڪري لکيو آھي تھ: ”خليل صاحب پاڻ ئي بحث ڇڏايو ڇڏي. پاڻ بھ روميءَ جو ساڳيو بيت لکي ٿو ۽ اعتراض نھ رھيو آھي.“[4]

ھڪ پروفيسر ۾ اميد ھئي تھ عام ماڻھن کان وڌيڪ ھن مسئلي کي سمجھندو، پر اسان کي ڏاڍي مايوسي ٿي آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي تي اعتراض ڪندي ھڪ بحث جي سلسلي ۾ مٿيون شعر نقل ڪيو ويو ھو. ھن مسئلي تي غور ڪرڻ کپندو ھو تھ ھڪ شخص ھوش وحواس سان ھڪ ڳالھھ تي اعتراض ڪري ٿو ۽ پوءِ خود ئي اھڙي ڳالھھ ڪري ٿو، جيڪا قابل اعتراض آھي. نيٺ ان جو ڪو علمي سبب بھ ٿي سگھي ٿو؟ تعجب جي ڳالھھ آھي تھ منھنجي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نيت کي سمجھيو نھ ويو آھي. ھتي نيت جو مسئلو پيش ڪرڻ گھران ٿو. اميد تھ نھ آھي، پر جيڪڏھن ڊاڪٽر شام صاحب ڪوشش ڪندو تھ ممڪن آھي تھ ان مسئلي کي سمجھي وٺي.

قرآن شريف ۾ مسلسل ذڪر آھي تھ جڏھن ابليس آدم کي سجدو نھ ڪيو تھ الله تعاليٰ ھن کي قيامت تائين لعنتي بنائي ڇڏيو. جڏھن ابليس کي پنھنجي سزا جي خبر پئي تھ معذرت جي طريقي تي چيو، جنھن جو ترجمو آھي:

”اي رب! تو مون کي گمراھ ڪري ڇڏيو.“

ساڳي طرح قرآن شريف ۾ ھي بھ ذڪر ملي ٿو تھ جڏھن حضرت آدم منع ڪيل وڻ جو ميوو کاڌو تھ جنت مان نڪري وڃڻ جو حڪم مليو. جڏھن حضرت آدم ۽ ھوا کي ھن سزا جي خبر پئي تھ حضرت آدم الله جـي حضور ۾ عرض ڪيو، جنھن جو ترجمو آھي:

”اي اسان جا رب! اسان ٻنھي پنھنجن نفسن تي ظلم ڪيو آھي.“

ابليس ۽ آدم جي بيان ۾ نيت جو فرق آھي. ابليس جي نيت الله تعاليٰ تي اعتراض ڪري، ثابت ڪرڻو ھو تھ آدم کي سجدو نھ ڪرڻ جو گناھ مون کان سرزد نھ ٿيو آھي، بلڪھ يا الله تو خود مون کي گمراھ ڪيو آھي. پر حضرت آدم پنھنجي گناھ ڪرڻ جي ڪمزوريءَ کي پنھنجو گناھ مڃيو آھي.

انھن ٻنھي بيانن تي غور ڪرڻ سان ابليس ۽ آدم جون نيتون معلوم ٿي وڃن ٿيون. اھو ئي فرق منھنجي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي بيتن ۾ آھي. ڊاڪٽر شام صاحب ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا لفظ ائين نقل ڪري ٿو:

”ھو (صوفي فقير) نھ ھندو آھن نھ مسلمان، عاشقان را مذھب وملت خدا ست.“ [5]

ڊاڪٽر صاحب کي خبر نھ آھي تھ جڏھن صوفي مسلمان نھ رھيو تھ ھو اسلام کان خارج ٿي ويو تھ مؤمن ھجڻ کان بھ خارج. جڏھن مؤمن ايمان کان خارج ٿي وڃي ٿو تھ الله ۽ رسول ۽ فرشتن ۽ قيامت وغيرھ جي سڀني عقيدن جو منڪر ٿي وڃي ٿو. جڏھن صوفي انھن سڀني عقيدن جو منڪر ٿي ويو تھ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي تھ ھن جي ملت ۽ ھن جو مذھب خدا آھي ۽ ھاڻي جڏھن ھو خدا کي تسليم بھ ڪري ٿو تھ ھو اسلام کان خارج ٿي ڪري ٿو، تنھن ڪري ھيءَ ڳالھھ ممڪن ئي نٿي رھي تھ ”عاشقان را مذھب وملت خدا ست.“

ھي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نيت جو تجزيو آھي ۽ منھنجي نيت جي حقيقت ٻڌو. ھڪ صوفي يا سالڪ جڏھن خدا جي طرف قربِ نوافل ۽ قربِ فرائض جو منڪر نٿو ٿئ، بلڪھ اوامر ونواھي قرآنيھ جي پابندي سان ئي الله جي محبت ۾ ترقي ڪري ٿو ۽ يقينا ھن جو مذھب ۽ ملت خدا جي ذات ئي رھجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ تھ ھو مجاز ۽ حقيقت جي جلوه گيري محسوس ڪري ٿو تھ ھن جي نظرن تان مجاز جا پرده کڄي وڃن ٿا. جيڪي عرض ڪيو اٿم، سا ئي منھنجي نيت آھي ۽ اھو ئي منھنجو عقيدو آھي ۽ انھيءَ بنياد تي ئي مون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي اعتراض ڪيو آھي.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي نيت ۽ انداز ٻئي شڪي آھن. ھن کي اسلام جي ھن عقيدي جي خبر نھ آھي تھ صوفي يا عاشق جڏھن اسلام کان انڪار ڪري ٿو تھ ھو الله جي انھيءَ فيضان کان محروم ٿي وڃي ٿو، جنھن جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو رڳو اسلام آھي.

ھارون الرشيد ھڪ خواب ڏٺو تھ ھن جا سڀئي ڏند ڪري پيا آھن، جنھن جو تعبير عالمن کان پڇيائين. ھڪڙي ٻڌايس تھ ھڪ ھڪ ڪري تنھنجا سڀئي مائٽ مري ويندا. باقي اڪيلو تون بچندي. بادشاھ ٻڌڻ سان باھ ٿي ويو ۽ ھن کي جيل اماڻيائين. ٻي عالم ادب سان ٻدايس تھ بادشاھ سلامت جي ڊگھي عمر ٿيندي. بادشاھ خوش ٿيو ۽ ھن کي انعام ڏنائين.

انداز بيان کان مفھوم ڪيترو نھ بدلجي ٿو وڃي. ڊاڪٽر گربخشاڻي پنھنجي بيان ۾ جابجا اسلام جي نفي ڪندو اچي ۽ اتي بھ نفي ڪئي آھي ۽ عشق صوفيتر کي ثابت ڪيو آھي ۽ غلط ھليو ويو آھي.

ھاڻي جيڪڏھن ويدانت جي فلسفي کي بھ تفصيل سان بيان ڪيو وڃي تھ ان ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي پورو نظر نھ ايندو. ڇاڪاڻ تھ گيتا جي ھندو وڌوانن جيڪا ٽيڪا لکي آھي، تنھن ۾ گيتا جي فلسفھ ويدانت کي جنھن طريقي سان بيان ڪيو ويو آھي، سو مستند آھي. پر اسلام جي بلڪل خلاف آھي، حالانڪھ ڪيترا گيتا جا اشلوڪ ڪتاب ۽ سنت جي مطابق لڳن ٿا، پر مسلمان عالمن فيصلو ڏنو آھي تھ انھن جو تعبير ۽ تفسير قطعا اسلام جي خلاف آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي اسلامي تصوف کان ناواقف ھو ۽ سطحي علم رکندو ھو، تنھن ڪري جوش ۾ لکي ويو تھ صوفي نھ ھندو ٿئي ٿو نھ مسلمان. ھيءَ ڳالھھ قرآن جي روشنيءَ ۾ غلط آھي.

قرآن حڪيم اھڙو آسماني ڪتاب آھي، جنھن ۾ دين جي تڪميل ٿي آھي ۽ دين نالو آھي اسلامي عقيدن ۽ عملن جو، جنھن تي مسلم معاشري جو بنياد آھي. دين جي عقيدن مطابق عمل ڪرڻ دين جي فرضن مان آھي. الاھيات ھجي يا تصوف، مبادات ھجن ياعمل، سڀني جو بنياد ڪتاب ۽ سنت جي عقيدن تي منحصر آھي ۽ ڪتاب وسنت ۾ ايمان سان صالح عملن جي پابندي ھر مقام تي لازم آھي. ھن بيان جي روشنيءَ ۾ جڏھن اسين ڊاڪٽر گربخشانيءَ جو مطالعو ڪريون ٿا تھ ان ۾ ڪو وزن نظر نٿو اچي، بلڪھ ان جي برخلاف جڏھن ھو شاھ صاحب جي پردي ۾ ويدانت جو پرچار اکيون پوري ڪري ٿو تھ ھو واقعي ۾ تنگ نظر ثابت ٿو ٿئي.

سيد اسد الله شاھ جو رايو مٿي ڏنو ويو آھي ۽ خانبھادر محمد صديق لکي ٿو تھ: ”تصوف جي سمجھائڻ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي وڃي ھندڪي ويدانت ۾ پيو ۽ جوئين جي جھڳڙي ۾ جڪڙجي ويو.“

ڊاڪٽر گربخشاڻي مقدمھ لطيفي جي صفحي٨٤ تي شنڪر آچاريھ جو ذڪر ڪندي، ھن جي ڀڳود گيتا جي لاثاني ٽيڪائن جو ذڪر ڪيو آھي ۽ اسلامي عقيدن ۽ اسلامي تصوف کي بنا سمجھڻ جي ويدانت ۽ تصوف کي ھڪ سمجھڻ ۽ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. لکي ٿو تھ: ”تصوف جي الاھيات بھ ويدانت جھڙي.“

ائين ڇو ٿيو آھي؟ سو مٿي ڏنو ويو آھي. ڊاڪٽر شام ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪڍ آھي، تنھن جي ڪري ٻين جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي صحيح سمجھندي، انھن کي غلط ٿو سڏي، جا سندس وڏي ڀل آھي. اسان تي ھڪ ھنڌ طنز ڪندي، ڪنز اللطيف جي صفحھ ٣٦ تي لکي ٿو تھ: ”شايد موصوف ويدانت جو اڀياس نھ ڪيو آھي، تڏھن کيس ويدانت ۾ ڪروڙين ”ديوتائون“ نظر اچن ٿا.“ شايد ٻڌو اٿس تھ اسلام ۽ ويدانت ۾ توحيد آھي، پر کيس ٻنھي جو فرق معلوم نھ آھي. اختصار کان ڪم وٺندي ڏيکارجي ٿو تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر شام صاحب اسلامي تصوف ۽ ويدانت بابت ڇا ٿا ڄاڻن؟

شنڪر آچاريھ جو چوڻ آھي تھ انساني انا (خودي) رڳو تخيل جو فريب آھي ۽ ھن ڳٽ کي ڳلي مان ڪڍي ڦٽو ڪرڻ کي نجات يا ڇوٽڪارو چئبو آھي انساني انا جون موجوده ڪيفيتون ۽ لوازمات ھن جي گذريل عمل جا نتيجا آھن ۽ جيسين ھي قانون عمل پنھنجو ڪم ڪندو رھندو تھ اھي ئي نتيجا پيدا ٿيندا رھندا. جڏھن انا جو تعين عمل سان آھي تھ انا جي ڄار مان نڪرڻ جو طريقو ھڪڙو ئي آھي، جيڪو آھي ترڪ عمل. شنڪر آچاريھ انا جي نفي کي نجات جي لاءِ ۽ انا جي نفي جي لاءِ ترڪ عمل کي ضروري سمجھي ٿو، تنھن ڪري ھو ترڪ عمل ۽ نفي ۽ خودي کي وحدت الوجود جا جزا سمجھي ٿو. پر حقيقت ۾ اسلامي وحدت الوجود جو ۽ ترڪ عمل ۽ نفعي خودي جو وحدت الوجود سان ڪو واسطو نھ آھي. اھو ئي سبب آھي جو لفظ وحدت الوجود ٻنھيءَ ۾ ھجڻ جي ڪري مغالطو پيدا ٿي پيو آھي. انھيءَ ڳالھھ کي ڊاڪٽر گربخشاڻي سمجھڻ جي ڪوشش نھ ڪئي آھي.


[1]   ڪنز اللطيف مؤلف شام ص١٣

[2]   ڪنز اللطيف مؤلف شام ص١٤

[3]   ڪنز اللطيف ص١٤-١٥

[4]   ڪنز اللطيف ص١٤، ١٥

[5]   ڊاڪٽر گربخشاڻي بحوالھ ڪنز اللطيف ص١٥

[6]   سنڌي ادبي رسالي ۾ مضمون ڊاڪٽر گربخشاڻي مؤلف محمد صديق ميمڻ ص١٠ جون ١٩٥١ع

[7]   مقدمھ لطيفي مؤلف گربخشاڻي ص٩٧

[8]   نقد اقبال مؤلف محمد علي ميڪش پھريون ڇاپو ص٤٢

[9]   ساڳيو

[10]   نقد اقبال پھريون ڇاپو مؤلف محمد علي ميڪش ص٤٣

[11]   نقد اقبال مؤلف ميڪش ص٤٥

[12]   ساڳيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org