خط ھٿ اچڻ کان اڳي ڊاڪٽر دائود پوٽي تي ناجائز
تنقيدن جا جواب تفصيل سان ڏنل آھن، جن کي قياس ۽
منطق سان واسطو آھي پر اسين حيران آھيون تھ اھي
ڪيترو نھ سچ نڪري پيا. ڪنز اللطيف تي تنقيد ۾
ڪيترن تنقيدن ڪرڻ جا مختلف طريقا، تنقيدن جي
شاگردن لاءِ ڪارائتا ٿيندا، باوجود اختصار جي
تنقيد وڌي ويئي آھي. پر ان کان گھٽ ڪرڻ ۾ مونجھارو
پيدا ٿي پوي ھا ۽ سمجھڻ ۾ روڪ پيدا ڪري ھا.
تنقيد حقيقت ۾ ھڪ مشڪل فن آھي جنھن جا اصول رياضي
وانگر نھ آھن، جتي ان جي مقدمن مان ھميشھ ھڪ ٻئي
جو نتيجو نڪري ٿو ۽ صحيح نڪري ٿو. پر تنقيد جا
اصول ڪجھھ اھڙا آھن جو انھن جي تمھيد مان مخالف ۽
موافق ٻنھي قسمن جا نتيجا نڪري سگھن ٿا. پر ھي ڪو
خاص عيب نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ اسين ڏسون ٿا تھ ڪورٽن ۾
قانون جو بھ اھو ئي حال آھي. قانون ھڪڙو آھي، جنھن
کان مدعي بھ مدد وٺندو آھي تھ مدعا عليه بھ، پر ان
مان قانون جي عظمت ۾ ڪو فرق نٿو اچي. تنقيد ۾ ڪلام
حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پھرين علوم ادبيھ تي عبور
ھئڻ لازمي آھي. ان کان پوءِ ناقد کي علم جي وسعت ۽
تجربي جي ضرورت آھي ۽ سڀ کان وڏو فني تقاضو ھيءُ
آھي تھ ناقد کي ڪنھن جو جانبدار نھ ھئڻ گھرجي.
جيڪڏھن اعليٰ درجي جي قوت تخيل سان گڏ ناقد انھن
شرطن کي پورو ڪري ٿو، جيڪي مون مٿي بيان ڪيا آھن
تھ ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ ھو اعليٰ درجي جي ناقدن ۾
شمار ٿي سگھي ٿو.
ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ٻن خطن مان ڪجھھ سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيل اقتباس، جيڪي ھن ڊاڪٽر گربخشاڻي کي لکيا
ھئا، سي ڏجن ٿا. انھن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي ڏيڻ
مناسب نھ سمجھيو ويو.
اسماعيل ڪاليج گيشوري ٤ فيبروري ١٩٣٢ع
منھنجا پيارا پروفيسر!
اوھان جي مھرباني سان ڀريل خط جو ۽ منھنجي ڪتاب
المبتدي کي ترقي ڏيڻ لاءِ اوھان جي ڪوششن جو دل
سان شڪريو بجا آڻيان ٿو. ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽي جي ايندڙ
ميٽنگ ۾ سيڪريٽري کي ان سان شامل منھنجي خط کي
پڙھڻ لاءِ چوندا ۽ ان جي مطابق پنھنجي سفارش ڪندا.
مان شاعريءَ جو انتخاب بھ تيار پيو ڪريان ۽ ارادو
پيو ڪريان تھ اوھان جي نالي تي ارپڻ ڪريان. اميد
اٿم تھ جون تائين ان جو مسودو اوھان کي موڪلي
سگھندس.
پوئين سينيٽ جي ميٽنگ جي موقعي تي ڪاڪي ليلا رام
کي گڏيس. سڌو موٽر ۾ اي-ڪي ٽرويڊي وٽ لنگھي
وياسين. معلوم نھ آھي تھ ھن ڀيري سينيٽ جي اليڪشن
۾ اھو ڦندي ڪيتري مدد ڪندو؟ ھن جا جواب اھڙا ئي
نٽاڻو ھئا جھڙا اڳي.
-----
سينٿ ائنٿي رستو باندرا، ١ جون ١٩٣٢ع
منھنجا پيارا پروفيسر!
٢٨ مئي جو خط ملڻ سان ڏاڍو خوش ٿيس.
TARKHI
لفظ جي معنيٰ پڇڻ جو شڪريو.
توھان جي ٽي لوڪ جي سمجھائي قريب قريب ساڳي آھي،
جھڙو منھنجو ڌڪو جنھن جو ميورام جي سنڌي ڊڪشنري
تائيد ڪري ٿي.
سنڌي شاعريءَ جو انتخاب تيار آھي پر مسودي جي صورت
۾ ان کي اوھان ڏي موڪلڻ نٿو گھران، ڇاڪاڻ تھ متان
واٽ تي وڃائجي نھ وڃي. جيڪڏھن ٻئي سال مئٽرڪ لاءِ
مقرر ڪيو ويندو تھ منھنجي لاءِ اوھان جي پيار خاطر
۽ اوھان جي عظيم ادبي ڪم جي قدر شناس لاءِ، اوھان
جي نالي تي آرپن ڪندس. افسوس آھي تھ سنڌ قدر شناسي
نھ ڪئي آھي.
شاھ جي رسالي مان آکاڻين کي گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وڃو ۽
انھن کي دير ٿيڻ کان اڳي بورڊ آف اسٽڊيز کي پيش
ڪرڻ لاءِ تيار رکو.
-----
سنھ ١٩٣١ع جي شڪايت وارن خطن کان پوءِ جي پروفيسر
بروي عام راءِ ۾ ڏنا ھئا، اھي خط ڏيکارين ٿا تھ
ڊاڪٽر دائود پوٽي جي چوڻ مطابق ٻنھي ڊاڪٽرن ۾ ڪو
رخنو نھ پيو ھو، بلڪھ ھڪ ٻئي سان رھائيندا اچن،
ليلا رام اھو ساڳيو شخص آھي، جنھن ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي شاھ جي رسالي جي پھرين جلد جي
برخلاف لکيو ھو، جنھن جي لاءِ بدوي صاحب لکيو تھ
ان لکيو ھو تھ: ”ان ۾ نوجوان مسلمان دائود پوٽي جو
ڀاڳ آھي.“[1]
اي – ڪي ٽريويڊي ڪاليج جي جاميٽري جو پروفيسر،
جيڪو ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خلاف پروفيسر لاگو سان
گڏ منصوبي ۾ داخل نھ ٿيو ھو، جن جي چوڻ تي ڊاڪٽر
صاحب حسابن جو ڪورس کنيو ھو.
ھاڻي ڊاڪٽر گربخشاڻي جا ڊاڪٽر دائود پوٽي کي خط،
جن جي فوٽ اسٽئٽ ڪاپين جي ضرورت مناسب نھ سمجھي
ويئي، اختصار سان ڏنا وڃن ٿا، سنڌي ۾ ترجمو آھن.
منھنجا پيارا عمر الدين!
فتح محمد ۽ غلام دستگير پانڌاڻي جي مقابلي لياقت
بابت رايو گھربل آھي. جنھن حالت ۾ بورڊ آف اسٽڊيز
ايندڙ سال ۾ ٻيھر ٺاھي ويندي. مون پاڻ کي
ميونسپالٽي جي طرفان سينيٽ جي لاءِ پيش ڪرڻ ٿي
گھريو.
توکي ھن پرڳڻي جي ادب جي لاءِ ڏاڍي اتساه سان
درخواست ٿو ڪريان تھ خيال رکو تھ صحيح ماڻھو
سنڌيءَ ۾ بي-اي ۽ مئٽرڪ لاءِ ممتحن مقرر ڪيا وڃن.
تنھن جي وڏي مھرباني جو صلاح ڏني اٿئي تھ مان
پنھنجي درخواست ڏيان، پر مان پاڻ کي شرمندو ڪرڻ
نٿو گھران.
تنھنجي گرامر بابت ٻڌايان تھ مون کي ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽر سنڌ جي آفيس مان ھڪ ڪاپي پھتي آھي. پھرين
ايڊيشن کان چٽو سڌارو آھي ۽ ڏسندس تھ اھو پاس
ٿيندو.
-----
خط مان سٺا تعلقات ظاھر آھن. ھڪ ٻئي کي مدد لاءِ
بھ لکن ٿا. پانڌياڻي سر ڪيڏاري لکڻ ۾ ڊاڪٽر
گربخشاڻي جي مدد ڪئي ھئي پر تنھن جي لاءِ ڊاڪٽر
دائود پوٽي جو رايو طلب ٿو ڪري. فتح محمد قريشي
پوءِ وڃي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو.
٢٦ جمشيد ڪوارٽر ڪراچي ١٠ جنوري ١٩٣٥ع
مون کي تو وانگر سنسار سماچار جي ايڊيٽر وٽان ھڪ
خط پھتو آھي. ڀايان ٿو تھ ناتال کان اڳي، جنھن ۾
لکيو اٿس تھ سنڌي لفظن جي ھجي[2]
۾ ارھ زورائي جا ڪئي ڦيرڦار آندا اٿس ۽ منھنجو
رايو گھريو اٿس. مون پنھنجو رايو ڪونھ ڏنو آھي،
جيتوڻيڪ ان ڏينھن کان وٺي پنھنجو پرچو موڪليندو
رھيو آھي. حقيقت ۾ ان کي ردي جي ٽوڪريءَ ۾
اڇلائيندو رھيو آھيان. اھڙي احمق لاءِ خاموش رھڻ
بھتر آھي.
ڪوڙ لکيو اٿس تھ مون ھن جي رواج کي پسند ڪيو آھي.
ڪوڙو بدنام آھي. ڪيترن باناموسي جي ليکن ۾ پاڻ کي
ڦاسايو اٿس.
گرھوڙي جي بيتن بابت ضروري تھ اصلوڪا اچار برقرار
رکين.
ھن خط مان ظاھر آھي تھ سنڌي ھجي سان ھندوئن ھٿ
چراند شروع ڪري ڇڏي ھئي، جنھن ۾ گربخشاڻي جو ھٿ
ڪونھ ھو. ٻيو ادبي ڳالھين ۾ ھڪ ٻئي کان صلاح مصلحت
ڪندا ھئا، جنھن مان سندن سٺا تعلقات ظاھر آھن.
ھر ھڪ صلاح جا تو پراڻي اچار برقرار رکڻ لاءِ ڏني
آھي، مان ان سان اتفاق ڪريان ٿو. پراڪرت شڪليون
وڌيڪ صحيح آھن پر اسان کي رواج کي سونھو وٺڻو آھي.
انھيءَ موجب اسان کي گھرجي جه، ته، منھنجو وغيره
بابت موجوده رواج تي ھلڻ کپي. آءٌ بلڪل قبول ڪريان
ٿو تھ تنوين اصل آواز کي بھتر طرح ظاھر ڪنري،
بجاءِ ”اين“ پٺيان لڳائڻ جي، سڀني شڪي حالتن ۾ تون
اسان واري شاھ جي ڇاپي تي ھلندين.
ھن خط ۾ ادبي ڳالھين بابت صلاح مشورو آھي. ھڪ
ڳالھھ غور طلب آھي تھ شاھ ڀٽائي جي ڇاپي کي مون
واري چوڻ جي بدران اسان واري لکيو اٿس، جنھن مان
کيس احساس آھي تھ رسالي کي مرتب ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر دائود
پوٽي جو بھ حق آھي.
سڀني ڊڪشنرين کي ڏسي چڪو آھيان، پر مان مجاڪڻ مصدر
ڳولي نھ سگھيو آھيان. مرزا قليچ بيگ آساني سان
پنھنجي لغات قديمي مان لفظ ڇڏي ڏنو آھي. آءٌ
سمجھان ٿو مجاڪڻ ٺھيو آھي مجاڪ – مزاڪ – مزاح: خوش
طبعي، سرھو يا عربي فعلي اسم مان مضاحلة: مرڪندڙ.
توکي خبر آھي تھ ڪيترا مصدر سنڌيءَ ۾ اسمن يا فعلي
اسمن مان ٺھندا آھن. منھنجي دل ۾ اھو صاف آھي تھ
مٿيان ٻھ ڏنل لفظ مجاڪڻ جا اصل آھن.
ادبي ڳالھين بابت ھميشھ ھڪ ٻئي سان صلاح مصلحت
ڪندا ھئا، جيڪا چڱن تعلقات جي نشاني آھي.
ناممڪن آھي تھ تون حڪيم فتح محمد وٽ رھندي. آءٌ
موٽر کڻي توکي ڌڪي تي ملندس، جتان توکي ۽ ناريءَ
کي پنھنجي گھر وٺي ھلندس. حقيقت ۾ تنھنجي ڪري
ڪراچي ۾ ترسيو پيو ھوندس.
ڪراچي ۾ انھيءَ خيال سان ھوندس تھ توکي گڏجان ۽
تون گھٽ ۾ گھٽ ڪجھھ وقت ترسي پئج. اسان کي ڪيتريون
ڳالھيون ڪرڻيون آھن.
پوڙھو مڪريلو ڀيرومل اسان سڀني جي خلاف جبري مھم
ھلائيندو اچي، جيتوڻيڪ مون ھن جا ليک نھ پڙھيا
آھن. ھن بابت پاڻ ۾ ڳالھائينداسين.
ھن خط مان گھڻي معلومات حاصل ٿئي ٿي تھ ڊاڪٽر
گربخشاڻي ڊاڪٽر دائود پوٽي کي گھڻين ڳالھين لاءِ
پاڻ وٽ ٽڪائڻ گھري ٿو. ڪراچيءَ ۾ خاص انھيءَ لاءِ
ٽڪي پيو آھي. ڀيرومل جنھن کي ڊاڪٽر گربخشاڻي جو
طرفدار سمجھيو ويندو ھو، ٻنھي ڊاڪٽرن جي برخلاف
ھو، خصوصا ڊاڪٽر دائود پوٽي جي، جو عربي فارسي
لفظن جي فائدي ۾ ھو.
مون کي سچ پچ ڏاڍو افسوس آھي تھ ڀيرومل پنھنجي وير
پاڙڻ جي جنگ گھڻو پري وٺي ويو آھي. ھوئي آھي جو
اخبارن ۾ ليک پيو ليکي.
سنڌ آبزور (اخبار - خليل) تبديل ٿيڻ ۾ آھي. پونيا
(جيڪو پوءِ ايڊيٽر ٿيو - خليل) خريد ڪئي آھي جا
پھرين مارچ تي ھٿ ڪندو.
مون تاراپور موجوده ايڊيٽر کي ڏنو ۽ ڳالھيون
سمجھايم پر ھو منھنجو ھم خيال نھ آھي. پر ڪو فڪر
نھ ڪر، مختلف خيالن جي ماڻھن کي ملندو رھيو آھيان
۽ تنھنجي نظريھ جو بچاءُ ڪندو آيو آھيان. تنھن
ھوندي بھ ھميشھ تنھنجي خدمت لاءِ آھيان ۽ تون جيڪي
گھرندين، سو ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.
ھندئن عربي فارسي لفظن جي مخالفت سنڌي انگريزي
اخبارن تائين پئي ھلائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي ڊاڪٽر
دائود پوٽي جي احسان ۾ دٻيل ھجڻ جي ڪري ڊاڪٽر
دائود پوٽي جي ھر طرح مدد پئي ڪئي.
سڀني خطن جي جائزي مان خبر ٿي پوي تھ جيئن ڊاڪٽر
دائود پوٽي شڪايت ڪئي ھئي تھ پوءِ پنھنجي وعدي
مطابق گربخشاڻي سان رخنو پوڻ نھ ڏنائين ۽ ھڪ ٻئي
جي مدد ڪندا ۽ دوستي نڀائيندا آيا. پر ھندو عام
طرح دائود پوٽي جا دشمن ٿي پيا، ڇاڪاڻ تھ جڏھن سنڌ
مدرسھ جو پرنسپال ٿيو تھ عربي ۽ فارسي کي گھڻو
فروغ ڏنائين. جڏھن ممبئي يونيورسٽي جي سينيٽ جو
ميمبر ٿيو تھ عربي يونيورسٽي جي نساب تي آندائين،
جا ڳالھھ ھندئن کي نھ وڻي. ڇاڪاڻ تھ ھندئن سمجھي
ورتو تھ جيڪڏھن سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي تھ اڻ پڇو
پنھنجي سٺن ڪارنامن جي لاءِ ھن تعليم لاءِ بمبئي
يونيورسٽي ۾ ڪيا آھن، سنڌ جو ڊي پي آءِ ٿي ايندو.
ھندئن اڳواٽ اھڙو پرچار ڪيو تھ ھو سنڌ ۾ اچي ئي
نھ، پر ڪامياب نھ ٿيا. ھنن ۽ ڪن مسلمانن جا
منصوبا، جيڪي ھندئن سان شامل ھئا، خاڪ ۾ ملي ويا.
ڪي مسلمان اڃا گھرن ٿا تھ عربي ۽ فارسي لفظ، جيڪي
اڳي ئي سنڌي ۾ رائج ٿي ويا آھن، سنڌيءَ مان ڪڍيا
وڃن. لفظن ڪڍڻ بابت سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو
سن١٩٤٤ع ۾ ھندئن مسلمانن سان مناظرو ڪيو، جنھن ۾
ھندئن منجھان مھاشيھ ”ڪشنچند بيوس“ ۽ پروفيسر ”رام
پنجواڻي“ ھئا ۽ مسلمانن مان مرحوم ”محمد بخش“
صاحب، ”واصف“ ۽ راقم الحروف ھئا ۽ ھندو سٽ نھ جھلي
سگھيا. سڄي ڪارروائي رسالي اديب سنڌ جي اپريل ۽
مئي مھيني ١٩٤٤ع ۾ ڏنل آھي.
٥ جون ١٩٤٠ع جي الوحيد اخبار جي ھڪ ليک ”سنڌ جي
تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر“ مان ڪجھھ اقتباس پيش ٿو
ڪريان، جنھن مان سڄو معاملو سمجھھ ۾ اچي ويندو.
”شاھ صاحب ٿو چوي تھ جڏھن رب رسي تڏھن مت کسي، ھڻي
ڪونھ ھٿيار.“
”سنڌ جي ھندن جي عموما ۽ ھندو اخبار نويسن جي
خصوصا ھن وقت اھڙي اچي مت کٿي آھي، جو اھا خبر نٿي
پوين تھ دشمن کي ٿا چڪ پائين يا پاڻ کي؟ ايتري
تميز نھ رھي اٿن جو سمجھي سگھن تھ اھي جيڪي کڏو
کوٽيندا ٿا رھون، تن ۾ متان مسلمانن جي بدران
پنھنجو نھ ڳاٽو ڀڄي.“
”ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مقرري ڇا ٿي، ڄڻ ھندن جي
انھيءَ ٽولي جي دل ۾ ناسور پيدا ٿي پيو، جو ٽولو
پاڻ کي ھر حالت ۾ سنڌ جي ھر ھڪ مسلمان کان مٿي
سمجھندو ٿي آيو.“
”ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي وڏي ۾ وڏي خطا ھيءَ آھي جو
انھيءَ ٽولي کي فقط آئينو ڏيکاريائين ۽ نھايت
مھذبانھ نموني ۾ کين ڄاڻ ڪيائين تھ ادا! ھن آرسيءَ
۾ اول پنھنجي شڪل ڏسو، تنھن کان پوءِ ٻين کي ٻوٿ
ڪارو چئو. جيڪڏھن اوھان کي وزارث ۽ وزارت ۾ فرق
ڪرڻ نٿو اچي تھ جن کي اچي ٿو، انھن کان سکو.
جيڪڏھن اھا خبر نھ اٿؤ تھ ”عروج“ ۽ ”عروض“ ٻھ جدا
لفظ آھن تھ تڪڙ ڪري ڊاھ ڊوھ نھ ڪريو.“
”سنسار سماچار ٿي چوي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ کي نھ
مغز نھ دل.“
”جنھن ايڊيٽر صاحب کي پنھنجي مکيھ مضمون جي سرخي
لکڻ نٿي اچي..... سو ٿو چوي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي
کي علمي لياقت ڪانھي. يا للعجب!!“
”ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي ١٥ مھينن جي ايام ڪاري مان
چونڊي ٣ واقعا لکيا اٿس. پھريون لٽرسي ڪئمپين يعني
بي علمي کي دور ڪرڻ. ذھنيت ڏسو تھ مھاشو بي علمي
دور ڪرڻ بھ ھڪ ڏوھ ٿو سمجھي.“
”ٻيو ٿيون ائڊمنسٽريٽو آفيسرن جون مقرريون سو بھ
ٿيو ڏوھ ڊاڪٽر صاحب جو.“[3]
”ٽيون ڪم جو ڊاڪٽر صاحب کان ٿيو آھي، سو آھي سندس
آفيس سپرنٽينڊنٽ جي مقرري.“
ھونءَ تھ ھرھڪ مسلمان جي ڪنھن عھدي تي مقرري ”وڏي
دل وارن ھندن“ کي تير ونشتر ٿي لڳندي رھندي آھي،
پر ھن عارضي مقرري تھ کين ڏاڍو حواس باختھ ڪري
ڇڏيو آھي. اھڙين حالتن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽھ کي
درگذر ڪرڻو پيو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جا ڊاڪٽر دائود پوٽھ ڏانھن اھي خط،
جن ۾ شاھ جي رسالي جي لکيل ٽن جلدن بابت ڪجھھ نھ
ڪجھھ آھي:
فقط ڪم جي اقتباسات جو ترجمو ڏنل آھي. ناقدن جو
فرض آھي تھ جنھن تي تنقيد ٿي ڪجي، تنھن جي علمي
قابليت ۽ ذاتي ڪئريڪٽر ڏسجي تھ ڇا آھي؟ ڊاڪٽر
دائود پوٽھ جي انھن ڳالھين کي گھڻو ڪري نظر انداز
ڪيو ويو آھي. ھو سنڌ ۾ مئٽرڪ ۾، ايف اي ۾ ۽ بي اي
۾ فرسٽ ڪلاس پھريون نمبر آيو. بي اي جنھن جي ڪري
ڊڪشنا اسڪالرٽپ کٽيائين. ايم اي ۾ سڄي بمبئي
يونيورسٽي ۾ پھريون نمبر اچي چانسلر جو سونو ٻلو
کٽيائين. سڄي سنڌ ۾ پھريون سنڌي آھي، جنھن
پھريائين پي ايڇ ڊي پاس ڪئي. ھن جو استاد گربخشاڻي
بھ ھن کان پوءِ ڊاڪٽر ٿيو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي سڌورو ٻار پينگھي ۾ پڌورو مثال
پنھنجي قابل ۽ ھونھار شاگرد کي ڏسندي سمجھي ورتو
ھو. ھن کان واقف ٿي ويو ھو تھ ھيءُ شاگرد
ايماندار، محنتي، پاڪباز، سچار ۽ ڀروسي جھڙو آھي.
ٻيو ھجي ھا تھ جيڪي خط آءٌ اڄ ظاھر ڪري رھيو
آھيان، ڇاڪاڻ تھ ڪن نالائق ماڻھن منھنجي ھڪ دوست ۽
ھم ڪلاس کي جنھن جو ڪئريڪٽر مٿي ڏيکاري آيو آھيان،
پنھنجن ذاتي غرضن لاءِ ھن کي بدنام ڪيو آھي. ھو
پاڻ جڏھن جيئرو ھو شايع ڪري ھا تھ کيس ڪو ڏوراپو
نھ ڏئي ھا، پر پنھنجي استاد جي عزت رکي ورتائين ۽
غم کائي ويو. پر مرڻ کان پوءِ بھ ھن جي جند نٿا
ڇڏين.
انھيءَ ڳالھھ مون کي مجبور ڪيو آھي جو راز ظاھر ٿو
ڪريان، نـھ تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي منھنجو بھ استاد ھو
۽ وڏو مھربان ھو.
معذرت ڪندي عرض ڪندس تھ تنقيد ھڪ اھڙو نازڪ ڪم
آھي، جھڙي تلوار جي ڌار تي ھلڻ. ڇاڪاڻ تھ چند
متعارف ۽ معين قاعدن جي مطابق ڪنھن ادبي شھپاري تي
اھڙي طرح رايو ڏيڻ جيڪو عدل ۽ انصاف جي تقاضائن جي
مطابق ھجي، ھڪ ڏاڍو ڪٺن ڪم آھي.
تاريخ مان ڪنھن مسئلي جي شھادت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي
عقل ۽ شعور جي پيماني تي تورڻ ۽ ان مان صحيح ڪم
وٺڻ بھ نھايت مشڪل ڪم آھي. خاص ڪري اھڙيءَ حالت ۾
تھ ناقد يا جائزو وٺڻ وارو اڳي کان ئي ڪنھن کان
متاثر ھجي.
اسان جا سنڌي اھل قلم بھ سڄي دنيا جي اديبن ۽
مضمون نگارن وانگر پنھنجي شعور جي مطابق ٻن دبقن ۾
وراھيل آھن. انھن مان ھڪڙو طبقو قدامت پرست آھي ۽
ٻيو جدت پسند. اھا ڪا عيب جي ڳالھھ نھ آھي. اردو
ٻولي جي اھل قلم جو بھ اھو ئي حال آھي. پر واقعو
ھيءُ آھي تھ اھڙن ٻن طبقن جي وچ ۾ ڪنھن معاملي جو
فيصلو گھڻو مشڪل ٿئي ٿو. البتھ ھڪ ٽيون طبقو بھ
موجود آھي، جيڪو دليلن ۽ گواھين جي روشني ۾ ادب
پارن ۽ تنقيدن جو جائزو وٺي ٿو ۽ انھن تي پنھنجي
بي لاڳ راءِ ڏئي ٿو. ھو ڪنھن جي شخصي عظمت کان
مرعوب نٿو ٿئي ۽ نھ ڪنھن غير معروف شخصيت جي عدم
شھريت کان ھٻڪي ٿو. ھو ھيشھ پنھنجي غير جانبداري
قائم رکي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ۽ ناقدن ۾ بھ ھيءُ اختلاف
ملي ٿو ۽ اھا انھن جي شعور جي شھادت آھي، پر افسوس
جي قابل ڳالھھ ھيءَ آھي تھ اسان جا اديب ۽ انشا
پرداز اختلاف جي تحقيق ۾ اھا نڪتھ سنجي ۽ معاملھ
فھمي ڪم نٿا آڻين، جنھن جي بنياد تي ڪنھن ادبي
ڪارنامي جو مقبول ٿيڻ مشڪل ھجي.
پنھنجي ڪتاب جي موضوع جي مطابق ڊاڪٽر گربخشاڻي کي
انھيءِ لاءِ چونڊيو اٿم تھ سنڌي زبان جي ادبي
خوبين، موضوعات جي وسعت ۽ نظريات جي تحقيق، ادبي
شھپارن جي عيبن ۽ خوبين، مصنف يا مؤلف جي وسعت نظر
۽ بلندي فڪر ۽ قانون ادبيھ جي پابندي سان اظھار
خيال، اسلوب بيان جي دل پذيري، زبان تي قدرت، لفظن
جي صحيح استعمال ۾ انھن سڀني ڳالھين جي باوجود
انساني زندگيءَ جي ترجماني، مشاھدن ۽ تجربن جي
ذريعي زندگيءَ جو جائزو وٺڻ ۽ زندگيءَ تي تنقيد
ڪرڻ جو نمونو ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب کي ٺاھيان ۽ ھن
جي ادبي ڪارنامن مان سنڌي زبان جي انھن مسئلن تي
نظر وجھان، جنھن جي فھرست جو مٿي ذڪر ڪري چڪو
آھيان.
جنھن حالت ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھ جي رسالي جي ٽن
جلدن جي تڪميل ڪئي آھي، سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ گھڻي
اھميت جي حامل آھي. خصوصيت سان ھن رسالي جي ترتيب
۽ تروين ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽھ جو نالو بھ ملوث آھي ۽
ڊاڪٽر صاحب موصوف جي نسبت سان ھڪ بحث جو نھ ختم
ٿيڻ وارو سلسلو قائم ٿي ويو آھي. ھن بحث ۾ بھ اھي
ٻئي ڌريون شامل آھن، جن جو شروعات ۾ بيان ڪيو اٿم،
تنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي عظمت ۽ مفھوم جي ادا ڪرڻ
جي قدرت جو تفصيل ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ۽ ھن جي
موافق ۽ مخالف گروھن جي ادب کي گواھي سان پيش
ڪريان. ان ۾ جيترو مان شھادت کان ڪم وٺي سگھندس،
پنھنجي ذاتي قياس کي دخل نھ ڏيندس. ھيسين تائين
جيڪي لکيو اٿم، تنھن جو بنياد جيتوڻيڪ گواھين تي
آھي، پر ھاڻي جيڪي گواھيون پيش ڪندس، تن مان
اندازو لڳائي سگھبو تھ منھنجي ادبي ۽ تاريخي قياسن
منھنجي ڪيسي تائين مدد ڪئي آھي؟ ۽ ڊاڪٽر دائود
پوٽي جي متعصب مخالفن ڪيسين تائين قياس مع الفارق
کان ڪم ورتو آھي؟
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي خطن جا ضروري اقتباس ڏنل آھن،
ٻيا سڀ ڇڏيل آھن. اھي خط انگريزيءَ ۾ آھن، جن جو
سليس سنڌي ۾ ترجمو ڪيل آھي.
پھريون خط
اسٽريچن روڊ ڪراچي
منھنجا پيارا عمر دين!
تنھنجا خط پھتا پھريون ڪيمبرج مان
تنھنجي وڃڻ کان پوءِ آءٌ ڏاڍو بيوس ٿي پيو آھيان.[4]
باقي ٻن سرن تي نوٽ پاڻ لکيم ۽ ھاڻي ٻيو بھ جلد
ذري گھٽ تيار آھي. اٽڪل ٤٨٠ صفحن تائين آھي.
پنھنجي آداب ۽ پيار سان ختم ڪريان ٿو.
اعتبار ڪر تنھنجو مشتاقي
ايڇ ايم گربخشاڻي
ھن خط مان سندن محبت ۽ شفقت جو حال معلوم ٿئي ٿو ۽
ٻھ فقرا قابل غور آھن: ١- تنھنجي وڃڻ کان پوءِ آءٌ
ڏاڍو بيوس ٿي پيو آھيان. ٢- باقي ٻن سرن تي نوٽ
پاڻ لکيم.
ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي لندن وڃڻ بعد گربخشاڻي باقي
ٻن سرن جي نوٽ لکڻ ۾ بھ
(Handcar)
يا رنڊڪ محسوس ڪرڻ لڳو يا مجبور ۽ بيوس ٿي پيو. ان
مان ثابت آھي تھ دائود پوٽھ جي موجودگيءَ ۾ رنڊڪ
محسوس نھ ڪندو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھو سڀ ڪجھھ ھن کي تيار
ڪري ڏيندو ھو. اھو بھ ثابت آھي تھ سواءِ ٻن سرن جي
سڀ ڪجھھ دائود پوٽھ ڪري ڏنو ھو. ٻن رھيل سرن جا
جڏھن نوٽ لکڻا پيا تھ گربخشاڻي رنڊڪ يا مجبوري
محسوس ڪئي. ھئنڊيڪنپ لفظ ڳالھھ ظاھر ڪري ڇڏي تھ
دائود پوٽھ سڄو ڪم ڪندو ھو. ھتي ڪجھھ ڳالھيون ياد
ڪرڻ گھرجن تھ دائود پوٽھ رسالي جي مڪمل ڪم ڪرڻ جي
دعويٰ نھ ڪئي آھي. بلڪھ ھڪ وڏي حصي جي تڪميل جي
دعويٰ ڪئي آھي. گربخشاڻي صاحب ٽن جلدن جي منڍ ۾
جيڪي دائود پوٽھ لاءِ لکيو ھو، سو ھن خط جي تحرير
مان وڌيڪ صاف ٿي وڃي ٿو. محمد صديق ميمڻ صاحب جيڪي
لکي مٿي ڏيکاريو آھي، سو ڪيترو نھ صحيح ھو.[5]
شام صاحب جو لکيو ھو تھ: ”ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب
پنھنجي تحقيقي راءِ جو وڏو دخل رکيو آھي.“[6]
سو ھاڻي ڪٿي بيٺو آھي؟
ٻئي فقره جو انداز ڏيکاري ٿو تھ ٻھ سر لکڻ ۾ ھن کي
دقتون پيش آيون آھن ۽ بادڪ نخواستھ انھن تي ڪم ڪيو
آھي، جا شڪايت ھن خط ۾ دائود پوٽھ کي لکي:
ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ٻيو خط
اسٽريچن روڊ ڪراچي
ٽئين جلد جي تياري ۾ اڃا پنھنجو من نھ لڳايو اٿم.
تنھن کان سواءِ متحرڪ طاقت جيڪا تون پھچائيندو
ھئين، سا دستياب نھ آھي. حقيقت ۾ تنھنجو نھ ھجڻ
ڏاڍو گھڻو محسوس ڪريان ٿو. تون سمجھين تنھن کان
گھڻو مان توکي پنھنجي ٻار وانگر سمجھڻ لڳو ھوس ۽
قوي اميد رکڻ واري شفيق پدر وانگر تنھنجي واھر ۽
رھنمائي کان نھ رڳو رسالي جي ڪم ۾ پر پنھنجي متعلق
ٻين سڀني معاملن ۾ توقع رکندو ھوس.
اھا تنھنجي ڏاڍي مھرباني آھي جو رسالي جي ڪم لاءِ
ھتان بھ پيو آڇ ڪرين، پر اھا سراسر شرم جھڙي ڳالھھ
ٿيندي جو تنھنجي اڀياس جي وچ ۾ توتي بار وجھان.
تنھن ھوندس بھ گھرندس تھ تون ليلا، مومل، مارئي،
ڄام تماچي، سورٺ ۽ امامن (ڪيڏارو) جون آکاڻيون لکي
موڪل.
اھي آکاڻيون ”برٽن“ جي ”سنڌ ۽ ان جون قومون“ ۽
”ڪنڪيڊ“ جي ”آڳاٽي سنڌ جون آکاڻيون“ ۾ ڏنل آھن.
اھي برٽس ميوزيم مان ملي سگھنديون.
ھن خط مان گھڻا اھم نڪتا واضح ٿين ٿا. گربخشاڻي
پاڻ کي نھ بلڪھ دائود پوٽھ کي ڊائينامڪ فورس
Dynamic Force
جنھن جو مون ترجمو متحرڪ طاقت
ڪيو آھي، سمجھندو ھو. تنھن ڪري رسالي لاءِ ھن کان
مدد پئي ورتائين. ھن خط جا اھم نڪتھ جيڪڏھن پھرئين
خط سان ملائبا تھ دائود پوٽ جو ڪم گھڻو نظر ايندو.
اھي دائود پوٽھ کي اجازت ٿا ڏين تھ گربخشاڻيءَ جي
زندگيءَ ۾ توڙي موت کان پوءِ ڪليم فارم ڀريندو تھ
سچو ثابت ٿيندو.
ھن خط جي لکڻ جو انداز ئي ڏيکاري ٿو تھ گربخشاڻي
جي سڄي ڪم جو دارومدار دائود پوٽھ جي ئي محنت تي
ھو. شاھ ڀٽائي جي ڪردارن جون سموريون آکاڻيون بھ
دائود پوٽھ جون ئي لکيل آھن، جيڪي پوءِ روح رھاڻ ۾
لکيون ويون، انھيءَ لاءِ ھڪ خط ۾ ڊاڪٽر دائود
پوٽھ، ڊاڪٽر گربخشاڻي کي لکيو آھي تھ موڪلي ڏيندس
تھ ڪورس تي رکبيون.
ٽئين جلد تي گربخشاڻي جو من نھ لڳائي سگھيو، سو
متحرڪ طاقت جي غير موجودگي ھئي، تنھن ڪري ھو
ھئنڊيڪيپ محسوس ڪري رھيو ھو ۽ ٿيو بھ ائين جو اڳتي
مٿي ڏيکاريل ڳالھين جي موجودگي ۾ نھ پروفيسر
اجواڻي ڪجھھ ڏيکاري سگھيو سواءِ غلط بياني جي ۽ نھ
پروفيسر ڊاڪٽر شام ھمت ساري سگھندو.
”مائٽ مري وڃن پر مجيجي نھ مرن“ يا اجواڻي صاحب
اکين ڏٺا احوال پيش ڪيا آھن. اجواڻي جو چوڻ تھ
”مصالحو پاڻ گڏيو ھئائين، تربيت سندس ھئي، ڇا
رسالي ۾ وجھجي ڇا ڦٽو ڪجي؟ تنھن جو مصنف پاڻ ھو.“
عبدالله عباسي لکيو آھي تھ گربخشاڻي واري رسالي ۾
ٻھ ڀتيون ڪم علامھ دائود پوٽي جو آھي. آنجھاني
گربخشاڻي جو رڳو نالو آھي. ھن تي شام صاحب سند سند
ھجڻ جي اعتراض ڪيو آھي: ”انھيءَ تي اعتبار ڪرڻ
لاءِ ڪير تيار ٿيندو؟“ اھي سڀئي اعتراض ڊاڪٽر
گربخشاڻي جي خطن جي روشنيءَ ۾ رد ٿي وڃن ٿا.
عبدالله عباسيءَ جو ماخذ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي
مقدمھ لطيفي جي تمھيد آھي، جا ھن پڙھي آھي.
ھڪ ڳالھھ ٻئي خط ۾ وضاحت طلب آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي
لکيو آھي تھ ھو پنھنجي زندگيءَ جي باقي ڪمن ۾ بھ
پنھنجي پياري شاگرد تي اھڙو ئي ڀروسو ڪندو ھو،
جھڙو ھڪ مھربان پيءُ پنھنجي اولاد تي ڀروسو ڪندو
آھي.
ھندئن مھم شروع ڪري ڇڏي
ھئي تھ سنڌيءَ ۾ عربي فارسي جي لفظن جي ھجي
بدلائجي. مثلا مخصوص کي محسوس، اثر کي اسر،
حديث کي ھديس ۽ عمر کي امر وغيرھ لکجي ۽ اخبار
سنسار سماچار پنھنجن مضمونن ۾ ائين ڪندي ھئي.
گربخشاڻي لفظ
Handicapped
لکيو آھي. لغت ۾ معني آھي: رنڊڪ محسوس ڪرڻ.
سنڌي ادبي رسالو جون ١٩٥١ع ص٩
|