ادب جو موضوع:
ادب جو موضوع، انساني حياتيءَ جي ھر ھڪ ڀاڱي جو
پڌرو شرح ۽ فردن ۽ قومن جي آزمودن جو گڏ ٿيل نتيجو
آھي. ادب جي رستي اسان کي دنيا جو ٻاھريون سڄو سچو
ڏيک چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ادب جي معرفت اسين ڪي صديون
آڳاٽن گذريل ماڻھن سان ڳالھائي سگھون ٿا.
”افلاطون“، ”غزالي“، ”مھاتما ٻڌ“، اھي سڀئي پنھنجن
پنھنجن ارشادن سان اسان کي فائدو ڏين ٿا. ادب جي
رھنمائيءَ سان اسان ”بابل“ جون گھٽيون گھمي سگھون
ٿا، ”موھن جي دڙي“ جون عجائبات ڏسون ٿا ۽ ”بيت
المقدس“ جي زيارت جو شرف پرايون ٿا. ادب جو آبِ
حيات، ھزارھا ورھين جي مري ويل تھذيب ۽ تمدن کي
جيئرو ڪري ان کي اسان جي اکين اڳيان آڻيو بيھاري،
جو گويا اسان ۽ انھن جي وچ ۾ ڪو فاصلو ھو ئي ڪونھ.
نھ فقط ايترو، پر تخليقي ادب جي ڪاملن پنھنجا
ھٿراڌو ملڪ بنايا ۽ انھن کي پنھنجي دماغي طاقت سان
خوب آباد ڪيو. ”شيڪسپيئر“ جو ”ھئمليٽ“ ۽ ”اياگو“،
”مولوي نذر احمد“ جو ”ظاھر دار بيگ“، ”شرر“ جو
”شيخ علي وجودي“ ۽ ”ملڪ العزيز“ اھڙيون جيئريون
جاڳنديون ھستيون آھن جو گويا اسان جا دوست ۽ صحبتي
آھن. ادب اسان کي انھن سان روشناس ڪرائي، انھن جي
عادتن ۽ خصلتن کان اھڙيءَ طرح واقفيت ڏني آھي،
جھڙي اسان کي پنھنجي ڪنھن ويجھي عزيز يا دلي دوست
جي خبر ھجي.
ادب اسان کي بادشاھن جون درٻارون بنا روڪ ۽ اجازت
جي ڏيکاري ٿو. ھنن جي ڪارنامن، فتحن ۽ رفاه عام کي
ڏيکاريو تھ ھيءَ اھا ”سد سڪندري“ آھي، جيڪا سڪندر
اعظم يا ياجوج ماجوج کي روڪڻ لاءِ ٺھرائي ھئي. ادب
جي وسيلي اسين گذريل قابلن، فاضلن، حڪيمن،
فيلسوفن، سائنسدانن، شاعرن ۽ مصنفن سان روح
رھاڻيون ڪن ٿا. ھنن جا بينظير ڪارناما ڏسي، ھنن کي
آفرين ۽ تحسين جو انعام ڏيون ٿا، ھنن جي نيڪ صحبت
۾ رھي، فائدو پرايون ٿا، ھنن جي علم ۽ عقل مان لذت
وٺون ٿا ۽ پنھنجا اخلاق سڌاريون ٿا.
ان کان سواءِ جيڪو اديب اھڙي خدمت سرانجام ڪري ٿو،
اسين ان جا بھ رازدار ٿيون ٿا. انھيءَ رازداريءَ
جي ڪري اسان ۽ ھن جي وچ ۾ اھڙا دوستانھ تعلقات
قائم ٿين ٿا، جن جو احساس اسان کي ڏاڍو خوش ڪري ٿو
۽ اسين دنيا جا فڪر صفا وساري ڇڏيون ٿا. ھنن سان
کلون ۽ ڪڏون ٿا، غمگين ٿيون ٿا، بڇڙن کان نفرت ۽
چڱن سان محبت ڪريون ٿا، ڪڏھن عوام سان ملون ٿا،
ڪڏھن اميرن ۽ رئيسن سان صحبت ڪريون ٿا، بادشاھن جي
رازداريءَ جو شرف حاصل ڪريون ٿا، مطلب تھ حياتيءَ
جي ھر ھڪ شعبي جا واقف ٿيون ٿا ۽ اھي حقيقتون
سمجھون ٿا، جن کي فلسفي ۽ سائنسدان ھوند حاصل ڪري
ڪين سگھن.
ادب اسان ۾ اھڙي خوشي ۽ سرور جو ڪيف پيدا ڪري ٿو،
جو ڪڏھن بھ فنا نٿو ٿئي. ماڻھو ٻڍا ٿي وڃن ٿا،
دنيا جا انقلاب ۽ حادثا وڃائي ڇڏين ٿا، پر ادبي
خوشي ڪڏھن بھ نٿي وڃي. جن ماڻھن کي ادب جو چسڪو
لڳو آھي، اھي ئي ادب جو لطف ڄاڻن ٿا. انھيءَ ڪري
تھ گھڻن چيو آھي تھ ”اديب ۽ اديبات جو شوقين ھميشھ
جوان رھندو آھي.“
مطلب تھ ادب جو سڀ کان وڏو ۽ بھترين مقصد روحاني
خوشي آھي، جيڪا حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، پر ادب
اھا آساني سان ڏيئي سگھي ٿو. ھن جو ھيءَ مطلب نھ
آھي تھ رئاريندڙ ۽ غم ڏيندڙ ڳالھيون ادب جي موضوع
۾ داخل نھ آھن يا اھڙو موضوع جنھن ۾ ڪا ظاھري
دلچسپي نھ ھجي، سو بھ ادب ۾ داخل ڪونھي. نھ نھ!
ائين نھ آھي. بلڪھ ادب جي ڪاريگري ۽ بيان جو زور،
غم وارن حادثن ۽ غير دلچسپ واقعن ۾ بھ غير معمولي
دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي ٿو. موضوع جي ڪري ان جي پڙھڻ
مان اسان جي دل کي صدمو پھچي ٿو، پر انھيءَ روحاني
تڪليف ۾ بھ ھڪ روحاني خوشي ٿئي ٿي، ڇاڪان تھ ادبي
رنگ ۾ بھ خوشحالي سمايل رھي ٿي، جيئن تھ رنج وارو
موضوع اسان جي دل کي جھوري ٿو تھ اسين خوب روئي دل
کي ھلڪو ڪريون ٿا، جنھن ڪري طبيعت مان غم جو بار
لھي خودبخود شگفتھ ٿيو پوي ۽ اسين پنھنجي روزاني
ڪم ڪار ۾ دلچسپيءَ سان مشغول ٿيون ٿا.
ادب اسان ۾ اھڙي خوشي ۽ سرور جو ڪيف پيدا ڪري ٿو،
جو ڪڏھن بھ فنا نٿو ٿئي. ماڻھو ٻڍا ٿي وڃن ٿا،
دنيا جا انقلاب ۽ حادثا وڃائي ڇڏين ٿا، پر ادبي
خوشي ڪڏھن بھ نٿي وڃي. جن ماڻھن کي ادب جو چسڪو
لڳو آھي، اھي ئي ادب جو لطف ڄاڻن ٿا. انھيءَ ڪري
تھ گھڻن چيو آھي تھ ”اديب ۽ اديبات جو شوقين ھميشھ
جوان رھندو آھي.“
مطلب تھ ادب جو سڀ کان وڏو ۽ بھترين مقصد روحاني
خوشي آھي، جيڪا حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، پر ادب
اھا آساني سان ڏيئي سگھي ٿو. ھن جو ھيءَ مطلب نھ
آھي تھ رئاريندڙ ۽ غم ڏيندڙ ڳالھيون ادب جي موضوع
۾ داخل نھ آھن يا اھڙو موضوع جنھن ۾ ڪا ظاھري
دلچسپي نھ ھجي، سو بھ ادب ۾ داخل ڪونھي. نھ نھ!
ائين نھ آھي. بلڪھ ادب جي ڪاريگري ۽ بيان جو زور،
غم وارن حادثن ۽ غير دلچسپ واقعن ۾ بھ غير معمولي
دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي ٿو. موضوع جي ڪري ان جي پڙھڻ
مان اسان جي دل کي صدمو پھچي ٿو، پر انھيءَ روحاني
تڪليف ۾ بھ ھڪ روحاني خوشي ٿئي ٿي، ڇاڪان تھ ادبي
رنگ ۾ بھ خوشحالي سمايل رھي ٿي، جيئن تھ رنج وارو
موضوع اسان جي دل کي جھوري ٿو تھ اسين خوب روئي دل
کي ھلڪو ڪريون ٿا، جنھن ڪري طبيعت مان غم جو بار
لھي خودبخود شگفتھ ٿيو پوي ۽ اسين پنھنجي روزاني
ڪم ڪار ۾ دلچسپيءَ سان مشغول ٿيون ٿا.
مختصر تھ ادب انسانيت جو دماغ آھي، جھڙيءَ طرح
ماڻھوءَ جو دماغ گذريل زماني جي احساس جي حقيقت کي
قابو ۾ رکي ٿو. اسان جا تجربا سندس معلومات جي
حفاظت ڪن ٿا. ساڳيءَ طرح سچي انسان ذات جي روئداد
ادب ۾ محفوظ آھي، جيئن ظاھري حواسن جو عمل دماغ جي
مدد کان سواءِ اسان لاءِ بيڪار آھي، تيئن گذريل
تجربن جي گڏ ڪيل خزاني کان سواءِ، جو ادب جي رستي
اسان کي ھٿ چڙھي ٿو، انساني نسل ڪمال حاصل ڪرڻ جي
بدران ھوند حيوانيت ۽ بربريت ڏي موٽي وڃي.
ادب جون خصوصيتون:
ادب جي خصوصيتن کي معلوم ڪرڻ لاءِ تن ڳالھين تي
ضرور ڌيان ڏيڻو آھي. ھڪڙو مواد، ٻي صورت ۽ ٽين
تفريح طبع.
مواد جو مطلب آھي تھ ڪنھن خاص تصنيف ۾ ڪھڙي قسم جا
خيال ظاھر ڪيا ويا آھن؟ صورت مان مراد آھي تھ ڏسجي
تھ ڪتاب ۾ جيڪي خيال ڏيکاريا ويا اھن، سي خيال ادب
جي انھيءَ خاص قسم سان برابر آھن يا نھ جنھن بابت
ڪتاب لکيو ويو آھي؟
جيڪڏھن اھا تصنيف فقط طبيعت جي تفريح لاءِ لکي
ويئي آھي تھ ان ۾ خيال تي اثر وجھندڙ ۽ حرڪت پيدا
ڪندڙ قوت ضرور موجود ھوندي.
انھيءَ بابت ”افلاطون“ جي نظريھ ادب ۾ خيال ۽ مواد
کي وڏي اھميت ڏنل آھي. ھن ادب کي بھترين خيالن جو
خزانو ٺھرايو آھي. ھو سادي ۽ تخليقي ادب ۾ ڪو فرق
نٿو ڪري. ”افلاطون“ وٽ ھي ضروري آھي تھ ”موجودات
عالم جو بجنسي نقشو لفظن ۾ ڪڍيو وڃي ۽ حياتيءَ جي
واقعن بابت صداقت سان معلومات ڏني وڃي، جا بلڪل
مفيد ھجي.“ ”ارسطو“ جي خلاف ”افلاطون“ منطقي صداقت
۾ ۽ جذباتي صداقت ۾ ڪوبھ تفاوت ڌيان ۾ نٿو آڻي.
”ارسطو“ ھن ڳالھھ جو اندازو ڪندي تھ تخليقي ڪتابن
جو مقصد، تاريخ ۽ فلسفي جي تصنيفن کان جدا آھي ۽
انسان جي دل ۽ دماغ تي انھن جو اثر بھ جدا جدا ٿئي
ٿو، ھيءُ فيصلو ڪيو آھي تھ ادب جي سڀ کان وڏي
خصوصيت آھي صورت يا بيان جي اسلوب ۽ انھن نمونن جي
پابندي، جيڪي اعليٰ درجي وارين مستند تصنيفن بابت
اختيار ڪيون وڃن ٿيون. پر ”ارسطو“ کان پوءِ ٻين
عالمن جو ھن ڳالھھ تي زور آھي تھ تخليقي ادب جي
ڪنھن بھ ڪتاب ۾ اسان کي ھيءُ ڏسڻو آھي تھ تصنيف جو
پڙھندڙ تي ڪھڙو اثر ٿئي ٿو؟ جيڪڏھن ان ۾ تخيل کي
متحرڪ ۽ متاثر ڪرڻ واري قوت موجود آھي تھ پوءِ ھن
ڳالھھ کي اھميت ڏيڻ جو ڪو ضرور ڪونھي تھ اھا تصنيف
ادب جي ڪنھن خاص ۽ قديم نموني تي لکي ويئي آھي يا
نھ؟
”ميٿو آرنلڊ“ جو چوڻ اھي تھ ادب انساني حياتيءَ جو
تفسير آھي. ٻيا اديب ان کان بھ ھڪ قدم اڳتي وڌي
چون ٿا تھ سڀ ڪنھن وقت جو ادب، انھيءَ وقت جو
انساني حياتيءَ جو سچو پچو تفسير ٿئي ٿو. ھيءَ
پڌري ڳالھھ آھي تھ ھر ھڪ وقت جي ماڻھن جو مذاق ادب
تي اثر ڪري ٿو. انھيءَ ڪري اسين ھر ڪنھن وقت جي
ادب مان معلوم ڪري سگھنداسون تھ انھيءَ وقت جي
ماڻھن جو مذاق ڪھڙو ھو؟
ان کان سواءِ ادب جي ھيءَ بھ خصوصيت آھي، جو ھو
رڳو واقعن کي ظاھر نٿو ڪري، بلڪھ واقعن جي تفسير ۾
خيالي ۽ ذھني حقيقتن جو خاڪو بھ اھڙي تفصيل سان
پيش ڪري ٿو، جنھن کي ديانتدار ۽ واقعھ نگار جو قلم
۽ سئنيما جي فلم بھ پڌرو ڪري نھ سگھندي.
ادب جي انھيءَ خصوصيت کي ڏسندي، اسان جو فرض آھي
تھ اسين پنھنجي ادب بابت ھر وقت خبردار ۽ ھوشيار
رھون، جيئن ايندڙ نسل اسان جي وقت واري گھٽجندڙ
ادبي ڪارنامي کي ڏسي، اسان تي ٺٺوليون نھ ڪري.
ادب جو مقصد:
مغرب ۾ سڀ کان اڳ جنھن فاصل ادب جي مقصدن تي روشني
وڌي، سو ”افلاطون“ ھو. ھن پنھنجي ”جمھوريت“ ۾ جڏھن
پڙھڻ ۽ پڙھائڻ تي بحث ڪيو، تڏھن ادبيات جو ذڪر بھ
ڪيائين، جنھن ۾ ادبيات جو مقصد فقط اخلاقيات کي
ٺھرايو اٿس. انھيءَ ڪري گھڻا ادبي ڪارناما، جن جو
بنياد فقط خيال ۽ وھمي عنصرن تي ھو، انھن کي اجايو
سمجھي، درسي نصاب مان ڪڍي ڇڏيائين. ”افلاطون“ جو
خيال آھي تھ ھر ھڪ ادبي ڪتاب لاءِ ضروري آھي تھ
اھو حقيقت حال ۽ سچائيءَ تي ٻڌل ھجي، پر عجب آھي
تھ جنھن لٽريچر کان ”افلاطون“ ايترو بيزار ھو،
تنھن جو سندس تصنيفن ۾ تمام گھڻو ڀاڱو ڏنو وڃي ٿو.
حقيقت ھيءَ آھي تھ انھيءَ بابت ”افلاطون“ کان وڏي
غلطي ٿي آھي، جو صداقت کي صداقت جي فقط ھڪ شاخ
تائين محدود ڪيو اٿس. جيڪڏھن اھو اصول صحيح چئبو
تھ پوءِ خود ادب بھ لطيف فنن ۾ ڳڻي نھ سگھبو،
ڇاڪاڻ تھ سڀني لطيف فنن جو بنياد ھن ڳالھھ تي آھي،
جنھن کان ”افلاطون“ کي نفرت ھئي. ھن جي خيال موجب،
ھن ۾ ڪوبھ شڪ ڪونھي تھ ادب جو صداقت سان لاڳاپو
ضرور آھي، پر جنھن صداقت جي ترجماني ادب ڪرڻ گھري
ٿو، سا ئي صداقت نھ آھي، جيڪا سرسري نگاھ ۾ ظاھر
ٿي پوي.
صداقت ظاھر ڪرڻ جا ٻھ رستا آھن: ھڪ داخلي يعني
اندريون، ٻيو خارجي يعني ٻاھريون. ادب جو سڀ کان
وڏو ۽ بھترين نمونو ھي آھي، جنھن ۾ ڪائنات تي
داخلي نموني سان روشني وڌي وئي ھجي. اسين ڪنھن
جنگي ميدان جي اعليٰ ۽ نفيس تصوير ڏسندا آھيون،
جنھن ۾ اکيون جيڪي ڏسي سگھن ٿيون، تن کي تصوير
ٺاھيندڙ بلڪل سچائيءَ سان ڦ:ش ڪيو ھجي تھ اسين چئي
سگھنداسون تھ اسان لڙائي ڏٺي آھي. پر جيڪڏھن ڪو
انشا پرداز انھيءَ واقعي کي بيان ڪندو تھ ھو ھن
ڳالھھ جي ھرگز ڪوشش نھ ڪندو تھ سڀني شين جي ظاھري
تصوير ڪڍي. ھن جو ھي مقصد نھ ھوندو تھ جيڪي اسان
جن حواسن کي محسوس ٿئي ٿو، تنھن کي وفاداريءَ سان
بيان ڪري. بلڪھ ھو گھرندو تھ انھيءَ تعلق کي ظاھر
ڪري، جيڪو ڏسڻ واري ۽ انھن منظرن ۽ شين جي وچ ۾
قائم رھي ٿو ۽ انھيءَ اثر جي ترجماني ڪري جو
ڏسندڙن جي دل ۽ دماغ ۽ روح تي انھن جي ڏسڻ کان پوي
ٿو.
ھو جنگي ميدان جو خاڪو يا چربو ڪونھ ڪڍندو، بلڪھ
اسان کي انھن احساسن، مقصدن ۽ خيالن کان واقف
ڪندو، جيڪي سندس دماغ ۾ يا ٻين جي دماغ ۾ انھن
واقعن ۽ منظرن کان پيدا ٿين ٿا. اھڙي نموني جي
بيان پڙھڻ کان پوءِ اسان جي زبان مان ھيءُ نڪرندو
تھ آءٌ لڙائيءَ بابت سڀ ڪجھھ ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تھ
فلاڻي مصنف سڀڪا وڏي ذڪر جوڳي ڳالکھھ مون تي ظاھر
ڪئي آھي. مطلب تھ ادب جو حقيقي ۽ آخري مقصد بيشڪ
صداقت ۽ اخلاقيات آھي، پر عملي نھ آھي بلڪھ علمي،
ظاھري نھ آھي بلڪھ معنوي، منطقي ۽ استدلالي نھ آھي
بلڪھ اصولي ۽ حقيقي.
”رسڪن“ لطيف فنن جي مقصدن بيان ڪرڻ وقت لکي ٿو تھ:
”ڪوبھ نقاش جيڪڏھن فطرت جي ترجماني ڪرڻ چاھي ٿو،
پر ھو انھيءَ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي قابليت نٿو رکي تھ
اسان جي زبان مان بي اختيار ھي جملو نڪرندو تھ
فطرت ۽ منھنجي وچان ھٽي وڃ.“
ان جي برخلاف جڏھن ھڪ عظيم الشان بخيلي نقاش (ھڪ
اھڙو نقاض جيڪو روح جي ھر ھڪ شعبي ۾ اسان تي لکين
درجا فوقيت رکندڙ ھجي)، ترجماني ڪرڻ گھري ٿو تھ
اسين ھي جملا چونداسون تھ ”فطرت ۽ منھنجي وچ ۾
اچ.“ انھيءَ فطرت کي جا منھنجي لاءِ نھايت تعجب
خيز ۽ وڏي شان واري آھي، ان کي منھنجي مناسب حال
بناءِ، مون کي سمجھاءِ، تون پنھنجيون اکيون مون کي
ڏي تھ انھن سان ڏسان ۽ ڪن ڏي تھ انھن سان ٻڌان.
پنھنجي زبردست طاقت سان منھنجي مدد ڪر، مون کي زور
وٺاءِ!
حقيقي ادب جو ڪم بھ بلڪل اھرو ئي آھي. ھو صداقتن
کي معلوم ڪري، پنھنجي دماغ جي تخليقي قوت کان ڪم
وٺي ٿو ۽ فطرت کي اھڙيءَ طرح پڌرو ڪري ٿو، جو عام
نظرون حيران ٿيو وڃن. انھيءَ خيال ۾ ”نيومن“ جيڪي
اضافو ڪيو آھي، تنھن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون تھ
”ادب خارجي صداقت جي ترجماني نٿو ڪري، بلڪھ
داخليءَ جي شين جي نھ پر خيالن جي. انھيءَ اصولي
سبب جي بنياد تي سائنس ۽ ادب ۾ بلڪل گھٽ تعلق قائم
ٿي سگھي ٿو، جيئن تھ: سائنس شين سان بحث ڪري ٿي،
ادبيات خيالن سان. سائنس ۾ سموري ڪائنات بابت
معلومات ٿين ٿيون ۽ ادبيات ۾ ذاتي. سائنس لفظن کي
فقط اشارن ۽ نمونن طور استعمال ڪري ٿي، پر ادب
زبان کي ان جي سمورين گھراين سان استعمال ڪري ٿو
جنھن ۾ محاورا، پھاڪا، اشارا، ڪنايا، بيان جا
اسلوب، عروض ۽ ٻيا لاڳاپي وارا شامل رھن ٿا.
”رسڪن“ سائنس ۽ ادب جو اڃا بھ وڌيڪ ناشائستو
موازنو ڪيو آھي، جو چوي ٿو تھ سائنس ڄاڻڻ آھي ۽
ادبيات پيدا ڪرڻ يا پيش ڪرڻ. شين سان لھھ وچڙ ۾
اچڻ تھ انھن ٻنھي جي وچ ۾ وڏو اختلاف آھي. سائنس
شين کي پنھنجي حالت تي قائم رکي، جھڙي ھوندي آھي،
اھڙي ھلت ڪري ٿي، پر لطيف فن انھيءَ شيءِ سان اھڙي
نموني پيش اچي ٿو، جھڙيءَ شڪل ۾ ھن اديب جي روح ۽
ذھنيت تي اثر وڌو ھوندو. سائنس جو ڪم آھي شين جي
ظاھري ڪيفيتن جي ترجماني ۽ ساھوارن ۾ جيڪو لاڳاپو
ٿئي ٿو، سائنس ان کي بھ ذرا گھرو ڪري ٿي. سائنس ۽
ادب ٻئي ڏسن ٿا ۽ صداقتن سان برابر جھڙو تعلق رکن
ٿا، پر سائنس جو تعلق صداقت ظاھريءَ سان ٿئي ٿو ۽
ادب جو صداقت باطنيءَ سان.
ادب تي ھڪ اعتراض ڪيو وڃي ٿو تھ ”ھو شين جي ڪوڙي
ترجماني ڪري ٿو، يعني انھن کي بجنسي پيش نٿو ڪري.“
اھو خيال غلط آھي، ڇاڪاڻ تھ لطيف فن جو ڪم تھ رڳو
ھيءُ آھي تھ جيڪي شيون انسان ذات کي جنھن شڪل ۾
نظر اچن، تنھن حالت ۾ انھن کي پيش ڪري. سائنس ۾
جدا جدا شين جو باھمي تعلق پڌرو ڪيو وڃي ٿو، پر فن
لطيف شين ۽ انسانن جي وچ ۾ تعلق کي ظاھر ڪري ٿو
تھ شيون انساني اکين ۽ انساني قلب کي ڪيئن متاثر
ڪن ٿيون؟ ھو انسان کي ڇا ٿو چوي ۽ انسان لاءِ ڇا
ٿو ڪري سگھي؟
انھيءَ بحث کان پوءِ ”رسڪن“ اڳتي وڌي چوي ٿو تھ
جڏھن ادب جو مقصد اھڙي قسم جي صداقت پرائڻ ٿيو تھ
پوءَ ھيءَ ڳالھھ دريافت ڪرڻي پيئي تھ ھو ان کي
ڪيئن حاصل ڪري سگھي ٿو؟
فن جو ڪاريگر (آرٽسٽ) انھيءَ صداقت کي پنھنجي غير
معمولي احساس جي قوت ۽ تخيل سان حاصل ڪري ٿو. ان
کي معقول ۽ منقول جي رستي سمجھائن جي ضرورت ڪانھي.
فطرت يا صناع ۽ خدا يا صناع جي وچ ۾ ڪنھن شيءِ جي
اچڻ جي ضرورت ڪانھي، جيتوڻيڪ ڪنھن شيءِ بابت صناع
جي اڳيان لکين صحيح حقيقتون ۽ روايتون پيش ڪيون
وڃن، تڏھن بھ اھي سموريون ڳالھيون کير ايترو متاثر
نھ ڪنديون، جيترو ان جي اکين ڏٺو احوال سندس دل تي
اثر ڪندو.
دنيا ۾ فنڪار (ڪاريگر) جو سمورو ڪم فقط ھيءَ آھي
تھ ھو ھڪ ڏسندڙ ۽ محسوس ڪندڙ مخلوق بڻيو رھي، جنھن
۾ ھڪ اھڙي انفعاليت ۽ حساسيت ھجي جو ان جي ماحول
جو ڪو سايو، ڪو رنگ، ڪو ليڪو ۽ ظاھري شين جي
معموليءَ کان معمولي شيءِ بھ ان کي سخت متاثر ڪرڻ
کان سواءِ نھ ڇڏي، بلڪھ ھر ڪا حرڪت، جا ان جي روح
تي اثر وجھندي ھجي، لکڻ کان سواءِ رھجي نھ وڃي.
سوچڻ، سمجھڻ، بحث مباحثو ڪرڻ، ڄاڻڻ، تھقيق ۽ تفتيش
ڪرڻ، اھو صناع جو ڪم آھي. ھن جي جاءِ نھ مجلسن ۾
آھي، نھ عدالتن ۾، نھ ڪتبخانن ۾ ۽ نڪي حڪومتن ۾.
ھو ھڪ ٻيءُ فضا ۽ ٻئي ڪم ۽ ٻين ماڻھن لاءِ بنايو
وڃي ٿو، تھ بھ ضمنا ڪنھن شيءِ کي ڄاڻڻ يا سمجھڻ جي
ڪوشش بھ ڪري ٿو، تھ بھ اوچتو نھ تھ ھن جو ڌيان
انھن شين ڏي ڪڏھن بھ ڪونھ ٿئي. ھن جي سڄي حياتيءَ
جو مقصد فقط ھي ٻھ ڳالھيون آھن تھ ڏسي ۽ محسوس
ڪري.
ھتي ھيءُ اعتراص پيدا ٿئي ٿو تھ شاعر يا اديب کي
گھرجي تھ معلومات حاصل ڪندو رھي، ڇاڪاڻ تھ ان ڪري
انسان ۾ وسيع النظري پيدا ٿئي ٿي ۽ اھڙيون اھڙيون
شيون ڏسڻ لڳي ٿو، جيڪي جيسين ھن کي معلوم نھ
ڪرايون وينديون، تيسين ھرگز نھ سمجھي سگھندو.
انھيءَ اعتراض جو جواب ”رسڪن“ ھيءُ ڏنو تھ اھڙي
قسم جو اعتراص فقط اھي ماڻھو ڪندا آھن، جيڪي نٿا
ڄاڻن تھ صناع جو وسيع خيال عام ماڻھن جي مقابلي ۾
ڪيترو ٿئي ٿو؟ ھڪ معمولي ماڻھو سون سالن جي محنت ۽
ڪدو ڪاوش کان پوءِ، جنھن شيءِ کي سمجھي سگھي ٿو،
تنھن کي ھڪ بلند پايھ شاعر يا مصور ھڪڙي ئي نظر ۾
سڃاڻي وٺي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ھيءَ خدائي ڏات آھي، جا ھر
ڪنھن کي نٿي ملي. مطلب تھ دنيا جي اڳيان ھڪ نئون
خيال پيش ڪرڻ يعني ھڪ اھڙو خيال جيڪو ھستيءَ جي
مفھوم ۽ مقصد بابت اسان جي معلومات ۾ واڌارو ڪري،
اھو عام ادبيات جو وڻندڙ مقصد آھي ۽ انھيءَ خيال
کي اھڙي سھڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ماڻھن جي محسوسات
کي پاڻ ڏي مخاطب ڪري، ڪنھن ادبي ڪارنامي جي وڏي
ڪاميابي آھي. انھن سمورن منطرن ۽ سڀني شخصيتن لاءِ
جن کي ڪو شاعر يا وڏو افسانھ نگار پيش ڪري ٿو، ھن
ڳالھھ جي ڪابھ ضرورت ڪانھي تھ ھو ڪنھن موجوده
حقيقي ۽ واقعي شين تي بيھاريل ھجن. انھن سڀني جي
اصليت خود مصنف جي دماغ ۾ ٿئي ٿي، پر اھا خيالي
مخلوق اھڙي ھئڻ گھرجي، جنھن کي عام دماغ پنھنجن
روز مره جي تجربن پٽاندڙ حقيقي قبول ڪري، سندس
خيرمقدم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. اھو تيسين ممڪن نھ
ٿيندو، جيسين اڪيلي مصنف جي شخصيت جا خاص تجربا
سموري قوم جي عام تجربن سان ملندا نھ ھجن.
ادب جا قسم:
عام طرح ادب کي ٻن قسمن ۾ ورھايو ويو آھي: ھڪ نثر
۽ ٻيو نظم. پر اھو ورھاڱو غير علمي آھي، ڇاڪاڻ تھ
گھڻيون تحريرون منظوم ھوندي بھ ادب ۾ شامل ڪري
نٿيون سگھن. ساڳيءَ طرح ھر نثري تحرير جو ادب حڄڻ
لازمي نھ آھي. آڳاٽي ھندوستان ۾ حساب ۽ جاميٽريءَ
جا قاعدا بھ نظم ۾ لکيا ويندا ھئا، تان تھ آسانيءَ
سان ياد رھي سگھن. اھڙو دستور روم جي ماڻھن وٽ بھ
ھو. عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ صرف ۽ نحو جا مسئلا نظم
ٿيل بھ ملن ٿا، ڇاڪاڻ تھ موزون ھجڻ جي سبب ٻارن کي
آسانيءَ سان حفظ ٿي سگھن ٿا. انھيءَ قسم جون
تحريرون ادب ۾ شامل ڪري نٿيون سگھجن. ساڳيو حال
نثر جو آھي. البتھ ھيءُ صحيح آھي تھ ھر ادبي
ڪارنامو نظم ۾ ھوندو يا نثر ۾، تنھن ڪري نظم ۽ نثر
اظھار جا وسيلا آھن نھ قسم. ادب جي قسمن بابت فن
جي ماھرن ۾ وڏو اختلاف نظر ٿو اچي. موسيقيت ۽
موزونيت جي لحاظ کان اھو ورھاڱو بھ صحيح چئبو، پر
حقيقت ھيءَ آھي تھ ادب کي چئن شاخن ۾ ورھائڻ کپي،
جيڪي ھي آھن:
1)
تخليقي پيداوار، جنھن ۾ مطلب ۽ معنائون ۽ بيان جو
اسلوب استدلالي ھجي، پر وزن نھ ھجي.
2)
تخليقي پيداوار، جنھن ۾ مطلب ۽ معنائون ۽ بيان جو
اسلوب جمالياتي ھجي، پر وزن نھ ھجي.
3)
شعري پيداوار، جنھن ۾ مطلب ۽ معنائون ۽ بيان جو
اسلوب جمالياتي ھجي، پر وزن نھ ھجي جھڙو ڊرامو.
4)
شعري پيداوار، جنھن ۾ مطلب ۽ معنائون ۽ بيان جو
اسلوب جمالياتي ھجي ۽ موسيقيت ۽ موزونيت بھ ھجي.
ادب جي ورھاڱي بابت ٻين ڪن عالمن جو خيال آھي تھ
ھن جون فقط ٻھ شاخون مقرر ڪيو وڃن، ھڪڙي اھا جا
عقلي جي پيداوار ھجي جھڙو سائنس ۽ ٻي اھا جا خيال
جي پيداوار ھجي جھڙو شاعري.
ھڪ جرمن انشا پرداز ادب کي ٽن طريقن تي ورھايو
آھي:
1.
مطلب ۽ معنائن جي لحاظ کان
2.
بيان جي اسلوب ۽ زبان جي لحاظ کان
3.
موزونيت ۽ موسيقيت جي لحاظ کان.
مطلبن ۽ معنائن جي لحاظ ڪري، ادب جون ھي شاخون
آھن:
1.
اھي تصنيفون جيڪي لطيف فن جي حيثيت سان لکيون ويون
ھجن.
2.
اھي تصنيفون جيڪي لطيف فن جي حيثيت سان نھ لکيون
ويون ھجن.
زبان ۽ بيان جي طرز جي لحاظ کان لکيل تصنيفن جا ھي
قسم آھن:
1.
منطقي ۽ استدلالي مسئلا.
2.
جمالياتي مسئلا.
موسيقيت ۽ موزونيت جي لحاظ کان ادب جو ورھاڱو ھي
آھي:
1.
آزاد يا غير موزون عبارت يعني نثر.
2.
موزون عبارت يعني نظم.
ادب ۽ ادب جي قسم بابت وڌيڪ معلومات:
اسان ٻڌائي آيا آھيون تھ ادب جي قسمن بابت فن جي
ماھرن ۾ وڏو اختلاف آھي، جھڙوڪ ان جي تعريف ۾.
اسان ٻڌائي آيا آھيون تھ ”ميٿيو آرنلڊ“ چوي ٿو تھ:
”اھو سڄو علم جو ڪتابن جي ذريعي اسان تائين پھچي
ٿو، ادب آھي.“
”نيومن“ چوي ٿو تھ: ”انساني افڪار، خيالات ۽
احساسات جو زبان ۽ لفظن جي ذريعي اظھار ادب آھي.“
”برڪ“ جو خيال آھي تھ ”ادب سڄو خيالات ۽ احساسات
جو اھو سرمايو آھي جو تحرير ۾ اچي چڪو آھي ۽
اھڙيءَ طرح مرتب ٿيو آھي، جو ان جي پڙھڻ مان
قاريءَ کي مسرت حاصل ٿئي ٿي.“
”والٽر پيٽر“ جو قول آھي تھ: ”ادب انساني نفس
ڪاملھ جي ترجماني يا عڪاسي اھڙي انداز سان ڪري ٿو
جو ان جا معنوي ڪمالات يا باطني فضائل جو پورو
پورو نقش ڪنھن تحرير يا اظھار جي موضوع ۾ جلوھ گر
يا منقش ٿي وڃي.“
”ڊاڪٽر سيد عبدالله“ جو خيال آھي تھ انھن مصنفن
جون ڌار ڌار تعريفون ناڪافي آھن، تنھن ڪري انھن
تعريفن کي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪري ادب جي ھڪ ئي جامع
تعريف ٺاھي وڃي، جا ڊگھي ٿي وڃي تھ فڪر ڪونھي، پر
ان مان شاگردن کي صحيح ماھيت معلوم ٿي وڃي. ھن
اھڙي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ھڪ خلاصو ڏنو آھي.
”ادب فن لطيف آھي، جنھن جو موضوع زندگي آھي. ھن جو
مقصد اظھار، ترجماني ۽ تنقيد آھي. ھن جو سرچشمو
تحريڪ احساس آھي، ان جا معاون اظھار، تخيل ۽ قوت
مخترعھ آھن ۽ ان جا خارجي روپ اھا حسين ھيئت ۽ اھي
اظھار جا خوبصورت پيرايھ آھن، جيڪي لفظن جي مدد
سان تحرير جي شڪل اختيار ڪن ٿا.“
فن لطيف ۾ لفظ مرڪزي اھميت رکن ٿا ۽ اھا ئي شيءِ
ھن کي باقي لطيف فنن کان ڌاري ڪري، نھ تھ تاثر جي
شدت ۽ تخيل جي مصوري ۽ تخليق واختراع جو عمل ٻين
فنن ۾ نھ آھي.
ادب ۾ تحرير جو شرط اختلافي موضوع آھي، پر عام طرح
ادب مخصوص قسم جي تحريري سرمايي جو نالو آھي. پر
ھرڪا لکيل شيءِ ادب نھ آھي. ادب رڳو اھو ھوندو،
جنھن ۾ زندگيءَ جي داخلي ۽ خارجي حقيقتن جي سچي
ترجماني، سھڻي انداز ۾ ڪئي ويئي ھوندي ۽ حسن سان
مطلب اھا ھيئت آھي، جا مجموعي اعتبار کان متعلقھ
احساسات وتجربات لاءِ موزون ھوندي ۽ جنھن جي تعمير
۾ موزون لفظ، موزون ترڪيبون ۽ موزون ترتيب کان ڪم
ورتو ويو ھوندو، تان تھ ان کي ٻڌڻ ۽ پڙھڻ وارو ھڪ
عام صحتمند انسان، خوشي ۽ مسرت ۽ غم ودرد وغيره جي
ڪيفيت محسوس ڪري.
”والٽر بيٽر“، ”اسٽائل“ تي لکندي، ادب جا ٻھ قسم
مقرر ڪيا آھن. ھڪڙو عمدو ادب ۽ ٻيو عظيم ادب
(Good and Great).
ھن فاضل جي ويجھو عمدو ادب اھو آھي، جنھن ۾ حسن ئي
ان جي وڏي وصف آھي ۽ عظيم ادب اھو آھي، جنھن ۾
موضوع جي عظمت ھجي.
”ڪاليرج، جي ويجھو ادب ٻن نمونن جو آھي: ھڪڙو اھو
جنھن ۾ شاعرانھ
(Poetic)
عنصر جو غلبو ھجي، ٻيو اھو
جنھن ۾ علمي ۽ عقلي
(Scientefic)
عناصر جو غلبو ھجي. ”ڪالرج“ جي
ھن ورھاڱي ۾ گھڻيون پيچيدگيون آھن، ڇاڪاڻ تھ علمي
۽ عقلي عنصر جو جن تحريرن ۾ غلبو ھوندو، تن ۾
”شاعرانھ“ عنصر جي بھ ڪمي ھوندي. ھن جي ادبي حيثيت
جي ڪمزور ٿي وڃڻ جو يقين آھي. ان کان سواءِ لفظ
”شاعرانھ“ بھ تشريح طلب آھي.
”ڊي ڪونسي“ ادب جا ٻھ قسم ٻڌائي ٿو: پھريون اھو
ادب، جيڪو قوت بخشيندڙ يعني حياتي بخشيندڙ ھوندو
آھي ۽ ٻيو اھو، جيڪو معلومات
(Knowledge)
ڏئي ٿو.
ادب جي قسمن جو بحث ”ڪيوزننگ“ ۽ ”ڪراشا“ بھ ڪيو
آھي ۽ متعد قسم ڳڻايا آھن، پر ھتي انھن جي تفصيل
جي ضرورت نھ آھي. ادب جو آسان ورھاڱو اھو ئي آھي
تھ ادب کي ٻن قسمن تي مشتمل سمجھجي. پھريون سادو ۽
ٻيو تخليقي. پر ھيءُ ياد رکڻ گھرجي تھ سادو ادب
چوڻ مھل اسان جو مطلب ادبيات ھوندو آھي، نھ ادب
سادو ادب تاريخ، سائنس يا فلسفھ جھڙن قسمن تي
مشتمل ھوندو، جنھن ۾ تخليق جو عنصر موجود نھ ھوندو
آھي. انھيءَ لحاظ کان ڏٺو ويندو تھ اھو ادب جو قسم
ٿي نٿو سگھي، ڇاڪاڻ تھ جيڪو ادب تخليق نھ آھي، سو
ادب جي زمري ۾ ڪيئن شامل ٿيندو؟
”ڪراشا“ پنھنجي ڪتاب ”انٽر پريٽيشن“ ۾ ھي قسم لکيا
آھن:
(١) تنقيدي
Critical
(٢) فني
Artistic
(٣) داخليت وارو ادب
Subjective
(٤) ڊرامائي
Dramatic
(٥) تخليقي
Creative
(٦) ڪاروباري
Business
(٧) بيانيھ
Narrative
(٨) خارجيت وارو ادب
Objective
۽ (٩) وصفيھ
Descriptive.
ادب يا تخليق جون ڪيتريون ئي شاخون آھن، جن ۾ جذبي
جي اظھار جي طريقن ۽ صورتن جو فرق آھي. ادب جون
اھم صورتون يا شاخون گھٽ يا وڌ ھي آھن:
(١) شاعري (٢) ناول (٣) افساني جا قسم (٤) ڊرامو
(٥) ذاتي روزنامو (٦) مضمون لطيف
(Essay)
(٧)
ذاتي خطوط (٨) سفرناما (تاثراتي) (٩) خود نوشت
(١٠) سوانح عمريون ۽ ٻيون اھي تحريرون جيڪي تخليقي
يا تاثراتي عنصر جي غلبي جي سبب ادب جي درجي تائين
پھچي چڪيون ھجن. جھڙوڪ: ”مولانا شبليءَ“ جو
الفاروق ۽ درٻار اڪبري، تنقيد ۾ ”مولانا حاليءَ“
جو مقدمھ شعر و شاعري، ”مولانا شبليءَ“ جو شعر
العجم ۽ ”مولانا محمد حسين آزاد“ جو آب حيات يا
علمي تحريرن ۾ ”ظفر علي خان“ جو ترجمو ڪيل ڪتاب
”معرڪھ مذھب ۽ سائنس“ ۽ (١١) رپورتاز.
ادب جي ارتقا جي تاريخ ۾ ھيءُ سوال وڏي اھميت رکي
ٿو تھ مختلف ادبي قسم ڪھڙيءَ طرح وجود ۾ آيا؟ ان
جون صورتون ھر ملڪ ۽ تھذيب جي سلسلي ۾ جدا آھن.
عرب ۾ شاعري ۽ ان جون مختلف شاخون (مثلا قصيدو ۽
رجز) جي ارتقا اھل عرب جي خالص سماجي ۽ مقامي
ماحول جي ھيٺ ٿيا. غزل، مثنوي، رباعي ۽ اھڙيءَ طرح
فارسيءَ جو افسانوي ۽ داستاني ادب ۽ عربي نثر ۾
مقامات ۽ صقات بھ سڀ اھل ايران جي مخصوص سماجي ۽
مجلسي عملن جي زير اثر وجود ۾ اچي ترقي پذير ٿيا.
”ارسطو“ ۽ ان جا بعض مقلد ادبي صنفن جو بنياد ٻن
شين تي رکن ٿا: پھريون اظھار جي طريقي تي ۽ ٻيو
مخاطبن جي حيثيت تي، يا ان مواد تي جيڪو ڪنھن ادبي
صنف ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. مثلا شاعريءَ جي صنفن ۾
الميھ (ٽريجڊي)، جو ديوتائن ۽ قومي سورمن جو ڊرامو
آھي- طربيھ (ڪاميڊي) ۾ عام ماڻھن جي زندگي پيش ڪئي
وئي آھي.
”فرانسس بيڪن“ ۽ ”ھابس“، غنائي شاعريءَ کي بلڪل
نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن جي خيال ۾
ھيءَ زندگيءَ سان واسطو نٿي رکي. ”بيڪن“ تمثيلي
شاعريءَ کي ادبي قسمن ۾ شمار ڪيو آھي ۽ ”ھابس“
ڊراما ۽ بيانيھ کي ٽن قسمن ۾ تقسيم ڪيو آھي: (١)
درٻاري (ٽريجڊي ۽ رزميھ) ٠٢) شھري (ڪاميڊي ۽ ھجوي)
۽ (٣) ڳوٺن سان لاڳاپو (Pastoral
۽ ڳوٺاڻي ڪاميڊي).
مٿي ادب جا وڏا وڏا قسم ڏيکاريا ويا آھن، فقط
انھيءَ خيال سان تھ ادبي قسم يا صنفن جي جدا وجود
جي مقرر ٿيڻ جا سبب ڇاجي ڪري ھئا؟
ادب ۾ حسن:
ادب ھڪ فن آھي، تنھن ڪري ادب ۾ حسن جو ھجڻ لازمي
آھي. ان ڪري ھن ڳالھھ کان بچي نٿو سگھجي تھ حسن جي
ڇا معنيٰ آھي؟ ۽ ادب ۾ حسن ڇا ڇا شڪليون ٿو اختيار
ڪري؟
پھرئين ڌيان جي قابل ھيءَ شيءِ آھي تھ حسن جي لاءِ
ڪنھن شڪل
(Form)
جو ھجڻ ھر حال ۾ ضروري آھي،
جيتوڻيڪ ضروري نھ آھي تھ ھر ھڪ صورت سھڻي بھ ھجي،
پر ھن جي ابتڙ صورت لازمي آھي. يعني ھر حالت ۾ حسن
ڪنھن صورت ۾ جلوه گر ٿيندو. ھيءُ سوال تھ ڪن صورتن
۾ حسن موجود نٿو ٿئي، تنھن جو جواب انھيءَ بحث مان
خود بخود ملي ويندو تھ حسن ڪھڙين صورتن ۾ جلوه گر
ٿئي ٿو؟
اصولا حسن ھڪ ناقابل تعريفي ڪيفيت آھي، جنھن جو
ادراڪ عجيب وغريب، پر اسرار ۽ باطني واٽن تان
ٿيندو آھي. انھيءَ ڪري ھڪ خيال ھي بھ آھي تھ حسن
اصل ۾ ڏسڻ واري جي اک ۾ ھوندو آھي، يا ھي ڏسڻ واري
جي پنھنجي ڪيفيت جو اظھار يا عڪس آھي. ان جي ابتڙ
ھيءَ بھ ھڪ راءِ آھي تھ حسن موضوع ۾ ھوندو آھي.
يعني ان شيءِ ۾ ھوندو آھي جنھن کي ڪو ڏسڻ وارو ڏسي
حظ ڪري ٿو. ٽيون عقيدو ھي بھ آھي تھ حسن ھڪ مشترڪ
صفت يا ڪيفيت آھي، جنھن ۾ ڏسڻ وارو ٻي شيءِ، جنھن
کي حسين سمجھيو وڃي ٿو، ٻئي پاڻ ۾ ملي ھڪ ڪيفيت
پيدا ڪندا آھن.
انھن سڀني ڳالھين جي باوجود حسن جون ڪي صفتون مقرر
ڪري سگھجن ٿيون، جن بابت اھل فن ۽ عام انساني نظر
عموما تصديق ڪئي آھي.
پھريائين جنھن حالت ۾ حسن کي ھڪ صورت سان وابستھ
سمجھيو ويو آھي، انھيءَ ڪري حسن صورت کي مجموعي
ڪيفيت سمجھڻو پوندو. البتھ صورت جا اجزا فردا فردا
بھ حسين ٿي سگھن ٿا، پر انفرادي حسن کان مجموعي
حسن جو اندازو لڳائڻ غلط ٿيندو. ڪنھن صورت جو حسن
بنيادي طور تي ھن جي وحدت ۾ مضمر آھي. يعني ھن
ڳالھھ ۾ تھ صورت جا سڀئي اجزا پاڻ ۾ متناسب ۽
متوافق ۽ مربوط ٿي واحد شيءِ بنجي وڃن. وحدت کان
پوءِ ان ۾ تناسب جو ھجڻ بھ ضروري آھي ۽ انھيءَ
توافق سان ھڪ صورت، حسين صورت سڏبي.
نيچر جي تخليقات وانگر ادب ۽ فن جي تخليق ۾ بھ
ڪنھن جسماني صورت جو ھجڻ بھ ضروري آھي ۽ بنيادي
ڳالھھ ھيءَ آھي تھ حسن جي تلاش انھيءَ جسماني صورت
۾ ھجڻ گھرجي، جنھن کي فن جي ٻوليءَ ۾ فارم
(Form)،
صورت يا پيڪر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
جسماني صورت سان گڏوگڏ صورتِ نوعيھ جو لحاظ بھ
ضروري آھي. حسن صورت جي تشخيص ۾ ڪنھن نوع جون
خصيوصتون بھ خاص معنيٰ رکن ٿيون ۽ مختلف شين تي
نظر وجھندي وقت ھيءَ بھ مدنظر ٿئي ٿو تھ ھن خاص
شيءِ ۾ انھيءَ نوع جي متوافق خصوصي صفتون ڏسڻ ۾
اچن. ادب جي مختلف نوعن ۾ حسن جي تشخيص بھ انھيءَ
اصول جي ماتحت ٿئي ٿي. مثلا ناول، مختصر افسانو،
ڊرامي ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن مثلا غزل، قطعھ،
رباعي وغيرھ ۾ نوعي صورت جو جائزو وٺڻو پوندو.
جيتوڻيڪ حسن صورت ۾ ھن مضمون ۽ موضوع جو بھ ڀاڱو
ٿئي ٿو، جو ڪنھن اديب جي پيش نظر ٿئي ٿو، پر حسن
جو نمود مضمون ۾ نھ بلڪھ صورت ۾ ٿئي ٿو. ڪنھن ادب
پاري جي حسن جو مطلب آھي تھ:
(الف)اھو ادب پارو مجموعي نوعي صورت جي اعتبار کان
ھن نوع جي تقاضا پوري ڪندو ھجي.
(ب)
ان جا اجزا ۽ جملي عناصر ترڪيبي بھ حسين ھجن.
ڪنھن معنيٰ يا تجربي يا مضمون کي حسين انداز ۾ پيش
ڪرڻ آرٽ يا فن آھي.
”آرٽ ڳالھھ ڪرڻ جو ھڪڙو طريقو آھي.“
حسن جي نمود جو لاڳاپو ادب پاري جي موضوع سان
جيترو آھي، اوترو ئي ھن جي صورت ۽ اظھار جي انداز
سان آھي. معنيٰ جو حسن بھ پنھنجي نمود جي لاءِ
صورت جو محتاج آھي.
ادب جي صوري حسن جي اھميت تي ھڪ انگريز مصنف زور
ڏيندي لکيو آھي:
”لٽريچر لفظن جي ذريعي حياتيءَ جو شھر آھي. ظاھرا
ڏسڻ ۾ ڪن لفظن جي ڪنھن جوڙجڪ کان وڌيڪ ڪجھھ نھ
آھي.“
گويا ادب ۾ حسن مواد جي ترتيب ۽ لفظن جي مخصوص
استعمال
(Form)
تي موقوف آھي. حسن يا بدنمائي
ڪنھن نظم، ناول، ڊراما يا مختصر افساني جي مجموعي
رٿا ۾ ھوندي، يا جزوي طور تي ان جي اجزا ۾. يعني
ھڪ مجموعي ادب پاري جا اجزا پنھنجي جاءِ تي مستقل
طرح بھ حسين ھجڻ گھرجن. اجزا جو حسن ادب پاري جي
مجموعي خوبصورتي تي اثر انداز ٿئي ٿو.
جيستائين شاعريءَ يا ادبي نثر جو لاڳاپو آھي، ان
جي صورت ۾ زبان ۽ بيان جو حسن بھ شامل آھي، غزل
ھجي يا مثنوي، قطعھ ھجي يا سانيٽ، گيت ھجي يا
ڏوھيڙو. نثر ۾ ناول يا افسانو يا ڪا ٻي صفت. انھن
سڀني ۾ نوعي وصف کان سواءِ زبان ۽ بيان جو حسن بھ
گھربل ھوندو آھي. شاعريءَ ۾ ۽ ادبي نثر ۾ بھ حسن
جو ھيءَ عنصر اثر پيدا ڪرڻ ۾ خاص ڀاڱو وٺي ٿو.
بيان ۾ لفظن جو صحيح استعمال، فقرن جو تناسب،
موضوع جي نقطھ نظر کان ۽ انھن جو جزوي ۽ مجموعي
آھنگ، ساڳيءَ طرح نظم جي بندن ۽ مختلف جزن جو پاڻ
۾ معنوي، منطقي، صورتي ربط، فضا جي مجموعي حالت
(جيڪا معنيٰ جي ڪامياب اظھار جي لاءِ ضروري آھي)،
انھن سڀني ڳالھين جو بيان سان واسطو آھي. لفظن جي
خوش آوازي، لفظن ۾ مناسب حرفن جو خاص خيال، فقرن
جي اندروني ترڪيبن ۾ آواز يا فقرن يا مصرعن جي
سلسلن ۾ ترنم، صوتي مدوجزر، ترتيب الفاظ ۾ مناسب
موسيقيت، ادب پاري جي ڊيگھھ ۽ اشعار يا نثر پارن
جي موزون ضخامت، اھي سڀئي ڳالھيون حسن جي صفتن ۾
شامل آھن.
ڪل اھل فن جي ويجھو ”روح معنيٰ“ کان سواءِ ڪجھھ بھ
بيان ۾ شامل نھ آھي. ڪل شيءِ روھ معنيٰ آھي. باقي
جيڪي ڪي آھي، معنيٰ جو ئي حصو يا جز آھي. روح
معنيٰ يا حقيقت يا تجربي جي اظھار جي لاءِ جيترو
مواد بھ استعمال ۾ اچي ٿو، سو سڀ معنيٰ جي ئي
متعلقات ۾ شامل آھي. حسن اعتبار کان تشبيھات ۽
استعارات جي مدد سان جيڪا پيڪر آفريني يا صورت
آفريني ڪئي وڃي ٿي، سا بھ معنيٰ جو جز آھي.
ادب پاري ۾ حسن انھن سڀني ڳالھين جي اھتمام سان
پيدا ٿئي ٿو. ھن موقعي تي ٻن وڏن مصنفن جي ھڪ ھڪ
چوڻي پيش ڪرڻ مناسب ٿيندو.
ھڪ چوڻي ھيءَ آھي:
”لٽريچر حقيقت ۾ ڪن لفظن جي ڪنھن جوڙجڪ کان وڌيڪ
ڪجھھ بھ نھ آھي.“
ھن جو مطلب ٿيو تھ ادب جو سڄو حسن ان جي عمدي
ترتيب تي منحصر آھي، خواه ان جي اجزا ۾ يا فقرن ۾
يا لفظن ۾، ھر صورت ۾ عمده ترتيب ۽ عمده ترڪيب حسن
آفرينيءَ جو باعث ٿيندي ۽ عمدي جو مطلب آھي موزون
۽ مناسب ٿيڻ ۽ موزون ۽ مناسب جو مطلب موقع ۽ محل
مطابق ھجڻ. يعني موضوع ۽ مضمون يا مطلب ومقصد جي
لاءِ جھڙيءَ طرح ۽ جيترو ضروري ھجي، اوترو ئي ھجڻ.
ٻي ھڪڙي چوڻي آھي:
”لٽريچر لفظن جي ذريعي حياتيءَ جو شرح آھي. ٻاھران
لفظن جي ڪنھن جوڙجڪ کان وڌيڪ ۽ لفظ آوازن ۽
خاموشين جي ميلاپ کان وڌيڪ ڪجھھ نھ آھن.“
ھن اقتباس مان ھيءُ ثابت ٿو ٿئي تھ ادب ۾ حسن جو
نمود اصل ۾ ان جي خارجي شڪل جي موزونيت تي منحصر
آھي ۽ ھن خارجي شڪل ۾ لفظن جو موزون انتخاب ۽ انھن
جي موزون ترتيب خاص طرح سان مدنطر آھي. ترتيب جي
ھن حسن کان ڪن ۽ خيال ٻئي محفوظ ٿين ٿا ۽ اھو ئي
ادبي حسن جو ثبوت آھي. پر ھيءَ راءِ جھڙيءَ طرح
ظاھر ڪئي وئي آھي، تنھن مان مغالطا پيدا ٿا ٿين.
معنيٰ بھ تھ انھيءَ سڄي عمل ۾ ڪٿي موجود ٿي ٿئي.
ادبي حسن رڳو آوازن جو نالو نھ آھي، آوازن کي
معنيٰ جو خادم ۽ معنيٰ جي لاءِ ھئڻ گھرجي.
ھن جو مطلب ٿيو تھ حسن معنيٰ جو ڪامياب اظھار آھي.
ان جي سڃاڻپ ۽ ان جي تصديق جو واسطو قارئين جي
تاثر يا رد وقبول سان آھي. ممڪن آھي تھ اڄ جو قاري
پنھنجي ڪوتاھيءَ کان ان جو تدارڪ نھ ڪري سگھي،
ليڪن جيڪڏھن اھا زبان زنده آھي ۽ ان ۾ ذوقيات جو
تجربو بند نھ ٿيو آھي تھ ايندڙ قاري ھن غلطيءَ جي
اصلاح ڪري ڇڏيندو.
نثر ۽ ان جون خصوصيتون:
سڀ کان وڏي نثر جي خصوصيت ھيءَ آھي تھ ان ۾ ھر
ڪنھن قسم جون مضمون لکي سگھجي ٿو. نطم جي مقابلي ۾
نثر انھيءَ ڪري آسان آھي، جو نظم ۾ عروض جي قاعدن،
وزن، بحر ۽ قافيھ جي سخت پابندي ڪرڻي پوي ٿي. نثر
۾ اھا پابندي نھ آھي، جنھن ڪري معمولي استعداد
وارو بھ نثر ۾ آسانيءَ سان دلي مفھوم ادا ڪري سگھي
ٿو. عام طرح نثر ۾ ھيٺين قسمن جا مضمون درج ڪري
سگھجن ٿا:
سائنس، حڪمت، تاريخ، لغت، گرامر جا قاعدا، ناول،
ڊرامو، آکاڻيون ۽ قصا، انشا يعني خط پت لکڻ،
دستاويز، فروخت ناما لکڻ، واپاري ڳالھيون، حڪومت
جا قاعدا، سياسي ڳالھيون، ڪورٽن جا فيصلا ۽
روئدادون، سلوڪ ۽ معرفت جو بيان، خاص خاص موضوعن
تي مضمون، قدرتي مناظر جو تفصيلوار بيان وغيره.
نظم ۾ تاريخي احوال، جنگي بيان، عشقيھ آکاڻيون،
اخلاقي قصا، نصيحت ڀريا اھوال، سلوڪ ۽ معرفت جو
بيان ۽ ان جا مسئلا، تصوف، قصيدا، غزل، مرثيھ،
رباعي، قطعھ وغيره داخل آھن.
نثر جا قسم:
(١) نثر مرجز
لفظن جي اعتبار کان نثر جا چار قسم آھن:
(١) مرجز (٢) مقفيٰ (٣) مسجع ۽ (٤) عاري.
اسان جي انھن ورھاڱن کان ڪن اديبن کي ڪلام آھي، پر
اھي اسان پنھنجي طرفان نھ ڏنا آھن، بلڪھ اسان جي
مطالعي ۾ آيو آھي تھ ٽن قسمن جا ڪتاب آھن:
(١) ھڪڙا اھي ڪتاب جن ۾ نثر بابت ڪجھھ بھ لکيل نھ
آھي. (٢) ٻيا اھي ڪتاب جن ۾ نثر جا ٽي قسم آھن.
(٣) ٽيان اھي ڪتاب جن ۾ نثر جا چار قسم ڏنل آھن،
جھڙوڪ بحر الفصاحت، صحيفھ فنون ادب وغيره.
”غالب“ نثر بابت بحث ڪندي،
مقفيٰ ۽ مسجع عبارت ۾ فرق ڏيکاريو آھي، جو چوي ٿو
تھ: ”مسجع قافيو موجود، وزن مفقود، پر ان ۾ تصرع
جي رعايت ضرورت آھي. يعني فقره جا لفظ، مماثل ۽
ملائم ھڪ ٻئي سان ھجن ۽ جيڪڏھن اھا ڳالھھ نھ
ھوندي، رڳو قافيو ھوندو تھ ھن کي مقفيٰ چئبو نھ
مسجع.“
ان مان ثابت آھي تھ ”غالب“ مسجع ۽ مقفيءَ ۾ عبارت
۾ فرق محسوس ڪندو ھو، تنھن ڪري اسان ماڳھين مسجع ۽
مقفيٰ ۾ اھو فرق ڏيکاريندي، ٻھ جدا شيون ڏيکاريون
آھن، تان تھ سمجھڻ ۾ مونجھارو پيدا نھ ٿئي. بحر
الفصاحت جي مؤلف ص١١١٩ تي تفصيل سان نثر جا چار
قسم سمجھايا آھن.
صحيفھ فنون ادب جي مؤلف ”جناب صغير احمد خان“ نثر
جا چار قسم ڄاڻايا آھن ۽ ص٥ ۽ ٦ تي حاشيھ ۾ ”غالب“
جي انھيءَ ڳالھھ جو ”عود ھندي“ مان ذڪر ڪيو آھي.
معيار البلاغت جي مؤلف ”منشي ديبي پرشاد سحر“ صاحب
ترصيع جي بيان ۾، جنھن جو ذڪر مٿي ”غالب“ ڪيو آھي،
نثر جو مثال ڏيئي ص٦٤ تي چوي ٿو، جنھن جو سنڌي
ترجمو ڏجي ٿو: ”دھن جي تعريف تحرير کان بيرون آھي
۽ سخن جي توصيف تقرير کان افزون آھي.“
مٿئين ٽڪري ۾ دھن جي مقابلي ۾ سخن جي، تعريف جي
مقابلي ۾ توصيف، تحرير جي مقابلي ۾ تحرير کان،
بيرون آھي جي مقابلي ۾ افزون آھي، پر اھو سڄو ٽڪرو
نثر جو آھي ۽ اھو نثر مرصع جو مثال آھي ۽ مرصع جو
لفظ ترصيع مان ٺھيو آھي، جنھن جي معنيٰ موتي يا
جواھر جڙڻ آھي.
نثر موجز ان کي چئبو آھي، جنھن ۾ فقرن جا مقابل
لفظ ھم وزن ھجن، پر قافيھ نھ رکندا ھجن. ھن جو
مثال ”صغير احمد خان“ ھيءُ ڏنو آھي، جنھن جو سنڌي
ترجمو ٿو ڏجي:
”عيش عالم نقش بر آب آھي ۽ رنج دنيا خاڪ برباد نھ
ان جو قيام آھي نھ ان کي ثبات...“
ھن مثال ۾ عيش ۽ رنج، عالم ۽ دنيا، نقش ۽ خاڪ ۽
برآب ۽ برباد ھم وزن آھن. ساڳيءَ طرح باقي ٻن فقرن
۾ ”چو“ ۽ ”کي“ ۽ ”قيام“ ۽ ”ثبات“ ھموزن آھن. ھموزن
جو مطلب عروضي ھموزني آھي، نھ عربي صرف جي ھموزني.
عالم ۽ دنيا عروض جي لحاظ کان ھموزن آھي، جو ٻنھي
۾ ٻھ ٻھ سبب خفيف آھن يعني فعلن، پر عربي صرف جي
لحاظ کان ٻنھي جو وزن مختلف آھي. ھڪ جو وزن فاعل ۽
ٻئي جو فعليٰ.
صاحب ”بحر الفصاحت“ جو چوڻ آھي تھ انھيءَ قسم جا
مثال موجز جا ڪنھن طرح بھ نھ آھن، بلڪھ موازنھ جو
اھو قسم آھي، جنھن کي مماثلھ ٿو چئجي، جنھن جو
بيان مسجع ۾ اچي ٿو. نثر مرجز ۾ شعر جي ھموزن ھجڻ
۽ قافيو نھ ھٽجڻ شرط آھي.
مٿي جيڪو مثال ڏنل آھي، سو ”غالب“ اڳيان نثر مسجع
جي تعريف ۽ مثال آھي. ”غالب“ نثر مرجز جي ھيئن
تعريف ٿو ڪري: ”وزن ھجي ۽ قافيو نھ ھجي“ (عود
ھندي) تنھن ڪري ”غالب“ جي چوڻ مطابق نظم بنان
قافيھ جي بھ نثر مرجز ٿيندو. مثلا غلام احمد
نظاماڻي:
عبرت جي چاڙھ عينڪ، دنيا جو ڏس تماشو
ھي ڏيک ويک سارو، خواب و خيال آھي
ھي عيش ۽ تجمل، رھڻو ڪڏھن نھ آھي،
غفلت ڇڏي ”نظامي“، بيدار ٿي خدارا.
مٿئين مثال جو وزن آھي، مفعول فاعلاتن مفعول
فاعلاتن، پر قافيو ڪونھ آھي. مثال ٻيو:
ھنگامئھ ھستي کي، جي غور سان جاچيندين
ھر خشڪ وتر عالم صنعت جي طلاطم ۾
جو ذرھ خاڪ آھي يا قطرھ آب آھي
حڪمت جو مرقع ٿيو، جنھن تي قلم قدرت.
ھن مثال ۾ وزن آھي مفعول مفاعيلن، پر قافيو نھ
آھي. تنھن ڪري انھن ٻنھي مثالن کي نظم ھرگز چئي
نٿو سگھجي، بلڪھ نثر ۽ اھو نثر مرجز جو قسم آھي.
(٢) نثر مقفيٰ جو بيان:
نثر مقفيٰ اھو نثر آھي جيڪو مرجز جي برعڪس ھجي،
يعني قافيو رکندو ھجي پر وزن نھ رکندو ھجي، جنھن
جو ھيءُ مثال آھي:
1.
مير سانگي:
جان ڏسن تھ آوارگيءَ جو عالم، پريشاني اتم، نڪو
خويش نڪو بيگانو آھي، نھ تنبو نھ شاميانو آھي،
کائڻ لاءِ نھ ھڪ دانو آھي، گردش ۾ زمانو آھي،
ڪناري تي رسياسون، پر ڇا کائينداسون، آب شور شايد
پيئنداسون.
2.
گل خندان آخوند لطف الله:
ھڪڙي ڏينھن جان عالم ڪچھري ۾ ھو، شھزاديءَ ماھ
طلعت غسل ڪري ڦڻي ڏني، اکين ۾ سرمو وڌائين، زيور
پھريائين، ارغواني ويس جو جنسار ڪيائين ۽ سڀ ھار
سينگار ڪيائين. آرسي کڻي پنھنجو منھن ڏسندي، ڳلن
جي لالي، اکين جي گھرائي، جوانيءَ جو زور، حسن جو
شور، زلفن جو تاب ۽ غمزي جو حجاب ڏسي تماشو لڳي
ويس. چوڻ لڳي تھ واھ واھ! ھي بھ ڪو حسن بيمثال
آھي! يا بدر جمال آھي! جو اھو منھنجو حسن آھي تھ
بس حسن ختم آھي، سڀ حسن کان اتم آھي. خاص ٻانھين
کي سڏي چيائين تھ: ”ھيڏانھن اچو! ھيءُ تماشو ڏسو،
ھھڙو حسن جو شعلو، توڙي تجلو ڪو توھان ڏٺو يا
ٻڌو؟“ ٻانھين حسن جو تماشو ڏٺو، حسن نور اعليٰ نور
ڏٺائون، جلوو بيدستور ڏٺائون، پاڻ کي حسن تي محو
ڪيائون، پر في الحقيقت سھو ڪيائون.
3.
شمس الدين بلبل:
نانوائي تھ خرچ کاءُ جي وائي، ٽڪي ۾ دڪي جو ڦلڪو،
ويھھ کاءُ تھ بھ نھ لھي الڪو، جي ٻوڙ تھ مرچن جو
موڙ، چرٻيءَ جو چوڙ، مٺائيءَ جو ذرو کنڊ جو چڻن جي
چوٿائي، پڪوڙو جليبيون تيل جون بانسي، جيڪو کائي
تھ زڪام ۽ کانسي.
مٿين ٽنھي مثالن مان نثر مقفيءَ جي حيثيت معلوم ٿي
ويندي تھ ھنن ۾ قافيو آھي پر وزن ڪونھي.
(٣) نثر مسجع جو بيان:
نثر مسجع اھو آھي، جنھن جي ٻنھي جملن جا لفظ وزن ۾
برابر ھجن ۽ پوئين حرف ۾ بھ موافق ھجن. يعني
پھرئين جملي جا سمورا لفظ، ٻئي جملي جي سمورن لفظن
سان وزن ۽ حرف آخر ۾ موافقت رکندا ھجن. اھا صنعت
نظم ۾ ھوندي تھ ان کي مرصع ۽ نثر ۾ ھوندي تھ ان کي
مسجع چوندا.
”غالب“ جي ويجھو نثر مسجع ۾ ترصيع جي رعايت ضروري
آھي. يعني فقرن مان لفظ مماثل ۽ ملائم ھڪ ٻئي سان
ھجن ۽ جيڪڏھن ھيءَ ڳالھھ نھ ھوندي، رڳيو قافيو
ھوندو تھ ھن کي مقفيٰ چئبو، نھ مسجع.
”غالب“ جي ويجھو نثر مرصغ ڪا شيءِ نھ آھي. ترصيع
نظم ۾ ھوندو آھي نھ نثر ۾.
منشي ”ديبي پرشاد سحر“ معيار البلاغت جي ص٦٣ تي
لکيو آھي:
”سجع معنيٰ قمري ۽ ڪبوتر جو آواز.“
”سڪاڪي“ جي چوڻ موجب سجع نثر مان مختص ڪيو ويو
آھي. منشي صاحب جو چوڻ آھي تھ سجع نثر ۾ اھڙو آھي،
جھڙو قافيو نظم ۾، پر بعض جي چوڻ موجب مسجع نظم ۾
بھ ٿئي ٿو ۽ سجع ٽن قسمن جو ٿئي ٿو:
(١) سجع مطرف (٢) سجع متوازي (٣) سجع متوازن يا
موازنھ.
سجع مطرف اھو آھي، جيڪو نثر جي عبارت جي ٽڪري ۾
پڇاڙيءَ جا ٻھ ڪلما وزن ۾ جدا ۽ روي ۾ متفق ھجن،
جيئن ”دل مبتلائي ھجر پار آھي، سينو غم عشق سان
فگار آھي.“
سجع متوازي اھو آھي، جيڪو عبارت جي ٻن ٽڪرن يا ٻن
مصرعن جا آخري ڪلما متحد الوزن ھجن، پر وري جدا
ھجي. جيئن: ”اسان جو يار وڏو جميل آھي ۽ زماني ۾
بي نظير آھي.“
ڪڏھن اھڙو سجع موازنھ ٿئي ٿو، جو سڀ لفظ نثر يا
نظم ۾ متحد الوزن ۽ مختلف الروي مقابل واقع ٿين ٿا
۽ اھو ترصيع جي عيوض آھي. متوازي ۾ سجع جيئن ”قامت
موزون جي روبرو سرو روان ناچيز آھي ۽ ڪاڪل پيچان
جي سامھون مشڪ ختن بيقدر آھي.“ تلخيص جي مصنف ھن
کي مماثلھ جو نالو ڏنو آھي پر ”سڪاڪي“ ھن کي بھ
ترصيع ۾ داخل ڪيو آھي. حقيقت ھيءَ آھي تھ ترصيع ۾
وزن ۽ قافيھ جو اتحاد شرط آھي ۽ ھتي قافيو معتبر
نھ آھي، جنھن جي ڪري موازنھ کي اڪثريت سجع ۾ شمار
نھ ڪيو آھي بلڪھ جدا.
نثر مسجع جو مثال: اک اڙائي، دل ڦرائي، مت وڃائي،
ھوش لٽائي، عقل کسائي گھر آيس.
پر نثر مسجع سنڌيءَ ۾ چالو ڪونھي، تنھن ڪري ان جا
مثال ملڻ مشڪل آھن.
(٤) نثر عاري جو بيان:
نثر عاري اھو آھي جنھن ۾ وزن ۽ قافيي جو شرط نھ
ھجي. يعني انھن ڳالھين کان خالي ھجي. ان کي سنڌيءَ
جو روز مره بھ چوندا آھن. اڄڪلھھ سنڌي زبان ۾ اھڙي
قسم جو نثر عام طرح ھلندڙ آھي اخبارن ۾، ڪتابن ۾،
پوءِ اھي قصا ھجن يا تاريخي ناول ھجن يا ڊراما يا
ادب جي ڪنھن شاخ بابت ھجن، اھو ئي نثر پسند ڪيو
وڃي ٿو.
عود ھمديءَ جو ٻيو خط ڏسڻ گھرجي.
صحيفھ
فنون ادب مؤلف صغير احمد خان ص٦
صحفيهءِ
فنون ادب مؤلف صغير احمد جان، ص. ٦
|