سيڪشن: ادب

ڪتاب: ادب ۽ تنقيد

باب:

صفحو:21 

ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي بيان ۾ اختلاف ثابت ڪرڻ جي لاءِ پروفيسر شام لکي ٿو تھ: ”ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مٿئين بيان مان اھو صاف ظاھر آھي تھ آنجھاني چوٿون جلد بھ تيار ڪيو ھو ۽ ان ۾ دائود پوٽو ساڻس شريڪ نھ ھو. عجب آھي سندس ٻئي مؤلف ھڪ ٻئي جي ابتڙ آھن، پاڻيھي پنھنجي پھرئين بيان جي خلاف ڳالھائي ٿو.“

اچرج جي ڳالھھ آھي تھ ڪنز اللطيف جي صفحي ٢٣ کان ٢٧ تائين ڊاڪٽر دائود پوٽي جو قول پيش ڪيل نھ آھي، جنھن جي ترديد ھن عبارت مان ٿيندي ھجي، جيڪا ڊاڪٽر دائود پوٽي جي آھي.

ڪنز اللطيف جي صفحي٢٤ جي فٽ نوٽ تي ڊاڪٽر دائود پوٽھ جا لفظ آھن: ”منھنجي حمايت کان سواءِ گربخشاڻي چوٿون جلد تيار ڪري نھ سگھيو.“ صفحي٢٦ تي ھي قول نقل ڪيل آھي: ”مون چوٿون جلد ڪونھ ڏٺو ھو، نڪي ان جي تيار ڪرڻ ۾ ڪو منھنجو حصو ھو.“ ڇا ڊاڪٽر شام کي انھن ٻنھي عبارتن ۾ تضاد نظر اچي ٿو؟ ڪنز اللطيف جي صفحي٢٦ تائين ڊاڪٽر دائود پوٽي جي نسبت سان جيڪي ڪي چيو ويو آھي ۽ جنھن بھ چيو آھي، منھنجي سامھون آھي. پر دائود پوٽي جي ڪنھن بھ عبارت ۾ تضاد نظر نھ آيو. نھ شام صاحب اھو اختلاف نقل ڪيو آھي، جنھن تي اعتراض آھي. البتھ ھڪ فني ڳالھھ ڪيل آھي تھ فلان شخص جي تحرير ۾ غير جانبداري نٿي بکي.

ڇا ڊاڪٽر دائود پوٽي ۾ تضاد آھي؟

ڊاڪٽر دائود پوٽي جا ٻھ نقل مٿي ڏيئي آيا آھيون: ١- منھنجي مدد کان سواءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون جلد لکي نھ سگھيو، جنھن جو اختصار آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو چوٿون جلد نھ ڏٺو ھو. ڪنز اللطيف جي صفحي٢٤ تي لکيل آھي تھ ”تيار نھ ڪري سگھيو“ ۽ صفحي ٢٦ تي آھي تھ ”مون چوٿون جلد ڪونھ ڏٺو ھو“ ڇا تيار نھ ڪري سگھيو ۽ مون چوٿون جلد ڪونھ ڏٺو ھو ۾ ڪو تضاد آھي؟

ڊاڪٽر دائود پوٽي جو پنھنجي استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي سان سر ڪيڏاري بابت اختلاف ٿي پيو ھو ۽ ھن جو احساس علم ۽ تجربو ھو تھ بنان ھن جي مدد جي ھن جو استاد چوٿون جلد لکي ڪين سگھندو، تنھن ڪري جيئن ٻين افواھون ٻڌيون ھيون تھ چوٿون ڀاڱو لکيو ويو آھي تھ ھن بھ گمان ۾ پئجي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي پٽ کان چوٿون جلد ڏسڻ لاءِ گھريو پر ھو نٽائي ويو.

نٽائي ويو جا ٻھ تعبير ٿي سگھن ٿا: ١- ڊاڪٽر گربخشاڻي جي پٽ وٽ چوٿين جلد جو مسودو موجود ھو، پر ھن ڏيکارڻ ڪان انڪار ڪيو ۽ ٢- ھن چوٿين جلد جي وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ھجي.

بھرحال! ڪجھھ بھ ھجي، ڊاڪٽر دائود پوٽي جو خيال تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي ھن جي مدد کان سواءِ چوٿون جلد لکي نھ سگھندو، سندس پٽ جي انڪار کان ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خيال جي تائيد ٿي وڃي ٿي ۽ ھن جو شڪ زياده مضبوط ٿي وڃي ٿو، تنھن ڪري ھن چيو تھ مون چوٿون جلد ڪونھ ڏٺو. جيڪڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ٻنھي چوڻين جي اقتباس کي سامھون رکيو وڃي تھ ٻيو اقتباس پھرئين اقتباس جي تائيد ڪري ٿو. ھاڻي جيڪڏھن اسان جو چوڻ صھيح نھ آھي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي چوڻين ۾ تضاد موجود آھي تھ پروفيسر ڊاڪٽر شام صاحب اسان کي سمجھائي تھ اسين سمجھڻ جي لاءِ تيار آھيون.

ڊاڪٽر شام صاحب جي عبارات جا مضمرات

ڊاڪٽر شام صاحب جي مدعي سست ۽ گواھ چست جي مصداق ڊاڪٽر گربخشاڻي سان حد کان ايترو ٻاھر ڇو دلچسپي آھي؟ جو موصوف ھن جي مقابلي ۾ سڀني مسلمان ذي علم شخصيتن جي تذليل ڪري چڪو آھي. ان ۾ خواه مولانا سيد اسد الله شاھ ھجي يا ٻيا جھڙوڪ مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر دائود پوٽھ، لطف الله بدوي، محبوب علي چنھ وغيره. ان مان ھر ھڪ کي پروفيسر ڊاڪٽر شام صاحب سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح لويو آھي، باوجود انھن جي صحيح ھجڻ جي. شام صاحب جي ھن انداز فڪر مان ثابت ٿو ٿئي تھ موصوف کي جيتري محبت ڊاڪٽر گربخشاني ۽ پروفيسر لالسنگ اجواڻي سان آھي، اوتري مسلمان علماءُ ۽ ناقدين سان نھ آھي. ڪٿي ان جو ھي سبب تھ نھ آھي تھ پروفيسر شام صاحب کي ويدانت ۽ ويدانتي معاشري سان وڌيڪ دلچسپي آھي؟ ۽ مسلمانن ۽ مسلماني معاشري سان ڪا دلچسپي نٿو رکي؟ بلڪھ ھن جي انداز فڪر ۽ عبارت مان اھڙي بوءِ پئي اچي، ڄڻ خوانخواستھ ھو مسلم معاشري کان بيزار آھي. ھي اھو تحت الشعور احساس آھي، جو ھن جي احساس، خيالات ۽ عبارت ۾ پرده در پرده لڪل نظر ٿو اچي. (اھو تاثر ڪتاب ڪنز اللطيف پڙھن کان پوءِ حاصل ٿيو آھي- خليل)

آئون ھن جو عادي نھ آھيان جو ڪنھن جي مذھب ۽ ذاتي تصورات ۽ خيالات تي اعتراض ڪريان. بلڪھ منھنجو نقطئھ نظر ھميشھ علمي ۽ فڪري مرڪز تي مرڪز ٿئي ٿو. جڏھن مسلم معاشري سان واسطو رکندڙ عالمن، اديبن ۽ ناقدن مشاھدو ڪيو تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي اسلام جي نفي ٿو ڪري ۽ اسلامي تصوف کي ويدانت جو وڳو پھرائڻ ٿو گھري تھ اھي ان کي ڪيئن برداشت ڪري سگھن ھا؟ ياد رکڻ گھرجي تھ ھي مذھبي معاملو ھو ۽ اسلامي تصوف جو بنياد خالص ڪتاب ۽ سنت تي آھي، تنھن ڪري ان جي تخصيص ديندارن کان ئي ٿي سگھي ٿي. اھو سبب آھي تھ مسلم معاشري جي افراد ڊاڪٽر گربخشاڻي جي غلطين کي ظاھر ڪيو ۽ ھڪ ھڪ ڪري غلطيون ڳڻايون. ممڪن آھي، خليل جھڙو شايد پنھنجي مذھب کي پورو نھ سمجھندو ھجي. پر سيد اسد الله شاھ ٽکڙائي جھڙي ھستي پنھنجي مذھب کي ڪيئن غلط سمجھي سگھي ٿي؟

ڇا ڊاڪٽر گربخشاڻي جي اصحابِ صفه بابت تحقيقات ناظرين جي نظر مان نھ گذري ھوندي؟ اصحابِ صفه کي ھن ھڪ پينار ٽولو ڏيکاريو آھي، ھالانڪھ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انھن ۾ وڏا وڏا مفسر، محدث، فقيه ۽ گورنر ٿي گذريا آھن. جنھن شخص جي معلومات اسلامي تاريخ يا اصحابِ رسول الله بابت ايتري ڪمزور ھجي، تنھن کي اسلامي علوم جو ماھر سمجھڻ ۽ شاھ ڀٽائي رحھ جي فلسفي کي ويدانت ۾ پلٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن کي بھ روڪڻ ۽ نھ جھلڻ جو ڪم ڊاڪٽر شام صاحب جھڙا تھ ڪندا، پر عالم ضرور ان جو جواب ڏيندا، جيئن مولانا سيد اسد الله شاھ ڪيو ھو. پر خدا جو شڪر تھ ڊاڪٽر شام صاحب سلف جي تصوف کي ڪتاب وسنت سان ماخوذ مڃيو آھي، پر ھن مڃڻ ۾ بھ دور حاضر جي تصوف تي ھڪ طنز جو اشارو نڪري ٿو. مان شام صاحب کي سندس غلطي ڏيکارڻ گھران ٿو تھ ھن جيڪو تصوف جي حق ۾ آڳاٽن جو شرط لڳايو آھي، سو غلط آھي. ڪتاب وسنت اسلامي آئين آھن. جيڪڏھن ڪو انھن جي پابندي نٿو ڪري ۽ واپار ۾ بد ديانتي ٿو ڪري، کائڻ جي شين ۾ ملاوٽ ٿو ڪري ۽ ذخيرو ٿو ڪري، تاڪھ وڌيڪ فائدو پرائي تھ ائين ڪرڻ وارو گناھ ٿو ڪري ۽ سزا جو مستحق آھي. ھن جو ھرگز ھي مطلب نھ آھي تھ اھي شيون اسلام ۾ جائز آھن. ان ۾ آڳاٽن ۽ پوين جو شرط نھ آھي. جيڪا شيءِ پيغمبر ' جي زماني ۾ حرام ھئي، سا اڄ بھ حرام آھي، جنھن جو ثبوت ڪتاب وسنت مان ملي ٿو.

جيڪو تصوف پيغمبر ' جي وقتن ۾ ھو، سو اڄ بھ آھي. جيڪڏھن ڪو شخص پنھنجي ناواقفيت کان ڪنھن مسئلي جو غلط تعبير ڪري ٿو تھ اھو تعبير اڄ بھ غلط ھوندو، جھڙي طرح پيغمبر ' جي وقتن ۾ غلط ھو. واضح ھجي تھ ديني علوم ۽ خاص ڪري تصوف جي لاءِ ڪتاب ڪتاب وسنت جي علم وعمل جي پابندي ضروري آھي. مان اڄوڪي زماني جي صوفين ۽ دين کان بي خبر پيرن جي حمايت نٿو ڪريان، بلڪھ ڏيکارڻ گھران ٿو تھ اسلام جي حقيقت جيڪا پيغمبر اسلام جي زماني ۾ ھئي، سا اڄ بھ آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ھن جو تاويل ۽ پروفيسر شام صاحب جي تائيد جي ڪري ڪتاب وسنت جون حقيقتون بدلجي نٿيون سگھن. اسان جو مذھب حق جي ڳالھھ تي ڪنھن کان ڊڄڻ نٿو سيکاري ۽ پنھنجي خيالات جي اظھار ۾ ڇو ھٻڪڻ گھرجي؟ ۽ حق جي جيڪا صحيح ڳالھھ دل ۾ آھي، سا ئي زبان تي ھئڻ گھرجي. جيڪڏھن ھن جي برخلاف ھوندو تھ ان کي نفاق کان سواءِ ڇا ٿو چئي سگھجي؟ ”الحق مر.“

ھندئن شاھ ڀٽائي جي شاعري تي جيڪو ڪم ڪيو آھي ۽ خصوصيت سان ڊاڪٽر گربخشاڻي جا محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آھي، سا اسان جي شڪريھ جي مستحق آھي. ھو سنڌي تي گھڻي فلسفيانھ نظر رکندو ھو، پر اسلامي عقيدن کان ناواقف ھو. پر انھيءَ ڳالھھ جي ڪري ھن جي عظمت ۾ فرق نٿو اچي. تصوف بابت جيترو ڄاڻندو ھو، لکيائين ۽ ان کي ئي حقيقت سمجھندو ھو. اسلامي تصوف جي گھرائين ۾ وڃڻ جي ھن پوري ڪوشش نھ ڪئي ۽ نھ ھن ڳالھھ جي تحقيق ڪيائين تھ ڇا اسلامي تصوف اھو ئي آھي جو ھو ڄاڻي ٿو يا ھن جي حقيقت ان جي ماوريٰ آھي؟ ھو تصوف کي ويدانت جي ذريعي سان سمجھندو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھو ھندو ھو. ھن کي اھا خبر ئي ڪانھ ھئي تھ اسلام ۽ ويدانت ۾ وڏو فرق آھي. مگر ان جو اھو مطلب نھ آھي تھ ھن جي اھڙي وڏي غلطي ڏيکارڻ ئي نھ گھرجي ھا. ائين برابر آھي تھ خذ ما صفا ودع ماکد.

ڊاڪٽر شام جي تنقيدن ۾ تضاد:

مون پنھنجي استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي جي جيتري محنت قابل داد ھئي، تنھن جي واکاڻ اڳي بھ ڪئي آھي ۽ ھاڻي بھ ڪريان ٿو. مان ھن کي ڊاڪٽر شام وانگر ھمھ دان نٿو سمجھان. البتھ ڊاڪٽر شام کان گھڻو وڌيڪ ھن کي ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تھ ھن جو شاگرد آھيان ۽ ھن سان گھڻو اٿيو ويٺو آھيان. ڊاڪٽر گربخشاڻي نھايت ذي علم بزرگ ھو، جنھن کي ڀٽائي رحھ جي ڪلام سان محبت ھئي ۽ ھن پنھنجي زندگيءَ جو ھڪ قيمتي حصو شاھ ڀٽائيءَ جي ڪلام تي قربان ڪيو ھو.

ڊاڪٽر شام صاحب کي خبر ئي نھ آھي تھ تضاد حقيقت ۾ ڇا ٿيندو آھي؟ تنھن ڪري ڊاڪٽر دائود پوٽي تي تھمت مڙھي اٿس تھ ھن جي چوڻين ۾ تضاد آھي. ڊاڪٽر دائود پوٽي تي ٻيو ڪو حرف رکي نھ سگھيو آھي، تنھن ڪري تضاد جو الزام رکيائين،

ڊاڪٽر دائود پوٽي جو چوڻ آھي تھ: ”رسالي ۾ گھڻو ڪم منھنجو آھي.“[] تنھن کي ڊاڪٽر شام صاحب ھن جي غلط بياني ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي غلط ثبوت پيش ڪيا. اھو بحث مٿي ٿي چڪو آھي. اھا ڳالھھ گھڻي ڪم واري ذھن نشين ڪرائي، پروفيسر اجواڻي جو چوڻ تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو خواه مخواه داڪٽر گربخشاڻي جي شڪايت ٿو ڪري.[]

انھيءَ ڳالھھ کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر شام، ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ياد ڏياريندي ڪنز اللطيف جي صفحي٢٨ تي لکي ٿو تھ: (آنجھاني (ڊاڪٽر گربخشاڻي) کان ٽئين جلد ۾ پوري شڪر ادائي نھ پھتي پر پھرئين جلد جي منڍ ۾ گربخشاڻي صاحب ھي جو لکي ٿو ”آءٌ پنھنجي اڳوڻي پياري شاگرد ۽ ھاڻ ھمڪار پروفيسر مسٽر دائود پوٽي ايم اي جو تھھ دل سان شڪر گذار آھيان جنھن ھن جلد تيار ڪرڻ، شرح لکڻ ۽ ڇاپي جي درستين ڪرڻ ۾ مون سان دل وجان سان شرڪت ڪئي.“

انھيءَ لکڻ جي غفلت، ڊاڪٽر شام صاحب جون ڪيتريون ڀير جون ڳالھيون کولي ڇڏيون.

ڊاڪٽر شام جو تضاد ظاھر ٿي پيو، ڇاڪاڻ تھ ڪنز اللطيف جي صفحي٢٣ تي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي تعريف ۾ چئي آيو آھي ۽ اھو تاثر ويھاريو آھي تھ گربخشاڻي جيڪو رسالو تيار ڪيو، سو فقط پنھنجي مدد سان. جي ائين ھو تھ ھاڻي طنزا چوي ٿو، پھرين جلد ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي ڇا چيو ھو، تنھن ڏانھن ڌيان ڇڪائي ٿو. ان مان ثابت آھي تھ ھيترن اديبن چيو آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي محنت رسالي ۾ شامل ھئي.

1)        جيڪا محنت ڪيل آھي، تنھن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪم جي تشريح آھي، جا ڏيکاري آيا آھيون تھ ھن جو ڪم گھڻو ھو. اھو خود شام صاحب ثابت ڪري ڇڏيو.

2)       پروفيسر لالسنگ اجواڻي کي ٽيڪو ڏيندي ظاھر ٿي پيو تھ ھو اعتراض پيو وٺي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ان تمھيد تي، جا آنجھاني گربخشاڻي جي مقدمھ لطيفي جي نئين ايڊيشن لاءِ لکي ويئي ھئي، جنھن ۾ دائود پوٽي ڏيکاريو آھي تھ ھن ڪھڙو ڪم ڪيو ھو ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪھڙو ڪم ڪيو ھو؟ اھو صحيح ھو يا غلط؟ ڊاڪٽر شام صاحب کي عام دلچسپي لاءِ ان کي ظاھر ڪري ڇڏڻو ھو.

اسان کي جيڪو بھ مواد ھن سڄي بحث ۾ ھٿ آيو آھي، تنھن مان ڊاڪٽر دائود پوٽي جي پوزيشن صاف ٿيو پوي. ڊاڪٽر شام صاحب جي ڪيترين ڳالھين کي لڪائڻ جي ڪري ھڪ ناقد جي پوزيشن مجروح ٿيو پوي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي ٽنھي جلدن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مدد بابت قبول ڪيو آھي. پروفيسر محبوب علي چنھ ۽ غلام محمد شاھواڻي بھ اھو ئي قبول ڪن ٿا. ڊاڪٽر دائود پوٽھ ٻن ھنڌن: ١- ھڪڙو نئين زندگي ۾ ٢- ٻيو مقدمھ لطيفي جي نئين ايشڊيشن جي تمھيد ۾ ۽ ڊاڪٽر شام صاحب خود ڀل ۾ قبول ڪيو آھي. اھي سڀئي حوالا ثبوت پيش ڪن ٿا تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ جو گھڻو ھٿ ھو رسالي کي ترتيب ڏيڻ ۾.

ھيءُ بھ انھيءَ مواد سان ثابت ٿي وڃي ٿو تھ گھڻو ڪم ڊاڪٽر دائود پوٽي جو آھي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽھ ڪٿي بھ ڪونھ چيو آھي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون ڀاڱو لکيو آھي. جن جو اھڙو خيال آھي، سي ثابت ئي نھ ڪري سگھيا آھن. بلڪھ خود ڊاڪٽر شام صاحب مڃي ٿو تھ اھڙا افواه اٿيا ھئا.[] تنھن ڪري افواھن کي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي طرف منسوب ڪري نٿو سگھجي.

اھي خط جيڪي ڊاڪٽر دائود پوٽي ڊاڪٽر گربخشاڻي کي لکيا ھئا، جي محترم لطف الله بدوي عام راءِ رسالي ۾ جن جو اقتباس ڏنو ھو، تن کي ڊاڪٽر شام صاحب لڪائي بدوي صاحب تي جانبداري جي تھمت لڳائي آھي، حالانڪھ شام صاحب جو فرض ھو تھ ھو انھن خطن کي غلط ثابت ڪري، پوءِ الزام لڳائي ھا. حالانڪھ شام صاحب خط ظاھر ٿو ڪري تھ سڄو معاملو ڦري ٿو وڃي. لطف جي ڳالھھ آھي تھ ان ۾ تضاد پيدا ٿو ڪري تھ بدوي صاحب تحقيق جو ڌڻي آھي[] تھ پوءِ جانبدار ڪيئن ٿيو؟

ان وقت ادبي بورڊ مان ھڪ اھڙي لھر ھلي ھئي، جا ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خلاف ھئيم جنھن جو شايد شام صاحب بھ شڪار ٿي ويو ھو.

ڊاڪٽر شام جون جانبداري بابت ڳالھيون

ڊاڪٽر شام، جيڪڏھن ڪو ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪنھن اصول يا ڪنھن صحيح حوالي تي طرفداري ڪري ٿو، تنھن کي بنان ثابت ڪرڻ جي جانبدار ٿو سڏي ۽ سڀئي حوالا غلط ثابت ڪرڻ بنا ٿڏي ٿو ڇڏي. باقي پاڻ منڍ کان وٺي اھي ڳالھيون، جيڪي ڊاڪٽر دائود پوٽي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ھيون، تن کي لڪائيندو آيو آھي. سندس ھي طريقو تنقيد ڪرڻ جو ڏاڍو نرالو، پر غير ديانتدارانھ رھيو آھي.

ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ھڪ تحرير ثابت ڪري ٿي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي بي انصافي کان ڪم وٺندي، جناب غلام دستگير ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ٿوري ادا ڪرڻ ۾ ھڪ صف ۾ بيھاريو آھي، جنھن کي شام صاحب ڄاڻندي بھ لڪائي ڇڏيو آھي.

پروفيسر لالسنگ اجواڻي جي حوالي سان ڊاڪٽر شام صاحب لکي ٿو تھ: ”پنھنجي استاد جي مرتيو کان ڳچ عرصو پوءِ ھڪ وچتر ڪليم فارم ڀريو ويو آھي، جنھن ۾ دائود پوٽي دعويٰ ڪئي آھي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو رسالو گھڻي ڀاڱي سندس ئي تصنيف ھئي.“[]

انھيءَ حوالي ڏيڻ مان ثابت آھي تھ شام صاحب بھ انھيءَ راءِ جو آھي، پر جيڪا عقلمندي ڪئي اٿس، سا لطف الله بدوي مرحوم کي جانبدار ٺھرائڻ ۾ جڏھن ھو بھ شاھديون ڊاڪٽر دائود پوٽي جي فائدي ۾ پيش ڪري ٿو، جن جو حوالو شام صاحب ڏئي ٿو تھ ”ھڪ مضمون آھي پروفيسر لطف الله بدويءَ جو، ھيءُ صاحب ڊاڪٽر دائود پوٽي جي راءِ جي پٺڀرائي ٿو ڪري.“[]

مٿي پروفيسر اجواڻي جي تحرير ڏئي ٿو، پر ان جي رد ۾ لطف الله بدوي صاحب جيڪي لکيو ھو، سو تنقيدي اصول جي مطابق جنسي ڏيڻ کپندو ھو، نھ اھو حوالو تھ اھو ڪٿي لکيل آھي؟ اتي بھ اھو معاملو لڪائي ويو، جو ڊاڪٽر دائود پوٽي جي پوزيشن کي بلڪل صاف ڪري ثابت ڪري ھا تھ پروفيسر اجواڻي غلط بياني ٿو ڪري تھ پروفيسر لطف الله بدوي جانبدار آھي. اسين ڊاڪٽر صاحب جا ٻئي اقتباس ڏيئي فيصلو ناظرين تي ڇڏيون ٿا:

٣٠ مئي ١٩٣١ع واري خط جو اقتباس:

”شاھ جي رسالي جي تحفھ طور ڪاپي ملڻ تي خوشي حاصل ٿي. ان ھوندي بھ مون کي چوڻو ٿو پوي تھ سرورق تي اوھان جي نالي سان گڏ پنھنجو نالو نھ ڏسي جيئن اوھان جو وعدو ھو، دلي ڪوفت حاصل ٿي. مون کي جيتوڻيڪ پرواه نھ آھي پر اوھان کي ان بابت از خود خيال رکڻو ھو. جا مختصر قبوليت اوھان ڏني آھي (منڍ ۾ جا دائود پوٽي جي تعريف ڪئي ويئي آھي، ان جي طرف اشارو آھي- خليل) سا اڻ پوري ۽ معمولي آھي. ان کان تھ چڱو ائين ھو تھ منھنجو ذڪر ئي نھ اچي ھا. ھيءُ آھي ڇھن سالن جي سخت محنت جو انعام!“[]

اسان مٿي ڏيئي آيا آھيون تھ سنھ ١٩١٧ع ۾ رسالي مرتب ڪرڻ جا سانباھا ٿي چڪا ھئا ۽ اھو بھ ڏيکاريو آھي تھ خان بھادر محمد صديق پنھنجي اکين ڏٺو احوال سنڌي ادبي رسالي جون ١٩٥١ع ۾ ڏنو آھي. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو پھريون جلد سنھ ١٩٢٣ع بابت چوڻ آھي تھ: ”ھي آھي ڇھن سالن جي سخت محنت جو انعام!“ ان مان ثابت آھي تھ رسالي تي ڪم ١٩١٧ع ۾ شروع ٿي چڪو ھو، جنھن مان سمجھجي ٿو تھ ڊاڪٽر صاحب ۽ خان بھادر محمد صديق جو چوڻ صحيح معلوم ٿو ٿئي.

ٻئي خط جو اقتباس:

٦ جون ١٩٣١ع ”منھنجو نالو اوھان جي نالي سان شريڪ ٿئي، ان لاءِ منھنجو جداگانھ خيال آھي. ان جي لاءِ منھنجي ڪابھ صداءِ احتجاج ڪانھ آھي. غلام دستگير، جنھن جو ڪتاب جي صفحي ٢٨٣ تائين ڪو ھٿ نھ ھو، ان لاءِ ظاھر ڪيو ويو تھ ھن ان نسخي کي توھان جي لاءِ تيار ڪيو آھي. ھي چڱو نھ آھي. اسين ٻئي ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي ٢٨٣ تائين ڪم ڪيو آھي ۽ جيتري قدر چئي سگھجي ٿو، ٻن لکندڙن جي طرز تحرير جو ثمر آھي، سواءِ ڪن ٿورن شين جي، جيڪي اوھان پھرين جلد لاءِ لکيون آھن، باقي ڪم اسان گڏجي ھڪ جيترو ڪيو آھي. آءٌ پنھنجي طرف کان جا فراغت جي وقت جي قرباني ڪئي آھي، سا جيڪر آءٌ پنھنجي تندرستي جي درست ڪرڻ ۾ صرف ڪري سگھان ھا. ھي ڏسي تھ غلام دستگير منھنجي محنت جو وارث بڻجي ٿو، دل کي صدمو ڏيندڙ آھي. ان کان سواءِ اوھان ھيءُ بھ اعتراف نھ ڪيو آھي تھ آءٌ ئي ھيس جنھن برٽس ميوزيم ۾ رسالي لاءِ ڪم ڪيو آھي ۽ جنھن ڪم جي ڪري ئي مون پنھنجي موٽي اچڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو ھو. ھڪ مغربي عالم انھيءَ امداد جو ذڪر بنا ڪنھن طلب ۽ تقاضا جي از خود ڪري ڇڏي ھا. جو ڪجھھ ٿي گذريو آھي، آءٌ ھن جي ذڪر کان ھينئر گھڻو دور آھيان ۽ ان جو آئنده ڪوبھ ذڪر نھ ڪيو ويندو، جيئن اسان جي بھترين تعلقات ۾ ڪوبھ رخنو نھ پوي.“[]

بدويءَ صاحب ھن جي تصريح ڪئي آھي تھ اصل خط انگريزيءَ ۾ ھئا. موصوف خطن جي ضروري حصن جو ترجمو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جو پيش ڪرڻ ناگزير ھو.

ڊاڪٽر شام صاحب اھڙن اھم خطن جا اقتباس، جن جو ظاھر ڪرڻ بلڪل لازم ھو، لڪائي ڇڏيو. فقط عام راءِ جو حوالو ڏيئي ڇڏيائين ۽ ھوڏانھن پروفيسر اجواڻي جي عبارت جو اقتباس ڏيئي ڇڏيائين. اھڙيءَ طرح پنھنجي مخالفت ڊاڪٽر پوٽي لاءِ ۽ طرفداري ڊاڪٽر گربخشاڻي لاءِ ظاھري ڪيائين. انھن ٻن خطن مان ڪيتريون ئي ڳالھيون ظاھر ٿي پيون، جن کي شام صاحب لڪائڻ ٿي گھريو.

1)        صفحي ٢٣ ڪنز اللطيف تي ڊاڪٽر گربخشاڻي لاءِ شام صاحب غلط بياني کان ڪم ورتو آھي، ڇاڪاڻ تھ ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي مدد جو بھ ھٿ ھو ۽ پھريون جلد لکڻ وقت برٽش ميوزيم وارو نسخو ان وقت مھيا نھ ھو.

2)       پروفيسر بدوي جانبدار نھ ھو. بلڪھ جيڪا حقيقت سامھون ھئي، تنھن تي تبصرو ڪرڻ ۾ ھو حق بجانب ھو.

3)       پروفيسر اجواڻي سراسر غلط آھي، ڇاڪاڻ تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي تي سندس مرتيون کان گھڻو اڳي اعتراض ورتل آھن. ھن جي مجيجي ھجڻ جي دعويٰ بھ غلط آھي، جو ھن کي انھن خطن جي سڌ ئي ڪانھي. (اھو اڳتي ايندو)

4)       شام صاحب خواه مخواه اجواڻي صاحب تي اعتبار ڪري ٿو. انھن ڳالھين کي نھ لڪائي ھا تھ سندس ڀير بھ کلي پون ھا.

5)       غلام دستگير رڳو سر ڪيڏاري بابت مدد ڪئي ھئي. باقي سڄو ڪم جيئن ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو چوي، صحيح آھي.

6)       جيڪڏھن ٻين شاگردن ڊاڪٽر گربخشاڻي جي مدد ڪئي ھئي، جيئن پروفيسر اجواڻي ٿو لکي[] تھ ڊاڪٽر صاحب غلام دستگير وانگر انھن جا نالا بھ ضرور ڏئي ھا.

پروفيسر لالسنگ اجواڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو

پروفيسر لالسنگ اجواڻي ڊاڪٽر دائود پوٽي تي غلط اعتراض ڪيا آھن ۽ جيڪو بيان ڏنو آھي، تنھن جو ھڪ ھڪ لفظ غلط آھي ۽ جيڪو بحث ڪيو اٿس، تنھن جو ھر ھڪ دليل غير درست ۽ تعصب سان ڀريل آھي. منھنجو ذاتي تجربو آھي تھ ھن کي ڊاڪٽر دائود پوٽھ سان ذاتي بغض ھو. ڊاڪٽر شام صاحب اڃا ڄاتو ئي ڪونھ ھوندو، تڏھن جي ڳالھھ آھي. نوجوان دائود پوٽو سڄي سنڌ ۾ پھريون نمبر مئٽرڪ ۾ آيو ھو. ١٩١٧ع جي ڳالھھ آھي. اسان سڀ ڪاليج ۾ ھئاسين. نوجوان لالسنگ اجواڻي اسان کان مٿين ڪلاسن ۾ ھوندو ھو. ھميشھ فرسٽ ڪلاس ايندو ھو. اسان سان گڏ ھن جو ننڍو ڀاءُ رامسنگ ھوندو ھو، جو پڻ فرسٽ ڪلاس شاگرد ھو. لالسنگ اجواڻي گھڻي ڪوشش ڪئي تھ ايف – اي ۾ ھن جو ڀاءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي کان کلي وڃي، مگر پروفيسر لاگو ۽ ٽروبڊي منصوبي ۾ شامل نھ ٿيا. ڊاڪٽر گربخشاڻي امتحان جي ڏينھن ۾ موڪل تي ويل ھو ۽ پروفيسر شيرازي، لاگو ۽ ٽريويڊي؟؟؟ ڇاڪاڻ تھ ڊاڪٽر پوٽي سٺو ڪيو ھو، تنھن ڪري ھن کي چڱيون مارڪون ڏنائون ۽ ھو پھريون نمبر اچي ويو. دشمني جي ڊپ کان انٽر ۾ حساب کنيائين، بي-اي ۾ فارسي کنيائين. ڪاليج ۾ پھريون نمبر آيو ۽ ايم-اي ۾ عربي ۾ بمبئي يونيورسٽي ۾ پھريون نمبر اچي چانسلر ميڊل کٽيائين. سنھ١٩٣٩ع ۾ ڪاليج جي پنجاه سالھ ورسي جي ميگزين ڇپي. جڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽھ ڊي، پي، آئي ٿي آيو. جيڪي سنڌي پروفيسر ٻاھرين ڪاليجن ۾ ھئا، جن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو بھ ھو، پر ڇاڪاڻ تھ پروفيسر لالسنگ ايڊيٽر ھو، دائود پوٽي جو فوٽو نھ ڇاپيو ويو پر ٻين سڀني جو چپيو. ھن کان وڌيڪ ڪھڙو ثبوت پيش ڪري سگھجي ٿو.

ڊاڪٽر شام ان وقت جي ماحول ۽ پس منظر کان واقف نھ ھو، تنھن ڪري پروفيسر اجواڻي جي غلط چوڻي تي موھجي تھ ”مائٽ مري وڃن پر مجيجي نھ مرن“[] کي صحيح سمجھي، پروفيسر اجواڻي کي ڊاڪٽر گربخشاڻي جو رازدان ٿو سمجھي. جي مجيجي ھو تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي جيڪي ٻھ خط ڊاڪٽر گربخشاڻي کي لکيا ھئا، تن جي کيس ڇو خبر نھ پئجي سگھي؟ ھڪ صحيح قسم جو تنقيد نگار لفظن جي ڦير ۾ ڪڏھن اڙندو نھ آھي، بلڪھ اصل مطلب کي تاڙي ويندو آھي.

ڊاڪٽر دائود پوٽي جي دعويٰ غلط ھجڻ جو ھڪ مزيدار دليل پروفيسر اجواڻي ڏنو آھي، جو سندس شاھڪار ليکجڻ جي قابل آھي. چوي ٿو: ”مون کي پڪ آھي تھ جي ڊاڪٽر دائود پوٽو ھن کان پوءِ بھ رسالي جو رڳو چوٿون جلد ڪڍندو تھ سندس دعويٰ جي قلعي کلي پوندي.“

ھيترو بحث انھن ڏينھن ۾ ھلندڙ ھو، پروفيسر کي خبر ئي نھ پيئي آھي تھ شاھ جي رسالي کي مرتب ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪيو آھي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي ھن جي مدد ڪئي آھي. بحث ھن ڳالھھ تي آھي تھ وڌيڪ پورھيو ڪنھن ڪيو آھي؟ ۽ ٻنھي جا نالا سرورق تي اچڻ کپندا ھئا تھ پروفيسر اعتراض ٿو ڪري تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو چوٿون جلد تھ لکي ڏيکاري. ڊاڪٽر دائود پوٽو ڇو لکي؟ جڏھن سر ڪيڏاري تي اخلاف ٿيو تھ مدد بن ڪئي ويئي، تنھن ڪري ١٥ سالن تائين ڊاڪٽر گربخشاڻي جنھن اڳين ١٥ سالن ۾ ٽي جلد لکيا ھئا، ھاڻي ھڪ جلد بھ لکي نھ سگھيو. لکي ھا تھ خبر پئجي وڃيس ھا تھ اڳين ٽن جلدن جي ڀيٽ ۾ چوٿين جلد جي ڇا حيثيت آھي؟

لالسنگ اجواڻيءَ جي وچتر ڪليم فارم ڀرڻ جو اعتراض کي نھ رڳو ڊاڪٽر شام صحيح سمجھي ٿو، بلڪھ انھيءَ اعتراض تي فٽ نوٽ ۾ طنزا ٻھ اعتراض ڪيا آھن. ڇا ڊاڪٽر شام سمجھي ٿو تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو پنھنجي مذھب کان واقف نھ ھو؟ سڀني کي خبر آھي تھ ھو سخت مذھبي خيالات جو ماڻھو ھو، تنھن ڪري ضرورت ڪانھ پئي ھيس تھ اسلامي تصوف کي ويدانت سان ملائيندو. اھا ضرورت ڊاڪٽر گربخشاڻي کي پيئي ھئي نھ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي. ڊاڪٽر دائود پوٽي کي چٽائي ڪرڻي ئي نھ ھئي، ڇاڪاڻ تھ ھن بلڪل صحيح سمجھيو ھو تھ ماڻھو ھن کي مسلمان سمجھن ٿا، تنھن ڪري ضرور سمجھي وٺندا تھ اھو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آھي. حيران آھيون تھ ڊاڪٽر شام پاڻ کي مسلمان سمجھندي بھ اھڙي سولي ڳالھھ نھ سمجھي سگھيو آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جيڪڏھن جيڪي ڪي ڊاڪٽر دائود پوٽي لکي ڏنو ھوندو، تنھن ۾ ڀڃ گھٽ ڪندو تھ ذميوار ڪير ٿيندو؟ روحاني رازن جو نالو ھندئن مسلمانن کان ٻڌو ھو، پر ان کي ھندو ذھنيت جي مطابق سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ان جو ھڪڙو مثال ڄيٺمل پرسرام جو ڏيئي آيا آھيون جو الف ۽ ميم کي اوم جو منتر سمجھندو ھو.

ڊاڪٽر شام صاحب ھيٺ وٺي، بنان ڪنھن ثبوت جي ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي مخالفت ڪندو آيو آھي ۽ جنھن بھ شخص ڊاڪٽر دائود پوٽھ جي مخالفت ڪئي آھي، تنھن جو پاسو ورتو اٿس. بنان سوچڻ جي تھ ان شخص جا دليل صحيح آھن يا نھ؟ اھڙي طرح پنھنجي ناقدانھ حيثيت مجروح ڪري ڇڏي اٿس.

داخلي ۽ خارجي شھادتون:

ڊاڪٽر شام ھڪ نھايت حرفتي اعتراض ڪيو آھي تھ جيڪڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽھ پنھنجي مؤقف تي قائم آھي تھ پوءِ گربخشاڻي جي شرح ۽ مقدمي تي اعتراض ڪيا وڃن ٿا ۽ ان کي غير اسلامي ثابت ڪرڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو وڃي ٿو، سو ڇو؟ شام صاحب جو سوال نھ رڳو حرفتي آھي، بلڪھ منجھائڻ لاءِ آھي تاڪھ غلط بياني پيدا ڪري.

مؤقف ڏانھن اشارو آھي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي دعويٰ تھ: ”رسالي ۾ گھڻو ڪم منھنجو آھي.“[] اھو اسان مٿي انگن اکرن سان ڏيکاري آيا آھيون، جنھن کي پھريائين شام صاحب کي غلط ثابت ڪرڻو پوندو. شرح تي اعتراض پھريائين ھندئن ڪيو ھو، جنھن جو مسلمانن جواب ڏنو ھو ۽ پڇاڙيءَ ۾ مولانا سيد اسد الله شاھ ٽکڙائي جواب ڏنو تھ ”ٻيو اعتراض معنائن بابت آھي. ان لاءِ عرض تھ سڀ ڪو پنھنجي فھم ۽ ادراڪ ۽ ذھن جي رسائي موجب معنيٰ ڪري ٿو.“[]

شام صاحب جو اھو خيال ھو تھ: ”پوءِ ھن تي اعتراض ڇو؟“ جو ڪوبھ جواب ڏيئي ڪين سگھندو، پر اھو ياد ڪين رھيس تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪٿي بھ اھا دعويٰ ڪين ڪئي تھ شاھ جو سڄو رسالو ھن جو لکيل آھي. بلڪھ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي مقدمھ لطيفي جي وري ڇپجڻ تي دائود پوٽي جي تمھيد ۾ ڏيکاريو ويو آھي تھ پاڻ ڇا لکيو آھي ۽ گربخشاڻي ڇا؟

ڊاڪٽر شام صاحب ڪنز اللطيف جي صفحي ٢٨ جي فٽ نوٽ ۾ خود لکيو آھي تھ: ”شاھ جو مذھب“ ۽ ”يدانت“ بابت ڪابھ چٽائي ڪيل نھ آھي، جنھن جو جواب ڏنو آھي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي ان جو ذمھ وار آھي ۽ ساڳي ڳالھھ سيد اسد الله شاھ ڪئي آھي، تنھن ڪري اھو سوال ئي مغالطي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آھي. تصوف ۽ ويدانت کي ھڪ ڪري ڏيکارڻ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ڪارنامو نھ آھي، بلڪھ گربخشاڻي جو آھي ۽ ان تي مسلمانن ڊاڪٽر گربخشاڻي تي احتجاج ڪيو آھي. ھن ڳالھھ کي ڊاڪٽر دائود پوٽي تي ڇو ٿو ھڻي؟

اسان تحقيق جي ان نڪتھ تي پھچي چڪا آھيون، جتان خارجي ۽ داخلي شھادتون گڏ ٿي وڃن ٿيون. پروفيسر ڊاڪٽر شام جو وھم انھن شھادتن جي موجودگيءَ ۾ تفصيل کان بلڪل دور ٿي وڃي ٿو. شام صاحب جون اھي تنقيدون تحقيق جي خيال کان نھ لکيل آھن، بلڪھ ڪنھن کي لوئڻ جي لاءِ تعصب ۽ گمان کان جنھن کان سندس پنھنجو نقصان ٿيو آھي. کيس چڱو موقعو ھٿ آيو ھو، جو ڪيترن نڪتن جي موجودگيءَ ۾ تحقيق ۽ انصاف کان ڪم وٺي ھا تھ ادبي دنيا ۾ نھ رڳو داد حاصل ڪري ھا، پر پنھنجي لاءِ ھڪ مقام پيدا ڪري وٺي ھا. پاڻ جيڪي پروفيسر بدوي لاءِ غلط بياني ڪئي آھي، سا بھ ساڻس لاڳو ٿئي ٿي.

ڪيتريون حقيقتون سندس ھٿ آيون ھيون تن کي الائي ڪھڙي خيال سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين؟ پروفيسر لطف الله بدوي جي عام راءِ واري مضمون مان ڪيتريون ڪم جون ڳالھيون ملن ٿيون، پر جيڪڏھن انھن کي غلط ٿو سمجھي تھ ثبوت ڏئي ھا. اھي خارجي شھادتون ھي آھن:[]

1)        ان جي تمھيد تي نظر پوڻ سان خبر پئي ٿي تھ سندس ھن عظيم الشان ڪم ۾ ساڻس وڏو مددگار شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽھ صاحب جي ذات گرامي ھئي.

2)       مون ان زماني ۾ ھيءَ حقيقت سنڌ جي مشھور مصنف ڀيرومل آڏواڻي سان بھ ڪئي، جنھن جا ڪيترا ئي مضمون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مرتب ڪيل رسالي متعلق، تنقيدي سنڌو رسالي ۾ نڪري چڪا ھئا. ڀيرومل منھنجي خيال جي تائيد ڪئي. ھيءَ ان راز متعلق منھنجي پھرئين جستجو ھئي.

3)       ان زماني کان ٿورو اڳ مسٽر ڄيٺمل گلراجاڻي ”روح رھاڻ“ نالي رسالو حيدرآباد مان ڪڍندو ھو، ان ۾ شاھ ڀٽائي ۽ ان جي تصوف تي اڪثر مضمون شايع ٿيندا ھئا. ان جي ھڪ عدد ۾ سنڌ جي ھڪ اديب ليلا رام وطن مل جي مضمون جو اقتباس مسٽر ڄيٺمل پنھنجي ايڊيٽوريل ۾ ڄاڻايو آھي، جنھن ۾ ھن صاف طرح ھن ڳالھھ جو انڪشاف ڪيو آھي تھ ڊاڪٽر گربخشاڻي جا رسالي تي محنت ورتي آھي، ان ۾ نوجوان مسلمان دائود پوٽي جو ڀاڳ آھي.

ڄيٺمل پرسرام صاحب جو ايڊيٽوريل ۽ ليلارام وطن مل جي مضمون جي اقتباس جو ذڪر اھي ٻئي خارجي شھادتون اھڙيون آھن، جن جي ڪمزوري جو ڪو سبب نظر نٿو اچي. پروفيسر لطف الله بدوي صاحب جي معلومات مان ھيٺيون ڳالھيون ثابت ٿين ٿيون:

1)        ڊاڪٽر دائود پوٽي جي دعويٰ بلڪل صحيح آھي.

2)       بدوي صاحب بھ اھا دعويٰ تسليم ڪئي آھي ۽ ان جي تائيد ڪئي آھي.

3)       ڪاڪي ڀيرومل بھ اھا دعويٰ قبول ڪئي آھي.

4)       پروفيسر بدوي جي تائيد ڄيٺمل جي بيان مان ٿئي ٿي.

5)       ليلارام وطن مل جو اقتباس نھ رڳو ڄيٺمل پرسرام جي تائيد ڪري ٿو، بلڪھ ڀيرومل پروفيسر بدوي جي تائيدن جي بھ تصديق ڪري ٿو ۽ ان تصديق مان دائود پوٽي جي دعويٰ حقيقت جي عين مطابق ثابت ٿئي ٿي.

داخلي شھادتون:

دنيا ۾ ٻن مضمون نگارن جي تحرير ڪڏھن ھڪ جھي نٿي ٿئي، جھڙي طرح ٻن ماڻھن جون صورتون ڪڏھن ھڪ جھڙيون ٿي نٿيون سگھن. اھڙيءَ طرح ٻن مضمون نگارن جو انداز فڪر ڪڏھن ھڪ جھڙو نھ ٿو ٿي سگھي.

حالي ۽ سر سيد جي عبارتن ۽ انداز فڪر ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. شبلي جو انداز فڪر، استدلال جو طريقو ۽ نثر نويسي جو ڍنگ انھن کان بلڪل جدا آھي. اھو ئي حال سنڌي نثر نگارن جو آھي. جيتوڻيڪ اھي اڃا انھيءَ حد تي پھچي نھ سگھيا آھن، جو سنڌ جي مشھور اديبن جي انداز فڪر جون خصوصيات بيان ڪري سگھن، تنھن ھوندي بھ سنڌي ٻوليءَ جا مفڪر ھن راز کان واقف آھن تھ ٻن اديبن جو انداز فڪر، نثر نگاريءَ جو ڍنگ ۽ استدلال جو طريقو الڳ الڳ ھوندو آھي. ھيءُ ھڪ اھڙو اصول آھي، جو ان جي بنياد تي ٻن ماڻھن جي تحرير ائين سڃاڻي سگھجي ٿي، جيئن ٻن ماڻھن جون شڪليون جدا جدا سڃاڻي سگھجن ٿيون ۽ ڪو شڪ نھ آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو ھن راز جو محرم ھو. تڏھن تھ ھو ڏاڍي زور و شور ۽ يقين سان ٿو لکي تھ ”گربخشاڻي صاحب جا ڪيترا ئي مضمون ۽ نور جھان جو تاريخي افسانو اڃا بھ موجود آھن، جن مان پڙھندڙن کي معلوم ٿيندو تھ جيتوڻيڪ ھو ھڪ زبردست ڪاتب ھو تھ بھ سندس اصلوڪي طرز عبارت بلڪل نرالي ھئي. رسالي جي ٽئين جلد جي ٢٨٣ صفحي کان پوءِ جتان مسٽر غلام دستگير ٻانڌياڻي ۽ سندس عبارت شروع ٿئي ٿي، انشا پرداز سھي ڪري سگھندا تھ قصو ڪيئن آھي؟“[]

ڇا نثر نگاري جا عارف، انداز فڪر جا حقيقت شناس ۽ طرز استدلال جا مزاج دان ھن جي انھيءَ دعوت تي ڌيان ڏنو آھي؟ اھل فڪر کي غور ڪرڻ جو چڱو موقعو مليو ھو جو ان تي ويچار ڪن ھا. مگر افسوس تھ ڪنھن ان طرف ڌيان نھ ڏنو. اٽلو غلط بياني کان ڪم ورتائون، نھ تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي دعويٰ ثابت ٿي وڃي ھا. مگر ان ۾ ھڪ مشڪل ھو تھ ٻھ جدا جدا انداز فڪر ۽ عبارت جي ٻنھي فرزن ۾ فرق معلوم ڪرڻ ھڪ ذھني فعل آھي ۽ ان جو مدار ڪثرت مزاولت تي آھي. جيڪو شخ حڪيمانھ فڪر ۽ محققانھ ذھن رکندو ھوندو، سو ٻن عبارتن جو فرق چڱي طرح سمجھي وٺندو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو انداز تحرير الڳ الڳ آھن، تنھن ڪري تحرير مان انداز فڪر جو اختلاف بھ بنان تڪليف جي سمجھھ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ثابت ٿي وڃي ٿو تھ ڊاڪٽر دائود پوٽو انداز تحرير ۽ فڪر جو ماھر ھو.

خارجي ۽ داخلي ٻنھي گواھين مان ھي ثابت ٿي ويو آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي بابت ڊاڪٽر گربخشاڻي جيڪي ڪي لکيو آھي، سو ڊاڪٽر دائود پوٽي جي دعويٰ جو ناقابل ترديد ثبوت آھي. منھنجو خيال ھو تھ انھن ٻنھي ڊاڪٽرن جي تحرير جو فرق ڏيکاريان ھا، پر مون کي اوچتو ڊاڪٽر گربخشاڻي جا ڊاڪٽر دائود پوٽي کي لکيل خط ھٿ اچي ويا. انھن جھڙو ٻيو سٺو ثبوت ٿي نٿو سگھي، تنھن ڪري تحرير جو فرق ڏيکارڻ ڇڏي ڏنم.

ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي پاڻ ۾ خط و ڪتابت

ڪنز اللطيف جي بيجا اعتراضن ۽ تنقيدن جو جائزو وٺي جڏھن پورو ڪيم تھ اوچتو ھڪ خيال آيم تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي جيڪو خط ڊاڪٽر گربخشاڻي کي لکيو ھو، سو ڏسجي ٿو تھ ان جو نقل احتياط سان سانڍي رکيو ھو، متان ڊاڪٽر گربخشاڻي جيڪي خط ڊاڪٽر دائود پوٽي کي لکيا ھئا، سي بھ وٽس موجود ھجن. جڏھن ڪنھن ڪم سان ڪراچي ويس تھ وقت ڪڍي خانم دائود پوٽي کي وڃي ڏٺم. خانم مون کي سڃاڻندي ھئي ۽ کيس خبر ھئي تھ آءٌ ڊاڪٽر صاحب سان ڪاليج ۾ ھم ڪلاس ھوس. تنھن ڪري مون کي ھڪ وڏو فائيل ڪڍي ڏنائين. ڪراچي ھڪ ڏينھن لاءِ ويو ھئس پر انھيءَ فائيل جي ڪري گھڻا ڏينھن ٽڪي پيس.

فائيل ۾ گھڻن قسمن جا خط ڏٺم. ١- ھڪڙا اھي خط جن جا نقل ڊاڪٽر صاحب رکيا ھئا جيڪي ھن ڊاڪٽر گربخشاڻي کي لکيا ھئا. ٢- ٻيا اھي خط جيڪي ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ھن جي پروفيسرن ولايت مان لکيا ھئا. ٣- ٽيون اھي خط جيڪي دوستن وقت بوقت ڊاڪٽر صاحب کي لکيا ھئا. ٤- چوٿان اھي خط جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪراچي يا ولايت مان ڊاڪٽر دائود پوٽي کي لکيا ھئا.

جڏھن ڊاڪٽر گربخشاڻي جا خط پڙھيم تھ حيران رھجي ويس تھ ھڻ شرافت جي پتلي پنھنجي استاد جي تعظيم ۽ عزت جي لاءِ ڪھڙي نھ قرباني ڏني آھي. ماڻھن جي شرارتن کان مجبور ٿي ھن پنھنجن ٻن خطن جا نقل محترم پروفيسر بدوي صاحب کي ڏنا ۽ پوءِ ٻيو ڀيرو جڏھن مقدمھ لطيفي ڇپيو تھ ان جي تمھيد لکيائين. جيڪڏھن رڳو ھڪ خط گربخشاڻي وارو ڇاپائي ڇڏي ھا تھ سندس مخالفن جو وات بند ٿي وڃي ھا. آءٌ ڪن خطن جو رڳو اقتباس ڏيان ٿو، جن مان ڪن ٿورن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڏيان ٿو. جيڪڏھن مرحوم جي خلاف لکڻ کان اڃا بھ مخالفن خاموشي اختيار نھ ڪئي تھ تفصيل سان انھن خطن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڇاپائڻيون پونديون، ڇاڪاڻ تھ ھم ڪلاس ۽ دوست ھجڻ جي حيثيت ۾ مون تي اھو فرض عائد ٿيندو تھ اھو باب بند ٿئي تھ بھتر آھي.


[]   ڪنز اللطيف ص٢٦-٢٧

[]   []  ساڳيو

[]   ڪنز اللطيف ص٢٥-٢٨

[]   ساڳيو

[]   ڪنز اللطيف ص ٢٣، ٢٧

[]   ڪنز اللطيف ص ٢٣، ٢٧

[]   []  ڪنز اللطيف ص٢٨- ٢٦

[]   ساڳيو

[]   رسالو عام راءِ سيپٽمبر سنھ١٩٥٠ع ص٢٨ بحوالھ لطف الله بدوي

[]   عام راءِ سيپٽمبر ١٩٥٠ ص٢٩

[]   ڪنز اللطيف ص٢٩، ٣٠

[]   ڪنز اللطيف ص٢٧-٢٩

[]   شاهه جو رسالو جو مطالعو مؤلف وفائي ص١١٨

[]   ساڳيو

[]   مضمون لطف الله بدوي عام راءِ سيپٽمبر ١٩٥٠ع ص٢٨ شام صاحب اھو لڪائي ڇڏيو.

[]  تمھيد مقدمھ لطيفي (ٻيو ڇاپو) از ڊاڪٽر دائود پوٽھ ص٢٨ مئي ١٩٥٠ع ص٣

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org