شاعر جي چوڻ جو رڳو ھي مقصد آھي تھ گل خوشبوءِ سان
مھڪي رھيو آھي، جنھن مفھوم کي ھن ائين ادا ڪيو آھي
تھ گل نھ آھي بلڪھ ھڪ عطر وڪڻندڙ آھي. پوءِ عطر
فروش ٿيڻ کي شاعر ھي چئي ظاھر ڪيو آھي تھ گل عطار
جي شان سان جلوھ گر ٿيو آھي، جنھن ۾ گل کي عطار
يعني عطر ٺاھڻ واري يا عطر فروش سان تشبيھھ ڏنل
آھي ۽ گل جي کلڻ کي جلوه گر ھجڻ سان تعبير ڪيو
آھي. ھي مٿي بيان ڪيل مضمون کي ادا ڪرڻ جو ھڪ ڏاڍو
نرالو اسلوب آھي.
ٻي مصرع ۾ صبا کي اشتھار ڏيندڙ شخص سان استعارو
ڪري، مضمون کي ترقي ڏني آھي. ڇاڪاڻ تھ پھرين مصرع
۾ گل کي عطار سان تشبيھھ ڏنل آھي ۽ ٻي مصرع ۾ صبا
کي اشتھار ڏيڻ واري سان استعارو ڪيو آھي ۽ ھي
استعارو بالڪنايھ آھي. ٻي مصرع جو ھي مفھوم آھي تھ
صبا خوشبو سان مھڪيل آھي. ھن مفھوم کي ائين چئي
ادا ڪيو ويو آھي تھ صبا عطر بيزي جو اشتھار ڏئي
ٿي. ظاھر آھي تھ صبا ۾ اشتھار ڏيڻ جي صلاحيت نھ
آھي. اشتھار فقط ماڻھو ڏئي سگھي ٿو. انھيءَ قريني
جي سبب صبا استعاره بالڪنايھ آھي.
ٻن مصرعن ۾ ٻھ ڳالھيون چيون ويون آھن ۽ پھرين
ڳالھھ جي چوڻ جو اسلوب ٻي ڳالھھ کان الڳ آھي،
انھيءَ جو نالو اسلوب بيان جي جدت آھي.
جلوه گل سايئھ سنبل پسايو صبح وشام
ھن بھاري ئي ملايا پاڻ ۾ ليل ونھار
بھار جي مناسبت سان گل ۽ جلوو، سنبل ۽ سايئھ سنبل.
گل ۽ سنبل جي مناسبت سان ليل ونھار جا لفظ مزاة
النظير جو مثال آھي. انھيءَ مناسبت سان پسايا ۽
ملايا بھ رعايت لفظي جو ثبوت آھي.
تنوع بيان جي نموني کان مٿي بيان ڪيل شعر ڏاڍو
خوبصورت نمونو آھي. مثلا شاعر کي ھي چوڻو آھي تھ
بھار ۽ گل بھ آھي ۽ سنبل بھ. ھن مفھوم کي شاعر ھن
پيرايھ ۾ ادا ڪيو آھي تھ جلوه گل ۽ سايئھ سنبل،
صبح ۽ شام جو منظر اکين جي سامھون آڻي ڇڏيو آھي.
صبح کي جلوه گل سان تشبيھھ ڏني اٿس ۽ شام کي گھري
سياھي جي لحاظ کان سنبل جي بدران سايئھ سنبل سان
تشبيھھ ڏني آھي. بعض وقت ھڪ معمولي تشبيھھ ٿوري
اضافي سان ھڪ سھڻي ۽ غير معمولي تشبيھھ بنجي ٿي
وڃي. جھڙي طرح عزيز سنبل جي بجاءِ تشبيھھ ۾ سايئھ
سنبل وڌائي تشبيھھ کي بلڪل نئون ڪري ڇڏيو اٿس ۽
ائين اھو شاعر ئي ڪري ٿو سگھي، جيڪو تشبيھھ جي
فلسفھ ۾ مھارت رکندو ھجي.
ھاڻي ٻي مصرع جي انداز بيان جو جائزو وٺون ٿا.
شاعر جو مقصد رڳو ھي چوڻو آھي تھ ھن بھار ۾ متضاد
رنگ ھڪ ئي وقت ۾ ھڪ جڳھھ موجود ٿي ويا آھن، جنھن
جي مفھوم کي ادا ڪرڻ جو اسلوب شاعر ھي اختيار ڪيو
آھي تھ موجودھ بھار رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري
ڇڏيو آھي ۽ ھي جلوه گل ۽ سايئھ سنبل جي ٻيو مثال
آھي. ظاھر آھي تھ ملائي جي لحاظ کان ٻي مصرع جو
اسلوب بيان پھرين مصرع کان مختلف ڪري ڇڏيو آھي ۽
جھڙي طرح ٻئي مصراعون پاڻ ۾ ھم آھنگ آھن، ساڳي ريت
ٻنھي مصرعن جي انداز بيان ۾ بھ ھڪ رنگي آھي.
صحن گلشن ٿيو مشابھھ چرخ نيلي فام سان
ساوڪون مثل فلڪ، گل تنھن تارا بيشمار
شعر جو مفھوم رڳو ايترو آھي تھ بھار جي ڪري تمام
زمين سائي ٿي ويئي آھي، جنھن ۾ گل ڦٽي پيا آھن. ھن
مضمون کي شاعر جنھن بليغ انداز سان بيان ڪيو آھي،
تنھن جو سمجھڻ تشبيھھ تي موقوف آھي.
بھار جي تعريف ڪندي عزيز چوي ٿو تھ باغ جو صحن
نيلي آسمان جي مشابھھ بنجي ويو آھي. باغ جي صحن جي
وضاحت ڪرڻ جي لاءِ عزيز نيلي آسمان سان باغ جي صحن
کي تشبھھ ڏني آھي. ھن کان پوءِ ھن وضاحت ڪئي آھي
تھ سبزو آسمان وانگر آھي، جڏھن تھ آسمان ۾ بيشمار
تارا ھجن. يعني باغ جي صحن ۾ سبزو آھي ۽ ان ۾ ڪثرت
سان گل ڦٽا آھن. ان جو مثال اھڙو آھي، جھڙو نيلي
آسمان ۾ بي شمار تارا چمڪي رھيا ھجن.
عزيز جي بيان ۾ خاص طرح ڌيان ڏيڻ گھرجي جو ٻي مصرع
مان ائين معلوم ٿو ٿئي تھ ڄڻ سبزي کي آسمان سان،
تارن کي گلن سان تشبيھھ ڏني ھجي. جيڪڏھن ائين
سمجھيو ويندو تھ ھيءَ تشبيھھ مجموع ٿيندي، مگر
پھرين مصرع ۾ ھي قرينو موجود آھي تھ ھيءَ تشبيھھ
مجموع نھ بلڪھ تشبيھھ مرڪب آھي، ڇاڪاڻ تھ پھرين
مصرع ۾ عزيز دعويٰ ڪئي آھي تھ صحن گلشن چرخ نيلي
فام جي مشابھھ آھي ۽ ھيءَ تشبيھھ مرڪب آھي. تشبيھھ
مرڪب جو قرينو ھي آھي تھ ڏينھن جي وقت چرخ نيلي
فام تارن کان صاف ھوندو آھي ۽ تارا فقط رات جو ئي
چمڪندا آھن، جيئن ٻي مصرع ۾ بيان ڪيو آھي. يعني
نيلي آسمان ۾ بي شمار تارا، ظاھر آھي تھ تارا رات
جو ئي ھوندا آھن.
ھاڻي تشبيھھ جي صورت ائين ٿيندي تھ صھن گلشن جنھن
۾ سبزو ۽ ڪثرت سان گل ڦٽا آھن، مشبھھ آھي ۽ مشبھھ
بھ رات جي وقت نيلي آسمان تي تارن جي جھرمر پورو
مشبھھ بھ آھي گويا ڏينھن جو گلشن ائين معلوم ٿو
ٿئي ڄڻ رات جي وقت نيلي آسمان تي کليل تارا. ھن
مرڪب تشبيھھ ۾ ھڪ سبز رنگ جي رنگين شيءِ ۾ سفيد
شين جي ڪثرت سان موجودگي آھي، جنھن جي ڪري ھيءَ
تشبيھھ مرڪب آھي ۽ تشبيھھ مجموع کان ممتاز آھي.
جنھن حالت ۾ عزيز فن جي ضرورتن کان واقف آھي، تنھن
ڪري ھن بھار جي تاثير کي بيان ڪيو آھي ۽ باغ جي
سبزه زار ۽ گلن جي ڪثرت کي مرڪب تشبيھھ سان وضاحت
ڪئي آھي ۽ ھي فن جي اعليٰ درجي جو نمونو آھي.
تاب نظاره تھ ڏي ٿو تابش حسن چمن
برق جان جلوه وجھي ٿو چؤ طرف روءِ انار
ھن شعر ۾ بھ تشبيھ استعاري جي لطافت ۽ ندرت سان
صنعت جي التعليل پيش ڪئي ويئي آھي ۽ شاعريءَ ۾ حسن
التعليل نصف شاعري سمجھي وڃي ٿي. ھن شعر جو ھيءُ
تجزيو آھي: تابش حسن چمن ۾ چمن کي استعارھ
بالڪنايھ جي اعتبار کان ھڪ حسين ٺھرايو ويو آھي،
جنھن جي حسن ۾ چمڪو ملي ٿو ۽ ھيءَ دعويٰ ڪئي ويئي
آھي تھ حسينھ چمن جي جمال جي نظاري جي ڏسڻ وارن ۾
طاقت نھ آھي. ڇاڪاڻ تھ انار جي روشن چھري جون
بجليون اکيون کيريون ڪن ٿيون، جنھن جي ڪري ڏسڻ
وارو حسينئھ چمن جي جمال کي ڏسي نٿو سگھي. ٻي مصرع
۾ انار جي سرخي کي بجليءَ سان تشبيھھ ڏني وئي آھي
۽ ان ۾ صنعت مبالغھ غلو سان ملي ٿي، جنھن کي اکيون
کيريون ڪرڻ لاءِ بجليءَ سان تشبيھھ ڏني ويئي آھي.
ھن کان پوءِ لطافر در لطافت روءِ انار جي ترڪيب ۾
آھي. يعني انار کي استعاره بالڪنايھ جي اعتبار کان
ھڪ حسين سان تشبيھھ ڏني ويئي آھي ۽ ان جي لاءِ رو
يعني چھرو ثابت ڪيو ويو آھي ۽ چھري جي سرخي کي
بجلي سان استعارو ڪيو ويو آھي.
ھن شعر جو مطلب آھي تھ جنھن حالت ۾ باغ ۾ گلن سان
گڏ ميوا بھ ٿين ٿا ۽ ميون ۾ انار بھ شامل آھي، جو
ڳاڙھو ٿئي ٿو. شاعر چوي ٿو تھ حسينئھ چمن حسن جي
چمڪي سان اکيون ايتريون کيريون ٿيون وڃن جو ھن
جمال جو نظارو ڪري نٿيون سگھن، ڇاڪاڻ تھ حسينئھ
انار جي چھري جي سرخي ھڪ اھڙي بجلي آھي، جيڪا چمن
۾ مسلسل چمڪي رھي آھي. تنھن ڪري اکيون چمن جي حسن
کي ڏسڻ جو تاب آڻي نٿيون سگھن. شعر جو مطلب رڳو
ايترو آھي جو ڏسڻ وارو چمن جي حسن کي ڏسي تھ ان کي
پورو ڏسي نھ سگھي.
عندلين عشق والفت جي معما حل ڪئي
يا ادب بيٺيون گلن مھندان قطار اندر قطار
قارين جو ڌيان ڇڪائي ٿو تھ مٿي جيترا شعر لکيا ويا
آھن، سي اسلوب بيان جي لحاظ کان ھڪ ٻئي کان بلڪل
جدا آھن. يعني عزيز ھر شعر جي بيان جو اسلوب
جداگانھ اختيار ڪيو آھي ۽ مٿي نقل ڪيل شعر جو
اسلوب باقي سڀني اسلوبن کان الڳ سلڳ آھي.
شعر جو مطلب رڳو ايترو آھي تھ فصل بھار جي ڪري
جنھن حالت ۾ گل ڦل گھڻا ڦٽا آھن، تنھن ڪري بلبل بھ
ڪثرت سان ملن ٿا. ھن مفھوم کي عزيز نرالي اسلوب
سان بيان ڪيو آھي تھ عشق ومحبت جو معمو جيڪو اڄ
تائين حل نھ ٿي سگھيو آھي، تنھن معمي کي بلبلن حل
ڪري ڏيکاريو آھي. يعني بلبل گلن جي قطار ۾ آداب
عشق بجا آڻڻ جي لاءِ موجود آھن. يعني جتي حسن
ھوندو، اتي عشق بھ ھوندو.
فصل بھار جي تروتازگيءَ جو اظھار عشق سان ڪرن گھڻو
ئي دلڪش ۽ نرالو انداز بيان آھي. ان مان عزيز جي
معنيٰ آفريني ۽ نظر جو ۽ فن کان واقفيت جو پتو پوي
ٿو.
شمع روشن ڪي سمن ۽ گل ڪڍي ويٺو ڪتاب
باغ ۾ بلبل کي آھي درس الفت جي پچار
فصل بھار جي بيان ۾ عزيز جيڪو تنوع بيان ۾ نون
اسلوبن جا جيڪي نمونا پيش ڪيا آھن، سي ھڪ طرف
قصيدي جي جان آھن تھ ٻئي طرف شاعر جي لاءِ ھيءُ
ثبوت بھم پھچائين ٿا تھ شاعر کي علم بيان تي ڪيتري
نھ قدرت حاصل آھي.
شعر جو رڳو ايترو مطلب آھي تھ باغ ۾ چنبيلي ۽ گلاب
وغيره جا گل ٽڙيل آھن ۽ بلبل بھ موجود آھن. ھن
مضمون کي درس ۽ تدريس جي استعاري ۾ بيان ڪيو ويو
آھي. چمن ۾ چنبيلي رات جي وقت چراغ روشن ڪيو آھي،
گلاب پنھنجو ڪتاب کولي رھيو آھي. گلاب جي ڪتاب
کولڻ جو ھي سبب آھي تھ جنھن حالت ۾ ھو بلبل جو
معشوق ۽ بلبل ھن جو عاشق آھي ۽ بلبل کي عشق ج سبق
جو گھڻو فڪر آھي، ان مان ثابت ٿيو تھ گلاب پنھنجو
ڪتاب انھيءَ لاءِ کوليو آھي تھ بلبل کي عشق والفت
جي سبق جو فڪر نھ رھي.
سمن کي استعاره بالتصريح جي لحاظ کان چراغ ٻارڻ
واري سان تشبيھھ ڏني آھي. ساڳي طرح گلاب کي ھڪ
اھڙي معلم سان تشبيھھ ڏنل آھي جو صحيفئھ عشق پاڙھي
سگھي ۽ بلبل کي استعاره بالڪنايھ جي لحاظ کان،
پڙھڻ واري سان استعارو ڪيو آھي.
مجموعي حيثيت سان شعر جو ھيءُ مطلب ٿيو تھ رات جو
وقت آھي، بلبل کي سبق عشق پڙھڻ جو فڪر آھي، تنھن
ڪري چنبيلي چراغ روشن ڪيو آھي ۽ گلاب جي گل ڪتاب
کوليو آھي، تاڪھ بلبل کي عشق ومحبت جو سبق پاڙھي.
ھيءُ شعر بھ اسلوب بيان جي جدت جو گھڻو حسين ۽
دلڪش نمونو آھي.
ڪار پردازي چمن جي ابز نيسان کي ملي
تردھان ٿيندا رھن ٿا گل، شجر خاشاڪ وخار
چمن جي رعايت سان اپر نيسان ۽ ان رعايت جي لحاظ
کان خار ۽ خاشاڪ گل، شجر، تردھان ۽ ڪارپردازيءَ جا
لفظ نھايت خوبصورت سان استعمال ڪيا ويا آھن. ائين
معلوم ٿو ٿئي تھ انھن سڀني اسماءَ ۽ مسميات شاعر
کي درخواست ڪئي آھي تھ اسان کي ڪا خدمت عطا ٿئي ۽
شاعر انھن کي اھڙي لطافت سان استعمال ڪيو آھي،
گويا ھر ھڪ کي ھڪ ھڪ خدمت سپرد ڪري ڇڏي آھي. اھو
ئي سبب آھي جو بھار بابت جيڪو خيال شاعر جي زھن ۾
ھو، تنھن کي اھڙن لفظن ۾ ادا ڪيو ويو آھي جو معنيٰ
سان حقيقي مناسبت رکن ٿا.
بھار جو مضمون آھي، پر ان جو اسلوب بيان ان وقت
تائين سڀني اسلوبن کان جدا آھي ۽ ان جي جدا ھجڻ جي
باوجود نھايت مرغوب ۽ پسنديده آھي. ڪار پردازيءَ
جو لفظ ثابت ٿو ڪري تھ لفظن بابت جيڪي ڪي مون چيو
آھي، سو ئي اصل مفھوم آھي. يعني ابر نيسان جي سپرد
چمن جي خدمت ڪئي ويئي آھي، تاڪھ ھو سڀني چمن وارن
جي سنڀال ڪري ۽ انھن جي ضروريات پوري ڪري.
سڄو شعر استعاري آھي، جيئن مٿي ڪيل تشريح مان ظاھر
آھي، ڇاڪاڻ تھ ابر نيسان کي استعاره بالتصريح جي
لحاظ کان استعمال ڪيو ويو آھي. ان تي قرينو آھي تھ
ابر نيسان کي ڪارپردازي جو عھدو ملڻو آھي، جو ان
جي لاءِ ممڪن نھ آھي. تنھن ڪري ان کي ھڪ ذي روح
سان استعارو ڪيو ويو آھي.
جـوش بـخشش ۾ پيو اڄ دست فياض ازل
ڏس بھاري بوند پلٽي ٿي ڪري موتي نثار
رعايت لفظي جي حسن کان سواءِ ھن شعر جو انداز بيان
بھ مٿي نقل ڪيل سڀني اساليب بيان کان مختلف آھي.
شعر جو مطلب رڳو ايترو آھي تھ ھن ٽڙيل باغ ۾ وڏڦڙو
بھ پيو وسي. ھن مفھوم کي ادا ڪرڻ جي لاءِ شاعر ھي
انداز ڪيو آھي تھ فياض ازل جي ھٿ موتي لٽائڻ شروع
ڪري ڇڏيو اھي ۽ اھي موتي مينھن جا ڦڙ آھن. ڦڙن کي
موتي سان تشبيھھ ڏنل آھي. انداز بيان جي اعتبار
کان ھيءُ شعر بھ تحسين جي قابل آھن.
نغمئھ بلبل تھ سايو سرؤ ۽ شمشاد جو
دل کي لولي ھو ٿو ڏي، اکين تي چاڙھي ھي خمار
اصل مضمون فقط ايترو آھي تھ باغ جي فضا ايتري قدر
آرام ڏيندڙ آھي جو انسان جون اکيون بند ٿيڻ لڳن
ٿيون ۽ ھن کي ننڊ اچي ٿي وڃي.
ھن معنيٰ کي شاعر ان طرح بيان ڪيو آھي تھ چمن ۾
بلبل جو نغمو آھي ۽ سرؤ وشمشار جو سايو آھي. باغ ۾
پھچڻ کان پوءِ بلبل جو نغمو لوري بنجي ٿو ۽ سرؤ
وشمشاد جو سايو ننڊ آڻڻ لڳي ٿو. ھن شعر ۾ صنعت
مقابلھ آيل آھي. بلبل جي نغمي کي لوريءَ ۽ سرو
وشمشاد جي سايھ کي اکين ۾ ننڊ جي خمار سان تشبيھھ
ڏني اٿس. جڏھن بھ مشبھ ۽ مشبھ به ھجن تھ ان کي
صنعت مقابلو ٿو چئجي.
موسم بھار جي اثر ۾ ھيءُ بيان ڪيو ويو آھي تھ جيڪو
شخص باغ ۾ وڃي ٿو تھ باغ جي فضا ۾ ھن کي اھڙو آرام
ملي ٿو جو ھن کي ننڊ اچڻ لڳي ٿي. ھيءَ باغ ۽ بھار
جي انوکي ۽ نفسياتي صفت آھي.
چال مستاني چلي ٿي صبح دم باد نسيم
گل ڏسي خندان ٿيو نرگس ڪي حيرت مان نھار
نسيم صبح ھلي رھي آھي، گل ٽڙيل آھن ۽ نرگس جون
اکيون کليل آھن. ھن مضمون کي شاعر جنھن اسلوب سان
نظم ڪيو آھي، سو ھي آھي تھ نسيم صبح مستانھ وار
جھولي جھولي ھلي رھي آھي جنھن کي ڏسي گل گل کلي
رھيو آھي ۽ نرگس حيرت مان ڏسي رھي آھي.
اردو فارسيءَ جي شاعريءَ ۾ بھاريھ مضمون طرح طرح
سان نظم ڪيل آھن، تنھن ڪري ڪو نئون مضمون نھ آھي.
نسيم جي مستانھ وار چال، گل جي کل ۽ نرگس جي حيرت
۾ ڪابھ نئين شيءِ نھ آھي. بلڪھ ھيءُ مضمون حد کان
وڌيڪ پامال آھي. مگر عزيز جي ترتيب ۽ اسلوب بيان
ان کي ھڪ نئون لباس پھرائي ڇڏيو آھي، گويا شراب
ڪھنھ ھڪ تازه بتازه نوبنو جام ۾ ڀري ڇڏيو آھي.
اھو عزيز جي قصيدي جي تشبيب جي ڪن شعرن جو جائزو
ھو. ھن تسبيب جي تصور ۾ ان جي پيشڪش ۾ زندگي آھي ۽
ان ۾ تنوع آھي ۽ دلڪشي آھي، جا زبان خوبي ۽ نئين
نئين تشبيھات ۽ استعارات سان مرصع آھي. شعر آھن
جيڪي زبان تي وھندا ھليا وڃن. فصاحت ڪلام تي قربان
ٿئي ٿي. مختصر ھي تھ بھار جو نقشو اکين ڏٺو اھڙو
ٿو اچيو وڃي، جنھن کان پڙھڻ وارو متاثر ٿئي ٿو.
انھن سڀني خوبين تي پوءِ ھيءُ اضافو آھي تھ ھر شعر
جو اسلوب بيان نرالو ۽ دلڪش آھي. منھنجي نظر ۾
تنوع اسلوب جي نقطھ نظر کان سنڌيءَ جو ڪو شاعر
عزيز جي ڪلام کي نٿو پھچي، البتھ دور حاضر جا بعض
شاعر اساليب بيان ۾ حدت پيدا ڪن پيا، مگر عزيز نھ
رڳو پنھنجن معاصرن ۾ بلڪھ اڄ بھ پنھنجي اساليب
بيان جي تنوع جي لحاظ کان سڀني کان ممتاز نظر اچي
ٿو.
عزيز جي شعرن جو جيڪو جائزو ورتو اٿم، تنھن جو
مقصد اساليب بيان جي جدت جو اظھار ھو. حسن اتفاق
آھي جو عزيز جي قصيدي تي تنقيد نھ ڪئي آھي، تنھن
ڪري قصيدي جي فني خصوصيتن سان بحث نھ ڪيل آھي.
مبادا قارئين خيال ڪن تھ مون قصيدي جو ذڪر ڪيو ھو،
تنھن ۾ نھ گريز آھي نھ مدح وغيره، نھ حسن خاتمھ
آھي. ھيءُ ان وقت ممڪن ٿئي ھا، جڏھن قصيدي جو
جائزو قصيدي جي حيثيت سان وٺان ھا.
سيد سردار علي شاھ ”ذاڪر“
سيد سردار علي شاھ نالو آھي ۽ ذاڪر تخلص ڪندو آھي.
موجوده دور جي نوجوان شاعرن مان ھڪ آھي. پاڻ ھڪ
سنجيده مزاج، خوش طبع ۽ مرنجان مرنج انسان آھي. ڄم
جي تاريخ ١ جنوري ١٩٢٨ع آھي. انگريزي ۾ بي – اي
آنرس پاس ڪيل آھي.
تعلقي گھوٽڪي جي ٻيرڙي ڳوٺ جو رھاڪو آھي. مختلف
مشغلھ اختيار ڪيائين، پر نيٺ صحافت ئي مزاج کي
موافق آئي. روزانھ ”مھراڻ“ حيدرآباد جو ايڊيٽر
آھي. طبعا، عملا ۽ فڪرا مسلمان آھي. ١٩٦٣ع ۾ جڏھن
اسلام جي خلاف بعض اديبن زبان درازيون شروع ڪيون
تھ اخبار روزانھ ”مھراڻ“ اسلام جي نمايان خدمت ڪئي
۽ مخالفين اسلام جي جواب ۾ اسلام دوست ماڻھن جا
ڪثرت سان پنھنجي اخبار ۾ مضمون وڌائين. حيدرآباد
شھر ۾ محمد بن قاسم جو ڏينھن ملھائڻ جو سھرو سندس
سر تي آھي. شاعريءَ جي ابتدائي دور ۾ مزاحيھ لکڻ
جو شوق ھوس، پر جلدي سنجيده شاعريءَ جي طرف مائل
ٿيو. شاھ صاحب فطرتا شاعر واقع ٿيو آھي، تنھن ڪري
ٿوري عرصي ۾ پوئين صفن کي چيريندو اول صف ۾ اچي
بيٺو آھي. سنڌ جي وڏن وڏن مشاعرن جي صدارت ڪئي اٿس
۽ اعليٰ درجي جو تنقيدي شعور رکي ٿو.
شاھ صاحب موجوده دور جي شعر جو ڏاڍو سنجيندو
نمائندو اھي. ڪلام ۾ فڪر جون جھلڪيون نظر اچن
ٿيون. نيون نيون معنائون اختراع ڪري ٿو. اسلوب
بيان جي جدت، خيالات جي نفاست، نازڪ نازڪ لطيف
جذبات جي ترجماني ۽ ھڪ شفاف وجدان جو مالڪ ھجڻ سان
گڏوگڏ زبان تي بي پناه قدرت اٿس. انھن سڀني صفتن
گڏجي سندن غزل کي موجوده زماني جي غزال جو نمائندو
ٺاھي ڇڏيو آھي، جيئن سندس ڪلام جي جائزي مان ثابت
آھي.
غزل اذڪر:
تو عشق جي آغاز جو انجام ڏٺو ھوندو،
افلاڪ جو طائر بھ تھھ دام ڏٺو ھوندو.
ھي غزل بحر ھزج ثمن اخرب مڪفوف ساليم يعني مفعول
مفاعيل مفاعلين ۾ واقع ٿيو آھي ۽ ھي اھڙو بحر آھي،
جو سنڌي ٻوليءَ ۾ شاذ ونادر ئي استعمال ٿيو ھوندو،
مگر منھنجي نظر مان سنڌي زبان ۾ ھن وزن جو ڪو غزل
نھ گذريو آھي. ھي شاھ صاحب جي اختراع معاني جي
خصوصيتن مان ھڪ آھي.
شعر جو مفھوم آھي تھ عشق وڏن وڏن ماڻھن جو شڪار
ڪندو آھي.
ھن مضمون کي شاھ صاحب جنھن پيرايھ ۾ ادا ڪيو آھي،
سورو ٿورو تفصيل طلب آھي. ظاھر ۾ ائين ٿو معلوم
ٿئي تھ ھڪ شخص عشق ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، پر ان جي
باوجود ھو پنھنجي عشق کي لڪائي ٿو، پر سخت بيقرار
رھي ٿو. جڏھن تھ ھو ان جي انجام تي غور ڪري ڏڪي ٿو
وڃي ۽ نيٺ سوچي ٿو تھ پنھنجي درد جي دوا ڪنھن اھڙي
ماڻھو کان پڇجي جنھن کي عشق جو تجربو ھجي. عاشق کي
معلوم ھو تھ ذاڪر اھڙو شخص آھي، جنھن جي عشقيھ علم
وتجربي جا سڀ ماڻھو قائل آھن. تنھن ڪري ھو فيصلو
ٿو ڪري تھ ذاڪر سان ھلي ذڪر ڪرڻ گھرجي. تنھن ڪري
عاشق شاعر وٽ پھچي ٿو ۽ ھن کي پنھنجو حال ٻڌائي
دريافت ڪري ٿو تھ جڏھن عشق ۾ منھنجيون مجبوريون
اھڙيون اھڙيون آھن تھ ڪجھھ ارشاد فرمايو تھ منھنجو
ڇا انجام ٿيندو؟
جنھن حالت ۾ شاعر بھ عشق جي ڪردار کان اڳي ئي واقف
ھو، ھن جي نيڪ نيتي، فطرت جي سلامتي ۽ اعمال جي
خوبي مخاطب جي نظر ۾ ھئي، تنھن ڪري عاشق کي جواب ۾
چوي ٿو: اي شخص! تو عشق جي آغاز جو نتيجو ڏٺو
ھوندو ۽ ھي بھ ڏٺو ھوندو تھ وڏا وڏا پاڪيزه ۽ مقدس
انسان ئي عشق ۾ مبتلا ٿيندا آھن.
ھن جواب جو حقيقت ۾ ھيءُ مقصد آھي تھ ھو عاشق کي
ڏيکارڻ گھري ٿو تھ عشق ھڪ وڏي لاھوتي دولت آھي ۽
دنيا جي وڏن وڏن انسانن کي ئي اھا دولت عطا ڪئي
وڃي ٿي. متڪلم جو ھن مان غرض ھيءُ آھي تھ سائل ۾
احساس پيدا ڪري تھ ھو ھڪ وڏي دولت سان نوازيو ويو
آھي، تنھن ڪري ھن بيان جو اسلوب اختيار ڪيو آھي تھ
اي سائل! تو عشق جي آغاز جو انجام تھ ڏٺو ھوندو ۽
ھي بھ ڏٺو ھوندو تھ اھو طائر جو پنھنجي پرواز ۾
آسمان کان ھيٺ لھڻ نٿا ڄاڻن، سي بھ عشق جي دام ۾
ڦاسي ٿا پون.
افلاڪ جي طائر سان مطلب وڏا وڏا عاشقان الاھي ۽
اھي ماڻھو آھن، جيڪي الله جي ويجھو مقبول ۽ پيارا
آھن. مولانا روم چيو آھي:
بزير گگوه کبرياش مردا نند
فرشتھ صيد، پيمبر شکار، يزدان گير
ھيءُ اھي ماڻھو آھن، جن کي طائران افلاڪ سان
تشبيھھ ڏني وڃي ٿي. شاعر ٻي مصرع ۾ افلاڪ جي طائر
مان اھڙن ماڻھن کي استعارو ڪيو آھي.
متڪلم جو غرض شاعر کي ھن حقيقت جو احساس ڏيارڻو
آھي تھ عشق جنھن حالت ۾ بلند مرتبھ ماڻھن کي عطا
ڪيو وڃي ٿو ۽ تون عاشق آھين، تنھن ڪري توکي بشارت
ھجي تھ تون بھ دنيا جي وڏن وڏن ماڻھن مان آھين.
مٿي بيان ڪيل مفھوم کي شاعر ھڪ شعر ۾ جنھن بليغ
انداز سان پيش ڪيو آھي، سا معنيٰ آفريني، جدت
اسلوب ۽ حسن بيان جو ڏاڍو سٺو نمونو آھي.
جيتوڻيڪ شاھ صاحب لفظي رعايت جي پٺيان نٿا ڊوڙن،
پر ان جي باوجود بعض لفظي خوبيون خود ڪلام ۾ پيدا
ٿي پيون آھن. جھڙوڪ آغاز ۽ انجام جو اجتماع جيڪو
صنعت تضاد جي طرف اشارو ڪري ٿو. طائر جي لاءِ دام
۽ افلاڪ اھڙا لفظ آھن، جن ۾ ھڪ لطيف مناسبت ملي
ٿي.
ابرو جي اڳيان لرزه بھ اندام نھ ٿيو ھوندس
مون ان کي جڏھن صورت صمصام ڏٺو ھوندو
جنھن حالت ۾ شاھ صاحب کي مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙن کي
بھ خوش ڪرڻو ھوندو آھي، تنھن ڪري ڪنھن ڪنھن وقت
اھڙا بھ شعر چوڻا پوندا آھن، جو عام ماڻھو بھ
سمجھي سگھن ۽ تعريف ڪن.
جيتوڻيڪ مٿي نقل ڪيل شعر معمولي شعر معلوم ٿو ٿئي،
پر ذاڪر صاحب ھر ھڪ شعر ۾ پاڻ کي اھڙي طرح پيش ٿو
ڪري، جو سڀني شاعرن کان الڳ سڃاتو وڃي ٿو. ھن شعر
۾ بھ ذاڪر صاحب جو اھڙو ئي انداز آھي.
جيڪي ڪي عرض ڪيو اٿم، تنھن جي تفصيل ۾ ھيءُ چوڻ ٿو
گھران تھ ادب جي فلسفين معنيٰ آفريني جي جيڪا
تعريف ڪئي آھي، سا قريب قريب ھيءَ آھي تھ معنيٰ
آفريني ۾ ڪو نئون جذبو، نئون انداز بيان، ڪو
برجستو محاورو ۽ روز مره جو ٽڪرو ۽ اسلوب بيان جي
جدت شامل ھونديون آھن. پنھنجي شعر ۾ ذاڪر صاحب جدت
اسلوب سان پاڻ کي نمايان رکيو آھي.
پھرين مصرعھ استفھاميھ آھي ۽ ظاھر آھي تھ
استفھاميھ اسلوب خبريھ اسلوب کان ممتاز ھوندو آھي،
تنھن ڪري شعر جو مطلب ٿيندو تھ:
”ڇا مون جڏھن محبوب جي صمصام وانگر ابروئن کي ڏٺو
ھوندو تھ ڇا مان لرزڻ نھ لڳو ھوندس؟“
انھيءَ انداز بيان شعر کي معنيٰ آفريني جي حد ۾
داخل ڪري ڇڏيو.
اي دوست اھو وحشت زندان کان ڊڄي ڇالئي
جنھن حلقئھ گيسوءِ سيھ فام ڏٺو ھوندو
ھيءُ شعر بھ مشاعري جو شعر آھي. فارسي، اردو ۽
سنڌي ٻولين ۾ ھيءُ مضمون ڪثرت سان نظم ڪيو ويو
آھي، پر صفائي ۽ رواني جي اعتبار کان حضرت ذاڪر جو
شعر ڪنھن ٻئي شاعر جي ڀيٽ ۾ گھٽ رتبو نٿو رکي.
ميخواري جي بدران اسان غم پي ويا ھونداسين
ڪم ظرف جي ھٿ ۾ جي اسان جام ڏٺو ھوندو
مخلص رندن جي عقيدي ۾ شراب ھڪ وڏي عظيم شيءِ آھي.
ھن جي خيال ۾ ھر شخص ان جو اھل نھ آھي ۽ عام ماڻھن
مان ڪم ظرف شرابي خصوصيت سان ھي قابل نھ آھي تھ ھو
شراب جھڙي قيمتي شيءِ جي طرف متوجھ ٿئي. ھيءُ اھو
نڪتو آھي جو شاعر يا رند جي علم ۾ پھرين کان موجود
آھي. وري ھڪ مخلص زند جو اھو بھ تجربو ۽ مشاھدو
آھي تھ شراب جا اھل ماڻھو تھ شراب جي لاءِ سڪن ٿا
۽ نا اھلن جي ھٿ ۾ جام آھي ۽ ھو رات ڏينھن
ميخواريءَ جو شغل ڪندا رھن ٿا. اھي ٻئي نڪتا ھن
شعر جي سمجھڻ لاءِ بطور مقدمي جي سمجھڻ گھرجن.
شاعر چوي ٿو تھ شراب پيئڻ جي بدران غم جو ڍڪ ڀري
رھجي ويو ھوندس، جڏھن مون ڪم ظرف جي ھٿ ۾ جام ڏٺو
ھوندو. فارسيءَ جي ھڪ استاد شراب جي شان ۾ چيو
آھي:
مئي کـــھ بدنام کند اھل خرد را غلط است
بلکھ مئي مي شود از صحبت نادان بدنام
جڏھن حقيقت حال ھيءُ آھي تھ ڪم ظرف شراب پي شراب
کي بدنام ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو تھ اھڙي رند کي جو
شراب پيئڻ جو اھل آھي، ڪم ظرف جي ھٿ ۾ جام ڏسي ڇو
نھ غم وغصو ٿيندو؟
ھيءَ معنيٰ انھيءَ لحاظ کان پيش ڪئي وئي آھي تھ
ميخواري مان مطلب لفظ جي حقيقي معنيٰ ورتي وڃي.
يعني مئي چئي اھا ئي شيءِ سمجھي وڃي، جيڪا شريعت ۾
حرام آھي. ليڪن جيڪڏھن مئي کي استغارو سمجھيو وڃي
۽ مئي مان مراد مجازي شراب جي بدران عشق حقيقي جو
شراب مطلب ورتو وڃي تھ شعر جي معنيٰ بلڪل بدلجي
ويندي.
متصوفانھ شاعريءَ جي ھڪ خصوصيت ھيءَ بھ بيان ڪئي
ويئي آھي تھ ان جي ذريعي بعض مڪروه ۽ بدنام لفظن
جي معنيٰ بدلجي ويئي آھي ۽ ڪراھت جي بجاءِ تقدس ۽
رسوائي جي بدران انھن لفظن ۾ شرف پيدا ٿي پيو آھي.
مثلا: ساقي ھڪ گھڻو رسوا ڪندڙ لفظ آھي. ھن جو مسمھ
تمام مخرب اخلاق افعال جو مرڪز ھوندو آھي، مگر
متصوفانھ شاعري ھن لفظ جي ڪايا پلٽي ڇڏي آھي. ساقي
مان مطلب پير ومرشد ۽ ھادي راه طريقت آھي.
ساڳي طرح مغبچھ، شراب، ميخانھ وغيره، انھن سڀني
لفظن جي معنيٰ صوفيانھ شاعريءَ ۾ بدلجي ويئي آھي ۽
ھر ھڪ لفظ ۾ ان کان وڌيڪ حسن پيدا ٿي پيو آھي.
جيترو ان ۾ عيب ھو، ھن تشريح کان پوءِ شعر جي
معنيٰ تي غور ڪرڻ گھرجي.
رند چوي ٿو تھ مون جڏھن ڪم ظرف جي ھٿ ۾ جام ڏٺو
ھوندو تھ مون شراب جي بدران غم جا ڍڪ ڀريا ھوندا.
ھن ڪلام جي متڪلم کي رند ٺھرايو ويو آھي ۽ رند مان
مطلب عارف ڪامل آھي. ڪم ظرف اھڙي شرابي کي چون ٿا
جو چلو (ٻڪ) ۾ پيالو ٿي وڃي. ھڪ ٻھ ڍڪ پي وڦلڻ
لڳي. عارفن ۾ ٻن قسمن جا بزرگ نظر اچن ٿا: ھڪ قسم
اھڙن ماڻھن جو آھي جيڪي تجليات الاھيھ کان متاثر ۽
مرعوب ٿي انا الحق پڪارين ٿا ۽ ٻئي قسم جا اھي
عارف آھن، جيڪي جيترا مراتب عرفان وڌن ٿا ۽ جن تي
تجليات جو جيترو غلبو ٿئي ٿو، جن کي پنھنجي عبوديت
جي تعين جو وڌيڪ عرفان ٿئي ٿو. تنھن ڪري ٻئي قسم
جا عارف پھرين قسم جي عارفن جي مقابلي ۾ وڌيڪ وقعت
جي نظر سان ڏٺا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تھ ھو ڪتاب وسنت جا
پابند ٿين ٿا.
ھاڻي شعر جي ھيءَ معني ٿيندي تھ جڏھن متڪلم ڪنھن
سالڪ کي ڪم ظرفيءَ جي سبب وڦلندو ڏٺو ھوندو ۽ ھن
جي زبان مان انا الحق جو نعرو ٻڌو ھوندو تھ بجاءِ
ان جي تھ ھن جي نظر شراب جي عشق جي طرف پوي ھا، ان
جي خمار جي ظرف ويئي ھوندي ۽ ھن ڏٺو ھوندو تھ ٿوري
عشق جي غلبي کان ھن اھا ڳالھھ چئي ڇڏي ھوندي، جيڪا
ھن کي چوڻ نھ کپندي ھئي. ان مان متڪلم کي صدمو ٿيو
ھوندو تھ ھيءُ شخص ڪيترو نھ ڪم ظرف آھي جو عشق جي
زور ۽ جوش کي برداشت ڪري نھ سگھيو آھي. ان نڪتھ
مان متڪلم ۽ عرفان جو مرتبو سمجھڻ گھرجي، جنھن ڪم
ظرف تي افسوس ڪيو آھي. ذاڪر جي شعر جي حقيقي معنيٰ
ھيءَ آھي، جيڪا مون پيش ڪئي آھي. جنھن معنيٰ جي
طرف مون اشارو ڪيو آھي، تنھن جي سمجھڻ جو قرينو ھي
آھي تھ جنھن متڪلم پاڻ کي ”اسان“ چيو آھي، مان ھن
کي سڃاڻان ٿو. ھو شرابي نھ آھي، ھو ڪم ظرف شرابين
جو ساٿي آھي، تنھن ڪري جڏھن ھن ھيءُ چيو تھ مون
شراب پيئڻ جي بجاءِ غم پيتو ۽ غم پيئڻ محاوري جي
معنيٰ غمگين ٿيڻ ۽ صدمو برداشت ڪرڻ آھي تھ ان مان
ثابت ٿئي ٿو تھ متڪلم جي مراد ميخواري مان مئي عشق
آھي ۽ شراب عرفان. ھاڻي شعر جو مطلب بلڪل صاف ٿي
وڃي ٿو، جيڪو مون پيش ڪيو آھي. ھيءُ سڄو شعر
استعاري ۾ آھي.
آزار محبت جي ڪريون ان کان پڇا ڳاڇا
جنھن قيس کي صحرا ۾ سبڪ گام ڏٺو ھوندو
شاعر ھڪ قاعده ڪليھ نظم ڪيو آھي. يعني ھر نڪتھ کي
اھڙي شخص کان پڇڻ گھرجي، جو ھن علم جو ماھر ھجي،
جنھن سان اھو نڪتو تعلق رکندو ھجي.
ھن مضمون کي شاعر تغزل جو لباس پھرائي دلچسپ کان
دلچسپ تر بنائي ڇڏيو آھي. شاعر چوي ٿو تھ مان آزار
محبت جا مزا قيس کان پڇڻ ڪونھ ٿو گھران، بلڪھ انھن
کان پڇڻ گھران ٿو، جن قيس کي واديءِ محبت جون
منزلون طئي ڪندو ڏٺو آھي. ظاھر آھي تھ اھي ماڻھو
جن قيس کي آزار محبت جو مزو وٺندو ڏٺو آھي، سي حسن
کان سواءِ يعني ليليٰ کان سواءِ ٻيو ڪو ٿي نٿو
سگھي، ڇاڪاڻ تھ ليليٰ جي ئي عشق ۾ قيس محبت جي
صحرا ۾ نوردي ڪئي ھئي. تنھن ڪري قيس جي آزار محبت
جي اصل رازدار ليليٰ ئي آھي. مضمون ايترو دلچسپ
ڪين ھو پر قيس جي استعاري ۽ انھن ماڻھن جي استعاري
مان پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارن سان مطلب آھي، ان ڳالھھ شعر
جي معنيق کي نھ رڳو دلچسپ بنائي ڇڏيو آھي، بلڪھ ان
۾ تاثير بھ پيدا ڪري ڇڏيو آھي. واقعو ھي آھي تھ
شعر زندگي سان ڀرپور آھي ۽ زندگيءَ جي اھڙن ڪنڊن
تي روشني وجھي ٿو، جا عام نظرن جي سامھون نھ آھي.
مرحوم تمنا جي اھا زنده نشاني آ
ميخانھ جي در تي لکيل نام ڏٺو ھوندو
شاعر جي ويجھو اھو حسرت زده جيڪو دنيا مان پاڻ سان
گڏ پنھنجا ارمان کڻي ويو آھي، تنھن جو نيشان گويا
دنيا جي حسرت خانھ ۾ باقي رھجي ٿو وڃي. انھيءَ
بنياد تي شاعر چوي ٿو:
اھا تمنا جيڪا دم ٽوڙي چڪي آھي، تنھن جي باقي رھيل
نشاني ھيءَ آھي تھ ميخاني ۾ ھڪ مڪيش جي تمنا دم
ڏنو آھي. ميخانھ جي در تي لکيل ھجڻ مان مطلب آھي
تھ ھي ھڪ اھڙي شخص جي تمنا ھئا، جيڪو شراب جي حسرت
دنيا مان کڻي ويو. ميخانھ جي تخصيص مضمون جي
آفاقيت تي ڪو مخالف اثر نھ وڌو آھي. ھن جو مطلب
آھي تھ شراب خانھ تي شرابي جي تمي جي دم ٽوڙڻ جو
حال لکيل آھي. قارون جي قبر تي دولت جي تمنا جي دم
ٽوڙڻ جو حال لکيل آھي. سڪندر جي قبر تي تمام دنيا
جي حڪمراني جي تمنا دم ٽوڙيو آھي. غرض تھ شعر ۾
ميخانھ جو لفظ مثال جي طور تي آيل آھي، ورنھ مرحوم
تمنا جي تصور ۾ آفاقيت موجود آھي. ظاھر آھي تھ
محدود مضمون جي مقابلي ۾ مضمون جي آفاقيت ۽ عموميت
زيادھ وسعت رکي ٿي ۽ مضمون ۾ آفاقيت ھجڻ ئي مضمون
کي قيمتي بنائي ٿو.
ھيءَ سادگي ذوق تماشا جي سزا ھوندي
تو ڪوچئھ جانان ۾ جو ڪھرام ڏٺو ھوندو
حقيقت ۾ مٿي لکيل شعر ۾ بھ ھڪ آفاقي جذبو موجود
آھي. شاعر چوي ٿو تھ محبوب جي ڪوچي ۾ تو جو ڪھرام
ڏٺو ھوندو، سو ذوق تماشا جي سادگي جي سزا آھي.
يعني ذوق تماشا ايترو سادو ۽ نا تجربيڪار ھو، جو
ان کي ڏسن وقت ھي اندازو ئي نھ ھو تھ اھا ھن جي
ذوق تماشا جي سادگي، جانان جي ڪوچھ ۾ ڪھرام برپا
ڪري ڇڏيندي. جيڪڏھن ذوق تماشا ايترو سادو نھ ھجي
ھا ۽ ذرو بھ مال انديشي کان ڪم وٺي ھا تھ اڄ ھن جي
جانان جي ڪوچھ ۾ ڪھرام نھ ملي ھا. ڪوچھ جانان مان
مطلب اھو مقصد يا اھم ڪم آھي، جنھن ۾ انسان پنھنجي
زندگي مٽائي ٿو ڇڏي. ھن استعاره مان مضمون جي
آفاقيت نھايت خوبي سان واضح ٿي وڃي ٿي.
ڪير ٿو چئي سگھي تھ ھي ھڪ اھڙو مرحلو نھ آھي، جو
ھر شخص کي پنھنجي زندگيءَ ۾ پيش ايندو رھندو آھي.
يعني ماڻھو جي ھر ھڪ تمنا پوري ٿيڻ جي لاءِ پيدا
نٿي ٿئي، بلڪھ ماڻھو سڄي زندگي تمنائن جي پوري نھ
ٿيڻ جو ماتم ڪندو رھندو آھي.
محتاج ڪرم جي تون، پڇين ڪھڙي حقيقت ٿو
تو سايھ گيسو ۾ پيل سام ڏٺو ھوندو
عاشق محبوب کي چوي ٿو تھ مان ھن ڳالھھ جو محتاج
آھيان تھ تنھنجي گيسو جي سايھ ۾ ڪجھھ دير آسودگي
ھاصل ڪريان. ھن مضمون کي بيان ڪرڻ جو شاعر ھي
اسلوب اختيار ڪيو آھي تھ محبوب عاشق کي بيقرار ڏٺو
۽ ان کان پڇيو تھ تنھنجي تمنا ڪھڙي آھي؟ ھن جي
جواب ۾ عاشق ٿو چوي:
تون پنھنجي ڪرم جي محتاجن جو حال ڏٺو ھوندو. يعني
منھنجيون تمنائون، منھنجي آرزو تنھنجي گيسو جي
سايھ ۾ پيل آھن.
ھن انداز بيان شعر ۾ ندرت پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ عاشق
جي قلب جي تصوير ڇڪي ڇڏي آھي. ھڪ عاشق جي تمنا ھن
کان وڌيڪ ڇا ھوندي جو ھو معشوق جي گيسو جي سايھ ۾
آسودگي حاصل ڪري.
ھن پوري شعر جي جان لفظ سام ۾ آھي.
تو دوست ڏٺا ھوندا سخنور تھ گھڻا ليڪن
ذاڪر کي مگر صاحب الھام ڏٺو ھوندو
بعض وقت شاعر کان ڪجھھ اھڙا شعر ٺھي پون ٿا، جو ھن
کي خود پنھنجي ڪلام تي ناز ٿيندو آھي. جناب ذاڪر
ڪجھھ شعر چيا آھن ۽ مون ڪوشش ڪئي آھي تھ انھن شعرن
جي اھڙي تشريح ڪريان، ڄڻ اھي شعر حقيقت آھن. پر
واقعو ھيءُ آھي تھ مون شعرن جون سطحي خوبيون پيش
ڪيون آھن. انھن شعرن جي وجدان تي اٿر پوي ٿو، تن
کي مان ھٿ بھ نھ لڳائي سگھيو آھيان.
جڏھن نقاد جي حيثيت سان انھن شعرن جي خوبي مون
محسوس ڪئي آھي ۽ انھن کان متاثر ٿيو آھيان تھ ضرور
آھي تھ شاعر جڏھن شعر چيا ھوندا تھ ھن کي پنھنجي
ڪاميابي جو ڪيترو وڏو يقين پيدا ٿيو ھوندو. شاعر
پنھنجي انھيءَ يقين کي ھيءُ چئي ظاھر ڪيو آھي تھ
اي مخاطب! تو تھ شاعر گھڻا ئي ڏٺا ھوندا، مگر تو
ذاڪر کي اھڙو شاعر ڏٺو ھوندو، جنھن جو ھر شعر
الھامي آھي.
شعر جو مضمون شاعرانھ فخريھ آھي، جنھن کي اسلوب
بيان جي تکاڻ نھايت شوخ ۽ دلڪش بنائي ڇڏيو آھي.
حاصل ڪلام
مون ھيسي تائين تنقيد جا مختلف مذھب بيان ڪيا آھن
۽ مشھور نقادن جا رايا لکيا آھن، پر ان ۾ ڪو شڪ نھ
آھي تھ ڪو نقاد اھڙو نھ ھوندو، جيڪو شعر يا ڪنھن
ادب پاري کي زندگيءَ جي عڪاسي نھ سمجھندو ھوندو ۽
حقيقت بھ اھا ئي آھي تھ شعر، شاعر جي ذھني ماحول
جو ئي نقاش نٿو ٿئي، بلڪھ پنھنجي ذھن جي نقاشي جي
پردي ۾ ھو پنھنجي زماني جي حياتي جي مصوري ڪري ٿو،
روايات جي تجديد ڪري ٿو ۽ پنھنجي سماج جي تاريخ
لکي ٿو.
مون جناب ذاڪر جي ڪلام تي جا سرسري تنقيدي نظر ڪئي
آھي، تنھن مان ثابت آھي تھ جناب ذاڪر جو ھڪ ھڪ شعر
زندگيءَ سان ڀرپور آھي ۽ ھر شعر زندگيءَ جي ڪنھن
نھ ڪنھن ٽڪري جي نقاشي ڪري ٿو ۽ پنھنجي زماني جي
ذھني ۽ مادي قدرن جي روايات جي سلسلن جي تڪميل ڪري
ٿو. جماليات، تاثرات، نفسيات، سياسيات، اقتصاديات،
غرض ھي آھي تھ ھر ھڪ غزل جي صورت ۾ اڄ جي سماج جي
پوري تاريخ ذاڪر جي ڪلام ۾ ملي ٿي ۽ اھي ئي
خصوصيتون آھن، جيڪي ڪنھن شاعر جي ڪلام کي ابديت
سان آشنا ڪن ٿيون.
منھنجي ھيءَ دعويٰ نھ آھي تھ مون ڪنھن اعليٰ درجي
جي نقاد جا فرض ادا ڪيا آھن، پر ايترو عرض ضرور
ڪري سگھان ٿو تھ مون پنھنجي طاقت آھر ڪجھھ نھ ڪجھھ
ڪوشش ڪئي آھي. بطريق تنزل ائين سمجھڻ گھرجي تھ نھ
ڪرن جي ڀيٽ ۾ مون ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آھي.
ھڪ خاص نقطو:
مون پنھنجي تنقيد ۾ ارسطو جي ھڪ شرط کي واضح طور
تي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ارسطو جي گھڻن اصولن
مان ھڪ اصول ٻولي بھ آھي، جنھن جي ھيءَ تشريح آھي
تھ شعر يا ادب پاري لاءِ اھڙي ٻوليءَ جو شرط آھي،
ڪھ شاعر يا ادب پاري جي تخليق ڪرڻ واري جو مفھوم
صحيح طرح سمجھيو وڃي. مون ھن سلسلي ۾ صرف زبان جي
صحت جي ئي تشريح نھ ڪئي آھي، بلڪھ ٻوليءَ جي ھڪ ھڪ
لفظ جي مصوري سان بحث ڪيو آھي ۽ جڳھھ جڳھھ لفظ يا
عبارت جي ضروري خوبين جي طرف اشارات ڪيا آھن ۽
انھن اشارات ۾ ٻوليءَ جي اسلوب بيان، تشبيھھ ۽
اشتعارات کي وڏو دخل آھي. مان ٻين ٻولين بابت چئي
نٿو سگھان، مگر سنڌي زبان وادب ۽ اردو زبان وادب
جي لاءِ ھيءُ چئي سگھان ٿو تھ جيسين انھن ٽنھي شين
کان ڪم نھ ورتو ويندو تھ شاعريءَ جي دل جو ارمان
پورو ٿيندو ۽ نقاد جي دل جي حسرت نڪرندي.
بر رسولان بلاغ باشد وبس |