مطلقا ادب ۽ تنقيدي ادب:
ھي ھڪ گھڻو منجھيل بحث آھي تھ مطلقا ادب مقدم آھي
يا تنقيدي ادب؟ ان تي ڏاڍا موشگاف بحث ملن ٿا ۽
ٻنھي فريقن جا دليل ملن ٿا. انھن ۾ ڪنھن کي ترجيح
ڏيڻ مشڪل آھي، پر ھڪ بديھي ڳالھھ آھي تھ تنقيدي
ادب مطلقن ادب کان متاثر آھي. يعني پھرين ادب پيدا
ٿيو ۽ ان کان پوءِ تنقيدي ادب ظھور ۾ آيو.
انھن سڀني دليلن کان ھٽي جيڪي ڪي تنقيدي ادب بابت
پيش ڪيو ويندو، تنھن مان پنھنجي جدا واٽ ڪڍڻ جي
ڪوشش ڪبي. انھيءَ ڪوشش جو بنياد نفسيات تي ھوندو،
جنھن تي غور ڪرڻ جو طريقو ھيٺ درج ڪجي ٿو.
فرض ڪريو تھ دنيا ۾ سڀ کان اڳي ھڪ انساني جوڙو ملي
ٿو، جنھن ۾ ھڪ مرد آھي ۽ ٻي زال. ھي بھ مڃڻ جي
قابل ڳالھھ آھي تھ انھن جو نسل ڏينھون ڏينھن وڌندو
۽ ٻن مان ٽي ۽ ٽن مان چار، اھڙي طرح ھزار ٿيندا
ويندا. وري ان ڳالھھ کان بھ انڪار ڪري نٿو سگھجي
تھ اشارات جي ڀيٽ ۾ انھن جي ڪا نھ ڪا ٻولي بھ
ھوندي، جنھن جي ذريعي ھو پنھنجي خيالات جو اظھار
ڪندا ھوندا. ان کان سواءِ ھيءُ بھ مڃڻو پوندو تھ
انھن جي ٻوليءَ جو دائرو بھ گھڻو مختصر ھوندو. پر
ھن اختصار جي باوجود، ڪجھھ اشارن جي مدد سان ھو
پنھنجي موجوده ٻوليءَ ۾ پنھنجي خيالات جو اظھار
ضرور اھڙي طرھ ڪندا ھوندا، جو ٻڌڻ وارو ان جو مطلب
سمجھي ويندو ھوندو. ھي اصول جو مون اختراع ڪيو
آھي، سو ئي منھنجي اصل تنقيد جو بنياد آھي.
فرض ڪريو تھ ھڪ پٽ پنھنجي ماءُ کي کائڻ جي لاءِ ڪو
ميوو خدمت ۾ پيش ڪري ٿو، جنھن کي ماءُ چکي ٿي ۽
چوي ٿي تھ: ”پٽ! ھي ميوو سٺو نھ آھي. ڪچو آھي ۽
بدمزه آھي ۽ کائڻ جي لائق ئي نھ آھي.“
ھيءُ ٻڌڻ کان پوءِ اھو پٽ پنھنجن گھڻن سارن ميون
مان ڳولي ھڪ عمدو ميوو ڪڍي ٿو، جيڪو ھن جي اڳيان
سڀني ميون کان بھتر آھي. ماءُ ان ميوي کي چکي ٿي ۽
خوش ٿي چوي ٿي تھ: ”پيارا پٽ! تو جيڪو ھي ميوو ڏنو
آھي، سو ڏاڍو سٺو ۽ لذيذ آھي. اھو مان کائيندس.“
جيڪا مٿي فرضي ڳالھھ لکي اٿم، سا فطرت انسان جي
عين مطابق آھي. ھن مڪالمي ۾ پٽ جي طرفان جيڪي ڪي
پيش ڪيو ويو، تنھن کي مطلقا ادب چئي سگھون ٿا ۽
ماءُ جواب ۾ جيڪي ڪي چيو، سو ئي تنقيد جو اصول
آھي. يعني ماءُ ميوي کي چکيو ۽ ان جو ذائقو معلوم
ڪيو ۽ پھريائين ان کي پسند نھ ڪيو، گويا ميوي جو
تنقيدي جائزو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھي جائزو ميوي جي ماھيت
۽ ماءُ جي مذاق جو بنيادي اصول آھي، تنھن ڪري ماءُ
جي راءِ ميوي بابت صھ:ھ آھي، جنھن ۾ ميوي جي برائي
جو اظھار ڪيو ويو آھي.
ماءُ جڏھن ٻئي ڀيري ميوي جو جائزو ورتو يعني چکي
ڏٺو ۽ ان تي اظھار جو خيال ڪيو تھ اھا راءِ بھ
ميوي بابت صحيح ھئي، جنھن مان ميوي جي خوبي معلوم
ٿي.
تنقيد جو اصل مطلب ڪنھن ادب پاري جو جائزو وٺي ان
جي خوبين ۽ عيبن جو تعين ڪرڻ آھي. خوبين ۽ عيبن جي
سلسلي ۾ جيڪا شيءِ اصل آھي، سا پٽ وٽان ابتدا ۾ ٿي
آھي، جنھن ۾ ايترا سارا ميوا گڏ ڪيا ۽ پوءِ پنھنجي
ٻوليءَ ۾ ماءُ جي خدمت ۾ پيش ڪيا. ڪو شڪ ناھي تھ
پٽ جو بيان ماءُ جي اظھار خيال کان مقدم آھي يعني
اڳ جيڪو آھي ۽ ان کي بنا شڪ ۽ شبھي جي مطلقا ادب
چئي سگھون ٿا ۽ ماءُ جو جواب پٽ جي بيان کان پوءِ
واقع ٿيو آھي، جنھن حالت ۾ ان ۾ تنقيدي اھڃاڻ ملي
ٿو. تنھن ڪري ان نتيجي تي پھچڻ ۾ حق بجانب آھيون
تھ مطلقا ادب کان مقدم ٿئي ٿو. ھي منھنجو ھڪ
نفسياتي اصول تنقيد آھي.
تنقيد جي ابتدا:
جھڙي طرح ھي معلوم ڪرڻ مشڪل آھي تھ علم الحساب جو
پھريون مؤجد ڪير ھو؟ ساڳي طرح دنيا جي ٻوليءَ ۾ ھي
متعين ڪرڻ تقريبًا ناممڪن آھي تھ تنقيد جو پھريون
مؤجد ڪير ھو؟ ۽ ڪھڙي ٻوليءَ جو ھو ۽ ڪھڙي زماني ۾
ھو؟ ڇاڪاڻ تھ انسان کي چڱي ۽ خراب جو شعور پنھنجي
ابتدائي زماني کان ئي آھي، تنھن ڪري پھرين انسان
کان وٺي اڄ سوڌو ھي تنقيدي سلسلو مسلسل ھلندو اچي.
اسان جو گھڻي کان گھڻو ڪمال ھي آھي تھ اسين دنيا
جي ٻولين مان ڪنھن ٻوليءَ کي پنھنجي سمجھھ جي
مطابق پھرين مقرر وٺون ۽ ان جو ھڪ زمانو بھ مقرر
ڪري وٺون تھ اھو خاص ٻوليءَ جي تنقيد جي ابتدا
ٿيندي. ھن کي مطلقا تنقيد جي ابتدا چئي نٿو سگھجي.
مثلا جيڪو پھريون انسان ھوندو تنھن کي پنھنجن ھٿن،
پيرن ۽ ھٿن پيرن جي آڱرين ڳڻڻ جي بھ ضرورت پئي
ھوندي ۽ جڏھن اولاد جي ڪثرت ٿي ھوندي تھ ھن کي ھن
جو شمار بھ ڪرڻو پيو ھوندو. ھن اصول تي چئي سگھجي
ٿو تھ علم الحساب جو موجب دنيا جو پھريون انسان ئي
ھوندو. انھيءَ قياس تي ھي بھ چئي سگھجي ٿو تھ
پھرئين انسان کي شين جي چڱائي ۽ مدائي جو تجزيو
ٿيو ھوندو ۽ بعض شين کي پسند ڪندو ھوندو ۽ بعض کي
ناپسند، تنھن ڪري دعويٰ ڪري سگھجي ٿي تھ تنقيدي
شعور جي ابتدا بھ پھرئين انسان کان ٿي چڪي ھوندي.
فن تنقيد ۽ تاريخ:
موجوده زماني ۾ فلسفو، سائنس، رياضي ۽ منطق جو
مؤجد ”ارسطو“ کي سمجھيو وڃي ٿو، پر ظاھر آھي تھ
”ارسطو“ انھن شين مان ڪنھن جو بھ مؤجد نھ آھي.
بلڪھ اھي علم ھن کان بھ اڳي موجود ھئا، ليڪن جنھن
حالت ۾ ”ارسطو“ انھن علمن جي فني شڪل مرتب ڪئي يا
انھن کي فن جي صورت ۾ پلٽيو، تنھن ڪري ”ارسطو“
انھن علمن جو مؤجد سمجھيو وڃي ٿو.
”ارسطو“ جن علمن جي ابتدا ڪئي ھئي، تن مان سائنس
جو اڄڪلھھ ھي حال آھي تھ انسان ٽي دفعا چنڊ جو سفر
ڪري زمين تي اچي چڪو آھي. اھڙا بم ايجاد ڪيا ويا
آھن، جيڪي ٿورن منٽن ۾ لکن ماڻھن کي ھلاڪ ڪري سگھن
ٿا. جڏھن سائنس جي ارتقا جو ھي حال آھي تھ ”ارسطو“
جي ٻين علمن جي ترقيءَ جو انھيءَ تي قياس ڪرڻ
گھرجي.
”يونان“، ”رومن“ ۽ ”انگريزي“ زبان ۾ فن تنقيد وڏي
ترقي ڪئي ۽ اھا ترقي ٻنھي طرفن کان ٿي آھي. جيڪي
ماڻھو ”ارسطو“ جي تابع رھيا، انھن خط مستقيم تي
ترقي ڪئي ۽ فن تنقيد کي معراج ڪمال تائين پھچايو ۽
ھن ڪمال جي جامعيت ۾ اھي اصول ۽ قانون بھ اچي وڃن
ٿا، جن کي اھل فڪر ”ارسطو“ کان ھٽي تجربا ڪيا.
انھيءَ ڪري يورپ ۾ تنقيد جيڪا ترقي ڪئي، تنھن جي
لاءِ ھيءَ دعويٰ ڪري سگھجي ٿي تھ يورپ ۾ اڄ تنقيد
پنھنجي ڪمال تائين پھچي چڪي آھي. مغرب جي ماڻھن
زندگيءَ جي ضرورتن جي سڀني شعبن کي مختلف ادبن ۾
تقسيم ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھن اصول جي قيام مان فن
تنقيد جي تڪميل ۾ وڏي مدد ملي آھي. مثلا فلسفيانھ
تنقيد، سائنٽيفڪ تنقيد، نفسياتي تنقيد ۽ جمالياتي
تنقيد وغيره ۽ اھي سڀئي زندگيءَ جي ضروريات سان
تعلق رکڻ وارا شعبا آھن.
سنڌي زبان ۾ تنقيد:
سنڌي ٻولي ڳالھائڻ وارا بھ سڀ انسان حياتي رکن ٿا
۽ حياتيءَ جي سڀني شعبن سان انھن جو بھ لاڳاپو
رھيو آھي ۽ ظاھر آھي تھ تنقيد ھر ادب سان تعلق رکي
ٿي، جيڪو زندگيءَ جي ڪنھن بھ شعبي بابت ھوندو آھي.
تنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي تنقيد ۾ بھ اھا ئي وسعت
ھئڻ گھرجي، جيڪا دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب جي
تنقيدي شعبن ۾ ملي ٿي. پر ڇاڪاڻ تھ سنڌي ٻوليءَ جي
اديبن ۽ محققن ان تي ھڪ زماني تائين ڌيان ڪونھ
ڏنو، تنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي ادب جي ترتيب
جو فقدان آھي. يعني سنڌيءَ ۾ فن تنقيد تي اھڙو ڪو
جامع ۽ مانع ڪتاب نھ لکيو ويو آھي، جيڪو ٻوليءَ جي
تنقيدي ضرورت کي پورو ڪندو ھجي. ھن مقالي کان بھ
اھا اميد نھ رکڻ گھرجي تھ فن تنقيد يا تاريخ جي
سڀني تنقيدن تي اھڙو ڪو معجزو ڏيکاريو ويندو، جيڪو
تنقيد جي سڀني ضرورتن کي پورو ڪندو ھجي. البتھ
منھنجي ھيءَ ڪوشش ضرور آھي تھ سنڌي ٻوليءَ ۾ اھڙو
رسالو مرتب ڪريان، جيڪو ڪم ڏيئي سگھي ۽ ايندڙ نسلن
جي لاءِ ھڪ سنگ ميل ثابت ٿي سگھي.
سنڌي تنقيد جي ابتدا:
منھنجي اڳيان اردو فن جي تاريخ آھي، جيڪا اڄ سوڌو
مغربي فن تنقيد جو ھڪ مختصر خاڪو آھي. اردو وارا
پنھنجي ٻوليءَ جو لساني فلسفو انھيءَ ڪري آسانيءَ
سان ترتيب ڏيئي سگھيا آھن ۽ عھد بعھد ترقي ڏيکاري
سگھيا آھن جو اردو زبان سڀني ٻولين ۾ گھٽ عمر جي
آھي. سنڌي ٻوليءَ جو حال اردو کان مختلف آھي،
ڇاڪاڻ تھ اھا گھڻو قديم آھي. ان جا ابتدائي نمونا
ناياب آھن ۽ ان جي تاريخ ۾ بھ ان ٻوليءَ جا نمونا
نٿا ملن، جيڪي عربن کان اڳ رائج ھئا. جڏھن اصل ادب
ئي ناياب آھي تھ ان تي تنقيدي ادب جي تعين جو سوال
ئي پيدا نٿو ٿئي.
سنڌي ادب ۽ ان جا محققين:
سنڌي ادب جي ابتدائي روايات ۾ اسان جي اڳيان سڀ
کان اڳي ”نقوش سليماني“ جي مصنف سيف سليمان ندوي
جو ھڪ اقتباس آھي: ”اردو کيونکر پيدا ھوئي؟“ اھو
ان مقالي تان جيڪو جولائي ١٩٣٣ع ۾ ڇپيو ھو، ھيٺ
سنڌي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪجي ٿو.
ھن موقعي تي اسان جي سامھون سڀ کان پھريون بيان ھڪ
مليل جليل ايراني عرب جھازران ”بزرگ بن شھريار“ جو
آھي، جيڪو چوي ٿو تھ مون سان ھڪ جھازران ”بو محمد
حسن“ بيان ڪيو تھ:
”مان ٢٨٨ھ مطابق سنھ٩٠٠ع ۾ منصوره (ڀڪر) ۾ ھوس.
اتي مون سان مستند بزرگن ھي بيان ڪيو تھ الرا
(رور) جي راجا، جيڪو ھندوستان جو وڏو راجا ھو ۽
جنھن جي حڪومت ڪشمير مٿئين ۽ ڪشمير ھيٺئين جي وچ ۾
ھئي ۽ جنھن جو نالو ”مھروگ بن رانق“ ھو، ٢٧٠ھ ۾
منصوره جي جي بادشاھ ”عبدالله“ کي لکيو تھ ھو
اسلام جي شريعت جو ڪجھھ حال ھن کي ٻڌائي تھ
”عبدالله“ منصوره ۾ ھڪ عراقي کي لڌو، جيڪو گھڻو
تيز طبع ۽ خوش فھم ۽ شاعر ھو، جنھن ھندستانين ۾
نشوونما پاتي ھئي ۽ جيڪو اھل ھند جي مختلف ٻولين
مان ھو. ھن ھڪ قصيدو لکي راجا کي موڪليو، راجا ھن
کي سڏائي موڪليو ۽ ھن جي حڪم سان ھن قرآن جو ھندي
زبان ۾ ترجمو ڪيو.“
ھن حوالي مان ڪي ڳالھيون ثابت ٿين ٿيون:
1)
سيد سليمان ندوي جي چوڻ مطابق عراقي شاعر جيڪو
ھندستان جي مختلف ٻولين جو ماھر ھو، تنھن پنھنجو
قصيدو ھندي زبان ۾ لکيو ھو. ظاھر آھي تھ جڏھن ھو
ھندستان جي مختلف ٻولين کان واقف ھو، تنھن ڪري
ضروري آھي تھ سنڌي ٻولي ڳالھائڻ واري حڪمران جي
لاءِ جيڪو قصيدو ھندي زبان ۾ لکيو ھو، سو سنڌي
ٻولي ۾ ئي ھوندو ڇاڪاڻ تھ سنڌي ٻولي ھندستان جي
ٻولين مان ھڪ ٻولي ھئي.
ڊاڪٽر الانا صاحب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌ يونيورسٽي
جو ھڪ حوالو سندس ڪتاب سنڌي نثر جي تاريخ صفحھ٢
تان ھتي نقل ڪريون ٿا:
”انھيءَ ڏس ۾ ڪي تاريخي ثبوت بھ ملن ٿا، جن مان
معلوم ٿئي ٿو تھ ٢٧٠ھ (٨٨٣ع) ۾ سنڌ جي ھڪ راجا
”عبدالله بن عمر ھباري“ والي منصوره ڏي لکي موڪليو
تھ مذھب اسلام جي عقائد ۽ تعليم تي سنڌي زبان ۾
ڏانھس ڪتاب لکرائي موڪلي. ”عبدالله“ اھو ڪم ھڪ
عراقي عالم جي سپرد ڪيو، جيڪو اصل ۾ عراق جو
باشندو ھو، جنھن جي پرورش منصوره ۾ ٿي ھئي. ھن کي
سنڌي زبان خواه ٻين مقامي زبانن ۾ ڪمال حاصل ھو.
ھو سنڌي زبان جو شاعر ۽ نثر نويس ھو. انھيءَ عالم
”عبدالله“ جي فرمائش تي ھندو راجا لاءِ اسلامي
عقيدن تي ھڪ ڪتاب سنڌي نظم ۾ تصنيف ڪيو. راجا ڪتاب
پڙھي نھ فقط اسلام کان متاثر ٿيو، پر خود مصنف جي
علمي مرتبي جو بھ مٿس ايترو تھ اثر ٿيو جو ھن
”عبدالله“ ڏي لکي موڪليو تھ انھيءَ مصنف کي سندس
درٻار ۾ موڪليو وڃي. ساڳئي صاحب راجا جي فرمائش تي
قرآن پاڪ جو بھ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنھن کي راجا
روزانو ٻڌندو ھو.“
جناب الانا صاحب جي حوالي مان ھيءَ ڳالھھ ثابت آھي
تھ اصل نظم سنڌي زبان ۾ ھو. اسان کي ھي مڃڻ گھرجي
تھ سليمان ندوي جو مطلب ھندي زبان مان سنڌي زبان
ئي آھي.
عراقي شاعر بابت الانا صاحب جي بيان ۾ ھي بھ معلوم
ٿو ٿئي تھ ھو منصوره ۾ رھي چڪو ھو ۽ منصوره سنڌ جو
ھڪ شھر ھو.
2)
سيد سليمان ندوي جنھن جھازران جو حوالو ڏنو آھي،
سو بجاءِ خود قديم تاريخ جي مطالعھ ۾ وڏي اھميت
رکي ٿو، ڇاڪاڻ تھ زمانھ قبل از تاريخ ۾ ڪھاڻي،
قصن، گيتن ۽ رسم ورواج تائين بھ ڪم وٺجي ٿو، جو
انھن سڀني جي ڀيٽ ۾ جھازران جو حوالو گھڻو قيمتي
آھي. خاص ڪري اھڙي حالت ۾ جڏھن سيد سليمان ندي بھ
ان مان مطمئن آھي.
3)
اسان جي ٻوليءَ جي بدقسمي چئبي جو اڄ نھ اھو سنڌي
نظم ملي ٿو جيڪو عراقي شاعر اسلام لاءِ لکيو ھو ۽
نھ قران شريف جو اھو ترجمو ملي ٿو، جنھن جو حوالو
صاحب ڏنو آھي.
جناب الانا صاحب جو حوالو:
الانا صاحب سنڌي نثر جي سلسلي ۾ محترم حسام الدين
راشدي صاحب جي ھڪ مضمون جو حوالو ڏنو آھي، جيڪو
موصوف جي نظر مان مھراڻ سماھي ۾ گذريو آھي، جنھن
حوالي بابت عرض ڪرڻو آھي تھ محترم راشدي صاحب اھو
مضمون سڀ کان اڳي الوحيد اخبار جي ھڪ آزاد نمبر ۾
لکيو ھو، جيڪو اسان جي نظر مان گذريل آھي. انھيءَ
مضمون کي مھراڻ سماھي ۾ نقل ڪيو ويو آھي.
اسان جن محققن جون غلطيون:
اڳي ئي عرض ڪري چڪا آھيون تھ عربن کان اڳي سنڌي
ادب جو ڪو قابل اعتماد نمونو نٿو ملي ۽ اھا ھڪ وڏي
حيرت جي ڳالھھ آھي تھ سنڌ تي عربن جي قبضي سان
گڏوگڏ ھر قسم جو سنڌي ادب فنا ٿي ويو. ان تي بعض
محققين ھي فرض ڪري ورتو تھ عربن سنڌي ادب جي سڄي
ذخيري کي برباد ڪري ڇڏيو. تاريخ شاھد آھي تھ ھي
محض ھڪ مغالطو آھي. ان بابت ٻھ ڳالھيون عرض ڪرڻيون
آھن.
ٻڌ مذھب ۽ برھمڻن جي مذھب يا ويدانت ۾ مختلف زمانن
۾ جنگ رھي آھي. سن عيسوي جي آغاز کان قبل چوٿين
صدي عيسوي تائين برھمڻن جي مذھب تي زوال آيو،
ڇاڪاڻ تھ ٻڌ مذھب ھن زماني ۾ پوري ھندستان تي قبضو
ڪري ورتو ھو. مگر چار سؤ عيسوي کان پوءِ وري
ھندستان جي ھڪ راجا ”برھمڻن“ جي مذھب کي ٻيو ڀيرو
پکيڙيو ۽ ٻڌ مذھب کي ويو دٻائيندو ۽ انھيءَ زماني
۾ برھمڻ مذھب جي پوڄارن ٻڌ مذھب جون گھڻيون
مورتيون ڀڃي ڇڏيون ۽ سنسڪرت زبان جي اشاعت ڪئي،
جيڪا برھمڻن جي مذھبي زبان ھئي. برھمڻن جي اٺ ڏھھ
سؤ سالن جي غلبي ٻڌ مذھب جا اھي ڪتاب بھ برباد ڪري
ڇڏيا، جيڪي پالي زبان ۾ ھئا. سنڌ جو حڪمران ٿورو
سخت جان ثابت ٿيو، جيڪو برھمڻن جي ظلم کان بچيل
ھو. پر نيٺ ”چڇ“ نالي ھڪ برھمڻ نھايت چالاڪي ۽
فريب سان ”راءِ ساھسي“ ٻئي کي ماري حڪومت غصب ڪري
ورتي. اھڙي طرح ٻڌ مذھب جو آخري ڏيو بھ وسائي
ڇڏيائين. برھمڻن جي يادگار راجا ڏاھر جي ظلمن جي
سبب عربن سنڌ کي فتح ڪيو. ڀلا ھڪ ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ
سان شادي ڪري، اھڙو ڪلور بھ ڪنھن ٻڌو؟ مسلمان عربن
سنڌ کي غصب ڪونھ ڪيو، بلڪھ سنڌ حفظ ماتقدم جي
ماتحت فتح ٿي. ”مولانا سيد سليمان ندوي“ جو ھڪ
اقتباس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيکاريون ٿا، جيڪو ھن
پنھنجي ڪتاب نقوش سليماني جي صفحي٤ تي ڏنو آھي:
”مسلمانن جو ھندستان تي حملو پھرين صدي ھجري جو
واقعو آھي ۽ ھي ٻڌي حيرت وٺندي تھ ھن حملي جي
ابتدا مسلمانن جي فاتحانھ جذبات جو نتيجو نھ ھو،
جيئن عموما سمجھيو وڃي ٿو. بلڪھ ايرانين جي مدد
لاءِ ھندستان جي آمادگي آھي ۽ ان جو نتيجو مسلمانن
جو حفظ ماتقدم جي طور تي سنڌ تي قبضو آھي.“
ان مان معلوم ٿيندو تھ تاريخ کان اڻ واقف ڪھڙيون
تھ بي بنياد ڳالھيون گھڙي عربن کي بدنام ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري رھيا آھن. ”راجا ڏاھر“ جو عربن جي ھٿان
ختم ٿيڻ جو سبب مٿي ڏنو ويو آھي. مٿي ٻڌائي آيا
آھيون تھ برھمڻن ڪيئن ٻڌ مذھب وارن کي ختم ڪيو ۽
انھن جي مورتين کي فنا ڪيو ۽ انھن جي ادبي ذخيرن
کي دنيا ۾ باقي نھ رکيو ۽ اھو عمل سون سالن تائين
جاري رھيو. برھمڻن جو ظالمانھ ۽ متعصبانھ عمل جو
ھڪ ثبوت اڄ سوڌو موجود آھي.
راجستان ۾ ابو جبل تي ٻڌن جو ھڪ مندر موجود آھي،
جيڪو ھڪ ٺڪريءَ جي ھيٺان اھڙي طرح ٺاھيل آھي جو ان
جا ٻھ ٿنڀا جبل جي پاڙ ۾ اڀا ٺھيل آھن ۽ ٻھ ٿنڀا
انھن جي مقابلي ۾. اھو ”دلواڙي“ جو مندر ٿو سڏجي.
انھيءَ مندر جا چارئي ٿنب چئن مورتين سان ٺھيل
آھن. يعني ھر ھڪ ٿنڀ ھڪ مورتي آھي، جنھن جي مٿي
مندر جي ڇت رکيل آھي. انھن مان ھر ھڪ ٿنڀ يعني ھر
ھڪ مورتي ننڍين ننڍين گھڻين مورتين ٺھيل آھي. مثال
جي طور تي ھر مورتي جي ڄنگھھ ھڪ ننڍي مورتي سان
ٺھيل آھي. اھڙي طرح ھر ھڪ ٿنڀ واري مورتي، ڪيترين
ننڍين ننڍين مورتين جو مجموعو آھي. ھن مندر جي
جابلو حصي کي پورو ڪري، ھڪ سائي رنگ جي مورتي رکيل
آھي، جنھن جا چپ ڳاڙھا ھئا ۽ جنھن جون ٻئي اکيون
اڇي چمڪندڙ ھيري مان ٺھيل ھيون، جيڪي جبل جي پوري
حصي تي اونداھ ۾ صاف چمڪنديون نظر اينديون ھيون.
مگر ڪمال ھي آھي تھ وڏي کان وڏي مورتي يا ننڍي کان
ننڍي يا سائي رنگ جي مورتي، تن سڀني جا نڪ وڍيل
نظر ايندا. ھڪ مورتي جو بھ نڪ ثابت نظر نھ ايندو.
برھمڻن ھن مندر جي قيمتي ۽ انوکي ساخت کي ڏسي ان
کي برباد ڪرڻ مناسب نھ سمجھي فقط نڪ وڍي مورتين کي
اصلي حالت ۾ ڇڏي ڏنو.
ھاڻي اسان جا نادان ۽ متعصب اديب چوندا تھ مورتين
جا نڪ مسلمانن وڍيا آھن. ھن جا ٻھ جواب آھن:
ھڪ تھ مسلمان بت شڪن ٿو ٿئي، بت جو نگھبان نٿو
ٿئي. جيڪڏھن مسلمان آيو. جبل تي پھچن ھا تھ سڄي
مندر کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏين ھا. ٻي ڳالھھ ھيءَ آھي
تھ ھندستان جي مؤرخن ۾ ھندو، مسلمان ۽ انگريز ھر
قسم جا تاريخ لکندڙ ملن ٿا، مگر متعصب کان متعصب
مؤرخ بھ اھو نھ لکيو آھي تھ مسلمان ڪڏھن جبل تي
ويا آھن. جيڪڏھن ھن جي تاريخي شاھدي گھرجي تھ
”ٽاڊر راجستان“ جو مطالعو ڪرڻ گھرجي. انھن ٻنھي
ڳالھين مان ثابت آھي تھ ٻڌ مذھب ۽ ان جي سڄي ادب ۽
مذھبي ڪتابن کي ناس ڪرڻ ۾ برھمڻن جو ھٿ ھو ۽ نھ
مسلمانن جو. مگر اسان جن اھڙن اديبن، جن جـو
تاريخي تحقيق ۾ ڪو مرتبو نھ آھي، نھايت بي باڪي
سان لکيو آھي تھ سنڌي ادب جي ذخيري کي عربن ناس
ڪيو ھو.
ٻي ڳالھھ ھيءَ آھ تھ ”شبلي نعماني“ پنھنجي ھن
ڳالھھ تي تفصيل سان ٻث ڪيو آھي تھ ايران تي قبضي
ڪرڻ کان پوءِ اڍائي ٽن سون سالن تائين فارسي شاعري
ڇو وجود ۾ نھ آئي؟
انھيءَ سلسلي ۾ ”علامھ شبلي“ بعض تذڪره نگارن جي
ھن اعتراض جو جواب ڏنو آھي تھ عربن ايراني زبان جا
سڀئي ڪتاب فنا ڪري ڇڏيا، تنھن ڪري اتي اڍائي سؤ
سالن تائين فارسي ٻوليءَ ۾ ڪو شعر نھ چيو ويو.
پوئين ڳالھھ جو جواب تھ ”شبلي“ ھي ڏنو آھي تھ
جيڪڏھن عربن اسلام کان اڳي جا سڀئي ايراني ڪتاب
ساڙي ڇڏيا تھ ان مان ھي ڪٿي لازم ٿو ٿئي تھ آئنده
بھ فارسي شاعر فارسي ٻوليءَ ۾ شعر نھ چون؟
پھرين ڳالھھ جو جواب ”شبليءَ“ ھي ڏنو آھي تھ جيئن
اسلام ايران ۾ آيو ۽ ان جي اشاعت عام ٿي تھ اسلام
ھڪ اھڙو نشو ھو، جنھن جي اڳيان ان وقت جي مذھب جي
ڪا حقيقت باقي نھ رھي. ماڻھن دل سان اسلام قبول
ڪيو ۽ نون نون اسلامي علمن جي تحصيل ۾ مشغول ٿي
ويا، جھروڪ علم تفسير، علم حديث، علم فقھ ۽ علم
ڪلام. انھن علمن جو نشو انھن تي اھڙو غالب ٿيو جو
انھن اڳئين مذھب جي ڪا شيءِ باقي نھ رکي. ڪجھھ آتش
پرست ايران مان نڪري پنھنجي مذھب کي سلامت وٺي
بمبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙجي ويا. ھو پاڻ سان گڏ
پنھنجا بعض مذھبي بھ کڻي ويا مگر ايران ۾ جيترو بھ
ادبي يا مذھبي ذخيرو ھو، سو ايرانين جي پنھنجي بي
پرواھي کان خود بخود فنا ٿي ويو.
ڪا تاريخ ھن ڳالھھ جي گواھي نٿي ڏئي تھ عرب
ايرانين جي ڪنھن ڪتاب کي ساڙيو. ھي فقط ”شبلي“ جي
بيان جو خلاصو آھي. ساڳيون حالتون سنڌ جي ماڻھن کي
پيش آيون. جڏھن عرب سنڌ ۾ آيا، عربن سنڌين سان
ڏاڍيون رعايتون ڪيون. انھن جي مذھب جي سرڪاري طرح
حفاظت ڪئي، انھن جون زمينون ڪونھ کسيائون، نھ انھن
جي زندگيءَ جي معاملن ۾ دخل ڏنائون. ڪا تاريخ اھو
نٿي لکي تھ عربن سنڌين جي مذھب کي آزاري ڏني يا
انھن جي مذھبي ڪتابن کي ساڙيو.
ھيسين تائين جيڪي ڪي بيان ڪيو ويو آھي، تنھن مان
ھي غرض آھي تھ باوجود ان جي تھ سنڌي ٻولي ھڪ قديم
زبان آھي، پر ان جي قدامت جو ڪو پورو ثبوت نٿو
ملي. نھ ڪو مخطوطو ھٿ آيو آھي، نھ ڪو قديم سڪو، نھ
ڪنھن جبل جي ڇپ يا پٿر، نھ ڪنھن ڌاتو جي تختي ۽ نھ
ڪنھن قديم زبان جو نمونو. انھيءَ ڪري موجوده سنڌي
جو لاڳاپو ھن کان وڌيڪ معلوم نھ آھي تھ اڄ جيڪا
سنڌي لکون ۽ ڳالھايون ٿا، سا قديم سنڌي جي ڪا
بگڙيل صورت يا ھن جي ارتقائي شڪل آھي.
ھن مختصر بيان کان پوءِ سنڌي فن تنقيد جي طرف ڌيان
ڏيون ٿا.
سنڌي فن تنقيد جي شروعات:
تنقيد ھڪ مستقل فن آھي، جنھن ۾ ڪنھن ادب پاري جو
جائزو وٺي ان جي خوبين ۽ عيبن جي نشاندھي ڪئي وڃي
ٿي.
تنقيد جون بي شمار تعريفون ڪيون ويون آھن. اردو جي
ڪيترن چڱن تنقيد نگارن جا تنقيدي اصول انگريز
تنقيد نگارن تان جمع ڪيا آھن ۽ تنقيد جي تعريف ڪئي
آھي. انھن جي بعض تعريفن ۾ اختلاف آھن ۽ بعض
تعريفون باھم متضاد آھن.
ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ ذوقي شيءِ ھجڻ جي حيثيت ۾
تنقيد جي تعريف ڪرڻ مشڪل آھي، جيئن مادي شين جي
تعريف آسان آھي. جھڙوڪ خط مستقيم ۽ لفظ جي تعريف،
جيڪا نھايت جامع ۽ مانع طور تي ڪيل آھي مگر تخيل ۽
عشق وغيره جي تعريف يا شعر جي تعريف اھڙي نھ ڪئي
وئي آھي، جھڙي مٿين ٻن لفظن جي.
تنقيد جي ھڪ تعريف:
عربن جي اصول تنقيد جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تھ
تنقيد مجموعو آھي ٻن شين جو:
1)
ما قال يعني ڇا چيو آھي؟
2)
ڪيف قال يعني ڪھڙي طرح چيو آھي؟
انھن ٻنھي سوالن جي مجموعي کي تنقيد جي تعريف
سمجھڻ گھرجي.
پھرئين سوال مان مطلب مواد يعني مضمون، احساس ۽
جذبات وغيرھ آھي ۽ ٻئي مان غرض زبان ۽ انداز بيان
آھي. جن جا اصول اڳي کان مقرر آھن، پر تنقيد جي
سلسلي ۾ انھن کي اصولي طور تي استعمال ڪرڻ منھنجو
پنھنجو ذاتي خيال آھي.
تنقيد جي تعريف ڪرڻ وارن جو قاعدو آھي تھ پھريائين
لفظ جي معنيٰ بيان ڪندا آھن ۽ پوءِ ان جي اصطلاحي
معنيٰ. مون ھن تنقيد ۾ اھو انداز ترڪ ڪيو آھي.
اردو ۾ تنقيد تي گھڻا ئي ڪتاب لکيا ويا آھن، جن کي
اڳيان رکي تنقيدي تاريخ لکڻ ۾ آساني پيدا ٿي سگھي
ٿي ۽ ڪٿي ڪٿي مون ائين بھ ڪيو آھي. مون اھي ڪتاب
انگريزي جا ڏٺا آھن، جن ۾ تنقيد جي تاريخ لکڻ وارا
نھايت نڪتھ سنجي کان ڪم وٺندي وار جي کل لاھين ٿا
۽ اردو ڪتابن کي بھ انھن سان ڀيٽي ڏٺو آھي، جتان
انھن پنھنجو مواد فراھم ڪيو آھي. انھن جي لاءِ سنڌ
يونيورسٽي مان سٽي آرٽس ڪاليج مان ۽ ڪي پنھنجا
تنقيد تي خريد ڪيل ڪتاب منھنجي لاءِ ڪارائتا ثابت
ٿيا آھن. بدقسمتي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ اھي ذريعا
موجود نھ آھن، جن سان انگريزي ناقدن جي اصول تي
ڪجھھ لکي سگھجي ۽ اردو زبان جو ادبي ذخيرو گھڻو ئي
ملي سگھي ٿو، جيڪو منھنجي لاءِ گھڻو مفيد ثابت ٿيو
آھي.
سنڌ ۽ ايران جا تعلقات:
مسلمان حڪمرانن کان اڳي ئي سنڌ ۽ ايران جا تعلقات
ھئا ۽ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ واپار بھ ھلندڙ ھو، مگر
ان تعلقات جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي ڪھڙو ٿيو؟ تنھن
جي اسان وٽ ڪا تاريخ نھ آھي.
عجائب
الھند بزرگ بن شھريار ٢ ۽ ٣، پيرس بحوالھ نقوش
سليماني ص٢٥٢
نقوش
سليماني مؤلف سيد سليمان ندوي صفحھ٤
ڏسو سراج الحق بسمل جو ڪتاب سنڌي ٻولي جنھن ۾
ھن لکيو آھي ۽ عربن تي الزام لڳايو آھي تھ
انھن سنڌي ادب جي ذخيري کي برباد ڪري ڇڏيو.
|