سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :9

باب پنجون

بحث جو موضوع

 

 

اثرائتي تدريس

ڪوبه اهڙو نظريو جنهن ۾ هن ڳالهه بابت بحث ٿيل هجي ته ٻار ڪهڙيءَ ريت سکن يا ڪهڙيءَ طرح ترقي ڪن ٿا ڪنهن تعليمي نظرئي ۽ ان جي اثرائتي تدريس سان ئي لاڳاپيل هوندو آهي. ان سلسلي ۾ مختلف تعليمي مفڪرن جا پنهنجا پنهنجا خيال ۽ نظريا آهن. اسان هتي انهن مفڪرن (پيازي، وائگوٽسڪي ۽ برونر وغيره) جي نظرين جي روشنيءَ ۾ مؤثر ۽ اثرائتي تدريس جي وضاحت ڪنداسين.

مهارت

تعليم، راند ۽ دستڪارين جا ماهر هن صورتحال جو ادراڪ غير ماهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هنر منديءَ سان ڪندا آهن جيڪا صورتحال سندن هنر سان لاڳاپيل هوندي آهي. ان سلسلي ۾ شطرنج جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. هڪ شطرنج جي ماهر جو علم ۽ هنر کيس ان لائق بڻائيندو آهي ته اڳتي جون ڪيتريون ئي چالون پڻ پنهنجي ذهن ۾ ٺاهي وٺي، جڏهن ته هڪ سيکڙاٽ خيالن جي انتشار سبب ڪٿي ڪٿي هڪ هڪ چال سوچيندو. دراصل ڪنهن صورتحال ۾ به جنهن شيءِ جو اسان ادراڪ ڪندا آهيون، ان جو محرڪ اسان جو وقتي غرض ۽ اسان جي دلچسپي هوندي آهي. اسان جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهيون ان جي حساب سان ڪا شيءِ ڌيان جوڳي ۽ ضروري بڻبي آهي. ان صورتحال ۾ (جيڪا اسانجي مقصدن حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ مددگار ثابت ٿيندي هجي) اسان وڌيڪ مهارت سان ڪم ڪندا آهيون. ان صورت ۾ اسان وڌيڪ چستيءَ، تيزيءَ ۽ وڌيڪ صحت سان سوچي ۽ عمل ڪري سگهون ٿا. انهيءَ ڪري ئي اسان سيکڙاٽ جي ڀيٽ ۾ ترت ان ڳالهه جو احساس ڪندا آهيون ته اسان اصل مقصد کان هٽي رهيا آهيون، ٿورو سوچيو ته اوهان راندين جي هڪ آمريڪي شوقين سان گڏ ويهي آمريڪي فٽ بال جي مئچ ڏسي رهيا آهيو. وري خيال ڪيو ته اوهان ڪرڪيٽ ڏسي رهيا آهيو. نئين ۽ غير معمولي شيءِ سان ڪنهن کي دلچسپي هوندي؟ ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو راند جا اصول سمجهي ٿو اهو ئي ان ۾ دلچسپي وٺندو. سيکڙاٽ پنهنجي آڏو ٿيندڙ واقعن کي سمجهڻ تي پنهنجو سمورو ڌيان لڳائيندو. ان جي ابتڙ هڪ ماهر انهن واقعن کي وڌيڪ وسيع تناظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو. هو راند ۽ رانديگرن جي هڪ هڪ چرپر ۽ چال کي سمجهندو ۽ ان مان مزو وٺندو. هو بعد ۾ گهڻين ڳالهين کي ياد پڻ رکندو. بلڪه جيڪڏهن ڪو رانديگر ڪٿي غلطي ڪندو يا ڪو غير معمولي ڪم ڪندو ته هو ان جو نوٽيس پڻ وٺندو.

هڪ ماهر وڌيڪ چڱيءَ طرح ڪنهن شيءِ کي سمجهندو آهي ۽ ياد رکندو آهي، جيئن شطرنج جو رانديگر يا ماهر موسيقار. اها هڪ حقيقت آهي. هڪ سٺو رياضي دان رياضيءَ جي ڪنهن مسئلي جي نوعيت جو وڌيڪ صحيح ادراڪ ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ياد به رکي سگهي ٿو. هڪ ماهر ڪمپيوٽر پروگرامر پروگرام جي بناوٽ کي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو ۽ ياد رکي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته هو ان جي ٻولي ڄاڻي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ هڪ سيکڙاٽ ڪوڊ جي فقط شروعاتي سٽن ۾ ئي ڦاٿل رهندو ۽ پروگرام جي بناوٽ تائين نه پهچندو. مهارت انهيءَ ادراڪ ۽ يادگيري جي عمل جي تعمير ڪندي آهي. ان سان سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي. ان عمل ۾ سهوليت ۽ صحت پيدا ٿي ويندي آهي ۽ غلطي پڪڙڻ ۽ نئين اڻلڀ ۽ قيمتي شين جو احساس ڪرڻ جو امڪان وڌيڪ پيدا ٿي پوندو آهي.

جڏهن اسان ٻار جي مدد ڪندا آهيون ته ڄڻ کيس اهڙيون حالتون مهيا ڪندا آهيون جن ۾ هو پنهنجي تجربي جي اندر نظم ۽ ضبط ۽ هيئت جو شعور حاصل ڪندو آهي. ٻار کي اڪيلي سر ڪم ڪرڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ته هوغير يقيني ۽ ٻڏتر ۾ پئجي ويندو آهي. کيس خبر نه پوندي آهي ته کيس ڪهڙي شيءِ تي غور ڪرڻ کپي ۽ ڪهڙو ڪم ڪرڻ کپي. تدريس کيس ڪيترن ئي لحاظن کان صحيح واٽ ڏيکاريندي آهي. جڏهن اسان ٻار جو ڌيان ڪنهن پاسي ڇڪرائيندا آهيون ته ان ريت اسان کيس ٻڌائيندا آهيون ته ڪهڙيءَ شيءَ تي غور ڪرڻ گهرجي. اسان ٻار کي يادگيرو ڏيارڻ ذريعي سندس هيءَ مدد ڪندا آهيوون ته هو پنهنجي تجربي جي انهن پاسن کي ڪم آڻي جن بابت هو پاڻ نه بلڪه اسان (ماهر) وڌيڪ ڄاڻون ٿا. اهي پاسا سندس ڪم سان تعلق رکن ٿا. جيڪڏهن ان ڪم جا ڪيترائي مرحلا آهن ته ٻار ڪنهن هڪ مرحلي تي ڪم ڪندو ۽ گذريل ڪم وساري ويهندو. هو پنهنجو اصل مقصد پڻ وساري سگهي ٿو. ۽ ڪم جي هڪ حصي تي سمورو ڌيان ڏيئي ڪم جي مجموعي حيثيت وساري سگهي ٿو. اسان سندس ان ريت مدد ڪري سگهون ٿا ته کيس سندس پهريون ڪم ياد ڏياريون ۽ اهو پڻ ياد ڏياريون ته ان ڪم جو اصل مقصد ڪهڙو آهي ۽ کيس رڳو آڏو واري ڪم ۾ سڄو وقت ۽ محنت خرچ ڪرڻ کان بچائي وٺئون. ٻار ڪو اهڙو ڪم ڪري جنهن سان هو ڪاميابيءَ جي ويجهو پهچي وڃي ته ٿي سگهي ٿو ته کيس پنهنجي ڪارنامي جي اهميت جو احساس نه هجي. خاص طور تي جيڪڏهن هو پنهنجو اصل مقصد وساري ويٺو آهي ته ان موقعي تي تعريف ۽ حوصلي افزائي کيس ڪيل ڪم جي اهميت جو احساس ڏياريندي ۽ اڳتي وڌڻ ۾ سندس مدد ڏيندي.

ان نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته ٻارن جي همت افزائيءَ لاءِ بالغ فرد جيڪي بظاهر سادا ۽ معمولي ڪم ڪندا آهن ۽ روز مرهه جي ڪمن ۾ سندن مدد ڪندا آهن اهي خاص اهميت وارا هوندا آهن. ڪنهن شيءِ ڏانهن اشارو ڪرڻ، ياد ڏيارڻ ۽ شاباس ڏيڻ سان ڄڻ هڪماهر جي نگرانيءَ ۾ ٻار جا سمورا ڪم هڪ منظم شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن. ٻار اڪيلي سر پڻ ڪم ڪري سگهي ٿو پر ان لاءِ کيس ان ڪم جي تقاضا سمجهڻ ۽ غلطي ڪري سکڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو. ان کانپوءِ به هو ٿوري گهڻي مهارت ئي حاصل ڪري سگهندو. پيچيده ۽ ڏکين ڪمن کي اسان ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهائي ٻار لاءِ سولو بڻائيندا آهيون ته جيئن هو پنهنجي ڪم جي نوعيت ۽ هيئت سمجهي وٺي. اسان سندس آڏو جيئرا جاڳندا مثال پيش ڪندا آهيون ته ڪهڙيءَ ريت ماهر غير يقيني حالتن ۾ پنهنجو ڪم ڪاميابيءَ سان پورو ڪندا آهن. جڏهن اسان ٻار کي ڪا شيءِ سمجهائيندا آهيون يا هدايت ڏيندا آهيون ته دراصل اسان کيس ان عمل کان آگاهه ڪندا آهيون جيڪو اسان جي پنهنجي دماغ ۾ آهي.

وائگوٽسڪي چوي ٿو ته ان قسم جي ٻاهرين مدد ۽ سماجي عمل کي ٻار پنهنجي ذات جو حصو بڻائي وٺندو آهي ۽ پنهنجين دماغي سرگرمين کي منظم ڪندو آهي. اها ئي ميل جول انهن تجربن جو وسيلو آهي جيڪو پڇاڙيءَ ”اندروني (ذهني) ڏي وٺ“ جو حصو بڻبو آهي ۽ دماغي نظم ضبط پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته تعليم جو عمل گهٽ ۾ گهٽ ٻن سطحن تي هلندو آهي: ٻار لاڳاپيل ڪم سکندو آهي ۽ پنهنجي محدود مهارت ۾ واڌارو ڪندو آهي. ان سان گڏوگڏ هو هي پڻ سکندو آهي ته جيڪو ڪجهه سکيو اٿائين ان کي ۽ پنهنجي دليل ڏيڻ (استدلال) جي صلاحيت کي ڪهڙيءَ ريت منظم شڪل ڏئي. پيازي جا پوئلڳ انهن ٻارن کي جيڪي پنهنجو پاڻ سکڻ لاءِ تيار ناهن، استاد جي ذريعي سيکارڻ جي ڪوشش وقت کان اڳ ۽ غلط ڪوشش قرار ڏيندا. سندن خيال ۾ ان جو نتيجو هي نڪرندو ته ٻار رٽو لڳائيندا ۽ کين فقط کوکلي طريقه ڪار جو ئي علم حاصل ٿيندو. پر وائگوٽسڪي ۽ برونر انهيءَ شيءِ کي ”مواد“ قرار ڏين ٿا جيڪو تعليم ۽ ذهني اوسر جي ڪم ايندو آهي. سندن خيال ۾ ان قسم جي دوبدو عمل ۾ ٻار پنهنجي مهارت ۾ جيڪو واڌارو ڪندو آهي ۽ وراثت ۾ ملندڙ سوچڻ ۽ سکڻ جا اهي طريقا اختيار ڪندو آهي جيڪي تهذيبي طور تي ترقي يافته آهن.

ماهر ۽ سيکڙاٽ – استاد شاگرد جي حيثيت ۾

اهڙن طريقن جو نظرياتي تفصيل بيان ڪرڻ جن جي ذريعي هڪ ماهر ٻار جي مدد ڪندو آهي اها هڪ ڳالهه آهي ۽ انهن طريقن کي ڪنهن هڪ ٻار يا ڪيترن ئي ٻارن جي تعليم لاءِ سفارشن جي شڪل ڏيڻ، ٻي ڳالهه آهي يعني اهي ٻه ڌار ڌار ڳالهيون آهن. تجربو ٻڌائي ٿو ته هر ماهر پڙهائي نٿو سگهي ۽ ان ڪري ٻارن کي پڙهائڻ جون گهڻيون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون آهن. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ٻار ان ڪري انهن شين کي نه سمجهندو هجي جيڪي اسان کيس پڙهائي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته وٽس ان شيءِ بابت ضروري ڄاڻ اڳواٽ موجود ناهي. ٿي سگهي ٿو ته پڙهائي ئي اڻپوري هجي. مثال طور کيس جيڪي شيون ڏيکاريون پيون وڃن اهي ٻار کان مٿانهيون ۽ اونهو ڌيان گهرنديون هجن ۽ ضروري هجي ته هُو ان کي مختلف حصن ۾ ورهائي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. ٿي سگهي ٿو ته هو پهريائين علم کي ڪافي حد تائين پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ڪرڻ ۽ وري حافظي مان ٻاهر ڪڍڻ جي صلاحيت جي تقاضا ڪندو هجي ۽ انهن کي ذهن نشين ڪرڻ تمام ڏکيو هجي. ان جي ابتڙ هي به ٿي سگهي ٿو ته استاد تمام گهڻو ڳالهائيندو هجي ۽ اهڙي ٻولي ڳالهائيندو هجي جيڪا ٻار لاءِ سمجهڻ ڏکي هجي.

اسان انهن ڳالهين تي بعد ۾ ڳالهائينداسين جن مان خبر پوندي آهي ته تعليم ۾ نقشن ۽ چارٽن جي مدد وٺڻ جو دارومدار ٻار جي پنهنجن لاڙن ۽ شروعاتي تعليم تي هوندو آهي. هتي مان هڪ خاص مسئلي تي ڳالهائڻ گهران ٿو ته آخر اسان تدريس جي عمل جو تصور ۽ تجزيو ڪيئن ڪري سگهون ٿا ته اسان هي ڄاڻي سگهون ته ٻار کي جو ڪجهه پڙهايو پيو وڃي اهو هُو سکي به رهيو آهي يا نه؟

ٻار استاد ۽ پيءُ ماءُ جي مدد سان اڪثر اهي ڪم پڻ ڪري وٺندو آهي جيڪي هو پاڻ مرادو اڪيلي سر نه پئي ڪري سگهيو. وائگوٽسڪي مدد جي ذريعي حاصل ٿيندڙ ۽ مدد کانسواءِ حاصل ٿيندڙ مهارت جي وچين فاصلي لاءِ ”اتصالي ترقيءَ جو هنڌ“ (Development zone of Proximal) جو اصطلاح ايجاد ڪيو آهي. اسان هن ڳالهه جو فيصلو ڪيئن ڪريون ته تدريس ٻار جي ترقيءَ واري علائقي لاءِ موزون آهي يا نه؟ اها ڪٿي وڃي سندس ذهني سطح کان مٿانهين ٿي وڃي ٿي؟ اسان کي ڪيئن اندازو ٿي سگهي ٿو ته تعليم ڏيڻ وقت اسان ٻار جي صلاحيت کي گهٽ سمجهي رهيا آهيون؟ مون ۽ منهنجن ساٿين انهن سوالن جي تحقيق ۾ غور ڪيو آهي ۽ تعليم ۽ تفهيم (سمجهه) جي پاڻ ۾ لاڳاپي جو جائزو ورتو آهي. هڪ تجربي ۾ اسان چئن کان پنجن سالن جي عمر جي ٻارن جي مائرن کي چيو ته هو شڪل نمبر 4 ۾ ڏنل خاڪن مطابق ٻارن کي ڪم ڪرڻ سيکارن. ان ۾ ٻارن کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هيو. کين سائيز ۽ شڪل جي لحاظ کان شين کي گڏ ڪرڻو هيو، پوءِ انهن کي خاص ترتيب سان رکڻو هيو ۽ آخر ۾ انهن کي بلاڪن جي سائيز وانگر ڳنڍڻو هيو. انهن اهو ڪم سکي ورتو، البت ٻارن کي اڪيلي سر ۽ پاڻ مرادو اهو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ان ۾ ستن اٺن سالن جي عمر کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي ڪاميابيءَ جو امڪان تمام گهٽ هيو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن چئن سالن جي ٻار کي به سيکاريو وڃي ته هو اهو ڪم سولائيءَ سان ڪري سگهي ٿو. پر سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ان حوالي سان ”پوريءَ ريت سيکارڻ“ جو مطلب ڇا آهي؟ ٿورو غور ڪريو ته اسان ٻارن کي هيءَ پڙهائڻ گهرون ٿا ته فلاڻو ڪم هو ڪيئن ڪري ته سوال هيءَ آهي ته اسان پهريائين کيس ڇا چونداسين يا اسان ڇا ڪنداسين؟ هڪ چئن سالن جو ٻارڙو ويٺو پنهنجي ماءُ کي ڏسي رهيو آهي ۽ بلاڪن سان ڪجهه ٺاهي نٿو پيو، سندس آڏو ڪا تصوير به ڪانهي، فقط ماءُ ئي کيس سمجهائي رهي آهي. هاڻي ماءُ کيس چئي سگهي ٿي ته ”تون بلاڪن سان اها شي ڇو نٿو ٺاهين؟“ يا ”ڇا تون وڏا بلاڪ کڻي سگهين ٿو؟“ ان جي بدران اهو پڻ ڪري سگهي ٿي ته بلاڪن ڏانهن اشارو ڪري يا انهن کي کڻي چوي ته ”کڻي اچ ته انهن وڏن بلاڪن کي گڏ ڪريون.“ هوءَ ان کان به وڌيڪ ڪري سگهي ٿي ۽ بلاڪ چونڊي انهن کي ترتيب سان لڳائي سگهي ٿي يا اهڙي طرح گڏ ڪري سگهي ٿي ته انهن کي ترتيب سان لڳائي سگهجي. يا وري هوءَ پاڻ ڪري ڏيکاري سگهي ٿي ته چار بلاڪ ڪهڙيءَ ريت هڪ ٻئي سان ملايا ويندا آهن. ان لاءِ هو ڪيترائي طريقا آزمائي ٿي ۽ ٻار کيس ڏسندو رهي ٿو.

ٻارن کي تعليم ڏيندي مائرن جيڪي طريقا اختيار ڪيا انهن کي پنجن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. اهي حصا يا مرحلا هيٺيان آهن. انهن کي پنج واٽون چئي سگهجي ٿو:

پهرئين واٽ:

ٻين واٽ:

ٽين واٽ:

چوٿين واٽ:

پنجين واٽ:

عام زباني شاباس

خاص زباني تعليم

تعليمي شين جي چونڊ ۾ مدد

بلاڪ گڏ ڪرڻ لاءِ انهن جي ترتيب

ٻار کي پاڻ ڪري ڏيکارڻ

ڏسو ته، جيئن جيئن اسان مٿان کان هيٺ اچون ٿا تدريس جي ضرورت وڌندي وڃي ٿي ۽ ان حساب سان ٻار تي هيءَ سوچڻ جي ذميداري گهٽندي ويندي آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو. مٿين تجربي ۾ ڪن مائرن پاڻ ڪري ڏيکارڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو، انهن جي ٻارن گهٽ سکيو. جن مائرن نه زباني طور تي ٻارن کي پڙهايو، نه پاڻ ڪري ڏيکاريو ۽ نه کين ڪو اشارو ڏنو، انهن جي ٻارن کي جڏهن اهو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته اهي پڻ گهڻو ڪامياب نه ٿيا. اهي ٻار پوريءَ طرح ڪامياب ٿيا جن کي سندن مائرن هڪ خاص انداز سان ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي عمل کي گڏ ڪيو. انهن ٻارن جي مائرن پنهنجي ٻارن جي اهڙيءَ ريت رهنمائي ڪئي جو کين اشارو ڏينديون رهيون ته هاڻي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ٻار غلط بلاڪ پئي کنيا ته ماءُ فوراً سندس مدد پئي ڪئي ۽ بلاڪ ڏانهن اشارو ڪري پئي کيس ٻڌايو ته اهو بلاڪ سٺو نٿو لڳي. ۽ ٻئي ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ”هن کي لڳائي ڇونه ڏسجي؟“ جڏهن ٻار ماءُ جا اشارا سمجهي ويو ته ماءُ پوئتي ٿي بيٺي ۽ ڏسڻ لڳي ته هو اڳتي ڇا ٿو ڪري. هاڻي هوءَ هدايت به ڏئي ٿي ته اها اهڙي حاڪمانه نه هوندي آهي جيئن پهريائين هئي. ٻار هڪ ڪم سکي وٺي ته ايندڙ ڪم لاءِ سندس مدد ڪري انهن مائرن کي هي يقين ٿي ويو ته ٻار ان ڪم کان نه گهٻرائيندو ۽ کين ان ڳالهه جي ضمانت پڻ ملي وئي ته ٻار لاءِ پيش قدميءَ جي هينئر وڌيڪ گنجائش موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com