سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :4

سائنس: جديد تدريس ۽ تعليم جو بنياد

اسڪول جي مشغولين ۾ ان ڳالهه جو لحاظ رکيو ويندو آهي ته انهن ۾ عقلي تربيت ۽ سائنس کان واقفيت حاصل ڪرڻ جا موقعا موجود هجن. سائنس جي جديد ترقيءَ هن ڳالهه کي بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مختلف علمن ۽ هنرن مثال طور زراعت، رياضيءَ طبيعات، ڪيميا وغيره ۾ ترقي ۽ واڌارو ائين نه ٿيندو آهي ته اسان پنهنجي دماغ مان منطقي دليل خارج ڪريون بلڪه ان لاءِ تجربي، مشاهدي ۽ علمي تحقيقن جي سمورن فني وسيلن ۽ طريقن جي استعمال جي ضرورت آهي. ان صورتحال جو اثر اسڪول جي ڪم تي به پيو آهي. ڇاڪاڻ ته هينئر سمورن لاڀائتن ۽ ضروري هنرن جو بنياد سائنس تي قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان جي استعمال ۽ ترقيءَ لاءِ سائنس کان واقف ٿيڻ شرط آهي تنهنڪري اسان کي ڪيترائي اهڙا ڌنڌا ملي سگهن ٿا جن جي ضروري جزن کي مناسب ترتيب سان شاگردن آڏو پيش ڪري اسان اسڪول لاءِ موزون مشغلا تجويز ڪري سگهون ٿا. ان قسم جا مشغلا اسان جي چؤطرف موجود آهن ۽ اهي عقلي ۽ سماجي موقعن سان مالا مالا آهن پر اسان هڪ محدود درسي نقطه نظر جي چار ديواريءَ ۾ اهڙا ته سوگها ٿي ويا آهيون جو اسان جي نظر انهن تائين پهچي ئي نٿي.

”انسانن جا جيترا گڏيل ۽ اهم ترين مشغلا جن جو تعلق کاڌي، گهر ۽ لباس جي ضروري سامان سان، شين ٺاهڻ، انهن جي مٽا سٽا ڪرڻ ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي ذريعن ۽ وسيلن سان آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سموريون شيون انساني زندگيءَ جي ضرورتن ۽ سهولتن سان لاڳاپيل آهن تنهنڪري اهي انساني جبلتن جي گهرائين تائين پهچنديون آهن، ۽ انهن ۾ جيڪا ڄاڻ ۽ اصول سمايل آهن اهي تمدني لحاظ کان تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. جيڪڏهن اسان هي فرض ڪريون ته باغباني، ڪپڙو اڻڻ، ڪاٺ ۽ ڌاتوءَ جو ڪم، رڌ پچاءُ ۽ ان قسم جون مختلف مشغوليون جيڪي انساني ڪارونهوار ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون ۽ جديد اسڪولن ۾ داخل ڪيون ويون آهن اهي رڳو روزي ڪمائڻ جو ذريعو آهن ته اسان انهن جي حقيقي اهميت سمجهڻ کان بلڪل قاصر رهنداسين. مڃيوسين ته عام طور تي ماڻهن کي صنعت ۽ حرفت جا سمورا ڪاروبار هڪ اڻٽر مصيبت لڳن ٿا جنهن کي هو رڳو روزي ڪمائڻ خاطر برداشت ڪن ٿا پر اهو ڏوهه انهن ڪمن جو نه بلڪه سندن حالتن جو آهي جن ۾ اهي ڪم ڪيا ويندا آهن. موجوده دؤر جي زندگيءَ ۾ اقتصادي معاملن جي اهميت روز بروز وڌندي پئي وڃي. تنهنڪري تعليم جو فرض آهي ته اها ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ڪري ته تمدني ڀلائيءَ جو دارومدار انهن معاملن تي آهي ۽ انهن جو سائنس تي آهي. اسڪولن ۾ اهي مشغوليون ڪنهن مالي نفعي خاطر نه پر پنهنجي داخلي قدر ۽ اهميت جي بنياد تي جاري ڪيون وينديون آهن، جڏهن اهي سمورن خارجي اثرن ۽ پئسن ڪمائڻ جي خواهش کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندا آهن ته انهن جي ذريعي کين اهڙا تجربا حاصل ٿيندا آهن جيڪي بذات خود مفيد آهن، تنهن وقت اهي حقيقت ۾ به دماغ جي آزاد تربيت جو سبب هوندا آهن.“

(Democracy and Education صفحو 235)

جديد تدريسي طريقا

جيڪڏهن انهن اصولن تي مشغلن جي چونڊ ڪئي وڃي ته ان مان يقيناً اهي تعليمي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا جيڪي ان تحريڪ جي حامين جي نظر ۾ آهن. پروفيسر ڊيويءَ انهن مشغلن جي مختصر فهرست پڻ ڏني آهي جيڪي انهن اسڪولن ۾ رائج ٿي چڪا آهن ۽ جن مان گهڻن کي هن پنهنجي مشهور ابتدائي اسڪول ”شڪاگو ايليمينٽري اسڪول“ (جيڪو آمريڪا جي اڪثر تجربي اسڪولن جو اڳواڻ آهي) ۾ آزمايو هو. هو انهن مشغلن ۾ (جيڪي ٻارن جي عام تعليم لاءِ دستڪاري سيکارڻ واسطي مفيد آهن) هيٺيون شيون شامل ڪري ٿو:

”اسڪولن ۾ شاگرد ڪاغذ، ڪارڊ، ڪاٺ، چمڙي، ڪپڙي، سٽ، مٽي، واري ۽ ڌاتن جو ڪم ڪندا آهن، ڪڏهن اوزارن جي مدد سان ۽ ڪڏهن انهن کانسواءِ. انهن قسمن جي ڪمن دوران کين ڪيتريون ئي شيون سکڻيون ۽ ڪرڻيون پونديون آهن، مثال طور ڪاغذ ڪٽڻ، تهه ڪرڻ، سوراخ ڪرڻ، ماپڻ، پلٽڻ، ماڊل ٺاهڻ، نمونا ڪٽڻ، گرم ڪرڻ، ٿڌو ڪرڻ، اهي سڀ ڪم مشق ڪرڻ جي غرض سان نه پر مختلف دلچسپ مشغلن دوران ڪرڻا پوندا آهن. مثال طور قسمين قسمين راندين کانسواءِ تفريحي سفر تي وڃڻ، باغباني، رڌ پچاءُ، سبڻ، ڇپائي، جلد ٻڌڻ، ڪپڙو اڻڻ، رنگ ڀرڻ، تصويرون ڪڍڻ، ڊراما ڪرڻ، ڪهاڻيون ٻڌائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ، ان خيال سان نه ته ڪو خاص فن سکڻو آهي جيڪو اڳتي هلي کين فائدو ڏيندو بلڪه عملي مشغلن جي حيثيت ۾ جن سان سندن هلندڙ مقصدن جي تڪميل ۾ مدد ملندي آهي. مثال طور پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي خط لکڻ يا ڪهاڻيون ٻڌائڻ لاءِ انهن شين جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن شاگرد هيءَ محسوس ڪن ته لکڻ پڙهڻ سکڻ سان کين پنهنجي دلچسپ مشغلن ۾ ڪاميابي ٿيندي ته اهي انهن کي شوق ۽ ڌيان سان سکندا.“

وڏو تعليمي مسئلو هي آهي ته اسان انهن مشغلن کي يا انهن مان ڪن کي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو قدر جوڳو جزو ڪيئن بڻائي سگهون ٿا. هتي ان جو موقعو ڪونهي ته اسان انهن مشغلن تي تفصيلي نظر وجهي ٻڌايون ته انهن مان اسڪول ۾ ڪهڙيءَ طرح فائدو وٺجي، البت هي عام اصول ياد رکڻ گهرجي ته تعليمي وسيلن جي حيثيت ۾ انهن جي ڪاميابي ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿي ته اهي ڪيتري حد تائين شاگردن جي شوقن کي اڀارين ٿا ۽ کين نئين ۽ پائيدار دلچسپين سان روشناس ڪن ٿا. تعليم جو مقصد هيءَ آهي ته شاگردن جي شخصيت ۾ وسعت ۽ گهرائي پيدا ٿئي ۽ اسڪول جا اهي مشغلا ان مقصد ۾ تڏهن ئي مددگار ٿي سگهن ٿا جڏهن اهي ٻارن ۾ صحيح قسم جون دلچسپيون پيدا ڪن ۽ مختلف علمن جو تعلق زندگيءَ جي مختلف شعبن سان ڏيکارين ته جيئن اهي پنهنجي علم سان زندگيءَ جي مسئلن تي روشني وجهي سگهن ۽ زندگيءَ جي تجربن مان علم ۾ وضاحت ۽ صحت پيدا ٿئي. اسڪول جي معمولي درس تي ان قسم جي مشغلن کي ان ڪري ترجيح ڏني ويندي آهي جو انهن جي ذريعي شاگردن جي حاصل ڪيل ڄاڻ ۾ جان پئجي ويندي آهي ۽ مختلف مضمون هڪٻئي کان ڪٽيل نه رهندا آهن بلڪه هڪ مسلسل عملي مشغلي جا جزا بڻجي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويندا آهن.

مروجه درسي مضمون ۽ تعليم جو شغليائي طريقو

عام طور تي اسڪولن جي تعليم ۾ اها خامي آهي ته اتي هر مضمون (Subject) پنهنجي جڳهه تي مڪمل ۽ پنهنجو پاڻ تي بيٺل سمجهيو ويندو آهي جنهن جو نه ٻين مضمونن سان ڪو تعلق هوندو آهي ۽ نه شاگردن جي زندگيءَ ۽ تجربن سان. تاريخ، جاگرافي، رياضي، ادب، سائنس وغيره سڀ ڄڻ ته دماغ جي الڳ الڳ خانن ۾ بند رهندا آهن جيڪي ڪنهن خاص موقعي تي مثال طور ڀيرن ڏيڻ يا امتحان ڏيڻ وقت اتان نڪرندا آهن ۽ بس! ان جي ابتڙ شاگرد ڪنهن بامقصد ڪم مثال طور ڪمپيوٽر ليب ۾ يا باغبانيءَ ۾ يا تعليمي سير سفر ۾ يا اسڪول جي ميدان ۾ پنهنجي ملڪ جو هڪ وڏو ۽ تفصيلي نقشو ٺاهڻ ۾ مصروف آهن ته اهي پنهنجي سموري معلومات مان ضرورت آهر ڪم وٺندا آهن ۽ پنهنجي ڪوشش ۽ ٻين جي مدد سان نئين معلومات حاصل ڪندا آهن، اهڙيءَ طرح ان نئين ۽ پراڻي معلومات ۾ هر وقت لازمي ۽ قدرتي طور تي ربط قائم ٿيندو رهندو آهي جنهن ڪري سندن علم ۾ مضبوطي پيدا ٿي پوندي آهي ۽ اهو ضرورت وقت استعمال ۾ اچي سگهي ٿو. جڏهن اسان انهن تعليمي مشغلن کي اسڪولن ۾ داخل ڪريون يا معمولي درسي مضمونن سان گڏ تعليمي طريقي ۾ منصوبي اصول تي عمل ڪريون ته اسان کي سدائين اهڙن مشغلن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي جن ۾ مختلف قسم جي ڄاڻ کي مربوط ۽ منظم ڪرڻ، ذهني ڪاوش ۽ اجتهاد کان ڪم وٺڻ ۽ تجربي کي وڌيڪ وسيع ۽ بامقصد بنائڻ جا موقعا هجن. اهو ئي اصول شغلياتي طريقي جو بنياد آهي.

ان اصل جي وضاحت ڪجهه مثالن مان ٿي سگهي ٿي جن جو تعلق اسڪول جي مضمونن ۽ مشغلن سان آهي. باغباني انهن مشغلن مان آهي جن جي اهميت سڀني تعليمي ماهرن تسليم ڪئي آهي ۽ جنهن کي خود تعليم جي عمل سان هڪ خاص مشابهت آهي. اسڪول ۾ باغباني ان ڪري نه ڪئي ويندي آهي ته شاگردن کي اڳتي هلي پيشيور مالهي بڻائڻو آهي يا انهن جو وقت خوشگوار طريقي تي گذارڻ گهربل آهي بلڪه ان جو مقصد هيءُ آهي ته کين خبر پوي ته انسان لاءِ پوکي راهي، ۽ باغباني ڪيتريقدر ضروري ڪم آهن ۽ موجوده سماجي نظام ۾ انهن جي ڪهڙي اهميت آهي. جيڪڏهن هو سيبتن استادن جي نگرانيءَ ۾ پنهنجي اسڪولن ۾ پوک ۽ باغباني ڪندا ته کين ان جي ذريعي ٻوٽن جي نشو و نما، مٽيءَ جا ڪيميائي جزا، روشني، هوا ۽ رطوبت جا اثر ۽ فائديمند ۽ نقصانڪار جيتن جا احوال معلوم ڪرڻ جو موقعو ملندو. علم نباتات جي شروعاتي مسئلن مان ڪابه ڳالهه اهڙي ناهي جيڪا شاگردن کي ٻوٽن جي نشوونما ۽ انهن جي سارسنڀال جي سلسلي ۾ نهايت معقول ۽ اثرائتي طريقي سان نه سيکاري سگهجي. ان طرح انهن ڳالهين جي سکڻ جو نتيجو هي نڪرندو ته هو جيڪا ڄاڻ حاصل ڪندا ان جو تعلق هڪ خاص مضمون ”علم نباتات“ سان نه هوندو بلڪه اها انهن جي روز مرهه جي مشاهدن ۽ مشغلن جو هڪ جزو هوندي ۽ ان عام معلومات سان مربوط ٿي ويندي جيڪا هو زميني نظارن ۽ انساني حيواني زندگيءَ بابت رکن ٿا. اهو پڻ ممڪن آهي ته جڏهن انهن جو شوق وڌيڪ پختو ۽ تجربو وڌيڪ وسيع ٿي وڃي ته ڪن شاگردن کي انهن مان ڪيترائي مسئلا اهڙا دلچسپ لڳن جو هو رڳو علمي تحقيق يا پنهنجي تجسس واري ذوق جي تسڪين لاءِ انهن جو اڀياس ڪن. مثال طور ٻجن جي نشوونما ۽ ٻوٽن جي خوراڪ جو مسئلو، ميون جي پيداوار وغيره. ان ريت اڪثر علمي دلچسپيون هوريان هوريان هڪ موزون ماحول ۽ فطرت شناس استاد جي نگرانيءَ ۾ علمي ذوق ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ ظاهريءَ طرح علمي ذوق پيدا ڪرڻ جو اهو طريقو هڪ ڊگهو عمل لڳي ٿو پر ٻارن جي فطرت ۽ ذهني ارتقاءَ جي قانونن جي تقاضا هيءَ آهي ته تعليم ۾ اهو ڊگهو رستو اختيار ڪيو وڃي. هي انهن مقامن مان آهي جتي وقت ۽ محنت جي هروڀرو بچت دراصل انتهائي اسراف ۽ فضول آهي!

باغبانيءَ جو تعلق مروجه درسي مضمونن سان نه آهي، پر ”تعليم عمل جي ذريعي ڏيڻ گهرجي“ وارو اصول درسي مضمونن تي پڻ لاڳو ڪرڻ گهرجي، اسان مروجه نصاب جي تقريباً هر مضمون بابت هي ثابت ڪري سگهون ٿا ته عقل ۽ تجربي ٻنهي لحاظن کان ان جي پڙهائيءَ ۾ ٻارن کي عملي ۽ تخليقي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. فقط ان طرح ئي اسان ان جي تعليم کي اثرائتو ۽ ڪامياب بڻائي سگهون ٿا. پر ان مثال جي وضاحت ڪرڻ کان اڳ هي ٻڌائڻ ضروري آهي ته عملي اسڪول جي نقطه نظر کان شاگردن جا عملي، سرگرميءَ وارا ۽ فرحت بخش مشغلا مثال طور باغباني ۽ مروجه درسي مضمونن ۾ جيڪو ويڇو پئجي ويو آهي اهو بلڪل غير ضروري ۽ نقصانڪار آهي ۽ موجوده نظريه تعليم جي روءِ سان ته بلڪل جائز ڪونهي.

سماجي ۽ هنري پيشا ۽ علم

اسان مختلف علمن خاص طور صحيح علمن جي تاريخ جو اڀياس ڪنداسين ته اسان تي هيءَ حقيقت واضح ٿيندي ته انهن سڀني جي شروعات لاڀائتن ۽ عملي ڌنڌن، صنعتن ۽ دستڪارين جي شڪل ۾ ٿي آهي. علم طبيعات (Physics)جي باقاعده طور تي سهيڙ ۽ ترتيب کان صديون اڳ لوهار ۽ ڊکڻ ڪيترائي اهڙا اوزار استعمال ڪندا هئا جن هن علم جي ترقيءَ ۾ نمايان حصو ورتو آهي. مثال طور:- هٿوڙي، چرخو، بٺي (ڌوڻي) وغيره. پهريائين انسان انهن جي استعمال جي عملي واقفيت حاصل ڪئي، ان کانپوءِ جيئن جيئن سندس تجربو ۽ مشاهدو وسيع ۽ منظم ٿيندو ويو، اها عملي ڄاڻ علم جي صورت اختيار ڪندي وئي. حقيقت هيءَ آهي ته علم ۽ عمل ٻئي پنهنجي ترقيءَ ۽ تڪميل لاءِ هڪٻئي جا محتاج آهن ۽ رهندا. اوزارن ۾ جي استعمال سان عملي ڄاڻ پيدا ٿيندي آهي، جيڪا اصطلاحي معنيٰ ۾ علم جو بنياد آهي ۽ علم جي ترقيءَ جي بدولت بهتر اوزار ۽ وسيلا پيدا ٿيندا آهن ۽ استعمال ۾ ايندا آهن. پوءِ انهن بهتر اوزارن جي ذريعي انسان جي مشاهدي جي قوت گهڻي وڌي ويندي آهي، تجربن ۾وسعت پيدا ٿيندي آهي ۽ علم ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو آهي. سبب ۽ نتيجي جو اِهو سلسلو ائين ئي قائم آهي. ساڳيءَ طرح علم ڪيميا جي شروعات پڻ انهن ڪيترن ئي مفيد ۽ ضروري ڪمن کان ٿي آهي جيڪي صدين کان پنهنجي عملي تجربي جي بنياد تي ڪندا اچن ٿا. مثال طور رڱائي، ڌاتن جو ڪم، دوائون ٺاهڻ وغيره.

هن دور ۾ اليڪٽرانڪ شين جي مختصر ليب يا ورڪشاپ ۾ ٻارن جي ان شغلياتي تعليمي طريقي ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهڙي طرح ڪمپيوٽر جتي فراواني ممڪن ٿي سگهي ٿي اتي تعليم جي مقصدن ۾ ان جو ڀرپور فائدو پڻ ورتو وڃي ٿو.

زراعت کي هڪ سهيڙيل ۽ مرتب ٿيل علم جي شڪل اختيار ڪرڻ کي تمام ٿورو عرصو ٿيو آهي پر هڪ اهم ترين عملي مشغلي جي حيثيت ۾ اهو تمدن جي منڍ کان وٺي جاري آهي. علم زراعت ۾ انهن تجربن، مشاهدن ۽ دريافتن کي هڪ مرتب شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪي انسان پنهنجن ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ پوکي راهيءَ دوران ڪيا هئا. ساڳيو حال انهن سمورن نصابي علمن جو آهي. جيڪڏهن شاگرد انهن کي حاصل ڪرڻ جي شروعات مناسب عملي مشغلن سان ڪن ته ڄڻ ته اهي اهڙو رستو اختيار ڪندا جنهن تي انساني پيڙهي هلي چڪي آهي ۽ ان تي هلي ان کي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. ان صورت ۾ مختلف سائنسي علمن جي حيثيت انهن لاءِ مجرد ۽ نظري علمن يا سمجهه ۾ نه ايندڙ اصولن جي مجموعي واري نه هوندي، بلڪه اهي واقعي اهو ڏسندا ۽ محسوس ڪندا ته انهن جو سندن زندگيءَ سان ڪيترو گهرو تعلق آهي. البت اهو ضرور آهي ته کين اهي سموريون غلطيون ۽ وقت جو زيان نه ڪرڻ گهرجي جيڪو گذريل دؤر ۾ سندن ابن ڏاڏن کي مجبوراً ڪرڻو پيو هو. اسڪول جي باضابطه ماحول جي ڪري اسان ڪيترين ئي پڌرين غلطين کان بچي پونداسين جن ۾ پئجي ڪري ڪڏهن ڪڏهن انسانن ننڍين ننڍين دريافتن ۾ سوين سال لڳائي ڇڏيا آهن. پوءِ سندن علمي ترقي وڌيڪ يقيني ۽ ان جي رفتار وڌيڪ تيز ٿي ويندي. اهو ئي فطرت جي تعليم ۽ انسانن جي ارادي تعليم ۾ فرق آهي. پر جتي جديد اسڪول انهن لاءِ هڪ حد تائين محفوظ ماحول مهيا ڪندو، اتي ان ڳالهه تي پڻ زور ڏيندو ته شاگرد انهن علمن حاصل ڪرڻ ۾ پوري پوري ڪوشش ڪن، انهن عملي مشغلن ۾ حصو وٺن جن جو انهن علمن سان تعلق آهي، روز مرهه جي زندگيءَ سان انهن جو لاڳاپو سڃاڻن ۽ اهو ڏسن ته انسان ذات ڪهڙيءَ طرح هوريان هوريان جهالت ۽ عطائي ڄاڻ جي منزل کان گذري علم ۽ عقل جي منزل تائين پهتي آهي. انهن قسمن جي عملي مشغلن جو استعمال فقط صحيح علمن تائين محدود ناهي پر سماجي علمن جي سکيا ۾ پڻ انهن مان اهڙيءَ طرح ڪم وٺي سگهجي ٿو. جديد اسڪولن جو تجربو ان خيال جي تصديق ڪري ٿو ۽ تازو تعليمي تجربن جا جيڪي احوال شايع ٿيا آهن انهن جي مطالعي مان پڻ خبر پوي ٿي ته هنڌين ماڳين استادن اها ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڪامياب پڻ ٿيا آهن ته هو تاريخ، جاگرافي، ادب وغيره کي ”رسمي مضمونن“ جي طور تي نه پڙهائين بلڪه انهن کان شاگردن جي آسپاس جي زندگيءَ جي تشريح جو ڪم وٺن ۽ انهن کي عملي مشغلن جي صورت ۾ پيش ڪن.

”سيکڙاٽن لاءِ معاشيات ۽ شهريت جي علمن تائين رسائي حاصل ڪرڻ جو بهترين رستو هي آهي ته کين اها خبر پوي ته سماجي زندگيءَ ۾ صنعتي مشغلن ۽ ڪاروبار جو ڪهڙو درجو آهي. بلڪه مٿين درجن جي شاگردن لاءِ پڻ انهن علمن جي حيثيت بلڪل مجرد ۽ رسمي علمن واري نه رهندي، جيئن هينئر آهي. جيڪڏهن اسان انهن کي باضابطه علمن جي طور تي پڙهائڻ بدران انهن جو مطالعو ان حوالي سان ڪريون ته انهن جا اصول ۽ مسئلا انهن تمدني گروهن جي زندگيءَ ۾ ڪيئن ظاهر ٿين ٿا جن ۾ شاگرد پاڻ شامل آهن.“

هن عبارت مان پروفيسر ڊيويءَ (Dewey) جي مراد هيءَ آهي ته تاريخ، معاشيات، شهريت ۽ انساني جاگرافي وغيره کي به ان طريقي سان نه پڙهائڻ گهرجي جو ڄڻ ته اهي ڪي مخصوص فن هجن جيڪي هڪ خاص منطقي تربيت مطابق سهيڙيا ويندا آهن ۽ جن جو حاصل ڪرڻ شاگردن تي ڪنهن اڻ ڄاتل مصلحت ڪري فرض ڪيو ويو آهي، بهتر ائين ٿيندو ته اسان پنهنجي آسپاس جي انساني مشغلن، لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي پنهنجو شروعاتي نقطو بڻايون ۽ ٻارن کي مشاهدي، عملي تجربي ۽ تلقيدي مشغلن ذريعي کين انهن کان چڱيءَ طرح واقف ڪريون. ان کانپوءِ هوريان هوريان سندن تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي انهن ”علمن“ جي عمارت بيهاريون.

تعليم جا بنيادي عنصر ٻه آهن: انسان ۽ سندس زندگي ۽ شاگرد ۽ سندس فطري لاڙا. علمن جي مروج ترتيب ۽ تنظيم هڪ ثانوي شيءِ آهي جيڪا رڳي بالغن جي دماغ جي مخصوص منطق جو عڪس آهي. اهو هر شخص لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ پنهنجي ڪوشش سان پنهنجي ڄاڻ ۾ ترتيب پيدا ڪري. شروعات کان وٺي ٻارن تي اها خارجي ترتيب مڙهڻ سندن ذهني ترتيب ۽ اؤسر کي روڪڻ آهي. رواجي اسڪولن جي سڀ کان وڏي غلطي اها رهي آهي ته انهن علم جي هڪ غلط تصور کي بت بڻائي پوڄڻ شروع ڪيو ۽ ٻارن جي زندگيءَ جي ضرورتن ۽ انهن جي شوقن کي ان تي قربان ڪري ڇڏيو.

قدامت پسنديءَ کان ڇوٽڪارو

اونڊل (Oundel) پبلڪ اسڪول جي مشهور هيڊ ماستر سينڊرسن پنهنجن تحريرن ۽ تقريرن ۾ انگلستان جي هڪ عملي اسڪول جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪئي آهي.

هن پنهنجي بلند نظر، فڪر ۽ عمل جي قوت سان پنهنجي اسڪول کي جمود جي حالت مان ڪڍي ملڪ جي بهترين ترقي پذير اسڪولن جي قطار ۾ بيهاري ڏيکاريو هو. سندس احوالن ۽ تعليمي خيالن بابت ٻن نهايت دلچسپ ۽ سبق آموز ڪتابن جو مطالعو استادن لاءِ تمام لاڀائتو ۽ همت افزا آهي.

انهن مان هڪ ويلز لکيو آهي، The Story of a great School Master (هڪ وڏي استاد جي ڪهاڻي) جي عنوان سان ۽ ٻيو سينڊرسن جي ساٿين پنهنجي متفقه ڪوشش سان مرتب ڪيو آهي جنهن جو عنوان Sanderson of Oundel آهي. ٻنهي ۾ سينڊرسن جي تحريرن ۽ تقريرن جا ڪافي ٽڪرا ڏنا ويا آهن.

انهن ڪتابن جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته ڪهڙيءَ طرح هڪ ماڻهو پنهنجي خلوص ۽ محنت جي بدولت انهن رڪاوٽن ۽ ڏکيائين تي قابو پائي سگهي ٿو جيڪي عام طور تي تعليمي سڌارڪن کي پيش اينديون آهن. ان ۾ شڪ ناهي ته مالي لحاظ کان کيس ڪجهه سهوليتون حاصل هيون جيڪي اسانجن اسڪولن کي نصيب ڪونهن ۽ تعليم کاتي پاران پڻ حدون ۽ قاعدا ايتري قدر سختيءَ سان لاڳو نه ڪيا ويا هئا پر پبلڪ جي مخالفت ۽ جمود ۽ قدامت پسنديءَ جي خلاف کيس پڻ ساڳيءَ ريت ويڙهه ڪرڻي پئي هئي جيئن هڪ ترقي پسند استاد کي اسانجي ملڪ ۾ ڪرڻي پوندي آهي.

جديد اسڪول جو مثالي نمونو

هن هڪ ڀيري لنڊن ۾ تقرير ڪندي ٻڌايو هو ته سندس خيال ۾ اسڪول جو جيڪو نقشو آهي ان ۾ ڪهڙين شين تي زور ڏنو وڃي ۽ تعليم ۽ قومي تقاضائن ۾ ڪهڙيءَ طرح ربط قائم ٿيندو:

”مان جنهن تبديليءَ جي اهميت تي زور ڏيئي رهيو آهيان ان لاءِ هڪ نئين تعليمي نظام جي ضرورت پوندي، نئين قسم جون عمارتون ٺاهڻيون پونديون ۽ درسي مضمونن جي اضافي اهميت ۾ تمام وڏو انقلاب اچي ويندو. سائنس جيڪو هڪ نئون مضمون آهي ۽ جديد صنعت ۽ حرفت جيڪا ان مان پيدا ٿي آهي، ٻنهي کي اسڪول جي سمورن مشغلن ۾ هڪ نمايان اهميت حاصل هوندي. هاڻي اهو چوڻ ڪافي ناهي ته سائنس پڙهائڻ گهرجي. ائين چوڻ وارو دؤر گذري چڪو آهي. اسان جو مطالبو هي آهي ته سائنس کي اسڪولي زندگيءَ جو روح روان بنائڻ گهرجي. سائنس جو امتياز هيءُ آهي ته ان ۾ تخليق ۽ عملي اشتراڪ ضروري آهي. ان جي نظر سدائين مستقبل يعني ترقيءَ ۽ تبديليءَ تي هوندي آهي. ان جي معنيٰ آهي حق يا سچائيءَ جي ڳولا جنهن لاءِ عملي تحقيق ۽ تجربي جي ضرورت هوندي آهي. ان جو بنياد تقليد تي نه آهي. ان نئين تعليمي روح جي اثر هيٺ اسان کي سمورا مضمون يعني تاريخ، ادب، آرٽ بلڪه ٻولين کي پڻ ٻيهر مرتب ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ان تبديليءَ سبب اسڪولن ۾ نئين قسم جي سامان، اوزارن ۽ عمارتن جي ضرورت پيش ايندي جن ۾ فقط ”پڙهائيءَ“ جا ڪمرا شامل نه هوندا بلڪه عملي تحقيق ۽ تخليقي گڏيل ڪمن لاءِ وڏا وڏا هال گهربا، انجنيئري ۽ فني ڪم لاءِ تمام ڪشادا ڪمرا جن ۾ هر قسم جون مشينون ۽ اوزار مهيا هجن. هڪ اليڪٽريڪل، ميڪينڪل ۽ انجنيئرنگ ورڪشاپ، هڪ ڌاتن پلٽڻ جي ليبارٽري، هڪ واڍي جي ڪم جو ڪمرو، هڪ ڊرائنگ جو ڪمرو جن ۾ صنعت ۽ حرفت جا مختلف ڪم ڪيا ويندا ۽ هر عمر جي شاگرد لاءِ مناسب مشغلا مهيا هوندا.

ان کان سواءِ هڪ وڏي وسيع ادبي ۽ تاريخي ڪارگاهه پڻ هوندي جنهن ۾ هڪ وڏي لائبريري هوندي جتي جديد علمن ۽ ريفرنس وارا ڪتاب موجود هوندا. ان عمارت جي ٻنهي پاسن ۾ ڪمرن جو هڪ وسيع سلسلو هوندو جن ۾ سمورن قديم ۽ جديد علمن، تاريخ ۽ اقتصاديات، ادب ۽ سائنس وغيره تي ٻين ٻولين ۾ ڪتاب مهيا ڪيا ويندا، اهڙا ڪتاب جيترا وڌيڪ ٿي سگهن مهيا ڪرڻ گهرجن ته جيئن شاگردن جي دل ۾ ٻين قومن سان همدرديءَ ۽ احترام جو جذبو پيدا ٿئي. کين انهن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي ۽ اهڙيءَ ريت زندگيءَ جي هڪ وڌيڪ ڪشادي ۽ گهري نصب العين جو بنياد پوي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي گيلريءَ ۾ جاگرافي، علم الانسان (اينٿروپالاجي) ۽ علم الاقوام (تعلقات بين الاقوام) جا ڪتاب هوندا.

هڪ ٻي عمارت سائنس لاءِ مخصوص هوندي جنهن ۾ انجنيئرنگ جي ليبارٽري هوندي، مشينن جو ڪمرو هوندو، طبيعات، ڪيميا ۽ حياتيات جون ليباٽريون هونديون، جن ۾ هر قسم جا ضروري اوزار، سامان ۽ عملي ڪم لاءِ مشينون هونديون جن جي مدد سان شاگرد جديد تحقيقن ۾ حصو وٺي سگهندا مثال طور اوزارن کي جاچڻ جون مشينون وغيره. (ان کانسواءِ علم نباتات جو مطالعو ڪرڻ لاءِ باغ ۽ پوک لاءِ زمينون پڻ هونديون.)

هڪ ٻئي حصي ۾ آرٽ ۽ موسيقيءَ لاءِ ڪمرا هوندا، ٿئيٽر لاءِ هال هوندو ۽ هڪ اهڙو ڪمرو هوندو جنهن ۾ شاگرد صنعتي زندگيءَ جي ارتقا ۽ صنعت ۽ حرفت جي نمونن جو مطالعو ڪري سگهندا.“

”اها ڪا خيالي يا اڻ ٿيڻي تجويز ڪانهي بلڪه هر  شهر ۽ ملڪ جي وس ۾ آهي.“

(صفحو 146 The Story of a Great School Master)

عملي اسڪول جي اها تصوير اسان جي ملڪ جي حالتن کي ڏسندي ويجهڙ ۾ ممڪن نظر نٿي اچي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان سموري سامان ۽ اوزارن جو مهيا ڪرڻ خاص خاص اسڪولن کانسواءِ ٻئي هنڌ ممڪن ڪونهي. پر هڪ حد تائين هر اسڪول ان جي تعليمي اصولن تي يقيناً عمل ڪري سگهي ٿو. اسان کي عملي اسڪول جي اها امتيازي خوبي چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هو ”ڪتاب“ بدران تخليقي ۽ گڏيل ”ڪم“ کي پنهنجي تعليم جو بنياد بنائي ٿو ۽ شاگردن کي اهڙن ڪمن ۾ لڳائي ٿو جن ۾ کين پنهنجي جسماني ۽ ذهني قوتن سان ٺهڪندڙ تربيت ۽ سکيا جو موقعو ملي. ان اسڪول ۾ تهذيب (Culture) جو بنياد به ڪتابي علمن تي نه رکيو ويندو آهي بلڪه شاگردن ۾ حقيقي تهذيب پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪا پاڻ ڪم ڪرڻ ۽ ان جي سماجي ۽ اخلاقي نتيجن کي سمجهڻ سان حاصل ٿيندي آهي. هيءَ اها تهذيب آهي جيڪا ٿي سگهي ٿو ته هڪ چست ۽ خوش دل مزدور يا ان هاريءَ ۾ هجي جيڪو پنهنجن ساٿين سان گڏجي لاڀائتو ڪم ڪندو آهي ۽ هڪ عالم، اديب يا فنون لطيفه جي ماهر کي ان جي هوا به نه لڳي هجي!.

باب ٽيون

عملي اسڪول بابت هڪ غلط فهميءَ جو ازالو

 

 

ذهني

 

تربيت

اسان گذريل باب ۾ عملي اسڪول جون خصوصيتون واضح ڪندي هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته تعليم جو بنياد عملي مشغلن تي رکڻ گهرجي. پر ان جي هيءَ معنيٰ هرگز ڪونهي ته اسان شاگردن کي رڳو دستڪار (هنرمند) بنائڻ گهرون ٿا ۽ انهن جي علمي ۽ دماغي تربيت کي ان جي ڀيٽ ۾ غير اهم سمجهون ٿا. تعليم جي عملي پهلوءَ تي گهڻو زور ڀرڻ جي ضرورت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي ته اسان جي رواجي اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ ۽ ڪتابن پڙهائڻ کي بلڪل هم معنيٰ سمجهيو ويو آهي ۽ ان غلط فهميءَ سبب تعليم يافته ماڻهن ۾ عمل جي صلاحيت اڻلڀ ٿيندي پئي وڃي. ۽ هيءَ ڳالهه پڻ بلڪل پڌري هئڻ گهرجي ته اسان انهن ۾ اهڙي ”عمليت“ پيدا ڪرڻ نٿا گهرون، جيڪا رڳي ڪن مقرر ڪمن تي مدار رکندي هجي، جن کي هو هڪ معمول جي طور تي انجام ڏئي سگهن. هڪ مزدور جيڪو سرون هڪ جڳهه تان ٻئي جڳهه کڻي وڃي اهو به يقيناً ڪم ڪري رهيو آهي پر ان

ڪم کي سيکارڻ لاءِ اسڪول جي ضرورت ناهي. اها هڪ فائديمند خدمت ضرور آهي پر ان سان مزدور کي ڪا دماغي تربيت يا فائدو حاصل ناهي ٿيندو. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اسڪول ۾ ڪو ٻار ڌنڌي جي طور مشينن هلائڻ، باغباني يا پوک جي ڪم ۾ ماهر ٿي وڃي، جيتوڻيڪ اهي شيون فائديمند آهن پر ان سان سندس تعليمي مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ مدد نٿي ملي. اسان جي اسڪولن کي هر لحاظ کان هڪ تعليمي ماحول هئڻ گهرجي، نه ڪي ڌنڌي جي سکيا جون درسگاهون. انهن کي پنهنجن سمورن مشغلن ۽ نصاب جي ترتيب ۽ تدوين پڻ اهڙيءَ طرح ڪرڻ گهرجي جو انهن جي ذريعي شاگردن جي ذهني تربيت ڀليءَ ڀت ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري اسان کي مشغلن جي چونڊ کانپوءِ ان مسئلي تي بحث ڪرڻو آهي ته شاگردن جي ذهني تربيت ڪهڙن اصولن تحت ڪجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com