شاگردن ۾ ذاتي ڪوششن جو ادراڪ پيدا ڪرڻ
ذهني تربيت ۽ سکيا لاءِ هڪ لازمي شرط هيءُ آهي ته
شاگرد جيڪي به ڪم ڪن ان ۾ کين پنهنجي فيصلي واري
سگهه کي استعمال ڪرڻ، وسيلن ۽ ذريعن کي ڪنهن خاص
مقصد تحت تربيت ڏيڻ ۽ پنهنجي ڏکيائين کي ذاتي
ڪوششن سان حل ڪرڻ جو موقعو ملي. دماغ تي زور ڏيڻ ۽
تدبيرن (اپائن) سوچڻ جي ضرورت اسان کي فقط ان وقت
پوي ٿي جڏهن اسان جو ڪنهن ڏکئي مسئلي سان پالو پوي
۽ اسان کي ان جو حل نه ملي. اهڙي حالت ۾ اسان هڪ
تدبير سوچيندا آهيون ۽ ان کي آزمائيندا آهيون
جيڪڏهن اها تدبير نه هلندي آهي ته ڪنهن ٻي تدبير
کان ڪم وٺندا آهيون ۽ اهڙي طرح پنهنجي ناڪامين مان
سبق پرائي هوريان هوريان ڪاميابي حاصل ڪندا آهيون.
اهو اصول ننڍن ٻارن جي معمولي ڪوششن ۽ وڏن عالمن
جي تحقيق سڀني تي هڪ جيترو لاڳو ٿئي ٿو. جڏهن ننڍا
ٻار ڪا نئين ڳالهه سکندا آهن پوءِ ان جو تعلق علم
سان هجي يا هنر سان، ان ۾ هو اهو ئي عملي طريقو
اختيار ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته اهو ئي سندن فطرت جي
قانونن سان ٺهڪندڙ آهي. اهو سچ آهي ته عام اسڪولن
جو تعليمي طريقو ان کان مختلف آهي. اتي استاد عام
طور تي هر ڳالهه کي چٽو ۽ واضح ڪندا آهن ۽ سبق کي
انهن جي آڏو اهڙيءَ طرح پيش ڪندا آهن جو کين ڪا
ڏکيائي نه ڏسڻي پوي ۽ ٻار غير عملي طريقي سان ان
کي سمجهي وٺندا آهن ۽ ياد ڪندا آهن. اهو به ”سکڻ“
جو هڪ طريقو آهي پر ان ريت سکڻ ۾ ذهني جدت ۽ تيزي
پيدا نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن اسان جي مراد شاگردن جي
تعليم مان هيءَ آهي ته انهن ۾ مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل
ڪرڻ ۽ ڏکيائين سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ته
اسان ان قسم جي تعليم کي ڪنهن به ريت مناسب ۽ تسلي
بخش قرار نٿا ڏيئي سگهون. ان معاملي ۾ اسان کي
ٻارن جي فطرت ۽ انهن جي نشونما ۽ اؤسر جي قانونن
مان سبق پرائڻ گهرجي ۽ هيءُ مشاهدو ڪرڻ گهرجي ته
ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ پنهنجي عمر جي شروعاتي ڪجهه
سالن ۾ ڪهڙيءَ ريت ڪيتريون ئي تمام اهم ڳالهيون
سکندا آهن. ان جي تشريح هڪ تمام معمولي مثال مان
ٿي سگهي ٿي. ٻار ڪنهن رانديڪي کي کڻڻ گهري ٿو جيڪو
هڪ ميز تي پيل آهي. هو ان ڏانهن وڌي ٿو. رستي ۾
پلنگ يا ڪا ٻي رڪاوٽ آهي، هو ان سان ٽڪرائجي وڃي
ٿو ۽ پنهنجي غلطيءَ کي سمجهي يا ته ان شيءِ کي هڪ
پاسي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن ائين به نٿو
ٿئي ته، ان جي چؤڌاري ڦري وڃي ميز تائين پهچندو
آهي. اتي پهچي کيس محسوس ٿيندو آهي ته هو رانديڪي
تائين نٿو پهچي سگهي ڇاڪاڻ ته سندس قد ننڍو آهي ۽
ميز مٿي آهي، هاڻي مسئلو آهي ته هو رانديڪي تائين
ڪيئن پهچي. ٿي سگهي ٿو ته هو پٻن تي بيهي يا ٽپ
ڏئي رانديڪو کڻي وٺي. جيڪڏهن اها ترڪيب به نه هلي
ته شايد ڪا ڪرسي يا مُوڙو ڇڪي وٺي ۽ ان تي چڙهي
رانديڪو ميز تان لاهي ۽ ان ريت پنهنجي مقصد ۾
ڪامياب ٿي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته هو ان طرح به
رانديڪو نه کڻي سگهي ته ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کان مدد
گهري يا پنهنجي پهچ ۽ قابليت جي ڪوتاهيءَ جو احساس
ڪري ان مقصد تان ئي هٿ کڻي وڃي. هاڻي ٿورو ان چرپر
جي سلسلي جو تجزيو ڪريو: ان جو محرڪ ٻار جي هڪ
فطري خواهش ۽ راند جي دلچسپي آهي جنهن مان هو
تسڪين وٺڻ گهري ٿو تنهنڪري سندس سموريون ڪوششون ۽
انهن ۾ مٽاسٽا ۽ تبديلي هڪ خاص مقصد ۽ هڪ مستقل
ارادي جي تابع آهن. کيس ڪنهن اڳواڻ اهو ناهي ٻڌايو
ته جيڪڏهن رانديڪو کڻڻ گهرين ٿو ته فلاڻو طريقو
اختيار ڪر. هو پنهنجي معمولي مشغلن جي دوران هڪ
ڏکيائيءَ سان منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان کي حل ڪرڻ
لاءِ پنهنجي دماغ تي زور ڏيئي هڪ تدبير سوچيندو
آهي ۽ ان تي عمل ڪندو آهي، جيڪڏهن کيس ان مان
ڪاميابي نٿي ٿئي ته ٻيهر ساڳي تدبير کي استعمال
ناهي ڪندو. يا ٿي سگهي ٿو ته ٻن ٽن ڀيرن آزمائڻ
کانپوءِ کيس اهو اندازو ٿئي ته هيءَ تدبير نه
هلندي ته پوءِ هو ڪا ٻي تبدير سوچيندو آهي ۽ اهو
سلسلو لڳاتار جاري رهندو آهي، ايستائين جو هو
پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي يا کيس پڪ ٿي
ويندي آهي ته ڪاميابي ممڪن ناهي. ان صورتحال ۾
شروع کان ئي اهي امڪان موجود آهن جيڪي سندس جسماني
۽ ذهني قوتن کي عمل لاءِ سڏيندا آهن ۽ ڪوشش ۽
جدوجهد جي خواهش کي اڀاريندا آهن. کيس جيڪو تجربو
ان ڪوشش دوران حاصل ٿيندو آهي اهو سدائين لاءِ
سندس عملي سگهه ۽ ڄاڻ جو جزو بڻجي ويندو آهي.
جيڪڏهن اسان ان ڊگهي عمل بدران شروع ۾ ئي کيس اهو
ٻڌائي ڇڏيون ها ته ڪرسيءَ تي چڙهي ميز تان رانديڪو
کڻي وٺ يا اسان پاڻ رانديڪو ميز تان کڻي کيس ڏيئي
ڇڏيون ها ته کيس هرگز اها ذهني تربيت نه ملي ها
جيڪا ذاتي ڪوشش جي صورت ۾ ٿي.
سمجهڻ جو علمي طريقو
ساڳي حالت عملي تحقيق، کوجنا ۽ تجربيڪار ماهرن جي
جدوجهد جي آهي. اهو صحيح آهي ته انهن ماهرن کي
پنهنجي ماحول جو وڌيڪ علم ۽ ان تي وڌيڪ ڪنٽرول
هوندو آهي، هو علم حاصل ڪرڻ جي ذريعن کان واقف
هوندا آهن ۽ ان ڳالهه جو انتظار نه ڪندا آهن ته
کين سٺي اتفاق سان ڪو نئون تجربو يا مشاهدو حاصل
ٿئي بلڪه اهي پاڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪندا آهن ۽
واقعن کي اهڙيءَ طرح ترتيب ڏيندا آهن جو نوان
مشاهدا ۽ تجربا ڪري سگهن، پر ان سموري فرق جي
باوجود سندن علم حاصل ڪرڻ جو طريقو پنهنجي نوعيت
جي لحاظ کان ٻارن جي طريقن کان ڪو گهڻو مختلف ڪونه
هوندو آهي. انهن کي پڻ علمي ۽ عملي مشغلن دوران
ڪنهن مسئلي يا ڏکيائيءَ سان پالو پوندو آهي جنهن
کي حل ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌڻ ناممڪن هوندو آهي. ان
حل کي دريافت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي گذريل تجربي ۽
تخيل جي مدد سان ڪو مفروضو يا نظريو قائم ڪندا آهن
۽ ان مطابق حالتن کي مرتب ڪري ڏسندا آهن ته ان جو
متوقع نتيجو پيدا ٿئي ٿو يا نه – جيڪڏهن اهو
مفروضو (جيڪو ڄڻ ته پهرئين مثال واري ”تدبير“ جي
جڳهه تي هوندو آهي) ڪامياب نه ٿيندو آهي ته هو ڪو
ٻيو مفروضو قائم ڪندا آهن ۽ ان تحت مختلف قسم جي
اوزارن ۽ وسيلن جي مدد سان تجربا ڪندا آهن ۽
پنهنجين غلطين مان سبق پرائي آهستي آهستي ان حقيقت
تائين پهچي ويندا آهن جنهن جي کين ڳولها هئي. انهن
ڪجهه وڏين علمي دريافتن کانسواءِ (جن جي شروعات
ڪنهن اتفاقي تجربي يا مشاهدي سان ٿي آهي) علم کي
ارادي سان حاصل ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي ۽ ان کي
ئي هاڻوڪي دؤر ۾ ”علمي طريقي“ جي نالي سان سڏيو
ويندو آهي جيڪو شايد موجوده دؤر جي سڀ کان اهم ۽
قابل قدر دريافت آهي ۽ جنهن انسان جي ترقيءَ جي
موقعن جو دائرو بي حد ڪشادو ڪري ڇڏيو آهي.
پڙهڻ جو ادراڪي طريقو
تعليم جو مقصد هيءُ هجڻ گهرجي ته اها شاگردن ۾
اهڙي قابليت پيدا ڪري جو هو ٻين جي راءِ ۽ حڪم آڏو
سر جهڪائڻ بدران علم حاصل ڪرڻ ۾ فعالي طور حصو وٺن
۽ پاڻ سوچي سمجهي پنهنجن عملن جي ذميداري قبول ڪن
۽ پنهنجي رهنمائيءَ جو فرض انجام ڏين. عام طور تي
هر ملڪ ۾ عوام انهن وصفن کان محروم آهي. خاص طور
تي اسان جي ملڪ ۾ ته بدقسمتيءَ سان هي عالم آهي ته
ماڻهو هر قسم جي معاملن ۾ خاص طور تي سماجي ۽
اخلاقي مسئلن ۾ رسمي عقيدن ۾ پناهه ڳولهيندا آهن ۽
مروجه سوچ جي انداز جي سهاري اکيون ٻوٽي هڪ رستي
تي هلندا رهندا آهن، انهن ۾ نون خيالن کان متاثر
ٿيڻ ۽ فڪر ۽ عمل جي دنيا ۾ آزاديءَ ۽ جرئت سان
نيون راهون ڳولهڻ جي صلاحيت ئي ڪانهي، نه کين اڃا
تائين حق جي ڳولا جو شوق پيدا ٿيو آهي ۽ تجربي
طريقي جي هوا لڳي آهي. ان جا جتي ٻيا سبب آهن اتي
هڪ سبب اهو پڻ آهي ته اسڪولن جي تعليم عام طور تي
شاگردن جي ذهن کي معطل رکندي آهي، ان ۾ هر ڳالهه
بابت حاڪمانه ۽ ٺهيل ٺڪيل ڄاڻ ڀري ويندي آهي، جنهن
کي حاصل ڪرڻ ۾ کين ذهني ڪاوش کان بلڪل ڪم وٺڻو نه
پوندو آهي. هي طريقو نه رڳو انهن مضمونن جي تعليم
۾ رائج آهي جن جو مقصد هڪ حد تائين لاڀائتي ڄاڻ جو
مهيا ڪرڻ آهي بلڪه انهن مضمونن ۾ پڻ جن جو خاص
مقصد ئي اهو آهي ته اهي شاگردن ۾ ذهني اجتهاد ۽
فڪر جي سگهه پيدا ڪن.
ان بحث مان استاد لاءِ اهو نتيجو نڪري ٿو ته هو
جڏهن پنهنجي اسڪول ۾ تعليمي مشغلن کي رائج ڪري ته
کيس ائين نه ڪرڻ کپي ته هو وقت، محنت ۽ سامان جي
بچت جي خيال سان ٻارن کي پهريائين کان ڪم ڪرڻ جو
تفصيلي طريقو ٻڌائي ڇڏي، بلڪه مسئلن ۽ ڏکيائين کي
انهن آڏو پيش ڪرڻ کانپوءِ انهن جو حل ڪرڻ انهن تي
ڇڏي ۽ پاڻ فقط انهن جي نگراني ۽ هدايت ڪندو رهي ۽
انهن جي دلچسپيءَ کي قائم رکي. جيڪڏهن هو انهن آڏو
ٺهيل ٺڪيل نمونو پيش ڪري جنهن سان ڪم جا سمورا
ڏاڪا انهن جي سمجهه ۾ اچي وڃن يا هو پاڻ کين ڪم
ڪري ڏيکاري ته ٻارن لاءِ رڳو اهو ئي باقي رهجي وڃي
ٿو ته هو سواءِ ڪنهن دماغي جدوجهد جي، غير عملي
طريقي سان ان جو نقل ڪن. ٿي سگهي ٿو ته مشق ڪرڻ
سان ان خاص ڪم ۾ کين مهارت پيدا ٿي وڃي ۽ هو ان کي
سولائيءَ ۽ تيزيءَ سان ڪرڻ سکي وٺن پر ان ۾ کين
اهو موقعو ڪٿان ملندو جو هو، پنهنجي چونڊ واري
صلاحيت کان ڪم وٺي فيصلو ڪن ته کين مختلف طريقن
مان ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ کپي جيڪو سڀ کان وڌيڪ
مناسب ثابت ٿئي؟ ان ۾ شڪ ناهي ته جيڪڏهن استاد ۽
شاگرد ٻئي اهو سولو ۽ محفوظ طريقو اختيار اختيار
ڪندا ته ڪيترين ئي غلطين کان بچي ويندا، سامان ۽
اوزارن جو استعمال جيڪو ٻارن جي عملي ڪمن ۾ ٿيندو
آهي ان ۾ پڻ تمام گهڻي بچت ٿيندي ۽ جيڪڏهن رڳو
ڏيکاءَ واري تعليم مقصد آهي ته ”نتيجا“ پڻ تمام
جلد ملي ويندا يعني ٻار سوچ سمجهه کانسواءِ ڪا
مقرر چرپر ڪري سگهندا. پر زندگيءَ جي وٺ وٺان ۽
جدوجهد ۾ اهڙن ”نتيجن“ مان ڪم نه هلندو آهي، ڇاڪاڻ
ته اتي هر باشعور انسان کي جنهن جي زندگي رڳو نقل
ڪرڻ ۽ حڪمن جي بجا آوريءَ تائين محدود ناهي،
روزانو اهڙا مسئلا ۽ واقعا پيش ايندا رهندا آهن
جنهن ۾ فيصلي جي قوت ۽ آزادانه راءِ قائم ڪري ان
تي عمل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. زندگيءَ ۾
ڪاميابيءَ لاءِ سرگرميءَ ۽ فعاليت جي ضرورت هوندي
آهي. ان جي تربيت ڏيڻ لاءِ اسڪولن کي اهڙو عملي
طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي جوشاگرد نون موقعن ۽ نئين
حالتن سان واسطي ۾ اچي انهن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن کي
حل ڪرڻ جون تدبيرون سوچي سگهن.
جستجوءَ جي امنگ باقي رکڻ جي ضرورت
موجوده نفسيات جو علم ان نظريي کي نٿو مڃي ته جيڪا
دماغي طاقت انسان ڪنهن خاص ڪم کي سکڻ يا ڪنهن خاص
مضمون جي مطالعي مان حاصل ڪندو آهي اها هر ڪم ۽ هر
مضمون ۾ استعمال ٿي سگهي ٿي. انسان جو دماغ ڪو
چاقو ڪونهي ته جيڪڏهن ان کي سراڻ تي گسايو وڃي ته
هر شيءَ کي وڍي ڇڏيندو پوءِ اها ڪاٺي هجي يا ڪپڙو
يا ڪاغذ. پراڻو نظريو جنهن کي جديد نفسياتي تحقيق
۽ مشاهدي رد ڪري ڇڏيو آهي، هي هيو ته سکيائي قوت ۽
صلاحيت هڪ مضمون کان ٻئي مضمون ۾ ۽ هڪ موضوع کان
ٻئي موضوع ۾ جيئن جو تيئن منتقل ٿي سگهي ٿي. هي
نظريو جنهن کي انگريزيءَ ۾
Transfer of Training
(سکيائي قوت جو منتقل ڪرڻ) چيو ويندو آهي ڪيتري
وقت کان نفسيات جي ماهرن جي وچ ۾ تڪرار جو ڪارڻ
بڻيل آهي. ان مسئلي بابت هاڻوڪو نقطه نظر مجموعي
حيثيت ۾ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته اهي مخصوص
قابليتون جيڪي ڪنهن علم يا فن سکڻ دوران حاصل
ٿينديون آهن منتقل نه ٿيون ٿي سگهن. مثال طور
جيڪڏهن ڪو شخص رياضيءَ جي تعليم ۽ مطالعي جي ڪري
رياضيءَ جي مسئلن کي چڱيءَ طرح حل ڪري سگهي ٿو ته
ان ڪري اهو ضروري ڪونهي ته هو ان کان بلڪل مختلف
قسم جي معاملن مثال طور سياسي يا اخلاقي مسئلن تي
پڻ ذهانت يا قابليت سان بحث ڪندو. البت جيڪڏهن
مناسب تعليمي طريقو اختيار ڪجي ته ڪجهه عام ذهني
لاڙن ۽ صلاحيتن، علم حاصل ڪرڻ جي گُرَن ۽ نون
مسئلن تي غور ڪرڻ جا طريقا اهڙا هوندا آهن جو انهن
کي سکي انسان نه رڳو ڪو هڪ خاص ڪم چڱيءَ طرح ڪري
سگهي ٿو جيڪو هن سکيو آهي بلڪه جيڪو به ڪم ڪرڻ
گهري ٿو ان ۾ ذهني صلاحيت ۽ عادتون مفيد ۽ مددگار
ٿينديون آهن. فرض ڪريو ته هڪ ماڻهوءَ کي مختلف قسم
جي ڪاروبارن ۽ مشغلن ۾ هيءَ عادت پئجي وئي آهي ته
هو جڏهن به ڪو نئون ڪم ڪندو آهي ته پنهنجي مقصد ۽
وسيلن جو جائزو وٺندو آهي. ان مقصد کي نظر ۾ رکي
ڪو عملي طريقو تجويز ڪندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي عمل
جي نتيجن مان سبق ۽ تجربو حاصل ڪري ان کي اڳتي
وڌائيندو آهي، ايستائين جو هو ڪامياب ٿي ويندو
آهي. اهي سمورا طريقه ڪار ۽ ان سان گڏ جيڪي ذهني
عادتون وابسته آهن اهي مختلف قسم جي اڻ ڳڻين ڪمن ۾
استعمال ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ڪو ماڻهو جهنگ ۾
پنهنجو رستو وڃائي ويٺو آهي ۽ چاهي ٿو ته صحيح
رستي تي اچي ته هي طريقو سندس لاءِ تمام فائديمند
ثابت ٿيندو. جيڪڏهن هو سائنس يا صنعت ۽ حرفت جي
ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ گهري ٿو ته کيس اهو ئي عملي
سلسلو اختيار ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن هو ڪنهن وڏي
واپاري ڪاروبار ۾ مصروف آهي ته کيس پنهنجي واپاري
پاليسي انهيءَ ريت ٺاهڻي پوندي. جيڪڏهن هو ڪنهن
ڪميٽيءَ يا ڪائونسل ۾ چونڊ لاءِ اميدوار آهي ته به
سندس لاءِ ضروري ٿيندو ته پنهنجن سمورن وسيلن ۽
ذريعن جو جائزو وٺي ۽ هڪ مقرر مقصد خاطر انهن جي
تنظيم ڪري. مطلب ته ڪيترين صورتن ۾ انسان ان عملي
طريقي مان فائدو وٺي سگهي ٿو، تنهنڪري جديد اسڪول
جي استاد کي هن غلط فهميءَ ۾ نه پوڻ گهرجي ته ڪنهن
خاص درسي مضمون جي مطالعي سان شاگردن جي مختلف
ذهني قوتن جي تربيت ٿي ويندي آهي ۽ اهي انهيءَ ڪري
هر قسم جي (زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ) ڏکيائين سان منهن
ڏيئي سگهي ٿو. مثال طور جيڪڏهن انهن جو دماغ منطق
۽ رياضيءَ جي ڏکين مسئلن ۾ تجربيڪار ٿي ويو آهي ته
هيءَ قابليت زندگيءَ جي عملي مونجهارن کي سلجهائڻ
۽ تمدن ۽ معاشرت جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.
بلڪه ان (استاد) کي هينئن ڪرڻ گهرجي ته انهن جي
سمورن مسئلن ۽ سبقن کي ان اصول تي ترتيب ڏئي جو
کين مختلف مضمونن ۾ ۽ مختلف موقعن تي ذهني اجتهاد
۽ فيصلي جي قوت کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي،
نون طريقن کي آزمائڻ لاءِ آمادگي پيدا ٿئي ۽ هو هر
ڪم لاءِ ڪنهن ٺهيل ٺڪيل رستي ۽ ڪنهن سکيل قاعدي جا
محتاج نه رهن.
شاگردن کي سهاري کان بي نياز ڪرڻ جي ضرورت
استاد جو وڏو اهم فرض هيءُ آهي ته هو هوريان
هوريان شاگردن کي پنهنجي استادي مدد ۽ پنهنجي
سهاري کان بي نياز ڪري ڇڏي ۽ کين پاڻ پنهنجن پيرن
تي بيهڻ سيکاري. سٺي ڊاڪٽر وانگر سٺي استاد جي
سڃاڻ به اها ئي آهي ته وٽس ايندڙ ڪجهه عرصي
کانپوءِ سندس مدد ۽ رهنمائيءَ کان آزاد ٿي پاڻ
پنهنجي سار سنڀال ڪري سگهن. هيءَ ڳالهه تڏهن ئي ٿي
سگهي ٿي جڏهن استاد شروع کان ئي شاگردن کي اهڙيءَ
ريت تعليم ڏئي جو هو آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهن ۽
پنهنجي راءِ ۽ فيصلي تي ڀروسو ڪرڻ سکن. البت ان
سان گڏوگڏ اهو پڻ ضروري آهي ته هو هٺ ۽ هوڏ کان ڪم
نه وٺن، پنهنجي راءِ تي هروڀرو ضد نه ڪن ۽ پنهنجين
غلطين جي اعتراف ۽ انهن مان سبق سکڻ لاءِ سدائين
تيار رهن. ٿي سگهي ٿو ته ان طريقي تي عمل ڪرڻ سان
کين نون مضمونن تي تمام جلد قدرت حاصل نه ٿئي،
يعني هو انهن کي ”جلد“ ياد نه ڪري سگهن يا انهن جي
هٿن ۾ تمام ٿوري وقت ۾ صفائي ۽ سليقو پيدا نه ٿئي
۽ جيئن اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي ته هو نمايان نتيجا
نه ڏيکاري سگهن. پر ان قوت جو مڪمل پورائو هيئن
ٿيندو آهي جو شاگردن ۾ هڪ عام ذهني سجاڳي پيدا
ٿيندي آهي ۽ منجهن تعمير ۽ تخليق جو شوق ۽ جدت ۽
اجتهاد جي صلاحيت اسرندي آهي، جيڪا انهن لاءِ،
تڪڙن ۽ عارضي نتيجن کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم آهي
رواجي نصاب جي درسي مضمونن جي تعليم تي ان اصول جو
تمام گهرو اثر پوندو آهي. ڪجهه مضمون ته اهڙا آهن
جيڪي ظاهر ظهور ان اصول تحت اچن ٿا، مثال طور اهي
سمورا علم جيڪي سائنس جي شعبي سان لاڳاپيل آهن.
سائنس انساني علمن جي اها شاخ آهي جيڪا سموري
اسانجي ڪوشش ۽ تخليق جو نتيجو آهي. جڏهن انسان جو
دماغ پنهنجي طبعي ماحول کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي
۽ فطرت جي نظارن ۾ لڪل قانونن کي دريافت ڪرڻ لاءِ
مشاهدن ۽ تجربن کان ڪم وٺندو آهي ته ڄڻ ته هو
سائنس جي تشڪيل ڪري رهيو آهي. ان جي امتيازي
خصوصيت اها آهي ته اها (سائنس) پنهنجي ترتيب ۽
ترقيءَ لاءِ انسان جي دريافت ۽ جستجوءَ جي ٿورائتي
آهي. جيڪڏهن اسڪول ۾ اسان ان خصوصيت کي نظر انداز
ڪري ڇڏيون ۽ استاد شاگردن کي هر ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ۽
وڌ ۾ وڌ کين ڪجهه مقرر تجربا ڪري ڏيکاريندو رهي ته
سائنس جو تعليمي مقصد بلڪل فوت ٿي ويندو. انهن
سمورن طبيعي، ڪيميائي ۽ حياتياتي علمن پڙهائڻ مان
اسان جو مقصد هيءَ آهي ته شاگرد پنهنجي مادي ماحول
جي قوتن ۽ نظارن کي سمجهن ۽ انهن مان ڪم وٺڻ سکن
بلڪه هيئن چوڻ گهرجي ته شين جي ترڪيبي سٽاءَ ذريعي
انهن کي سمجهن. ڇاڪاڻ ته اهو ناممڪن آهي ته ڪو
شاگرد ذاتي تجربي ۽ عمل کانسواءِ سائنس جي ڪنهن
اصول يا حقيقت کي رڳو لفظي بيان ۽ تشريح سان
پوريءَ طرح سمجهي وٺي. ان لاءِ سدائين هيءَ ضرورت
آهي ته کين سڌو سنئون سائنس جي اوزارن ۽ شين جي
خاصيتن ۽ خوبين جو تجربو ٿئي، هو انهن کي مختلف
حالتن ۾ ڏسن ۽ انهن حالتن کي بدلائي تبديليءَ جي
اثرن تي غور ڪن ۽ ان طرح هوريان هوريان انهن نتيجن
تائين پهچن جيڪي ٿي سگهي ٿو ته سندن استادن ۽
سائنس جي ماهرن لاءِ بلڪل واضع هجن، پر انهن
(شاگردن) لاءِ وڏي حد تائين هڪ نئين دريافت وارو
شان رکن ٿا. انهيءَ اصول کان متاثر ٿي هاڻوڪي دؤر
۾ سائنس جي تعليم ۾ وڏيون انقلابي تبديليون آيون
آهن ۽ سمورن جديد اسڪولن ۾ پراڻي ڪتابي تعليم کي
ترڪ ڪري جيڪا سواءِ حافظي جي ٻي ڪنهن دماغي قوت جي
تربيت نه ڪندي هئي، سائنس هڪ عملي ۽ تجربي مضمون
بڻائي وئي آهي ۽ اسڪولن ۾ باقاعدي ليبارٽريون ۽
ورڪشاپ قائم ڪيا ويا آهن جتي شاگرد پنهنجي هٿن سان
ڪم ڪري سگهن ٿا. هو سائنس جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان کي
مرتب ڪرڻ ۾ عملي طور شريڪ ٿيندا آهن ۽ هڪ حد تائين
انهن ئي حالتن ۽ انهن ئي شرطن تحت ڪم ڪندا آهن
جيڪي سائنس جي محققن لاءِ گهربل آهن. ان جي عملي
پهلوءَ تي زور ڏيڻ لاءِ نه رڳو اسڪولن جي نصاب ۾
عملي ڪم جو عنصر وڌايو ويو آهي بلڪه شاگردن کي
صنعت ۽ حرفت جي ورڪشاپن ۾ ۽ آسپاس جي زندگيءَ ۾
سائنس جي ايجادن ۽ انهن جي استعمال جي اڀياس جو
موقعو پڻ ڏنو ويندو آهي ته جيئن هو سمجهي سگهن ته
سائنس ۽ تهذيب يافته زندگيءَ جو پاڻ ۾ ڪيترو ويجهو
تعلق آهي ۽ انسان ڪهڙيءَ طرح پنهنجي تسخير (تابع
ڪرڻ) واري صلاحيت کان ڪم وٺي فطرت جي قوتن کي
پنهنجي مقصدن لاءِ ڪم آندو آهي. استادن جي ڪوشش
هيءَ هوندي آهي ته شاگرد سائنس کي رڳو ڪجهه اصولن
۽ قاعدن جو مجموعو نه سمجهن بلڪه ان جي بدولت سندن
دل ۾ فطرت کي تابع ڪرڻ جو جذبو ۽ ولولو پيدا ٿئي.
ان ڪوشش جو اظهار ڪٿي ڪٿي مخصوص ۽ مڪمل تعليمي
طريقن جي شڪل ۾ ٿيو آهي، مثال طور آرم اسٽرانگ جو
”دريافت جو طريقو“ (Heuristic
Method)
۽ ڪٿي ان جو اثر عام ذهني تربيت جي سڌاري ۾ نمايان
ٿيو آهي جنهن سائنس جي طريقه تعليم ۽ ان جي داخلي
روح ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. |