ان مان مراد هيءَ آهي ته ٻين جي جذبن جو اثر
پاڻمرادو اسان جي طبيعت تي پوندو آهي. ان جي ضرورت
ناهي ته اسان ڪوشش ڪري يا عقلي دليلن ذريعي ان
ڪيفيت کي پنهنجي اندر پيدا ڪريون. استاد اسڪول ۾
پنهنجي حيثيت مان فائدو وٺي ۽ شاگردن سان محبت ۽
همدرديءَ جا لاڳاپا پيدا ڪري سندن جذبن کي متاثر
ڪري سگهي ٿو، شرط هيءَ آهي ته سندس جذبا موقعي جي
مناسب هجن. جيڪڏهن هو ڏک ۽ غم، رضامنديءَ ۽
ناراضگيءَ، غصي ۽ رحم جو اظهار ڍنگ سان ڪندو ته
سندس شاگرد ان کان ضرور متاثر ٿيندا. پر شرط هي
آهي ته جذبو سچو ۽ خالص هجي، مصنوعيت ۽ وڌاءَ کان
پاڪ هجي. ڇاڪاڻ ته ٻار بناوٽ ۽ مٿاڇري هلت تمام
جلد سڃاڻي وٺندا آهن ۽ ان ماڻهوءَ کان بدظن ٿي
پوندا آهن جنهن جي جذبن ۾ خلوص ۽ قول ۽ فعل ۾
مناسبت نه هجي. جذبن جي تربيت جو سڀ کان اهم پهلو
هي آهي ته سٺن ماڻهن سان عقيدت ۽ احترام پيدا ڪيو
وڃي. سٺين شين لاءِ اتساهه ۽ خراب شين کان نفرت
ڏيارجي. ٻارن ۾ اهڙو ذوق پيدا ڪجي جو سهڻيون شيون
۽ نظارا انهن جي دل کي وڻن ۽ بدصورت شيون کين خراب
لڳن. عقيدت جو جذبو ۽ سٺو ذوق ٻارن جي دل ۾
سولائيءَ سان اسري سگهي ٿو جيڪڏهن استاد جا پنهنجا
جذبا سچا ۽ فضيلت ڀريا هجن ۽ سندس ذهن پاڪ هجي.
ڇاڪاڻ ته ٻار انهن جذبن کي اڪثر غير شعوري طور تي
قبول ڪندا اهن ۽ انسانن ڏانهن سندن فطري ردعمل پڻ
اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو استاد جو آهي. استاد جو فرض
هيءَ آهي ته انهن ۾ همدرديءَ جو جذبو ايتري قدر
ڪشادو ڪري جو اهو سموري ماحول تي ڇائنجي وڃي،
ڇاڪاڻ ته اسان حقيقي معنيٰ ۾ ڪنهن شيءِ يا شخص کي
تيستائين ڀليءَ ڀت نٿا سمجهي سگهون جيستائين اسان
کي ساڻس ايتري همدردي نه هجي جو اسان ڄڻ ته سندس
دل ۾ لهي وڃون ۽ سندس جذبن کي پنهنجو ڪري وٺئون.
اسان ڪنهن خوبصورت نظم يا تصوير مان پوريءَ طرح
لطف اندوز نٿا ٿي سگهون جيستائين پنهنجي اندر اها
ئي ڪيفيت (جيڪا شاعر يا مصور جي دل ۾ هئي) پيدا
نٿا ڪري وٺئون. ڪنهن جي ڏک ڏاکڙي کي پوريءَ طرح
محسوس نٿا ڪري سگهون جيستائين همدرديءَ جي وسيلي
ڄڻ ته اها مصيبت خود اوهان مٿان به گذري.
استاد جي همدرديءَ جو دائرو
ننڍن ٻارڙن جي اسڪول ۾ استاد کي ان ڳالهه جو پڻ
خيال رکڻ گهرجي ته سندس محبت ۽ همدردي انسانن
تائين محدود نه رهي بلڪه کيس بي زبان جانورن ۽
ٻوٽن سان پڻ لڳاءُ پيدا ٿئي. جديد اسڪولن ۾ مختلف
پالتو جانورن کي ڌارڻ جي تاڪيد ڪئي ويندي آهي ۽
انهن جي سار سنڀال جي ذميداري ٻارن تي هوندي آهي.
انهيءَ طرح هو باغباني ڪندا آهن، پنهنجن پنهنجن
ٻارن ۾ گلن وارا وڻ ۽ ڀاڄيون وغيره پوکيندا آهن ۽
انهن جي واڌ ويجهه جو مطالعو ڪندا آهن ۽ ان سلسلي
۾ جن جن ڪمن جي ضرورت پوندي آهي يعني پاڻي ڏيڻ،
ڀاڻ ڏيڻ، کوٽائي ڪرڻ اهو سمورو ڪم هو پاڻ ئي ڪندا
آهن. ان جو مقصد رڳو اهو ناهي هوندو ته ٻار ٻوٽن ۽
جانورن جي عادتن جو مطالعو ڪن ۽ ان ريت مفيد ڄاڻ
حاصل ڪن بلڪه ان سان هو نباتات ۽ حيوانات جي دنيا
سان هري مري ويندا آهن. ڪي ماڻهو جن ۾ جمالياتي
احساس گهڻو لطيف ۽ نازڪ ٿيندو آهي ۽ جن کي زندگيءَ
جي لهر نه رڳو حيوانن ۾ بلڪه سموري فطري دنيا ۾
نظر ايندي آهي. گلن، ٻوٽن ۽ قدرتي نظان کي پڻ
پنهنجي محبت جي ڀاڪر ۾ ڀريندا آهن. اهو ئي سبب آهي
ته مثال طور ڪيترن ئي فطرت پرست شاعرن کي خوبصورت
منظرن جي نظاري مان دلي تراوت ۽ سڪون ملندو آهي ۽
کين اخلاقي سبق ملندا آهن. ورڊز ورٿ (Words
worth)
چيو آهي ته:
”سرسبز جهنگ جو هڪ ٿورڙي اثر مان اسان کي انسان،
نيڪي ۽ بديءَ بابت اهڙيون حقيقتون سکي سگهون ٿا
جيڪي شايد دنيا جي سمورن ڏانهن وٽان نه ملن.“
پر فطرت مان اهڙو سبق هر ماڻهو پرائي نٿو سگهي،
اها انهن لاءِ ئي مخصوص آهي جن جي دل ۾ همدرديءَ
جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي. هر استاد کي
ٻارن ۾ اهائي همدردي پيدا ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ
هر استاد کي پنهنجي ذاتي مثال ۽ اسڪول جي تعليمي ۽
سماجي مشغلن جي جوڙجڪ جي ذريعي شاگردن ۾ هڪٻئي سان
همدردي پيدا ڪرڻ گهرجي جيڪا گڏيل عمل ۽ هڪٻئي جي
مدد جو بنياد آهي. جيڪڏهن گڏوگڏ اسڪول جا ٻاهرين
دنيا سان ربط ۽ لاڳاپا به قائم ٿين ته اها ئي
همدردي وسيع تر انساني همدرديءَ جي شڪل اختيار ڪري
وٺندي آهي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته استاد پاڻ به
ڪوشش ڪري شاگردن جي همدرديءَ واري جذبي ۾ ڪشادگي
پيدا ڪري جيئن هو ڪنهن خاص جماعت يا طبقي تائين
محدود نه رهن بلڪه کين هيءَ محسوس ٿيڻ لڳي ته دنيا
۾ جتي به ڪو غمگين انسان آهي اهو اسان جو دوست ۽
عزيز آهي ۽ جتي به ڪي ماڻهو ڪنهن سٺي انساني مقصد
لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن اهي اسان جا ساٿي آهن.
هيءَ ڳالهه نهايت ضروري آهي ته شاگردن ۾ وسيع ترين
انساني همدردي پيدا ڪئي وڃي ۽ ان مقصد جي راهه ۾
جيڪا تنگ نظري ۽ خود غرضي رڪاوٽ آهي. ان کي دور
ڪري ديانتداري ۽ جرئت سان انهن انساني متن ۽ مقصدن
جو اڀياس ڪيو وڃي جيڪي موجوده تمدن جا بنياد آهن.
جيڪڏهن استاد پاڻ تنگ نظر ۽ قدامت پسند هوندو ۽ هر
معاملي ۾ بحث ڪرڻ کان گهٻرائيندو يا ٻاهريان اثر
سندس آزاديءَ ۾ رڪاوٽ بڻبا ته تربيت جو اهم ترين
مقصد فوت ٿي ويندو.
استاد جي تاثير يا اثر جو دائرو
همدرديءَ سان ملندڙ جلندڙ ٻي نفسي ڪيفيت جنهن
ڏانهن اسان مٿي اشارو ڪيو آهي خيال جو تاثر يا اثر
آهي جنهن ڪري اسان جي ذهن ۾ اهي خيال ۽ تصور پيدا
ٿيندا آهن جيڪي متاثر ڪندڙ شخص جي ذهن ۾ هوندا
آهن. هتي به اهو ضروري ناهي ته جيڪو ماڻهو ٻين جي
خيالن جو اثر قبول ڪري اهو عقل جي روءِ سان پڻ
انهن جو قائل ٿي وڃي. متاثر ڪندڙ شخص جو خلوص ۽
سندس عقيدن جي مضبوطي پاڻ مرادو اسان جي اندر ۾
اهي خيال پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. ان جا مثال پڻ اسان
کي هر وقت پنهنجي چؤطرف نظر ايندا آهن. ان جي هڪ
انتهائي صورت مسميريزم (Mesmerism)
جي عمل ۾ هوندي آهي. جنهن ۾ معمول (عمل هيٺ آيل)
عارضي طور تي پنهنجي قوت ارادي بلڪل وڃائي ويهندو
آهي ۽ عامل (عمل ڪندڙ) جي هر خيال کي پنهنجو خيال
سمجهي وٺندو آهي. بيشڪ اها خيالن جي تاثير جي اها
انتهائي شڪل آهي پر ان کي ڪرامت نه سمجهڻ کپي. اها
ان نفسي ڪيفيت جي انتهائي ترقي يافته شڪل آهي جيڪا
اسان مان هر هڪ تي ڪيترائي ڀيرا طاري ٿيندي آهي.
اسان عام طور تي انهن ماڻهن جي ڳالهين ۽ خيالن کي
سولائيءَ سان مڃي وٺندا آهيون جيڪي علم يا دولت يا
طاقت يا ڪنهن ٻي حيثيت سان اسان تي فوقيت رکندا
آهن. اهو ضروري ڪونهي ته اسان انهن جي هر ڳالهه ۽
هر خيال کي پنهنجي خيال تي ترجيح ڏيون پر ان عام
علم يا فن يا زندگيءَ جي شعبي ۾ جتي اسان انهن جي
فوقيت جا قائل آهيون. اسان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ذاتي
عقيدي ۽ راءِ جي خلاف پڻ سندن راءِ تي عمل ڪندا
آهيون. البت جنهن شعبي ۾ اسان ٻين ماڻهن کان وڌيڪ
علم يا تجربو يا مهارت رکون ٿا اتي سندن راءِ کي
نظر انداز ڪري پنهنجي راءِ تي قائم رهندا آهيون
مثال طور اڪثر ائين ٿيندو آهي ته هڪ تمام وڏو عالم
لباس، کاڌي يا ٿيئٽر بابت هڪ جاهل جي راءِ کي صحيح
سمجهندو آهي، شرط اهو آهي ته کيس اها خبر هجي ته
اهو ماڻهو ان خاص معاملي ۾ گهڻي ڄاڻ رکي ٿو. پر
جيڪڏهن اهو ئي ماڻهو ان عالم آڏو ڪنهن علمي معاملي
بابت پنهنجي راءِ ظاهر ڪري جيڪا ان (عالم) جي راءِ
کان مختلف هجي ته هو اها هرگز قبول نه ڪندو بلڪه
ان جي مذاق اڏائيندو. اها نفسي ڪيفيت نه رڳو فردن
تي طاري ٿيندي آهي بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته جماعتن، شهرن
۽ ملڪن تي پڻ طاري ٿي ويندي آهي. ان ڪري عجيب ۽
غريب خبرون ۽ افواهه مشهور ٿي ويندا آهن جن کي
ماڻهو بنا سوچڻ سمجهڻ جي مڃيندا آهن مثال طور ڪن
شهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٽن چئن سالن کان پوءِ هيءَ خبر
اڏامندي آهي ته شهر ۾ ”ڏائڻ“ آئي آهي ۽ ٻارن کي
پڪڙي انهن جو ”هيانءُ“ ڪڍي کڻي وڃي ٿي. اسان ڏٺو
آهي ته ڏسڻا وائڻا سمجهو ۽ ڄاڻو ماڻهو ان تي يقين
ڪري وٺندا آهن ۽ پريشان ٿي ويندا آهن. ايستائين جو
پوليس جيڪا خيالن جي تاثير جي خيال کان به محفوظ
سمجهي ويندي آهي باقاعدي تحقيقات شروع ڪري ڏيندي
آهي. حالانڪه انهن ماڻهن ڪڏهن ڏائڻ ڏٺي به ڪونه
هوندي آهي. ان جو سبب هيءَ آهي ته بلڪل اڻ واقف ۽
خالي ذهن هئڻ ڪري هو اهڙن افواهن کي سوچڻ سمجهڻ ۽
تصديق ڪرڻ کانسواءِ قبول ڪري وٺندا آهن ۽ ڇاڪاڻ ته
اهي خبرون هڪ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين ماڻهوءَ
تائين پهچي وينديون آهن تنهنڪري انهن ۾ کن پل ۾
اها طاقت ۽ زور پيدا ٿي پوندو آهي جيڪو ڪيترن ئي
ماڻهن جي هم خياليءَ جو نتيجو هوندو آهي. اهڙيءَ
طرح جماعتن جي خيالن جو اثر فردن کي متاثر ڪندو
آهي.
نفسيات جي ماهرن انهن حالتن جو تجزيو ڪيو آهي جيڪي
خيالن جي اثر لاءِ سازگار آهن. سندن تحقيقن جو
خلاصو هيءُ آهي ته خيال جو اثر ان وقت پڻ وڌيڪ
ظاهر ٿيندو آهي جڏهن اسان عامل يا متاثر ڪندڙ
ماڻهوءَ جي علميت يا سگهه يا دٻدٻي جا قائل ٿيون.
۽ ڪنهن خاص معاملي ۾ اسان جي عام معلومات ۽ علم يا
ته تمام اڻپورو هجي يا چڱيءَ طرح مربوط ۽ منظم نه
هجي ۽ اسان ان کي ڪنهن نئين خيال جي تنقيد لاءِ
استعمال نه ڪري سگهون. ٻيو هي ته جيڪڏهن عامل
پنهنجي عقيدي ۽ خيال ۾ پختگيءَ جو اظهار ڪري ۽ ان
خاص معاملي ۾ پنهنجي راءِ نهايت اعتماد سان ٻڌائي
ته اسان کي ان عقلي تنقيد ۽ غور فڪر کانسواءِ مڃي
وٺنداسين. ان اظهار لاءِ ضروري ڪونهي ته هو پنهنجي
خيال کي لفظن ۾ بيان ڪري. هو پنهنجي عام انداز ۽
عملن سان پڻ پنهنجي خيال کي ظاهر ڪري سگهي ٿو ۽
معمول تي اثر وجهي سگهي ٿو. پر جن معاملن بابت
اسانجو پنهنجو علم يقيني ۽ باقاعدي طور تي مرتب
هوندو آهي ان بابت اسان ٻين جي خيالن جي اثر کان
متاثر نه ٿيندا آهيون.
خيالن جي اثر انداز ٿيڻ لاءِ اسان جن صورتن کي
سازگار قرار ڏنو آهي اهي سڀ استاد ۽ شاگرد جي
لاڳاپي ۾ موجود آهن. استاد عام طور تي جسماني ۽
دماغي حوالي سان پنهنجي شاگردن تي فوقيت رکندو آهي
۽ انهن کان وڌيڪ تجربيڪار هوندو آهي ۽ سندس عهدي
واري حيثيت سبب انهن جي دل ۾ سندس وقعت هوندي آهي.
استاد جي ڀيٽ ۾ اڪثر معاملن ۾ ٻارن جي معلومات
محدود هوندي آهي ۽ ان ريت مربوط ۽ منظم نه هوندي
آهي جو هڪ مدلل عقيدي جي شڪل اختيار ڪري وٺي ۽ هو
ان جي مدد سان هر نئين خيال ۽ عقيدي تي تنقيد ڪري
سگهن. ان حالت ۾ استاد پنهنجي خيالن جي اثر
اندازيءَ جي صلاحيت کي گهڻي ڪاميابيءَ سان استعمال
ڪري سگهندو آهي. پر هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته کيس
ائين ڪرڻ گهرجي يا نه؟ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته
جيڪڏهن استاد ائين ڪندو ته شاگردن جي ذهني ۽
اخلاقي آزاديءَ ۾ خلل پوندو ۽ هو مختلف مسئلن بابت
آزاد راءِ قائم نه ڪندا بلڪه جيئن جو تيئن سندس
خيالن کي قبول ڪري وٺندا. تنهنڪري انهن ماڻهن جي
خيال ۾ استاد کي خيالن جي اثر اندازيءَ کان ڪم نه
وٺڻ گهرجي. بيشڪ جيڪڏهن ڪو استاد ان قوت جو يا
پنهنجي ڪنهن به قوت جو هروڀرو استعمال ڪندو جنهن
ڪري شاگردن جي ذهني آزاديءَ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ته
ان جو نتيجو خراب نڪرندو. پر اسان کي هيءُ ياد رکڻ
گهرجي ته جيڪڏهن استاد چاهي به ته ان اثر کي مڪمل
طور روڪي نٿو سگهي. جتي به ماڻهو گڏجي سڏجي رهندا
آهن سندن خيال ۽ عقيدا، سندن راءِ، سندن زندگيءَ
جو فلسفو غير محسوس طريقي سان هڪٻئي تي اثر انداز
ٿيندو آهي خاص طور تي جڏهن ان جماعت ۾ مختلف عمر،
قابليت ۽ تجربي وارا ماڻهو هجن. تنهنڪري سوال رڳو
اهو ٿو بچي ته استاد ان اثر کي سواءِ احتياط ۽
بندوبست جي شاگردن تي پوڻ ڏئي يا هن ڳالهه کي
محسوس ڪري ته سندس شخصيت شاگردن جي شخصيت کي متاثر
ڪري رهي آهي، هو ان مان فائدو وٺي ۽ ان اثر کي
سندن تربيت جو هڪ مفيد عنصر بڻائي.
پهرئين صورت ۾ استاد جو اثر ٿي سگهي ٿو ته سٺو
پوي، ٿي سگهي ٿو ته خراب، کيس ان عمل تي ڪنٽرول ڇا
ان ڏانهن سندس ڌيان ئي ڪونه ويندو. پر ٻي صورت ۾
کيس سدائين اهو احساس رهندو ته سندس خيال ۽ جذبا
سندس ذات تائين محدود ناهن، بلڪه انهن جو عڪس
شاگردن ۾ جهلڪندو آهي. جڏهن هو سچائيءَ سان ڪنهن
ڳالهه کي پسند ڪرڻ، نفرت يا جوش يا بددليءَ جو
اظهار ڪندو آهي ته اهي (شاگرد) غير محسوس طريقي
سان متاثر ٿيندا آهن. تنهنڪري سندس فرض آهي ته هر
وقت پنهنجن خيالن، پنهنجي راءِ ۽ پنهنجن احساسن جي
جاچ پڙتال ڪندو رهي، ته جيئن مٿن ڄاڻي واڻي سٺو
اثر وجهي. تنهنڪري استاد کي هيءُ حق ڏيڻ گهرجي ته
هو احتياط سان ان قوت جو استعمال ڪري ۽ پنهنجي
بهتر علم، وسيع ۽ وڌيڪ پختن خيالن کي شاگردن آڏو
اهڙيءَ طرح پيش ڪري جو هو کانئس شعوري لاڀ پڻ حاصل
ڪن ۽ غير شعوري طور تي پڻ متاثر ٿين.
انهيءَ صورت ۾ خيال جي آزاديءَ ۾ خلل پوڻ جو
انديشو نه رهندو. بلڪه جهڙيءَ ريت هر انسان پنهنجي
ماحول جي مختلف اثرن مان پرائيندو آهي اهڙيءَ ريت
شاگرد پنهنجي استاد جو اثر قبول ڪندو. پر شرط هي
آهي ته استاد انهن خيالن کي ڏاڍ ۽ حاڪمت سان مٿن
لاڳو نه ڪري ڇاڪاڻ ته ان جو اثر اڪثر ڪري ابتڙ
ٿيندو آهي. شاگردن ۾ استادن جي مخالفت ۽ نفرت جا
جذبا پيدا ٿي پوندا آهن ۽ هو سندس هر تجويز ۽ هر
مشوري جي ابتڙ عمل ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته خيال جي
تاثير جي خوبي هيءَ آهي ته ان ۾ ڪوبه خيال ڏاڍ سان
لاڳو نٿو ڪري سگهجي. بلڪه اهو معمول جي طبيعت ۾
تمام هوريان هوريان غير محسوس طريقي سان اثر ڪندو
آهي. اڪثر استاد اها غلطي ڪندا آهن ته پنهنجو پاڻ
کي دعويٰ ڪرڻ واري انداز سان شاگردن آڏو مثال
بڻائي پيش ڪندا آهن ۽ توقع ڪندا آهن ته هو سندن
تقليد ڪندا حالانڪه سندس دعويٰ ۽ حاڪميت جي ڪري
خيال جي تاثير واري جادوئي ڪيفيت بلڪل ضايع ٿي
ويندي آهي.
ادب، تاريخ ۽ فنون لطيفه جي تعليم ۽ زندگيءَ جي
فلسفي جي تربيت ۾ استاد ان قابليت کان گهڻو ڪم وٺي
سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته انهن شين ۾ عقلي دليلن جي گنجائش
گهٽ ۽ ذاتي اثر وجهڻ جو موقعو وڌيڪ هوندو آهي.
جڏهن ادب جو استاد ڪنهن سٺي نظم کي پڙهي جهومڻ
لڳندو آهي يا جوش ۽ جذبي سان ڪنهن مستند اديب جي
تعريف ڪندو آهي ته سندس شاگردن جي ادبي ذوق تي ان
جو تمام گهرو اثر پوندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو
شاگرد هيءَ محسوس ڪري ٿو ته استاد ڪنهن خاص تاريخي
شخصيت جو تمام احترام ڪري ٿو ۽ ان جو ذڪر ڪرڻ وقت
سندس انداز بيان، سندس چهري، مطلب ته سندس هر ادا
مان خلوص ۽ عقيدت جو اظهار ٿئي ٿو ته هو پڻ پاڻ
مرادو ان جو احترام ڪرڻ لڳي ٿو. درسي تعليم
کانسواءِ استاد جو سڀ کان اهم ۽ ڏکيو فرض هيءَ آهي
ته پنهنجن شاگردن کي زندگيءَ جي صحيح اصولن ۽ قدرن
کان واقف ڪري. اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ زباني تعليم ۽
تلقين کي تمام گهٽ دخل آهي. نفسي زندگيءَ جي تشڪيل
۽ زندگيءَ جي فلسفي جي تربيت ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر
عملي مثالن جو هوندو آهي، پوءِ اهي گذريل دؤر جي
هستين جا هجن جن کان شاگرد ادب ۽ تاريخ جي ذريعي
روشناس ٿيندو آهي يا سندس پنهنجن بزرگن ۽ استادن ۽
موجوده دور جي وڏين وڏين شخصيتن جا زنده مثال هجن
جن سان کيس سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح واسطو پوندو
آهي. اهو استاد جنهن کي اخلاقي اصولن ۽ قدرن تي
پڪو ايمان آهي. جيڪو ان ايمان جو رڳو زباني اقرار
نٿو ڪري، بلڪه پنهنجي هر ننڍي کان ننڍي ڪم ۾ ۽ هر
ڳالهه ۽ هر خيال ۾ ان جو عملي اظهار ڪري ٿو، جنهن
جون عادتون ڏيکاءُ ۽ مصنوعيت کان پاڪ آهن، جيڪو هر
ڪم محنت ۽ ديانتداريءَ سان ڪندو آهي، جيڪو هر وقت
ٻين سان همدرديءَ ۽ سندن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي،
اهڙو استاد غير محسوس طريقي سان پنهنجي زنده مثال
ذريعي شاگردن کي هڪ بهتر ۽ زندگيءَ جي مٿانهين
معيار کان واقف ڪري ٿو ۽ سندن خراب عادتون ۽ گهٽ
درجي وارا لاڙا ختم ڪي کين هڪ مٿانهين اخلاقي
ڪردار جو مالڪ بڻائي ڇڏي ٿو. |