سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :12

اسڪول: اخلاقي تربيت جو گهوارو

هاڻي اسان ان سموري تفصيلي بحث جي نتيجن تي هڪ مٿاڇري نظر وجهي هي ڏسي سگهون ٿا ته اخلاقي تربيت لاءِ اسان وٽ ڪهڙا ذريعا آهن ۽ انهن سڀني کي استعمال ڪري اسان ڪهڙا مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته اسڪول کي اخلاقي تربيت جو گهوارو بڻايون. ان لاءِ هي ضروري آهي ته اسان انهن سمورن عنصرن جي نئين سر جوڙجڪ ڪريون. اهي ڪهڙا ڪهڙا عنصر آهن؟ پهريون اسڪول جي روزاني زندگي هڪ سماجي اداري جي حيثيت ۾، ٻيون شاگردن جي ڪم ڪرڻ ۽ مطالعو ڪرڻ ۽ استادن جي تعليم ڏيڻ جا طريقا، ٽيون تعليمي نصاب، چوٿون اسڪول جو ضبط ۽ تنبيهه جو نظام ۽ ان جو عام ماحول، پنجون استادن جي جماعت. اسان انهن سڀني کان اهڙيءَ ريت ڪم وٺڻ گهرون ٿا، جو شاگردن ۾ سماجي ۽ عمراني معاملن جي سمجهه، انهن کي حل ڪرڻ جي قابليت ۽ عمراني ۽ اخلاقي مقصدن سان دلي لڳاءُ پيدا ٿئي. اسان جيڪو نقطه نظر مٿي پيش ڪيو آهي ان مطابق اسڪول کي هڪ حقيقي اخلاقي ماحول بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي معاشرتي جماعت ۾ بدلايو وڃي جنهن ۾ انهن ئي اصولن جي ڪارفرمائي هجي ۽ عمل جا اهي ئي طريقا مروج هجن جيڪي بهترين انساني معاشرن ۾ ملن ٿا. ان قسم جا عملي محرڪ مهيا ڪيا وڃن جيڪي بهترين انساني ڪمن جا ڪارڻ بڻيا آهن. يعني تجسس ۽ تعمير جو شوق، خدمت جو جذبو، شخصيت جي تڪميل ۽ خوديءَ جي اظهار جي خواهش وغيره ان لاءِ اهو پڻ ضروري آهي ته نصاب جي مضمونن جي ترتيب ۽ انهن جي چونڊ ان لحاظ کان ڪئي وڃي جو شاگردن کي ان ماحول جي ڀرپور ڄاڻ ملي جنهن ۾ کين پنهنجي زندگي بسر ڪرڻي آهي ۽ پنهنجا فرض ادا ڪرڻا آهن. ان نصاب جي تعليم ۾ يعني ان سموري علمي مواد کي ڪتابن ۽ استادن جي دماغ مان ڪڍي شاگردن جي ذاتي تجربي ۽ علم جو حقيقي جزو بنائڻ لاءِ اهڙا طريقا اختيار ڪرڻ کپن جو شاگردن کي عمل ۽ سرگرميءَ جو موقعو ملي، سندن تعمير ۽ تخليق ۽ خدمت ۽ خوديءَ جي اظهار جي لاڙن جي تسڪين ٿئي، کين گڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ جي عادت پوي ۽ هو خود اعتماديءَ ۽ ذميداريءَ جي احساس سان علم حاصل ڪن ۽ ان کان ڪم وٺڻ سکن. انهن وصفن ۽ عادتن کي آئيندي جي معاشرتي زندگيءَ ۾ ڪارائتو بنائڻ لاءِ اسڪول جي انتظام ۽ ضبط ۽ تنبيهه جي نظام ۾ پڻ ان جي اجتماعي روح جو اظهار ٿيڻ گهرجي. يعني شاگردن کي موقعو ڏيڻ گهرجي ته هو پاڻ پنهنجن مشغلن جي تنظيم ڪن، پنهنجن معاشرتي معاملن جو نبيرو ڪن ۽ انهن کي سهڻي طريقي سان هلائن، پاڻ قانون ٺاهن ۽ جماعتي اثر ۽ تنبيهه جي ذريعي انهن جي پابندي ڪرائين. مطلب هيءَ آهي ته اسڪول جي درسي ۽ معاشرتي مشغلن جي ترتيب ۽ معاشرتي معاملن جي جوڙجڪ ۾ پڻ انهن وصفن کان ڪم وٺي سگهن، جيڪي تحرڪ، انقلاب ۽ جمهوريت جي هن دور ۾ انفرادي ۽ اجتماعي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي. تعليم ۾ اهو عظيم انقلاب آڻڻ استادن جو ڪم آهي جيڪي هڪ طرف انهن سمورن وسيلن کي استعمال ڪري شاگردن لاءِ هڪ اخلاقي ماحول ۽ اخلاقي عمل جا محرڪ مهيا ڪندا آهن ۽ ٻئي پاسي پنهنجي شخصيت جي اثر سان انهن ۾ سڌو سنئون اخلاقي عادتن، اخلاقي اصولن ۽ قانونن جو احترام پيدا ڪندا آهن. ننڍا ٻار ۽ نوجوان سندن مثال جي تقليد ڪندا آهن ۽ همدرديءَ ۽ خيال جي اثر اندازيءَ وارين نفسي ڪيفيتن ذريعي سندن چرپر ۽ سندن جذبن ۽ خيالن کي پنهنجو بنائيندا آهن، ۽ ان ريت آهستي آهستي غير محسوس طريقي سان منجهن ان زندگيءَ جي فلسفي ۽ عمل جي معيار جي روشني پيهي ويندي آهي جيڪو استادن جي شخصيت ۾ ڪارفرما آهي. شرط هيءَ آهي ته استاد ان پيشي کي مجبوريءَ ۽ بددليءَ سان رڳو روزي ڪمائڻ جي خيال کان اختيار نه ڪيو هجي بلڪه هو پاڻ کي سماج جو اخلاقي نمائندو ۽ بهترين اخلاقي قدرن جو حامل سمجهي ۽ انهن (اخلاقي قدرن) کي شاگردن تائين منتقل ڪرڻ کي پنهنجي عهدي جو فرض سمجهي.


 

 

باب ستون

غير معمولي ٻار

 

 

تدريس

۽ ٻارن

جون ذهانتون

ٻارن ۾ انفرادي فرق هجڻ هڪ فطري عمل آهي. هر ٻارُ توڙي ٻڍو جسماني، جذباتي، معاشرتي ۽ ذهني لحاظ کان هڪ ٻئي کان مختلف آهي. ٻه ڀائر؛ ايتري قدر جو جاڙا ڀيڻ – ڀاءُ به هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف ٿين ٿا؛ پر جڏهن اهي فرق گهڻو چٽا ۽ واضح هوندا آهن؛ ته اهڙن ٻارن کي فوراً سڃاڻي وٺبو آهي. اهي ٻار ٻين شاگردن کان جسماني، جذباتي، معاشرتي يا ذهني لحاظ کان ايترا ته مختلف هوندا آهن؛ جو کين عام شاگردن سان گڏ تعليم ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.

غير معمولي ٻارن جي امتيازي خصوصيت، خوبي به ٿي سگهي ٿي ۽ خامي پڻ، يعني اهڙا ٻار ذهين ٿي سگهن ٿا، يا وري ڏَڏَ. ان خوبيءَ ۽ خاميءَ جي بنياد تي اهي ٻار، ماڻهن، شين ۽ ماحول سان صحيح مطابقت نه رکي سگهندا آهن؛ تنهن ڪري کين خصوصي تعليم ۽ تربيت جي ضرورت پيش اچي ٿي ته جيئن کين پنهنجي ذات لاءِ صحيح مطابقت جي لائق بنائي سگهجي.

 

غير معمولي ٻارن ۾ ذهين ٻار، ڪم – عقل ٻار، معذور ٻار، پريشان ٻار اچي وڃن ٿا.

ذهين ٻار

انفرادي خاصيتن / گڻن جي لحاظ کان ذهين ٻارن کي خاص اهميت حاصل آهي. اهڙن ٻارن کي خاص توجهه ڏئي خصوصي تعليم نه ڏني ويندي ته ذهانتن جو زيان ٿيندو. اهڙا ٻار قومن جو قيمتي سرمايو ٿيندا آهن ۽ انهن کي پنهنجي آئنده زندگيءَ ۾ قومي تعمير ۾ هڪ غير معمولي ڪردار ادا ڪرڻو هوندو آهي، ان ڪري وڏي حڪمت عمليءَ سان انهن جي ذهني سطح پٽاندر کين تدريسي موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن. ذهين ٻارن جون ڪيتريون ئي وصفون بيان ڪيون ويون آهن.

ٽرمن مطابق: ”ذهين ٻارن جي I.Q جي سطح 140 کان به وڌيڪ هوندي آهي ۽ کين خصوصي تعليم جي ضرورت هوندي آهي.“ والٽر جي خيال مطابق: ”ذهين ٻار پنهنجي دلچسپين وارن موضوعن جو ايتريقدر فهم رکندا آهن، جو سندن والدين به حيرت ۾ پئجي ويندا آهن.“ پال وٽي مطابق: ”ذهين ٻار اهو ئي آهي، جنهن جي ڪارڪردگي انساني زندگيءَ جي فائديمند هئڻ جي لحاظ کان تمام گهڻو قابل قدر هوندي آهي.“

ذهين ٻارن جي جن خاصيتن جي بنياد تي سڃاڻپ ڪئي وڃي ٿي ان ۾ سکڻ جي صلاحيت تيز هئڻ، بي پناهه دلچسپين، غير معمولي حافظي جو مالڪ هئڻ، مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي نمايان صلاحيت، ماحول سان مطابقت رکڻ جي اعليٰ صلاحيت، رٿابنديءَ ۽ نظم ۽ ضبط جي سلسلي ۾ تيز ۽ جذباتي لحاظ کان وڌيڪ مستقل مزاج هوندو آهي. هو پنهنجو پاڻ تي تنقيد ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي. کيس جيڪڏهن موقعو ڏنو وڃي ته تخليقي ۽ ايجاد ڪرڻ جي قوت سان گڏوگڏ حاضر جوابي ۽ تجسس جو اظهار پڻ ڪندو آهي، سندس ذهن ذرخيز هوندو آهي.

اسان جي قوم کي پڻ اهڙي قسم جي انساني خزاني جي ضرورت آهي. ان لاءِ ضروري آهي، ته اهڙن ذهين ٻارن جي سڃاڻپ ڪري، خصوصي تعليمي پروگرام ترتيب ڏيئي، سندن تربيت ڪئي وڃي ته جيئن اهي مناسب تعليم جي ذريعي ملڪ جي رهنمائيءَ لاءِ تيار ٿي سگهن. هڪ اندازي مطابق، اسان جي آباديءَ ۾ ذهين ٻارن جو تعداد ٻه في سيڪڙو کان ٽي في سيڪڙو آهي.

ذهين ٻارن لاءِ تعليمي پروگرام

اسان جي ملڪ ۾ ذهين ٻارن کي تعليم، نفسياتي بنيادن تي نه ٿي ڏني وڃي، جڏهن ته اعليٰ ذهانت وارن ٻارن کي خاص توجهه ۽ تعليم جي ضرورت هوندي آهي، ته جيئن انهن ۾ احساس محرومي ۽ بي دلي پيدا نه ٿئي ۽ هو معاشري لاءِ فائديمند ثابت ٿين. ذهين ٻار پنهنجي ذهانت جي آڌار تي عام تعليمي نصاب کي هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ سکي وٺي ٿو. ان ڪري انهن ۾ احساس محرومي يا بوريت پيدا ٿيڻ کان بچڻ لاءِ اهو طريقو آهي ته ان کي هڪ ڪلاس جي نصاب تي عبور حاصل ٿيڻ بعد، ان ئي سال مٿئين ڪلاس ۾ ترقي ڏني وڃي. اهڙيءَ ريت ذهين ٻارن جي تعليمي دلچسپيءَ کي برقرار رکي سگهجي ٿو. پر هيءَ ڳالهه ذهن نشين هئڻ گهرجي ته ذهين ٻارن جي سال ۾ هڪ ڀيرو ترقي ته قابل قبول آهي، پر هڪ سال ۾ ٻه – ٻه يا ٽي – ٽي ڀيرا ترقي ڏيئي مٿين ڪلاسن ۾ موڪلڻ انهن لاءِ صحيح ثابت نه ٿيندو، ڇو ته اهڙيءَ ريت اهي ٻار اهڙن شاگردن جي ڪلاس ۾ پهچي ويندا آهن، جيڪي جسماني ۽ معاشرتي لحاظ کان کانئن گهڻو اڳتي هوندا آهن، جنهن ڪري انهن آڏو ڪيترائي مسئلا پيش اچي سگهن ٿا.

اهڙي طرح ذهين ٻارن جو تعليمي نصاب عام شاگردن جي نصاب کان مواد ۾ وڌيڪ هئڻ گهرجي. ان ۾ ڪي قدر ڏکئي معلومات به شامل هجي ته جيئن سندن توجهه ۽ دلچسپي برقرار رهي. انهن جي نصاب ۾ تهذيب ۽ تمدن جو اڀياس، سوانح حيات جو اڀياس، جديد زبانن جو اڀياس ۽ خصوصي قابليتن ۾ تربيت جهڙا عنصر شامل ڪيل هجن. ان سلسلي ۾ بهترين طريقو اهو آهي ته ذهين ٻارن کي، عام ٻارن سان گڏ تعليم ڏني وڃي، پر کين الڳ ڪجهه وڌيڪ وقت به ڏنو وڃي. اهڙي طرح ذهين ٻارن کي وڌ ۾ وڌ هم – نصابي مشغلن ۾ حصي وٺڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي مخصوص ضرورتن، لاڙن ۽ دلچسپين جي آبياري ٿيندي رهي.

هينئر خانگي شعبي ۾ ڪيمبرج سسٽم هيٺ ذهين شاگردن جي لاءِ تعليم جا بهتر موقعا ته موجود آهن پر رياستي طور تي اسان وٽ اهڙن استادن جي سخت اڻاٺ آهي، جيڪي ذهين ٻارن کي تعليم ڏيئي سگهن. ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ خصوصي تعليم جي بندوبست لاءِ هوشيار ۽ تربيت يافته استادن کان سواءِ امدادي سامان، فرنيچر ۽ مالي وسيلن جي ضرورت پوي ٿي.

ڪم – عقل ٻار

ڪم – عقل ٻار اهڙن ٻارن کي سڏيو وڃي ٿو، جن جي ذهانت ايتري گهٽ هوندي آهي، جو هو عام اسڪول واري تعليم مان صحيح لاڀ حاصل ڪري نه سگهندا آهن. اها ذهني معذوري ٻار جي نشونمائي دؤر ۾ جنم وٺندي آهي ۽ سندن ڪردار ۾ خرابي پيدا ڪري ڇڏيندي آهي.

ڪم – عقل ٻارن ۾ وري (الف) بي وقوف/ بي سمجهه (ب) گهٽ سمجهه وارا ٻار ۽ (ج) نارمل کان ڪجهه گهٽ عقل ٻار شامل آهن.

ڪم – عقل ٻارن جي سڃاڻپ هنن خاصيتن جي بنياد تي ڪري سگهجي ٿي ته انهن ٻارن جي نشوونما سست هوندي آهي. اُهي تدريسي سرگرمين ۾ پنهنجي ساٿين کان گهڻو پٺتي رهجي وڃن ٿا. انهن کي والدين مٿئين سبب ڪري هڪ يا ٻه سال دير سان اسڪول موڪليندا آهن ۽ کين اسڪول لاءِ ڪا ڪشش نه هوندي آهي، ان ڪري اهي قدم قدم تي ناڪامين جو شڪار ٿيندا آهن. هم – ڪلاسي ساڻن مذاق ڪندا آهن ۽ اڪثر خاموشي پسند هوندا آهن. اسڪول کان گسائڻ يا ڀڄي وڃڻ به سندن معمول هوندو آهي. ساڳئي وقت انهن ۾ حد درجي جو حساس پڻو، توجهه، ضبط ۽ تحمل ۾ ڪمي، گفتگو جي گهٽ صلاحيت ۽ فڪري صلاحيت جي کوٽ هوندي آهي.

ٻارن ۾ ڪم عقليءَ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جن ۾ موروثي، جسماني ۽ جذباتي سبب شامل آهن.

ڪم – عقلي ڪڏهن ڪڏهن موروثي ٿيندي آهي، يعني ڪم – عقل والدين جو اولاد به ڪم – عقل ٿي سگهندو آهي. والده جي حمل دوران بيماري يا پريشاني، پيدا ٿيڻ بعد ٻار جي ذهني صلاحيتن تي منفي اثر وجهي سگهندي آهي. نشي جي عادي يا ڏوهاري قسم جي ماڻهن جا ٻار به ڪم – عقل ٿي سگهن ٿا.

جسماني طور معذور يا جسماني نقصن ۽ بيمارين سبب ٻارن ۾ ڪم – عقليءَ جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. غير متوازن غذا جو هجڻ به ڪم – عقليءَ جو سبب ٿي سگهي ٿو.

پريشانين ۾ مبتلا ٻار ڪم – عقل هوندا آهن. اهڙا گهر جتي والدين ۾ جذباتي ڇڪتاڻ هوندي آهي. اهي پاڻ ۾ جهيڙا جهڳڙا ڪندا رهندا آهن، طلاق يا عليحدگيءَ جي نوبت اچي ويندي آهي يا وري اهڙا گهر جتي والدين پاران اولاد کي مناسب پيار ۽ محبت، ڪن مجبورين يا مصروفيتن سبب نه ملي سگهندي آهي، اتي به ڪم – عقل ٻار ڏٺا وڃن ٿا.

نفسيات جي ماهرن جو خيال آهي، ته معاشرتي ۽ اقتصادي حالتون به ٻارن ۾ ڪم – عقلي پيدا ڪري سگهن ٿيون. عام طور تي ڪم – عقل ٻارن جو تعلق اهڙن گهرن سان هوندو آهي، جتي غربت، بُک يا جذباتي ڇڪتاڻ هوندي آهي. اهڙيءَ طرح حادثا به ٻار جي دماغ تي اثر انداز ٿيندا آهن، جنهن ڪري اهو ڪم – عقل ٿي سگهي ٿو.

ڪم – عقل ٻارن لاءِ معالجاتي پروگرام

اهي ٻار اڪثر موروثي ۽ پيدائشي طور تي موڳا هوندا آهن، ان ڪري سندن علاج ممڪن نه آهي. انهن جي فقط سندن ذهني سطح مطابق مدد ڪري سگهجي ٿي. ڪم – عقل ٻارن کي، عام ٻارن سان گڏ تعليم ڏيڻ ڪنهن به ريت ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪلاس جي ٻين شاگردن سان گڏ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ٿا هلي سگهن. جڏهن ته عام نصاب به انهن جي ذهني صلاحيتن کان مٿانهون هوندو آهي، جنهن ڪري منجهن تعليم کان نفرت ۽ بيزاري پيدا ٿي سگهي ٿي. ان ڏس ۾ والدين کي گهرجي ته اهڙن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان اڳ روزانو ٿوري تعليم ۽ تربيت ڏين ته جيئن اهي اسڪول جي تعليمي پروگرام کان ڪي قدر فائدو وٺي سگهن. گهر ۽ اسڪول ۾ سندن ذهانت مطابق تعليمي سرگرميون مهيا ڪيون وڃن.

انهن لاءِ ڇاڪاڻ ته الڳ درسگاهن جو مالي مشڪلاتن سبب بندوبست نه ٿو ڪري سگهجي، ان ڪري انهن جي الڳ گروهه بندي (Classification) ڪرڻ گهرجي، ڪلاس مان ڪم – عقل ٻارن جو هڪ الڳ گروهه (Group) ٺاهي ڇڏڻ گهرجي، کين پڙهائڻ لاءِ همدرد، شفيق ۽ تربيت يافته استاد مقرر ڪرڻ گهرجن. ڪي ماهر ان قسم جي گروهه بنديءَ جا مخالف به آهن: ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان انهن ۾ گهٽ درجي جو احساس پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ خاص طور تي اهي رلي ملي سکڻ واري ماحول مان لاڀ حاصل نه ڪري سگهندا آهن. تنهنڪري ان قسم جي ٻارن لاءِ نصاب عام نصاب کان ڪي قدر آسان هئڻ گهرجي ۽ معلومات به دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيل هجي. اهو خصوصي نصاب سندن ذهني سطح مطابق هجي، انهن لاءِ سولي ۽ مناسب فني تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن ڪو هنر سکي، پنهنجي پيرن تي بيهي سگهڻ جي قابل ٿين.

اهڙا ٻار استاد جي لاءِ هڪ وڏي آزمائش آهن ڇاڪاڻ جو اهي شاگرد پيار، محبت ۽ ذاتي توجهه جا گهرجائو هوندا آهن ۽ نهايت ئي نرم مزاج ۽ شفيق استاد جا طلبگار هوندا آهن. انهن کي سادن ۽ عام فهم طريقن سان پڙهايو وڃي ۽ مواد کي مختلف طريقن سان بار بار پيش ڪيو وڃي.

انهن لاءِ توجه جي گهرجائو هيءَ ڳالهه به هوندي آهي ته ان قسم جا شاگرد جيئن ته جذباتي ڇڪتاڻ ۾ وڪوڙيل هوندا آهن، ان ڪري سندن جذبات کي گهٽ ڪرڻ ۽ معاشرتي مهارتن کي وڌائڻ لاءِ راندروند ۽ ٻين  مشغلن ذريعي تعليمي معاملن ڏانهن مائل ڪيو وڃي. شاگرد اهڙين سرگرمين ۾ استاد جي موجودگيءَ ۾ حصو وٺن ته جيئن استاد سندن مناسب رهنمائي ڪرڻ لاءِ موجود هجي. ان قسم جا ٻار عام طور تي والدين ۽ استادن جي ڪاوڙ جي وَرِ چڙهي ويندا آهن. ان اڻ سونهندڙ رويي سبب انهن جي پريشانين ۾ واڌارو ٿيندو آهي. انهن کي سولا ڪم ڏيئي، سندن سٺي ڪارڪردگيءَ تي تعريف ڪرڻ گهرجي. مارَڪُٽ کان پاسو ڪيو وڃي.

ان قسم جا ذهني معذور ٻار جذباتي طور تي عدم توازن جو شڪار ٿيل هوندا آهن. اڪثر ڪري سنگتي – ساٿي انهن تي ٽوڪ ڪندا آهن ۽ مذاق ڪندا آهن يا وري نفرت ڪندا آهن، ان ڪري سندن جذباتي زندگيءَ ۾ توازن بحال ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. استادن کي گهرجي ته پاڻ اهڙن شاگردن کي طرح طرح جي نالن سان نه سڏين ۽ نه ئي ٻين شاگردن کي ائين ڪرڻ ڏين.

جڏا يا معذور ٻار

معذور ٻار دراصل غير معمولي ٻار هوندا آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن جسماني نقص يا گهڻن نقصن ۾ مبتلا هئڻ ڪري، جذباتي ۽ معاشرتي مطابقت ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن. اهي نقص موروثي به ٿي سگهن ٿا ته حادثاتي به. اهي ٻار پاڻ کي بدنصيب سمجهندا آهن، بيحد حساس ٿيڻ لڳندا آهن، ان ڪري سندن جسماني ۽ ذهني نشوونما تي خراب اثر پون ٿا. اسان جي ملڪ ۾ معذور ٻارن لاءِ خصوصي ادارا موجود آهن، پر اهي تعداد ۾ گهڻو گهٽ آهن.

پريشان ٻار

عام طور تي هر ٻار ڪنهن نه ڪنهن وقت پريشان نظر ايندو آهي، پر ان کي پريشان ٻار نه ڪوٺبو آهي.پريشان ٻار اهڙا ٻار هوندا آهن، جن ۾ اها نوعيت شديد ۽ گهڻي دير تائين رهندي آهي. عام استاد لاءِ اهو ممڪن نه آهي، ته هو ڪنهن شاگرد جي پريشانيءَ جا سبب معلوم ڪري سگهي. اهو ڪم دراصل نفسيات جي ماهرن جو آهي، استاد لاءِ ضروري آهي، ته هو اهڙن ٻارن جي سڃاڻپ ڪري، ان کان پوءِ ئي سندن سٺي نموني مدد ڪري سگهي ٿو.

جذباتي طور پريشان ٻارن جي سڃاڻپ آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي جو اهي شروع کان وٺي ضدي، ڪاوِڙيل، جهيڙاگر ۽ عادتن کان مجبور هوندا آهن. اهي عام طور تي اسڪول جو نظم ۽ ضبط خراب ڪرڻ ۽ جارحانه ڪردار جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ انهن مان ڪي وري خاموشي پسند، ڪناري ڪشي اختيار ڪندڙ ۽ ڪلاس جي ڪنڊ ۾ ويهي تعليم پرائڻ ۾ وقت گذاريندا آهن.

انهن ٻارن ۾ پريشانين جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. جن مان ڪجهه جسماني بيماريون جهڙوڪ: غدودن (Glands) جي خرابي، غذائي کوٽ، سخت محنت وارا ڪم وغيره آهن. ڪڏهن ڪڏهن ذهني ۽ نفسياتي سبب به ٻار کي پريشان ڪري ڇڏيندا آهن. محرومين ۽ ناپسنديدگيءَ جي صورت ۾ ان جو ردعمل جذبات جي پيداوار جو سبب بڻبو آهي. اهڙي طرح ٻار جي گهر يا آسپاس جو ماحول غير مهذب ۽ گارگند وارو هوندو ته ان جو مٿس خراب اثر پوندو آهي.

پريشان ٻارن لاءِ تعليمي پروگرام

انهن ٻارن جو اسڪول ۾ تعداد تمام گهٽ هوندو آهي. انهن کي عام ڪلاس ۾ ٻين شاگردن سان گڏ تعليم پرائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ڪم چور سمجهي، ڇڏي نه ڏنو وڃي پر مٿن ڌيان ڏنو وڃي. انهن جي تعليمي پروگرام ۾ هيٺين اصولن کي نظر ۾ رکيو وڃي. انهن ٻارن کي پڙهائڻ دوران انفرادي توجهه ڏيڻ گهرجي. سبق/ مضمون کي وڌيڪ حصن ۾ ورهائي، کين ياد ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ وقت انعام يا شاباس ڏيڻ ۽ تعريف ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح انهن ٻارن جي ڪردار کي درست ڪرڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون وڃن ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ان قسم جي ٻارن کي اهڙيءَ ريت ڪم سونپيا وڃن، جيئن هو انهن ۾ آسانيءَ سان ڪامياب ٿين. شاگردن کي گروهي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي. خاموشي پسند ۽ ڪم کان پاسو ڪندڙ شاگردن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. انهيءَ ڳالهه تي ڪي به ٻه رايا نٿا ٿي سگهن ته استاد جي توجهه شاگرد لاءِ انعام جي حيثيت رکندي آهي.

پريشان ٻارن لاءِ خصوصي تعليم جي اهميت

اهو اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ان قسم جي ٻارن جو تعداد ڪلاس ۾ ٿورڙو هوندو آهي. اڪثر ڪري کين سزا ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪري سندن جذباتي مسئلا گهٽ ٿيڻ بدران وڌندا ويندا آهن. علم نفسيات اسان کي پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻ ۽ اهڙن شاگردن جي مدد ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو، ته جيئن اهي ٻيهر نارمل ٿي، پنهنجي صلاحيتن آهر ترقيءَ جي راهه وٺي سگهن. اهڙن شاگردن کي جيڪڏهن نظر انداز ڪيو ويندو ۽ غير نفسياتي سلوڪ اختيار ڪيو ويندو، ته اهي نه صرف پنهنجي ذات لاءِ مسئلو بڻجي ويندا آهن، پر معاشرو به انهن جي اڻ سونهندڙ ڪردار سبب متاثر ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com