هر مضمون کي سائنسي طرح پڙهائڻ جي ضرورت
ساڳيو اصول ٿوري فرق سان ٻين مضمونن تي پڻ لاڳو
ٿئي ٿو. مثال طور جاگرافي – جاگرافيءَ جا جيترا
مسئلا عام طور تي اسڪولن ۾ اهڙيءَ طرح پڙهايا وڃن
ٿا جو هر شيءَ بابت جيتري ڄاڻ ضروري سمجهي ويندي
آهي اها سواءِ ڪنهن ترتيب جي تمام خشڪ ۽ بي مزي
طريقي سان شاگردن آڏو بيان ڪئي ويندي آهي، مثال
طور فلاڻي ملڪ ۾ ڪهڙا پهاڙ آهن، ڪيتريون نديون
آهن، برسات ڪيتري پوندي آهي. شاگردن کان توقع ڪئي
ويندي آهي ته هو ان سموري غير مربوط ۽ ظاهري طرح
بي مقصد معلومات کي ڪنهن به طرح ياد ڪري وٺن. ڀلا
ٻڌايو ته يادگيري تي اهڙي وزن رکڻ سان ڪهڙو فائدو
ٿي سگهي ٿو؟ فرض ڪيو ته شاگرد کي پنهنجي آئندي جي
زندگيءَ ۾ ڪنهن موقعي تي ڪنهن جاگرافيءَ سان
لاڳاپيل ڳالهه معلوم ڪرڻ جي ضرورت پوي، مثال طور
هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سفر ڪرڻ يا ڪنهن پهاڙ ڏسڻ ۽ ان
جو سير ڪرڻ گهري ٿو ۽ ان بابت کيس معلومات گهرجي.
اهڙي موقعي تي هو ان سرسري ڄاڻ مان ڪو فائدو نٿو
وٺي سگهي، جيڪا هن جاگرافيءَ جي سبقن يا ڪتابن مان
حاصل ڪئي هئي. ضرورت وقت هو هر قسم جي ڄان ڪتابن ۽
نقشن مان حاصل ڪري سگهي ٿو، بشرطيڪه ان ۾ ايتري
صلاحيت آهي ته پنهنجي فائدي واري ڄاڻ ڪتابن مان
ڪڍي سگهي. پوءِ اهڙن واقعن ۽ معلومات کي حافظي ۾
ڀري رکڻ مان ڪهڙو فائدو جن مان نه ڪا ذهني تربيت
ٿئي ۽ نه ان جي بذات خود ڪا خاص اهميت هجي؟
تنهنڪري جاگرافيءَ جي تعليم ۾ پڻ اسان کي اهو ئي
اصول اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪو اسان ٻين تعليمي مشغلن
لاءِ ضروري قرار ڏنو آهي يعني اسڪول ۾ ٻارن آڏو
مختلف قسم جا جاگرافيائي مسئلا پيش ڪيا وڃن جيڪي
انهن جي پنهنجي مشاهدي ۾ آيا هجن ۽ انهن جي ماحول
سان لاڳاپيل هجن ۽ جن جي حل ڪرڻ ۾ کين فطري طور تي
دلچسپي هجي. ان ڪري ٻارن کي پنهنجي ماحول جو وڌيڪ
غور سان مشاهدو ڪرڻو پوندو، کين مختلف قسم جي ڄاڻ
مهيا ڪرڻي ۽ ان جي ترتيب ۽ تنظيم ڪرڻي پوندي جيڪا
ذهني تربيت جو بهترين وسيلو آهي. کين هن مضمون ۾
سولائي سان دلچسپي پيدا ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته
انساني جاگرافيءَ جي سموري ڄاڻ هڪ اهڙي موضوع تحت
آڻي سگهجي ٿي جيڪو ٻارن لاءِ فطري طور دلچسپ آهي،
يعني ته ”انسان ۽ ان جي زندگي ۽ مشغلا“. اهو مربوط
۽ دلچسپ موضوع ٻارن جي سموري جاگرافيءَ واري اڀياس
جو مرڪز بڻجي ويندو ته سندن ڇڙوڇڙ ڄاڻ ۾ ربط ۽ نظم
پيدا ٿيندو ۽ هو ان جي مقصد ۽ مفهوم کي سمجهي
سگهندا. هر سمجهدار استاد کي کپي ته هو شاگردن کي
متفرق ۽ بي ترتيب ڳالهين ٻڌائڻ ۽ ياد ڪرائڻ بدران
انهن آڏو اهڙا دلچسپ مسئلا پيش ڪري، مثال طور
ٻڌايو ته آفريڪي رڻ پٽ جا ماڻهو يا سوئزرلينڊ جا
رهاڪو ڪهڙي قسم جي زندگي بسر ڪن ٿا ۽ ان جا ڪهڙا
سبب آهن؟ هاڻي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ وٽن ائٽلس
(نقشو) موجود آهي، جنهن جو مطالعو ڪري ۽ پنهنجي
مشاهدي جي صلاحيت کان ڪم وٺي هو ڪيترائي طبعي
احوال دريافت ڪري سگهن ٿا. مثال طور زمين جي
بناوٽ، جبلن، ندين ۽ بربٽن جي موجود هئڻ يا نه
هئڻ، آبهوا وغيره. گذريل ڄاڻ يا ڪنهن جاگرافيءَ جي
ڪتاب جي مدد سان کين هيءَ معلوم ٿي سگهي ٿو ته ان
آبهوا ۽ اهڙين طبعي حالتن ۾ اتي ڪهڙي قسم جي
پيداوار ٿيندي ۽ ڪهڙا جانور هوندا. ان معلومات جي
بنياد تي هو اتان جي رهاڪن، ڌنڌن ۽ زندگيءَ جي طور
طريقي بابت ٻڌائي سگهن ٿا ۽ استادن جي رهنمائي
ڪندڙ سوالن جي مدد سان انهن جو ڌيان اهڙين ڳالهين
ڏانهن وڃي سگهي ٿو جيڪي ان معاملي ۾ خاص اهميت رکن
ٿا. انهيءَ قسم جي تعليم سان جنهن ۾ ذاتي مشاهدي ۽
تجربي، صلاح مشوري ۽ ڪتابن مان استفادي جو موقعو
ملندو، کين مختلف انساني مسئلن ۽ قدرتي نظارن جو
پاڻ ۾ تعلق سمجهڻ ۾ مدد ملندي، سندن غور ۽ فڪر جي
صلاحيت ۽ نتيجن اخذ ڪرڻ جي قابليت جي نشونما ٿيندي
۽ هو جاگرافيءَ جي مطالعي سان عام ذهني تربيت حاصل
ڪندا جيڪا سندن زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي موقعن تي
لاڀائتي ثابت ٿيندي. هيءَ تعليمي اصول (جنهن جي
وضاحت اسان هڪ معمولي مثال ذريعي ڪئي آهي)
جاگرافيءَ جي ڪيترن ئي بحثن تي لاڳو ٿي سگهي ٿو.
ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اسان تاريخ تي هڪ درسي مضمون جي
حيثيت ۾ نظر وجهون ته ان ۾ به سڌاري ۽ تبديليءَ جي
گهڻي گنجائش نظر اچي ٿي. ان جي مطالعي جي هڪ صورت
ته هيءَ آهي جيڪا اسان جي اڪثر اسڪولن ۾ ملي ٿي
جنهن ۾ شاگردن کي ڪجهه ضروري ۽ غير ضروري نالن،
سنن ۽ تاريخي واقعن جي يادگيري کانسواءِ ٻيو ڪجهه
به حاصل نٿو ٿئي. اهڙي مطالعي جي حيثيت (جيڪڏهن ان
لاءِ ”مطالعي“ جهڙو مانائتو لفظ استعمال ڪرڻ جائز
هجي) بلڪل اها ئي آهي جيڪا ٻين ڪيترن ئي نقشن (Impressions)
جي، جن سان انسان جا ڪجهه حواس متاثر ٿيندا آهن،
پر سندس دماغ يا سندس زندگيءَ تي ڪو خاص اثر نه
پوندو آهي. فرض ڪريو ته هڪ اڻ ڄاڻ ۽ نا تجربيڪار
ماڻهو ڪنهن ٻئي ملڪ جي تمام وڏي واپاري مرڪز ۾ وڃي
ٿو، جتان جي ٻولي هو نٿو ڄاڻي ۽ هو ڪيترائي اوپرا
آواز ٻڌي ٿو ۽ اوپرن ماڻهن، غير مانوس شين ۽
ڪاروبار کي ڏسي ٿو، مٿس انهن تجربن جو ڪهڙو اثر
پوندو؟ اهي سڀ آواز ۽ نظارا رڳو سندس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي
صلاحيتن کي متاثر ڪن ٿا ۽ بس. جيڪڏهن هو انهن جي
باهمي تعلق ۽ مفهوم کان واقف ناهي، جيڪڏهن هو ان
ڳانڍاپي پيدا ڪندڙ مقصد کي نٿو سمجهي ته اهي سمورا
متفرق اثر نه سندس علم ۾ واڌارو آڻي سگهن ٿا، نه
سندس عمل ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهن ٿا. سندس ذهن غير
عملي طريقي سان انهن اثرن کي قبول ڪندو آهي پر
انهن جو ادراڪ نه ڪري سگهندو آهي. هو ان اڻ ڄاڻ
شاگرد وانگر آهي جنهن کي سواءِ ڪنهن ذهني تياريءَ،
ذاتي تجربي ۽ مشاهدي جي، تاريخ جي بي ڪنار سمنڊ ۾
ڇڏيو وڃي ته هو ان جو لهرون ڳڻيندو رهي جن جو نه
هو باهمي تعلق سمجهي سگهي ٿو ۽ نه پنهنجي زندگيءَ
سان انهن جي لاڳاپي کي سمجهي سگهي ٿو. جڏهن تاريخ
جا واقعا بي ربط ۽ بي جان معلومات جي حيثيت سان
شاگرد آڏو پيش ڪيا ويندا آهن جن کي ڪنهن ٻاهرين
دٻاءَ يا اثر سبب پنهنجي حافظي ۾ محفوظ رکڻو آهي
ته تاريخ جو مطالعو نه سندس تجربي کي ڪشادو بڻائي
سگهي ٿو ۽ نه معنيٰ خيز. هو ماضيءَ جي ارتقائي
سلسلي جو تصور نٿو ڪري سگهي ۽ نه هيءُ محسوس ڪري
سگهي ٿو ته اڄ جيڪو ڪجهه آهي اهو گذريل دؤر جي
ماڻهن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. منجهس حال جي
قوتن ۽ تحريڪن کان مستقبل لاءِ ڪم وٺڻ جي صلاحيت
پيدا نه ٿيندي آهي. سندس روز مره جي زندگي ۽ ڪمن
ڪارين جو سلسلو هڪ سطح تي جاري رهندو آهي. ۽ ٻي
سطح تي هو ڪيترين ئي اهڙين ڳالهين بابت ڄاڻ حاصل
ڪندو آهي جيڪي سندس ذاتي تجربن جي دنيا کان
ڏورانهيون ۽ اڻ لاڳاپيل آهن. مثال طور اڄ کان
ڪيترائي هزار سال اڳ اشوڪ اعظم هندستان جو هڪ
شهنشاهه هيو جنهن هڪ خوني جنگ کانپوءِ امن پسندي
اختيار ڪئي هئي، يا علاءُ الدين دکن جي تمام وڏي
حصي کي فتح ڪيو. ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ زندگيءَ
جي انهن ٻنهي سطحن جي وچ ۾ ڪو نتيجه خيز رابطو
قائم نٿو ٿي سگهي، يعني تاريخ جي مطالعي سان
شاگردن جي ذاتي تجربن جي معنويت ۽ اهميت ۾ ڪو
واڌارو ڪونه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته پهريائين ته موضوعن
جي چونڊ تمام فضول ۽ اعتراض جوڳي هوندي آهي جنهن ۾
سطحي، نمائشي ۽ غير ضروري شين کي اهم تمدني مسئلن
۽ سماجي معاملن تي ترجيح ڏني ويندي آهي، ٻيو تعليم
جو طريقو اهڙو اختيار ڪيو ويندو آهي جو شاگرد جيڪو
ڪجهه سکندا آهن ان تي پوري ذهني قدرت حاصل نه ڪري
سگهندا آهن. ان سان نه سندن دماغي تربيت ٿيندي آهي
۽ نه هو ان ڄاڻ سان پنهنجي روز مره جي ڪمن ۾ ڪو
فائدو وٺي سگهندا آهن.
تاريخ جو مفيد مطالعو
تاريخ جي مطالعي جي ٻي صورت هيءَ آهي ته اسان ان
کي تمدني، سماجي ۽ سياسي مسئلن کي سمجهڻ جو ذريعو
بڻايون ۽ ان جي مدد سان انسان جي سمجهه واري ملڪي
۽ قابليت ۾ ڪشادگي ۽ گهرائي پيدا ڪريون. جيڪڏهن
انهيءَ مطالعي جي ڪري اسان پنهنجي ذاتي ۽ وقتي
ڪاروبار جي حقيقي ۽ مستقل اهميت ۽ انهن جي ارتقا
جي سلسلي کي سمجهي سگهون ته تاريخ ذهني تربيت جو
سڀ کان وڌيڪ اثرائتو وسيلو بڻجي پوي ٿي. تاريخ جي
تعليم جو اصل مقصد هيءُ آهي ته شاگرد کي خبر پوي
ته سندس روز مره جي ڪمن جو تعلق وسيع تر انساني
ڪمن ڪارين سان ڪهڙو آهي. ۽ جيئن جيئن سندس مطالعو
وسيع ٿيندو وڃي منجهس هيءَ صلاحيت وڌندي وڃي جو
تمدني ڳالهين ۽ مسئلن تي ارتقائي نظر وجهي سگهي ۽
ماضي، حال ۽ مستقبل جي باهمي لاڳاپي ۽ ان جي تشڪيل
۾ انسان جي ڪارفرمائيءَ ۽ ڪردار کي محسوس ڪري.
جيڪڏهن تاريخ جي مقصد جي هيءَ تشريح صحيح آهي ته
ان سان تاريخ جي نصاب ۽ تعليم جي طريقي ٻنهي ۾
ترميم ضروري ٿيو پوي. ان جي عملي تفصيل جو هتي
ضرورت ناهي پر ڪي ڳالهيون بلڪل پڌريون ۽ واضح آهن.
اسڪولن جي نصاب ۾ تاريخ جي سياسي ۽ جنگي پهلوءَ تي
زور ڏيڻ بدران ان جي انساني ۽ تمدني رخ کي نمايان
ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن جنگين جا واقعا ۽ انهن جا
تفصيل اسان لاءِ ڪا اهميت نٿا رکن جيڪي اڄ کان
سوين سال اڳ وڙهيون ويون هيون. اسان جو هينئر فقط
انهن نتيجن سان واسطو آهي جن انسانن جي زندگيءَ ۽
جماعتن جي باهمي لاڳاپن تي اهڙو اثر وڌو جو اسان
جي پنهنجي زندگي پڻ ان کان سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح
متاثر ٿي. اسان جو گهٽ ۾ گهٽ اسڪول جي تعليم ۾
انهن سياسي پيچيدگين ۽ ملڪي ورهاڱن سان گهڻو واسطو
ڪونهي جيڪي مختلف زمانن ۾ ٿيندا رهيا آهن، سواءِ
اهڙي حالت جي جڏهن انهن جي ڪري ملڪي معاشرت ۽ تمدن
۾ اهم تبديليون آيون هجن. تاريخ جي انساني رخ کي
نمايان ڪرڻ مان اسان جو مطلب هيءَ آهي ته نصاب ۾
ڪن خاص شين کي گهڻي اهميت ڏني وڃي مثال طور وڏين
وڏين شخصيتن جي زندگيءَ جي سوانح جو مطالعو فرد جي
حيثيت جي حوالي سان نه، ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان
انهن جو تعلق تاريخ کان وڌيڪ نفسيات جي علم سان
آهي، بلڪه ان حيثيت سان ته اهي تمدني تحريڪن جا
نمائندا آهن ۽ انهن جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن سان انهن
تحريڪن تي گهڻي روشني پوي ٿي. يعني اسان لاءِ انهن
جي انفرادي زندگيءَ جي واقعن سان گڏوگڏ انهن جي
دؤر جي سماجي ۽ تمدني حالتن جو مطالعو ڪرڻ به
ضروري آهي، جيڪي انهن جي خيال ۽ عمل جو محرڪ بڻيون
۽ جن هڪ طرف سندس ذات تي پنهنجو اثر وڌو ۽ ٻئي طرف
(اهي حالتون) سندس ذات کان متاثر ٿيون. ٻيو، ننڍن
ٻارن جي تاريخ جي نصاب ۾ اسان کي شروعاتي دؤر جي
تاريخ جو مطالعو پڻ شامل ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان ۾
انساني زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ مستقل مشغلن
۽ ادارن جي شروعات گهڻي وضاحت سان نظر اچي ٿي ۽
ٻار سمجهي سگهن ٿا ته موجوده تمدن جي پيچيده نظام
جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ان جا بنياد ڪهڙين شين تي
قائم آهن. هي اهو دؤر آهي جڏهن اڪيلو انسان فطرت
جي زبردست بي رحم ۽ بي پناهه قوتن سان ويڙهه ۾ رڌل
آهي. هيءَ صورتحال سندس سرگرمي، عمل جي سگهه ۽
ايجاد جي صلاحيت کي اڪسائيندي آهي ۽ هو قسمين
قسمين هٿيار ۽ وسيلا ايجاد ڪري انهن قوتن کي
هوريان هوريان پنهنجي قبضي ۾ آڻي پنهنجو دوست ۽
خادم بڻائيندو آهي. ان حالت ۾ انسان کي روزي ڪمائڻ
لاءِ شڪار ۽ پوک جي، گرمي، سردي ۽ جانورن وغيره جي
خطرن کان بچاءَ لاءِ گهر ۽ بدن جي حفاظت لاءِ
ڪپڙن، جتين وغيره ٺاهڻ جي ضرورت پوندي آهي ۽
اهڙيءَ ريت انهن سمورن ڌنڌن ۽ مشغلن جي شروعات
ٿيندي آهي جن کي اسان اڄ وڌيڪ مڪمل ۽ ترقي يافته
شڪل ۾ موجوده تمدن جو جزو ڏسون ٿا. انهن سمورن ڪمن
ذريعي انسان کي هي پڻ معلوم ٿيندو اهي ته هو
پنهنجن مقصدن جي پورائي لاءِ سراسر پنهنجي ماحول
جو محتاج آهي ۽ ان جي واسطي کانسواءِ ڪجهه نٿو ڪري
سگهي. مطلب ته ان قديم ۽ شروعاتي انساني تمدن جو
مطالعو ٻارن لاءِ گهڻو لاڀائتو ۽ دلچسپ آهي،
بشرطيڪه ان ۾ عملي طريقن کان ڪم ورتو وڃي جن جي
مختصر تشريح اسان هيٺ ڪنداسين.
ٽئين شيءِ جنهن کي نصاب ۾ نمايان حيثيت ڏيڻ گهرجي
اها صنعت ۽ حرفت ۽ اقتصادي تاريخ آهي. ان مان اسان
جي اها مراد ناهي ته اقتصادي تاريخ هڪ علم جي طور
تي اسڪول جي شاگردن آڏو پيش ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته انهن
۾ اڃا ايتري دماغي پختگي نه آئي آهي جو تاريخ جي
مجرد تصورن کي ذهن نشين ڪري سگهن بلڪه کين اهو
ٻڌائڻ گهرجي ته سندن ابن ڏاڏن ڪهڙيءَ طرح ان مقام
کان شروعات ڪري (جنهن جو حال هو شروعاتي دور جي
تاريخ ۾ پڙهي چڪا آهن) هوريان هوريان صنعت ۽ حرفت
۽ معاشرت جي موجوده نظام کي پنهنجي گڏيل ڪوششن جي
ذريعي تعمير ڪيو آهي ۽ ڪهڙي طرح هن دور ۾ اهي
ماڻهو جيڪي هڪٻئي کان هزارين ميلن جي فاصلي تي رهن
ٿا عمل جي ورهاست ۽ اشتراڪ ذريعي پنهنجي روزي
ڪمائين ۽ دنيا جو ڪارونهوار هلائين ٿا ۽ انسان جي
مجموعي ترقيءَ ۾ صنعت ۽ حرفت جو ڪهڙو حصو آهي.
چوٿين شيءِ جنهن ڏانهن پروفيسر ڊيوي (Dewey)
اسانجو ڌيان ڇڪرايو آهي ۽ جنهن کي سندس خيال ۾
استادن عام طور تي نظرانداز ڪيو آهي اها عملي ۽
عقلي ترقيءَ جي تاريخ آهي. تاريخ جي مطالعي سان
شاگردن ۾ هن ڳالهه جو صحيح احساس پيدا ٿيڻ گهرجي
ته انسان جي ترقيءَ ۾ سندس دماغي جدوجهد ۽ ڪاوش جو
ڪيتري حد تائين دخل آهي ۽ سائنس ۽ ٻين علمن واپاري
ارتقا ۾ ڪهڙيون نمايان خدمتون انجام ڏنيون آهن. هو
لکي ٿو:
”اسان ۾ هي احساس اڃا هينئر پيدا ٿيو آهي ته اهي
وڏا وڏا سورما جن انسانن جي قسمت کي ٺاهيو آهي اهي
سياسي ماهر، فوجي جرنيل ۽ ملڪي ليڊر ناهن بلڪه اهي
علمي محقق ۽ موجد آهن جن جي بدولت انسان جي وس ۾
اهڙا ذريعا اچي ويا آهن جيڪي سندس تجربي کي
ڦهلائين ۽ ان جي تنظيم ڪن ٿا، اهي هنرمند ۽ شاعر
آهن جن سندس جدوجهد ۽ ڪاميابين ۽ ناڪامين جي
افساني کي مصوريءَ جي ذريعي يا مجسمن جي شڪل ۾ يا
لفظن جي روپ ۾ اهڙي من موهيندڙ انداز سان بيان ڪيو
آهي جو ان جو مطلب ۽ مفهوم سڀني ماڻهن جي سمجهه ۾
اچي وڃي ٿو.... انساني دماغ زندگيءَ جي ارتقا ۾
جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان جو صحيح احساس جاڳائڻ
جو ان کان بهتر طريقو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته
تاريخ جي مطالعي سان ٻارن تي هيءَ ڳالهه واضح ٿئي
ته بدويت (تهذيب کان اڳ) جي زماني کان هاڻوڪي تمدن
تائين انسان جيتري قدر به ترقي ڪئي آهي ان جو
دارومدار علمي دريافتن ۽ ايجادن تي آهي ۽ هو سمجهي
وٺن ته ڪيترائي اهڙا واقعا جن کي عام طور تي
تاريخي تصنيفن ۾ اهميت ڏني وئي آهي رڳو ضمني حيثيت
رکن ٿا بلڪه انهن ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون
آهن جن کي عقل جي ذريعي نوائڻو پيو آهي.“
(صفحو – 1254
Dewey: Democracy and Education)
تعليم ڏيڻ ۽ تعليم پرائڻ جو درست طريقو
پر صحيح نصاب جو تعين تيستائين اڻپورو آهي
جيستائين استادن جو تعليم ڏيڻ جو طريقو ۽ شاگردن
جو تعليم پرائڻ جو طريقو درست نه هجي. ڇاڪاڻ ته
اسان جي (جديد) تعليمي نظريي جي روءِ سان نصاب ۽
تعليم جو طريقو ٻئي جدا شيون نه آهن. يعني اسان
ائين نٿا سمجهون ته نصاب پاڻ هڪ مڪمل ۽ مرتب شيءِ
آهي جنهن تي ڪن خارجي طريقن سان شاگردن کي عبور
حاصل ڪرڻو آهي. نصاب جي ترتيب ۽ تنظيم دراصل ان
طريقي تي دارومدار رکي ٿي جنهن جي ذريعي شاگرد ان
جو مطالعو ڪندا آهن يعني هڪ معنيٰ ۾ اهي پنهنجو
نصاب پاڻ ٺاهيندا آهن. مثال طور تاريخ کي وٺو،
ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته تاريخي واقعا شاگردن آڏو
زنده مسئلن ۽ معاملن جي طور تي پيش ڪيا وڃن ۽
جيستائين ممڪن ٿي سگهي هو ان جي تحريڪن کي انهيءَ
نظر سان ڏسن جنهن سان اهي ماڻهو ڏسندا هئا جن جو
ان سان سڌو سنئون واسطو پيو هو. جيتري حد تائين
اسان تاريخ جي بظاهر مئل جسم ۾ روح ڦوڪي سگهنداسين
يعني ماضيءَ جي واقعن جو ربط ۽ تسلسل حال جي مسئلن
سان جوڙي سگهنداسين، اوتري حد تائين تاريخ جي
تعليم ۾ اسان کي خوشي ۽ دلچسپي پيدا ٿيندي. جتي به
ڪن دانائن ۽ باتخيل استادن تاريخ جي تعليم ۾ جان
وڌي آهي انهن سدائين لاءِ ان کي ماضيءَ جي وسريل
افسانن بدران حال جو تفسير بڻائي ڇڏيو آهي ۽
شاگردن کي هي محسوس ڪرايو آهي ته فردن ۽ جماعتن جي
زندگيءَ جا سمورا واقعا هڪٻئي سان لاڳاپيل آهن ۽
سببن ۽ نتيجن جي سلسلي ۾ جڪڙيل آهن. پروفيسر
ڊيويءَ (Dewey)
پنهنجي شڪاگو جي عملي اسڪول جو ڪجهه احوال
Elementry School Record
جي نالي سان شايع ڪيو هو. ان
مان ڪجهه ضروري ٽڪرن ۽ مضمونن کي پروفيسر فنڊلي (Findley)
مرتب ڪري پنهنجي ديباچي سان گڏ
The Child School and
جي عنوان سان شايع ڪيو، ان جي هڪ باب ۾ مصنف تاريخ
جي تعليم جي طريقي ۽ ان جي اصولن کي مختصر طور تي
بيان ڪري ٻڌايو آهي ته انهن ڪيئن پنهنجي اسڪول ۾
انهن تي عمل ڪيو. ان اسڪول جا شاگرد تاريخ جي
اڀياس جي شروعات سياسي تاريخ جي درسي ڪتابن سان نه
ڪندا آهن بلڪه سڀ کان اڳ پنهنجي آسپاس جي سماجي ۽
اقتصادي زندگيءَ جي مشغلن ۽ انسان جي ابتدائي
زندگي يعني پٿر واري دور ۽ وحشين جي رهڻي ڪهڻيءَ
جو مطالعو ڪندا آهن. پنهنجي ويجهي ماحول کي سمجهڻ
لاءِ هو ذاتي مشاهدن، تعليمي سير سفر ۽ عملي تجربن
کان ڪم وٺندا آهن ۽ جيترو کانئن ٿي سگهي اهو ڄاڻڻ
جي ڪوشش ڪندا آهن ته ماڻهو ڪهڙي طرح هڪٻئي جي مدد
ڪندا آهن ۽ پنهنجون ضرورتون مهيا ڪندا آهن. قديم
زندگيءَ جو حالتون معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ طرف ته اهي
پاڻ ان قسم جي زندگي بسر ڪندا آهن ۽ ان قسم جا ڪم
ڪار مثال طور گهر ٺاهڻ، باهه ٻارڻ، ڪپڙا اڻڻ ۽ پوک
وغيره جي تقليد ڪري ان جڳ جي ڪٿا کي پنهنجي آتم
ڪٿا بڻائيندا آهن ۽ ٻئي طرف تصويرن، عجائب خانن جي
نمونن ۽ ڪتابن وغيره جي ذريعي پنهنجي معلومات ۽
تخيل ۾ ڪشادگي ۽ وضاحت پيدا ڪندا آهن، اهڙيءَ طرح
هو پنهنجي موجوده زندگيءَ جي حالتن معلوم ڪرڻ ۾
عملي ۽ فعالي طور تي شامل ٿيندا آهن ۽ تاريخ جي ان
اهم ترين مسئلي کي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي سان حل
ڪندا آهن ته انسان جي صنعت ۽ حرفت ۽ سماجي زندگيءَ
جي تنظيم ڪيئن ٿي ۽ ان پنهنجون سموريون ضرورتون
ڪيئن پوريون ڪيون. انهن ڳالهين کي سکڻ جي ذميداري
گهڻو ڪري شاگردن تي آهي. استاد جو ڪم ان ۾ فقط
ايترو آهي ته هو انهن جي تحقيق ۽ تجسس واري ذوق کي
اڀاريندو رهي ۽ اسڪول ۾ ڪتابن، نقشن ۽ تصويرن
وغيره جي مدد سان ۽ پنهنجي شخصيت جي اثر ۽ نصاب جي
معقول تنظيم جي ذريعي انهن لاءِ هڪ اهڙو ماحول
مهيا ڪري جو انهن ۾ تاريخي ارتقا جو احساس سجاڳ
ٿئي ۽ هو تاريخ جي ان مرڪزي مسئلي ۾ دلچسپي وٺن ته
انساني سوسائٽي ڪهڙيءَ طرح پنهنجي ابتدائي حالت
کان هاڻوڪي حالت تائين پهتي.
ابتدائي تاريخ جي تعليم جو هي نظريو فقط هڪ تعليمي
مفڪر تائين محدود ڪونهي بلڪه ٻين تعليمي ماهرن پڻ
پنهنجي مقامي ۽ ذاتي ضرورتن مطابق ڦيرڦار ڪري ان
طريقي کي استعمال ڪيو آهي. مثال طور ڊاڪٽر فيرير
”عملي اسڪول“ بابت پنهنجي ضخيم تصنيف جي ٽئين جلد
(عملي اسڪول جي عملي تنظيم) ۾ تاريخ جي ابتدائي
تعليم لاءِ جيڪو طريقو تجويز ڪيو آهي، ان ۾ پڻ
ٻارن جي ذاتي مشاهدي ۽ عملي ڪم تي زور ڏنو آهي.
سندس تجويز هيءَ آهي ته ٻارن کي سڀ کان پهريائين
ان موضوع جو مطالعو ڪرڻ گهرجي جيڪو سندن دلچسپيءَ
جو قدرتي مرڪز آهي يعني ”انسان جي زندگيءَ جون
ضرورتون ۽ انهن جو پورائو“. ٻار فطري طور هيءَ
ڳالهه ڄاڻڻ گهرندا آهن ته مختلف دورن ۾ انسانن
پنهنجي اهم ترين ضرورتن يعني لباس، کاڌي ۽ پنهنجي
ذاتي حفاظت وغيره لاءِ ڪهڙو انتظام ڪيو آهي. ان
بابت شاگرد ڄاڻ حاصل ڪندا آهن ۽ انهن کي هڪ خاص
طريقي سان ڪارڊن تي درج ڪندا آهن جنهن (طريقي) جو
نالو مصنف ”زندگي جا سبق“ رکيو آهي. استادن جي
نگرانيءَ ۾ ان سموري معلومات کي مٿئين عنوان تحت
مرتب ڪندا آهن، ان ريت پنهنجي ذاتي ڪوشش ۽ ٻين جي
مدد سان حاصل ٿيل ڄاڻ ۾ نظم ۽ ترتيب قائم ڪرڻ
سکندا آهن ۽ اها ئي ڄاڻ اڳتي هلي تاريخ ۽ انسانيات
جي ٻين شعبن جي پيڙهه جو پٿر بڻجي ويندي آهي. |