جسم ۽ دماغ جي تربيت جو پاڻ ۾ تعلق
اسان تدريس جو جيڪو مفهوم هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي،
ان موجب استاد جو واسطو فقط ٻارن جي دماغي نشونما
سان ناهي بلڪه کين انهن جي پوري شخصيت جي تربيت
ڪرڻي آهي جنهن ۾ جسم، دماغ ۽ روح سڀ شامل آهن
ڇاڪاڻ ته انهن سڀني جو هڪٻئي سان نهايت ويجهو تعلق
آهي بلڪه هيئن چوڻ گهرجي ته انسان جي هستيءَ جا
(جنهن ۾ هيڪڙائي آهي) مختلف رخ يا پهلو آهن. تنهن
ڪري تربيت جو مسئلو هي ناهي ته انسان جي جسم جي
تربيت الڳ ڪئي وڃي، ان جي دماغ جي الڳ ۽ سندس
روحاني تسڪين جا ذريعا الڳ مهيا ڪيا وڃن. اهي ته
ڄڻ ٽي جدا مسئلا بڻجي ويندا. تربيت جو مسئلو هڪ
آهي ۽ ان کي الڳ الڳ حصن ۾ ورهائي نٿو سگهجي. اهو
مسئلو هي آهي ته اسڪول ۽ سماجي دنيا ۾ اهڙا
بندوبست ڪيا وڃن جو هڪ ئي وقت ۾ ٻار جي جسم، دماغ
۽ روح جي تربيت ٿئي يا هيئن چوڻ کپي ته انهن مان
هر شعبو ٻئي جي تربيت ۾ رڪاوٽ پيدا نه ڪري. انهيءَ
ڪري استاد لاءِ جسم ۽ دماغ جي صحيح تعلق کي سمجهڻ
نهايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ هو انساني
تربيت بابت ڪو صحيح تصور يا نظريو قائم نٿو ڪري
سگهي ۽ نه درسي مشغلن جي صحيح تنظيم يا جوڙجڪ ڪري
سگهي ٿو. اسڪولن جي سربراهن ۽ تعليم جي ماهرن ٻنهي
ڪيتري عرصي تائين ان تعلق کي مڃيو ئي ڪونه پئي
بلڪه هو ان غلط فهميءَ ۾ مبتلا رهيا ته جسم هڪ حد
تائين دماغي تربيت جي رستي ۾ رڪاوٽ آهي. ان غلط
فهميءَ جو اثر اسڪول جي تعليم تي تمام خراب پيو.
ان ڪري نه فقط جسماني تربيت جي طرف کان غفلت ڪئي
وئي بلڪه درسي ۽ دماغي تعليم پڻ اڻ پوري ۽ ناڪام
رهي. ڇاڪاڻ ته انهن علم حاصل ڪرڻ کي رڳو هڪ دماغي
۽ ذهني عمل سمجهيو، جنهن جو جسماني عملن سان ڪو
تعلق ناهي. هو ”علم“ کي هڪ خاص منطقي تربيت سان
ڪتابن ۽ سبقن جي شڪل ۾ شاگردن آڏو پيش ڪندا هئا
جيڪي انهن جي خيال ۾ ڪنهن اڻ ڄاتل دماغي عمل ذريعي
ان کي ”حاصل“ ڪندا هئا. حقيقت هيءَ آهي ته جيڪڏهن
هو (شاگرد) ان کي ”حاصل ڪرڻ“ ۾ ڪنهن طرح ڪامياب به
ٿي ويندا هئا ته رڳو ان حد تائين ته هو سموري
معلومات کي هڪ روايتي اثر پذيريءَ جي طريقي تي
پنهنجي حافظي ۾ گڏ ڪري وٺندا هئا. ان حاصلات دوران
کين ڪي حقيقي ”تجربا“ حاصل نه ٿيندا هئا. جيڪي
سندن ڪمن ۽ ڪردار تي مستقل اثر وجهن. هو جسماني
عملن جي اهميت کي نه ڄاڻندا هئا ۽ کين اهو ئي خيال
هيو ته دماغ هڪ مستقل ۽ الڳ شيءِ آهي جيڪا عقل ۽
علم جو گهر آهي ۽ ان جو جسم سان ڪو تعلق ڪونهي، ۽
جسم هڪ مادي شيءِ آهي جيڪا اڪثر علم ۽ معرفت حاصل
ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي. ان خيال جو عملي اظهار
هن ريت ٿيندو آهي ته استاد سدائين شاگردن کي
تنبيهه ڪندا رهندا آهن ته اسڪول ۾ ڪوبه لڙ ۽ گوڙ
نه ڪريو، بلڪه آواز به نه ڪڍو ۽ بلڪل خاموشيءَ ۽
چرپر کانسواءِ ويٺا رهو. ايستائين جو استاد جي شڪل
۾ اکيون وجهي بت وانگر ماٺ ڪري ويهڻ ڌيان ۽
يڪسوئيءَ جي علامت سمجهيو ويندو هو. پر اهو تعليم
جو اصول ٻارن جي جبلي لاڙن جي بلڪل خلاف آهي.
ڇاڪاڻ ته جڏهن ٻار اسڪول ۾ ايندو آهي ته پنهنجو
جسم پاڻ سان ساڻ کڻي ايندو آهي ۽ ان کي ڪم ڪار،
چرپر، شين کي ڀڃڻ ۽ ٺاهڻ جي خواهش هوندي آهي. پر
اسڪولن جي معمول چاهي ٿو ته هو چرپر کانسواءِ
پنهنجي جاءِ تي ويٺو لکندو پڙهندو رهي. تنهنڪري
ٻار جي نفس ۾ هر وقت هڪ ڇڪتاڻ رهندي آهي، سندس
فطرت ۾ عمل جو جوش ۽ خوديءَ جي اظهار جي خواهش
هوندي آهي ۽ استاد ان کي دٻائڻ گهرندا آهن. نتيجو
هي نڪرندو آهي ته ٻار پنهنجي مقرر ڪم ۾ پورو ڌيان
نه ڏيندو آهي. سندس دماغ پريشان ۽ منتشر رهندو آهي
۽ منجهس محو ٿي وڃڻ واري صلاحيت پيدا نه ٿيندي
آهي. هيءَ صورتحال سڀني ٻارن لاءِ هاڃيڪار آهي،
ڇاڪاڻ ته انهن مان جيڪي فطري طور تي وڌيڪ تيز ۽
چالاڪ هوندا آهن اهي اڪثر ڪري ان فطرت مخالف ضابطي
کان گهٻرائجي موقعو ملندي ئي پنهنجي عملي خواهش جو
اظهار اهڙين شرارتن جي صورت ۾ ڪندا آهن جن جو سبب
فرض شناس استادن جي سمجهه ۾ نه ايندو آهي. باقي
اهي ٻار جن جي طبيعت انهن جي ڀيٽ ۾ سڪون پسند ۽
ماٺيڻي هوندي آهي، هو ان جمود ۽ غير عملي ماحول جا
ايترا ته عادي ٿي ويندا آهن جو سندن عملي جوش ۽
جذبو ئي مرجهائجي ويندو آهي ۽ اهي ڪوبه هٿ جو ڪم
يا جسماني فعل اعتماد ۽ خوش اسلوبيءَ سان نه ڪري
سگهندا آهن.
تعليم جو سرچشمو
حقيقت هيءَ آهي ته تعليم جو سرچشمو نه ڪتاب آهي،
نه درسي سبق، نه مرتب ٿيل علم بلڪه اهي ذاتي ۽
عملي تجربا آهن جيڪي اسان پنهنجي زندگيءَ دوران
حاصل ڪندا آهيون، جن ۾ جسم ۽ دماغ ٻنهي جي هڪ ئي
وقت ضرورت هوندي آهي. تجربي مان اسان جي مراد هيءَ
آهي ته ڪو اهڙو ڪم جنهن جو اسان تي ڪو خاص اثر پوي
۽ اسان ان اثر کي قبول ڪريون ۽ ان سبب اسان جي
رويي ۽ عملن ۾ ڪا مٽا سٽا يا تبديلي ٿئي. مثال طور
جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي آڱر ۾ ڪنڊو لڳي پوي ٿو ته کيس
سور محسوس ٿيندو آهي. اهو سور يا تڪليف ڏيندڙ
”تجربو“ سندس علم ۽ عمل ٻنهي کي مستقل طور تي
متاثر ڪندو آهي. اڳتي جڏهن به هو ان قسم جا ڪنڊا
ڏسندو ته انهن ڏانهن سندس رويو اڳ وانگر بي
پرواهيءَ وارو نه هوندو بلڪه سندس نظر ۾ ڪنڊي جي
هڪ نئين اهميت ۽ نئين معنيٰ پيدا ٿي پوندي. اهڙي
طرح کيس جيترا مختلف تجربا ڪنڊن بابت ٿيندا، اوتري
قدر هو انهن جي خاصيتن ۽ اثرن کي گهڻو سمجهندو ۽
سندس اهو حقيقي علم سندس رويي تي اثر وجهندو. جڏهن
اسان چوندا آهيون ته تجربو بهترين استاد آهي ته ان
مان هيءَ مراد هوندي آهي ته ان جي ذريعي اسان کي
پنهنجن ڪمن ۽ انهن جي نتيجن جو تعلق سمجهه ۾ اچي
ويندو آهي. جڏهن اسان ڪنهن طرح ماحول ۾ ڪو عمل
ڪندا آهيون ته ماحول طرفان اسان تي ان جو رد عمل
ٿيندو آهي جنهن جو نتيجو اسان جي دماغ ۾ محفوظ
رهندو آهي، اهڙيءَ طرح اسان نيون ڳالهيون ۽ نوان
ڪم سکندا آهيون. تنهن ڪري معلوم ٿيو ته تجربو رڳو
ذهني يا دماغي شيءِ ناهي پر جسم ۽ دماغ ٻنهي جو ان
۾ هڪ جيترو دخل آهي. اهو خيال غلط فهميءَ تي ٻڌل
آهي ته تجربو هڪ نقش وانگر آهي جيڪو، خارجي ماحول
اسان جي دماغ تي سڌو سنئون (جسماني عملن کانسواءِ)
چٽي ڇڏيندو آهي. تجربي لاءِ سدائين هيءَ شرط آهي
ته اسان ڪنهن مقصد کي نظر ۾ رکي پنهنجي ماحول جي
شين ذريعي ڪو ڪم يا عمل ڪريون. ان عمل ۾ دماغ اسان
جي جسماني ڪمن جي رهنمائي ڪندو آهي، ان دوران اسان
کي ماحول جي مزاحمت ۽ شين جي قدرتي خاصيتن سان
پالو پوندو آهي ۽ ان جو ردعمل اسان جي جسم ۽ دماغ
ٻنهي تي پوندو آهي. ان رد عمل جو نالو تجربو آهي.
ان جو مثال هڪ ڊکڻ يا واڍي جي ڪم مان ملي سگهي
ٿو. مثال طور هو هڪ ڪرسي ٺاهڻ لاءِ ڪاٺي ڪٽيندو
آهي، ان کي صاف ڪندو آهي، پنهنجن اوزارن جي ذريعي
مناسب شڪل جا ٽڪرا ڪٽي، انهن کي ڳنڍيندو آهي ۽
پنهنجي ٺاهيل ڪرسيءَ جي ڀيٽ ڪرسيءَ جي ذهني تصور
يا نموني جي ڪرسيءَ سان ڪري ان ۾ مٽاسٽا يا تبديلي
ڪندو آهي. انهن سمورن ڪمن دوران کيس مفيد تجربا
ٿيندا آهن، جن جي حاصلات ۾ جسم ۽ دماغ ٻئي شامل
آهن. اهڙيءَ ريت کيس ڪاٺ جي خاصيتن جو جيڪو علم
هوندو آهي سو بيجان ۽ بيڪار نه هوندو آهي جنهن کي
هو استعمال نه ڪري سگهي بلڪه ان جي ذريعي هو
اوزارن کان ڪم وٺڻ ۾ وڌيڪ ماهر ٿي ويندو آهي. اڳتي
ڪرسيون ٺاهڻ ۾ کيس وڌيڪ سهوليت ٿيندي آهي ۽ سندس
سمجهه ۾ واڌارو ٿيندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪيتري قدر
ڪمزور ۽ بي فيض آهي اهو علم جيڪو هڪ ٻار اسڪول ۾
شين جي سبقن (Object
Lessons)
جي ذريعي حاصل ڪندو آهي! تنهنڪري اسان جسماني
تربيت بابت ڪو اهڙو نظريو قائم نٿا ڪري سگهون جنهن
جو تعلق رڳو جسم جي تربيت سان هجي بلڪه اسان کي
قديم يوناني عقيدي ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو جنهن
مطابق جسم جي موزون تربيت عقلي ۽ روحاني تربيت
لاءِ لازمي آهي. ان خيال کي تازين تحقيقن مان تمام
گهڻي سگهه ملي ٿي ۽ نفسيات ۽ جسمن جي علم ٻنهي جي
مطالعي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته نفسي ۽ جسماني
عملن جو هڪٻئي سان تمام ويجهو ۽ گهرو تعلق آهي. هن
بحث جي تفصيل جي هتي گنجائش ناهي، هتي فقط ايترو
اشارو ڪافي آهي ته نفسي عملن جو دارومدار گهڻي حد
تائين جسم جي ان حصي تي آهي جنهن کي دماغ چوندا
آهن ۽ هي دماغ اعصابي نظام جي ذريعي جسم جي باقي
سموري چرپر ۽ عملن تي ڪجهه اهڙيءَ طرح حاوي آهي
جهڙيءَ طرح بجلي گهر جو بٽڻ شهر جي سموري روشنيءَ
تي حاوي هوندو آهي. جيڪڏهن اعصابي نظام جي مناسب ۽
موزون تربيت نه ڪئي وڃي ته دماغ جسماني چرپر جي
نگراني ڀليءَ ڀت نٿو ڪري سگهي. دماغ جو ڪم هيءَ
آهي ته هو جسماني ڪمن ۽ انهن محرڪن وچ ۾ ڳانڍاپو
قائم ڪري جيڪي حواس جي ذريعي ماحول مان حاصل ٿيندا
آهن. مثال طور اسان سڙڪ تي وڃي رهيا آهيون ته
سامهون کان اسان کي هڪ موٽر ايندي نظر اچي ٿي.
اسان جي ڏسڻ واري قوت موٽر جي شڪل کي جيڪا ماحول
جو هڪ جزو آهي عمل جو محرڪ بنائي اعصابي نظام
ذريعي دماغ تائين پهچائيندي آهي. اتان کان دماغ
اسان جي عضون کي (ان خاص موقعي تي پيرن کي) هي حڪم
موڪليندو آهي ته اهي اسان کي موٽر جي رستي کان
هٽائي هڪ پاسي ڪن. جيڪڏهن جسم ۽ ذهن جي وچ ۾ دماغ
جو واسطو نه هجي ها ته اسان جي ڪمن ۽ ماحول جي وچ
۾ اهو تعلق هرگز قائم نه ٿي سگهندو جنهن ڪري اسان
هڪ طرف ماحول تي قابض بڻجون ٿا ۽ ٻئي طرف پنهنجن
ڪمن کي منظم ڪريون ٿا ان جي وضاحت ڪنهن دستڪاريءَ
جي ڪم مان ٿي سگهي ٿي. فرض ڪريو ته هڪ شاگرد ڪنهن
ڪاٺ جي ٽڪر جو هڪ قلم دان ٺاهڻ گهري ٿو. هو ان
لاءِ پهريائين هڪ ڪاٺي ڪٽيندو آهي. ان کي ڇلي سڌو
ڪندو ڪندو آهي، پوءِ مختلف شڪليون ۽ ڊگها ٽڪرا ڪٽي
انهن کي ڳنڍيندو آهي. ان ڪم دوران دماغ لڳاتار ڪم
۽ چرپر جي وچ ۾ ”واسطي“ جو ڪم ڏيندو آهي. وک وک تي
حواسن جي مشاهدن ۽ اثرن جي مدد سان هو محسوس ڪندو
رهندو آهي ته هينئر ڪاٺي ڪهڙي حالت ۾ آهي ۽ ان سان
ڇا ڪرڻ گهرجي. ان علم جي بنياد تي هو اڳتي وڌندو
آهي ۽ مختلف اوزارن کي استعمال ڪري ڪاٺيءَ جي شڪل
۾ جيڪي تبديليون ڪندو آهي، انهن جي ڪري حواس جا
مشاهدا پڻ بدلجندا ويندا آهن. پهريائين ڪاٺي هيٺ
مٿي هئي، هاڻي سڌي ٿي وئي، پهريائين ٽڪرو ڊگهو هو
هينئر گول ٿي ويو آهي وغيره. انهن نون مشاهدن
مطابق هو اڳتي وڌندو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته
اسان جي ڪمن جي تسلسل کي قائم رکڻ ۽ انهن ۾ حالتن
آهر تبديلي آڻڻ دماغ جو ڪم آهي، جيڪي هو انهيءَ
صورت ۾ ڪري سگهي ٿو جڏهن هڪ طرف اعصابي نظام جي
صحيح تربيت ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ذريعي
ماحول جون خبرون حواسن جي واسطي سان دماغ تائين ۽
دماغ جا حڪم جسماني عضون تائين پهچندا آهن ٻئي طرف
دماغ کي اهڙا موقعا ملندا رهن ته هو جسماني ڪمن جي
نگراني ۽ سارسنڀال ڪري سگهي. جيڪي ماڻهو ننڍپڻ ۽
نوجوانيءَ ۾ راندين ۾ حصو نه وٺندا آهن ۽ ڪنهن قسم
جي دستڪاريءَ يا عملي مشغلن ۾ شريڪ نه ٿيندا آهن
اهي وڏا ٿي نه رڳو عملي طرح ”معذور“ ٿي پوندا آهن
بلڪه اڪثر عملي معاملن ۽ ڪاروبار ۾ (جيڪو دنياوي
زندگيءَ جو سڀ کان وڏو جزو آهي) سندن دماغ پڻ
چڱيءَ طرح ڪم ناهي ڪندو، پوءِ اهي ڪيڏا وڏا عالم ۽
پڙهيل لکيل ڇونه هجن. ان ڪري ئي هاڻوڪي دؤر جا
تعليمي مفڪر ”علم“ ۽ ”عمل“، جسم ۽ دماغ، ڄاڻڻ ۽
ڪرڻ جي باهمي تعلق کي تسليم ڪن ٿا ۽ اسڪولن جي
تعليم ۾ اهڙن مشغلن کي نمايان اهميت ڏين ٿا جن ۾
جسم ۽ دماغ جي نشونما گڏوگڏ ۽ هم آهنگ طريقي سان
ٿي سگهي.
انساني حواسن جي تربيت پڻ جسماني تربيت جو حصو آهي
جسماني تربيت جي ڪشادي مفهوم ۾ انساني حواسن جي
تربيت پڻ شامل آهي ۽ جيئن اسان مٿي ٻڌائي چڪا
آهيون ته حواسن جي صحيح تربيت کانسواءِ دماغي
تربيت اڻپوري رهجي ويندي آهي. اسان جي رواجي
اسڪولن ۾ پڻ (تعليم جي غير عملي طريقي جي رائج هئڻ
باوجود) شاگردن کي پنهنجن حواسن کان ڪم وٺڻو پوندو
آهي. مثال طور معمولي درسي ڪمن ۾ اک ۽ ڪن ٻئي هر
وقت ڪم ايندا آهن ۽ لکڻ، ڊرائنگ، نقشي ڪڍڻ ۽
دستڪاريءَ ۾ هٿن کي استعمال ڪرڻو پوندو آهي، پر
رواجي اسڪول جو ڪم جن اصولن تحت هلي ٿو انهن جي
ڪري انهن حواسن جي تربيت پڻ مناسب طريقي تي نه
ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته شاگرد انهن کي پنهنجن پسند
ڪيل مقصدن جي تڪميل لاءِ ۽ پنهنجي دماغ جي
نگرانيءَ ۽ هدايت ۾ استعمال نه ڪندا آهن. استاد ان
غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهن ته مختلف حواس ڄڻ علم کي
دماغ تائين پهچائڻ جون ناليون آهن. علم ڪتاب ۾
موجود آهي ۽ اک جي ذريعي شاگرد جي دماغ ۾ پهچي
ويندو آهي، يا اهو لفظن ۾ لڪل آهي ۽ ڪن جي ذريعي
انهن جي ذهن ۾ پيهي ويندو آهي. اسان علم جو جيڪو
مفهوم هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي اهو هن خيال جي بلڪل
خلاف آهي ته علم ائين حاصل ڪجي جيئن ڪو اڃايل
ماڻهو نل جي ٽوٽي کولي ان ۾ گڏ ٿيل پاڻي پي وٺي،
بلڪه ان کي پنهنجي جسم ۽ دماغ جي محنت ۽ ڪوشش جي
ذريعي زمين مان کوٽي ڪڍڻو پوندو آهي.
حواس علم کي ماحول کان دماغ تائين ۽ دماغ کان
ماحول تائين کڻي وڃڻ جو ٺهيل ٺڪيل ذريعو نه آهن
بلڪه علم حاصل ڪرڻ ۽ حواسن جي تربيت ٻنهي جو فقط
هڪ ئي طريقو آهي، اهو هي ته شاگرد ڪنهن بامقصد ۽
دلچسپ ڪم ۾ حصو وٺي. ٻار پنهنجي زندگيءَ جي
شروعاتي ڪجهه سالن ۾ جيڪو لاڀائتو ۽ جٽادار علم
حاصل ڪندو آهي اهو رڳو ٻين جون ڳالهيون ٻڌي يا
انهن جا ڪم ڏسي ناهي سکندو بلڪه هو پنهنجي آسپاس
جي دلچسپ ۽ قسمين قسمين مشغلن ۾ حصو وٺندو آهي، هٿ
پير هلائيندو آهي، ضرورت آهر پنهنجن حواسن ذريعي
مشاهدا ۽ ڄاڻ گڏ ڪندو آهي ۽ پنهنجي دماغي صلاحيت
آهر فڪر ۽ عقل کان ڪم وٺندو آهي، پنهنجين غلطين ۽
تجربن مان سبق سکي پنهنجي عملي طريقي جي اصلاح
ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح هو جن مقصدن يا ضرورتن کي
پورو ڪرڻ گهري ٿو ان لاءِ سندس هٿ پير ۽ سمورا
حواس ۽ عضوا ۽ دماغ گڏجي سڏجي ڪم ڪندا آهن ۽ هو نه
رڳو انهن مخصوص مقصدن کي حاصل ڪندو آهي بلڪه سندس
عام دماغي ۽ جسماني تربيت پڻ ٿيندي رهندي آهي.
جيڪڏهن اسڪول ۾ پڻ اهو ئي تعليمي اصول اختيار ڪيو
وڃي جنهن تي ٻار پنهنجي جبلت جي تقاضا سان عمل
پيرا ٿيندا آهن ته اسڪول جي تعليم اهڙي مصنوعي ۽
بي جان نه رهي جيئن اڄڪلهه آهي. پر بدقسمتيءَ سان
استادن شاگردن جي ڪم کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي
جن جو پاڻ ۾ ڪو ڳانڍاپو ڪونهي. انهن جي نظر ۾ ڪجهه
ڪم ته اهڙا آهن جن ۾ رڳو حواسن ۽ عضون خاص طور هٿ،
ڪن ۽ اکين جي ضرورت پوندي آهي، مثال طور، لکڻ،
ڊرائنگ يا واڍڪو ڪم. انهن لاءِ ڪجهه اهڙيون مشقون
مقرر ڪيون ويون آهن جن کي شاگرد سواءِ ڪنهن
دلچسپيءَ جي ۽ انهن جو مقصد سمجهڻ کانسواءِ
دهرائيندا رهندا آهن، ايستائين جو ان خاص چرپر کي
هڪ معمول جي طور تي سکي وٺندا آهن جن جي مثال طور
تي لکڻ وغيره لاءِ ضرورت هوندي آهي. باقي ڪمن ۾
دماغ جي ضرورت پوندي آهي جن کي استادن جي خيال ۾
جسماني عضون ۽ انهن جي چرپر ۽ ڪمن سان ڪو واسطو
ڪونهي. ادب، جاگرافي، تاريخ ۽ سائنس وغيره جو
مطالعو ان حصي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ مطالعي مان
مراد هيءَ هوندي آهي ته شاگرد ڪتابن کي پڙهن،
استاد جو ليڪچر ٻڌن ۽ ان ريت اهي ”علم“ سڌو سنئون
سندن دماغ ۾ منتقل ٿي وڃن. ان تعليمي پروگرام جو
لازمي نتيجو هي ٿيندو آهي ته شاگرد زندگيءَ جي
عملي ڇڪتاڻ ۾ بي وس رهندا آهن ۽ پنهنجي جسم ۽ دماغ
جي قوتن کي پنهنجي عملي مقصدن جي تڪميل لاءِ
استعمال نه ڪري سگهندا آهن. هن حالت جي سڌاري جي
فقط اها ئي هڪ صورت آهي ته اسڪول ۾ اهڙا تعليمي
وسيلا مهيا ڪيا وڃن جيڪي شاگردن جي جسماني ۽ دماغي
قوتن کي هڪ ئي وقت عمل لاءِ سڏين ۽ انهن کي اهڙن
مشغلن ۾ لڳائين جيڪي انهن جي جبلي خصوصيتن (مثال
طور تجسس، تعمير ۽ تخليق جي خواهش ۽ اشتراڪ عمل)
کي اظهار جو موقعو ڏين ڇاڪاڻ ته انهن جي تسڪين
لاءِ ٻارن کي عملي ڪم ڪرڻا پوندا آهن جن ۾ هٿن ۽
دماغ جي وچ ۾ هڪ مستقل رشتو قائم ٿي ويندو آهي، ان
جو تفصيل اسان اڳ ٻڌائي چڪا آهيون، هتي ان جو مقصد
فقط هي ظاهر ڪرڻ آهي ته جسم ۽ دماغ جي تربيت هڪ
ٻئي کان بي تعلق رهي ڪري نٿي سگهي. جسم کي دماغ جو
آله ڪار سمجهڻ گهرجي جنهن جي واسطي سان هو مادي
دنيا سان پنهنجو رابطو قائم ڪندو آهي ۽ ان کي
پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻيندو آهي. چئن حواسن ۽ جسماني
عضون جو ڪم هي آهي ته هو انساني تجربي جي ارتقا جي
رهنمائي ۽ ان جي عملن ۽ مقصدن ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪن.
جديد اسڪولن ۾ سائنس، عملي ڪم دستڪاريءَ کي انهيءَ
ڪري تمام نمايان اهميت ڏني وئي آهي ڇاڪاڻ ته انهن
۾ جسم ۽ دماغ جي عملي ٻڌيءَ جو امڪان تمام گهڻو
آهي ۽ باقي سمورن مضمونن جي تعليم ۾ پڻ مختلف قسم
جي ڪمن کي جيڪي ٻارن جي خوديءَ جي اظهار ۾ مدد
ڏيندا آهن مثال طور نقشو ڪڍڻ، ڊرائنگ، تحريري مشقن
وغيره کي شامل ڪيو ويو آهي.
جسماني تربيت جا عوامل
اسان جي ملڪ جي اسڪولن ۾ جسماني تربيت جو مڪمل
بندوبست ڪرڻ لاءِ والدين، استادن، حڪومت ۽ تعليمي
عملدارن جي گڏيل ڪم جي ضرورت آهي. جيستائين اهي سڀ
هڪ مفيد مقصد کي نظر ۾ رکي هن عظيم الشان تعميري
تحريڪ ۾ حصو نه وٺندا تيستائين ڪاميابي ممڪن ناهي.
ڇاڪاڻ ته موجوده صورتحال انهن سڀني جي غفلت ۽ بي
ڌيانيءَ جو نتيجو آهي. شاگردن جو وڏو تعداد اهڙن
مسڪين ۽ لاچار گهرن سان تعلق رکي ٿو جتي نه کين
مناسب کاڌو ملندو آهي، نه سندن آرام ۽ تفريح جو
بندوبست آهي، نه صحت جي حفاظت جي پابندي ٿيندي
آهي. پر ان جو سبب فقط غربت ناهي، جهالت ۽ احساس
جي اڻهوند پڻ آهي. نه ته غريبن لاءِ هي پڻ ممڪن
آهي ته هو پنهنجن گهرن کي هڪ حد تائين صاف رکن ۽
ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ۽ جلد هضم ٿيندڙ کاڌا
استعمال ڪن. ان صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ حڪومت جو به
ڪردار آهي ته هن اهي اپاءَ ۽ وسيلا اختيار نه ڪيا
جيڪي ٻين ملڪن ۾ عام صحت جي تحفظ لاءِ استعمال ڪيا
ويا آهن. يعني ماڻهن لاءِ تفريح ۽ ٻارن جي راند
لاءِ پارڪ ۽ ميدان ٺاهڻ، شهرن ۽ ڳوٺن جي صفائيءَ
لاءِ بندوبست ۽ ان جي پرچار ڪرڻ، بيمارين جي روڪ
ٿام لاءِ اپاءَ سوچڻ، انهن فرضن جي ذميداري حڪومت
کان وڌيڪ مقامي عملدارن ۽ بلديه تي لاڳو ٿئي ٿي،
تنهنڪري اسان حڪومت جو لفظ ان جي عام معنيٰ ۾
استعمال ڪيو آهي جنهن ۾ اهي سڀ جماعتون شامل آهن.
اسان جو مقصد اهو ڪونهي ته انهن ادارن ان ڪم ڏانهن
ڌيان ئي ناهي ڏنو. ڌيان ضرور ڏنو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي
انهن ڳالهين جو انتظام پڻ ڪيو ويو آهي پر وڏي
پئماني تي ڪا تحريڪ نه هلائي وئي آهي، جنهن ۾
حڪومت ۽ عوام ٻئي متفق ٿي هن زبردست مسئلي کي
مجموعي حيثيت ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها. تعليمي
عملدارن ۽ استادن اسڪول جي موقعن مان فائدو نه
ورتو آهي، هڪ ته انهن تعليمي نصاب کي ايتري قدر
مجرد ۽ نظري بڻائي ڇڏيو آهي جيئن اسان مٿي ٻڌايو
آهي ته ٻارن کي اتي پنهنجي جسماني نشوونما جو
موقعو نٿو ملي، ان ۾ عملي ۽ تخليقي مشغلن جي تمام
کوٽ آهي ۽ دستڪاري (جنهن جي ڪيترن ئي تعليمي فائدن
مان هڪ هي به آهي ته اها کين صحت بخش ڪمن ۾ لڳائي
ٿي) ان ۾ هڪ اهم عنصر جي طور تي شامل نه آهي. اڪثر
اسڪولن ۾ راندين ۽ ورزشن جو ڪو مناسب بندوبست نه
آهي ۽ راند جي تاڪيد جي باوجود حقيقت هيءَ آهي ته
گهڻن اسڪولن ۾ شاگرد باقاعدگيءَ سان راندين ۾ حصو
نه وٺندا آهن، فقط ڪجهه شاگرد جيڪي سٺا رانديگر
هوندا آهن سي نمائشي مقصدن لاءِ کيڏندا آهن باقي
سڀ بيهي تاڙيون وڄائيندا آهن يا ڊاڙن ڊشن ۾ وقت
وڃائيندا آهن. ان کانسواءِ تعليم کاتي پاران طبي
چڪاس، ٻارن جي کاڌي پيتي، سير ۽ سياحت لاءِ ڪو
معقول بندوبست ڪونهي، گهڻو ڪري ته انهن جو خيال
آهي ته اهي سموريون ڳالهيون اسان جي غريب ملڪ لاءِ
فضول خرچي آهن. سچ پڇو ته ان قسم جي تعميري ۽
اصلاحي ڪوششن ۽ تحريڪن جي گهڻي ضرورت انهن ئي ملڪن
۾ هوندي آهي جيڪي بک، جهالت ۽ بيمارين جو شڪار آهن
۽ انهن لاءِ اهي تعميري ڪم هرگز فضول خرچي نه آهن،
تنهنڪري جسماني تربيت جو مسئلو هڪ وسيع مسئلو آهي
جنهن جا تمام گهڻا پهلو آهن. ان لاءِ شاگردن جو
بلڪه هينئن چوڻ گهرجي ته عام سماجي رهڻي ڪهڻيءَ جو
سڌارو گهربل آهي. ماڻهن جي ماحول کي وڌيڪ صحت افزا
بنائڻ جي ضرورت آهي، يعني ڳوٺن ۾ صفائي ۽ صحت جي
حفاظت جو بندوبست ڪرڻ ۽ وڏن شهرن ۾ صفائيءَ سان گڏ
شهرين لاءِ تازي ۽ کليل هوا مهيا ڪرڻ جي پڻ ضرورت
آهي، جتي هو پنهنجي سوڙهين ۽ اونداهين گهٽين ۽
گهرن مان نڪري تفريح ڪري سگهن ۽ ٻارن کي راند
روند، ڊوڙڻ ڊڪڻ لاءِ جاءِ ملي سگهي.
اسڪولن جي تعليم ۾ عملي ۽ فعلي عنصر کي هٿي وٺرائڻ
جي ضرورت آهي، ته جيئن ٻار پنهنجي جسم ۽ دماغ ٻنهي
کان ڪم وٺڻ سکن ۽ دستڪارين ذريعي سندن هٿن جي
تربيت ٿئي جيڪو تعليم حاصل ڪرڻ جو نهايت اهم ذريعو
آهي. شاگردن لاءِ راند ۽ ورزش جو پڻ مناسب بندوبست
ٿيڻ گهرجي ته جيئن عمر جي هن نازڪ دؤر ۾ سندن
جسماني اؤسر معطل نٿي وڃي. درسي زندگيءَ دوران ٻه
منزلون اهڙيون اينديون آهن جڏهن شاگردن جي نشونما
خاص طور تي تيز ٿي ويندي آهي. هڪ اها جڏهن هُو کير
پياڪيءَ کان ڇوڪرائپ ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ سندس عمر
ڇهه يا ست سال هوندي آهي ۽ ٻيو جڏهن هو ٻالڪپڻيءَ
جي زماني مان لنگهي بالغ ٿيڻ جي منزل تي قدم رکندو
آهي. انهن ٻنهي زمانن ۾ سندس طبيعت جو توازن هيٺ
مٿي ٿي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس گهڻي سگهه جسم جي
نشونما ۾ خرچ ٿيندي آهي. ۽ هو پنهنجي تعليمي مشغلن
ڏانهن مڪمل ڌيان نه ڏئي سگهندو آهي. ان وقت فطرت
شناس استاد جو فرض آهي ته هو ان نفسي ارتقا جي عمل
کي سڃاڻي ۽ درسي ڪمن تي گهڻو زور نه ڏئي. گهڻو ڪري
اسان جي شاگردن جي صحت ان ڪري تمام خراب ٿي ويندي
آهي ڇاڪاڻ ته ان خاص دؤر ۾ جڏهن جسماني ورزش،
راندين ۽ کليل هوا جي ضرورت هوندي آهي ته انٽر جو
امتحان پاس ڪرڻ لاءِ حد کان وڌيڪ دماغي محنت ڪندا
آهن جنهن سان سندن جسماجي نشونما بيهي ويندي آهي ۽
کين ڪڏهن ڪڏهن اعصابي بيماريون لڳي پونديون آهن.
تعليمي عملدارن جو هي فرض آهي ته هو مٿي ڄاڻايل
اپاءَ وٺڻ لاءِ (جن جو تعلق تندرستيءَ سان آهي)
طبي چڪاس ۽ علاج جو معقول بندوبست ڪن ۽ وقت بوقت
جاچ ڪندا رهن ته ڪيترا شاگرد اک، ڪن، نڪ ۽ ڳلي
وغيره جي بيمارين ۾ مبتلا آهن. والدين ۽ استادن کي
انهن بيمارين جي علاج لاءِ متفقه ڪوشش ڪرڻ کپي
ڇاڪاڻ ته اهي نه رڳو جسماني صحت کي تباهه ڪنديون
آهن بلڪه شاگردن جي تعليمي ترقيءَ ۾ پڻ رڪاوٽ
بڻبيون آهن.
هن بحث کي اسان هڪ اهڙي اسڪول جي ذڪر تي ختم ڪريون
ٿا جتي عملدارن يا پبلڪ جي ڪنهن خاص امداد
کانسواءِ هڪ مهم جُو استاد پنهنجي قائم ڪيل اسڪول
کي هڪ اهڙي ماحول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جتي جسماني
تربيت لاءِ بهترين ذريعا ۽ وسيلا مهيا ڪيا ويا
آهن. بيرجس (Bierges)
جو هي اسڪول جنهن جو تذڪرو اسان پهريائين ڪري چڪا
آهيون بيلجيم جي هڪ استاد واسڪونسلو (Vasconcellos)
قائم ڪيو هو. هيءَ شهرن جي گوڙن گهمسان ۽ ڇڪتاڻ
کان پري هڪ ٻهراڙيءَ جي علائقي ۾ قائم هيو. جتي
شاگردن کي فطرت جي گوناگون نظارن مان لطف اندوز
ٿيڻ ۽ انهن جي سڪون بخشيندڙ اثرن مان فائدو وٺڻ جو
موقعو ملندو هو. پر ان تنهائيءَ جي باوجود هو
صنعتي زندگيءَ ۽ شهرن جي ڪاروبار کان اڻ ڄاڻ نه
هئا ڇاڪاڻ ته سندن استاد کين اڪثر آسپاس جي
ڪارخانن ۽ صنعت ۽ حرفت جي مرڪزن ۾ وٺي ويندا هئا
جتي هو سڌو سنئون مزدورن جي زندگيءَ ۽ ڪم جي
ورهاست جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندا هئا. اسڪول جي
نصاب ۾ انهن مشغلن کي گهڻي اهميت ڏني ويندي هئي جن
۾ هٿن سان ڪم ڪرڻو پوندو آهي ۽ اتي به ٻين اسڪولن
وانگر سائنس لاءِ ليبارٽريون، لوهارڪيءَ ۽ واڍڪي
ڪم لاءِ ورڪشاپ، جلدسازي، ڊرائنگ ۽ مجسمه سازيءَ ۽
آرٽ لاءِ ڪمرا موجود هئا. پکين، مڇين ۽ڪيترن ئي
مفيد پالتو جانورن جي رهائش جو بندوبست هيو. اسڪول
جي عمارت جي چئني پاسن کان ٻيلا ۽ باغ هئا ۽ پوک
لاءِ زمين ڇڏيل هئي جنهن ۾ شاگرد باغباني ڪندا،
سبزيون پوکيندا ۽ انهن کي پنهنجي رڌ پچاءَ لاءِ ڪم
آڻيندا هئا. پوءِ ڪهڙي عجب جي ڳالهه آهي جو ان
مسرت بخش ۽ صحت افزا ماحول ۾ رهي جتي کين رڳو
ڪتابن جي مطالعي ۾ نظرن کپائڻ بدران عملي ڪمن جا
موقعا ملندا هئا، سندن رڳن ۾ زندگيءَ جو تازو خون
ڊوڙندو هو ۽ سندن صحت ۽ تندرستيءَ کي ڏسي ڪري
ماڻهو رِيس ڪندا هئا. جسماني ورزش ۽ راندين
کانسواءِ ان اسڪول جي هڪ خوبي هيءَ هئي ته منجهس
دستڪاريءَ جي تعليم تمام احتياط سان منظم ڪئي وئي
هئي. اسڪول جو باني پاڻ ان بابت لکي ٿو:
”جسماني ورزش ان قسم جي دستڪارين (هٿ جي هنرن)
ذريعي مڪمل ٿيندي آهي جيئن ٽوڪريون ٺاهڻ، ٿانو ۽
پاٺي جون شيون ٺاهڻ، جلد سازي، مجسمه سازي، ڪاٺ ۽
لوهه جو ڪم وغيره اهي سڀ شاگرد جي جسماني ۽ دماغي
نشونما جا تمام قابل قدر ذريعا آهن انهن سان نه
رڳو شاگردن جي ان عملي ذوق جي تسڪين ٿيندي آهي
جيڪا انهن جي ان عمر جي خاصيت آهي بلڪه مشاهدي،
ڀيٽ ۽ تخيل جون قوتون ۽ صلاحيتون اسرنديون آهن، ۽
ايجاد ۽ نواڻ جي خواهش اڀرندي آهي. ننڍن ٻارن کي
ڪاغذ ۽ پاٺي جون شيون ٺاهڻ، ڊرائنگ ۽ ماڊلنگ
سيکاري ويندي آهي. سندن ٻاهرين ڪمن ۾ باغ جي
صفائي، ٻني ٻاري ۽ پالتو جانورن مثال طور ڪڪڙين ۽
سيهڙن جي پالنا شامل آهي. ڏهن سالن جي عمر کانپوءِ
هو واڍي (ڊکڻ) جو ڪم پڻ سکندا آهن ۽ جيڪي وڌيڪ
مضبوط هوندا آهن اهي لوهار خاني ۾ ڪم ڪندا آهن.“
اسان هن باب ۾ جسماني تربيت جو جيڪو نظريو پيش ڪيو
آهي ان جو خلاصو يا تت ڇا آهي؟ اسان اهو نٿا
چاهيون ته سڀ شاگرد پهلوان بڻجي وڃن ۽ پنهنجي جسم
جي سار سنڀال کي زندگيءَ جو مقصد سمجهڻ لڳن. اسان
جي نظر ۾ جسماني تربيت جي پورائي جي معنيٰ هيءَ
آهي ته جڏهن انسان تندرست ۽ طاقتور هجي ۽ پنهنجي
طاقتن کي پنهنجي زندگيءَ جي مقصدن حاصل ڪرڻ ۾
استعمال ڪري سگهي، کيس پنهنجي عضون ۽ حواسن تي
مڪمل ڪنٽرول ڪري انهن جي ذريعي پنهنجي ماحول سان
رابطو قائم رکي ۽ انهن کان ضرورت آهر ڪم وٺي سگهي
۽ خاص طور تي کيس پنهنجن هٿن جي چرپر تي پوري قدرت
هجي ۽ هو انهن جي اڻڳڻين عملي موقعن مان ڪن کي مشق
ذريعي ظاهر ڪري سگهي. جڏهن اسان جسماني تربيت جو
هي وسيع مفهوم اختيار ڪريون ٿا ته ان مان رڳي
جسماني پالنا مراد نه هوندي آهي بلڪه انهن سمورين
جسماني قوتن ۽ امڪانن جي نشونما جن مان اسان جي
دماغي ۽ عقلي تربيت ۾ مدد ملندي آهي ۽ اسان انهن
تعميري ۽ تخليقي مشغلن ۾ شريڪ ٿيندا آهيون جيڪي
انسان جي طبعي اخلاقن جو اظهار آهن ۽ جن جي ذريعي
اهي ڪجهه اهم ترين جبلتن کي تسڪين ڏيندا آهن. |