سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :2

تجرباتي تعليم جي اهميت

هيءَ ڳالهه بظاهر ايتري صاف ۽ سڌي لڳي ٿي جو شايد ڪو ماڻهو ان کان انڪار ڪندو، پر عملي طرح اسڪول صدين کان ان حقيقت کي نظر انداز ڪندا رهيا آهن. انهن سڌو سنئون عملي تجربي بدران لفظن جي تعليم کي پنهنجي نظرن جو مرڪز بڻائي ورتو آهي. بلڪه اڻ سڌي تجربي کي به پنهنجي نصاب مان وڏي حد تائين خارج ڪري ڇڏيو آهي. شروعاتي بي ضابطه تعليم جو ميدان سوڙهو ضرور هيو پر ان مان فائدو هي هيو ته ان ذريعي ٻار سوسائٽيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ سڌو سنئون شريڪ ٿي يا راند ۾ ان جو نقل ڪري جيڪا ڄاڻ حاصل ڪندا هئا اها مستقل طور تي سندن ملڪيت ۽ سندن شخصيت جو جزو بڻجي ويندي هئي. هو ان جي حقيقت کي چڱيءَ طرح سمجهندا هئا ڇاڪاڻ ته اها ذاتي ڪاوش ۽ عملي تجربي مان حاصل ٿيل شيءِ هوندي هئي. جڏهن ڪتابي تعليم جو دؤر شروع ٿيو ته علم جو تعلق روز مرهه جي ڪارونهوار ۽ تجربن سان گهٽجڻ لڳو ۽ ان جو اهو اصل مقصد پٺيءَ پويان اڇلايو ويو ته اهي شاگردن لاءِ فائديمند ۽ اهم ترين تجربن جا مناسب موقعا مهيا ڪن. موجوده دؤر جي ڪيترن ئي تعليمي مفڪرن ان خرابيءَ کي محسوس ڪيو آهي ۽ جديد تعليم جي اها ڪوشش آهي ته اسڪول ۽ زندگيءَ جو ٽٽل رشتو ٻيهر ڳنڍجي. پروفيسر ڊيوي (Dewey) جي فلسفه تعليم جو مقصد تقريباً اهو ئي آهي، هو ان مسئلي تي بحث ڪندي لکي ٿو ته:

”ترقي يافته تمدن ۾ جيڪي ڳالهيون ٻار کي سکڻيون هونديون آهن اهي گهڻو ڪري اصطلاحي علامتن جي شڪل ۾ مرتب ۽ محفوظ هونديون آهن. ان قسم جو تعليمي مواد حقيقي واقعن ۽ زندگيءَ جي تجربن جي ڀيٽ ۾ اصليت کان خالي نظر ايندو آهي. اصليت جو معيار هي آهي ته ڪنهن شيءِ جو عملي ڳالهين سان ڪيتري حد تائين واسطو آهي. ان تعليمي مواد جي هڪ جدا دنيا هوندي آهي جتي خيال ۽ خيالن جي اظهار جا عام طريقا ڪم نه ڏيندا آهن. انديشو هي آهي ته اسڪولن جي نصاب تي رسمي تعليم جو مواد حاوي ٿي ويندو، ان جو ربط زندگيءَ جي تجربن سان قائم نه ٿيندو، مستقل سماجي مقصد ۽ قدر نظر انداز ڪيا ويندا ۽ انهن شين کي نمايان اهميت ملندي جن جي تمدني زندگيءَ جي نظام ۾ ڪا جاءِ ناهي، بلڪه انهن جو تعلق رڳو اصطلاحي علمن سان آهي. ان ريت اسان کي تعليم جو عام مروج تصور ملي ٿو جنهن ۾ ان جو سماجي ڪارج ۽ نتيجا فراموش ڪيا وڃن ٿا ۽ ان جو لحاظ نه رهندو آهي ته تعليم جو موضوع انسانن جا اهي سمورا باهمي لاڳاپا ۽ طور طريقا آهن جيڪي اسانجي شعوري زندگيءَ تي اثر وجهن ٿا، بلڪه هي سمجهيو ويندو آهي ته تعليم پري پري جي مسئلن بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ ۽ لفظي علامتن ذريعي علم سيکارڻ جو نالو آهي ۽ ڄڻ ته اها لکڻ پڙهڻ تائين محدود آهي. تنهنڪري فلسفه تعليم جو اهم ترين مسئلو هي آهي ته ارادي ۽ غير ارادي، رسمي ۽ اصلي تعليم ۾ ڪنهن حد تائين مناسب توازن قائم رکيو وڃي. رڳو معلومات جو ذخيرو مهيا ڪرڻ ۽ اصطلاحي ۽ ذهني مشق حاصل ڪرڻ سان انسان جي نفس ۾ سماجي احساس پيدا ناهي ٿيندو. ۽ ان جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته روز مرهه جا تجربا معنويت کان خالي هوندا آهن ۽ اسڪول ۾ شاگرد جيڪو ڪجهه سکندا آهن ان سان انهن ۾ هڪ خاص قسم جي تيزي ۽ هوشياري ۽ ”خصوصي ماهرن“ جهڙي خود پسندي پيدا ٿي ويندي آهي. جيئن جيئن اسڪول هڪ اصطلاحي درس گاهه بڻبو ويندو آهي اهو مسئلو وڌيڪ ڏکيو ٿيندو ويندو آهي ته تعليم جي انهن ٻنهي پهلوئن ۾ ڪهڙيءَ طرح تعلق قائم رکيو وڃي يعني ان شيءِ ۾، جيڪا ماڻهن ارادي سان ڪوشش ڪري سکي ورتي آهي ۽ ان ۾ جيڪا انهن غير محسوس طريقي سان ماڻهن سان ملڻ جلڻ ذريعي پنهنجي طبيعت ۽ ڪردار جي دوران حاصل ڪئي آهي“

(Democracy and Education صفحو 10)

تعليم جو عملي زندگيءَ سان تعلق

انهن لفظن مان واضح ٿئي ٿو ته جديد اسڪول ۽ مروجه اسڪول ۾ پهريون نمايان فرق ڪهڙو آهي. اسڪول رڳو هڪ درس جي جڳهه ناهي جتي اسان سوسائٽيءَ جي زندگيءَ ۽ ڪمن ڪارين کان ڪٽجي شاگردن جي دماغن ۾ اصطلاحي معلومات جو ذخيرو گڏ ڪيون ٿا جنهن جو انهن جي روزاني زندگيءَ تي ڪو اثر نٿو پوي. اسڪول دراصل اهو ماحول آهي جتي ٻارن جي زندگيءَ جا قسمين قسمين ۽ ڏکيا تجربا هڪ چونڊيل ۽ منظم شڪل ۾ حاصل ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن هو اهي تجربا سڌو سنئون حاصل ڪن ها ته ان ۾ تمام گهڻو وقت ضايع ٿئي ها ۽ اها باقاعدگي ۽ نظم پيدا نه ٿي سگهي ها. جديد اسڪول جو هڪ بنيادي اصول تجربي جي اهميت جو احساس آهي ۽ جديد تعليمي طريقا ٻارن جي تعليم جو بنياد ذاتي ۽ سڌي تجربي تي رکڻ گهرن ٿا ته جيئن انهن جي مڪتبي زندگي اصلي ۽ عملي بڻجي پوي.

ان نقطه نظر سان اسڪول هڪ اهڙو ماحول آهي جنهن جو پهريون مقصد هي آهي ته شاگرد ان ۾ سٺي ۽ خوشگوار زندگي بسر ڪن ۽ ٻيون مقصد هي آهي ته هُو ان زندگيءَ دوران ڪجهه لاڀائتا علم ۽ هنر سکن. اسڪول ۾ ٻار رڳو لکڻ پڙهڻ لاءِ ناهي ايندو بلڪه پنهنجو وقت اهڙن خوشگوار، مفيد ۽ محنت طلب ڪمن ۾ صرف ڪرڻ جي مقصد سان ايندو آهي جيڪي سندس شوق کي اڀارين ۽ سندس شروعاتي غير منظم شڪل کي بدلائي ان ۾ تربيت ۽ تنظيم پيدا ڪن. اهو خيال جديد تعليمي انقلاب جو بنياد آهي. ان کي مڃڻ سان اسڪول جي رواجي طريقه تعليم ۽ نصاب ۽ نظم و ضبط ۾ تمام گهڻي مٽا سٽا لازمي ٿئي ٿي.

 

جديد تعليمي نظام ۾ اسڪول جو ماحول

عام طور تي اسڪولن جي سربراهن ۽ تعليمي عملدارن اسڪولن جي تنظيم هڪ محدود علمي مقصد کي پيش نظر رکي ڪري ڪئي آهي ته جيئن شاگرد لکڻ پڙهڻ ۽ ڪجهه ضروري مضمون سکي وٺن، پر جيڪڏهن اسان اسڪول کي زندگيءَ جي تجربن جو اسڪول بنائڻ گهرون ٿا ته ان ۾ هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو جنهن ۾ ٻار آزاديءَ سان مختلف قسم جا ڪم ڪن، پاڻ ۾ ملن جلن، هڪ ٻئي جي خيالن ۽ تجربن کان واقف ٿين. پنهنجي لاءِ اهي مشغوليون چونڊين جيڪي سندن طبعي لاڙن موافق هجن، جن کي اهي اڪيلي سر يا ٻين جي مدد سان توڙ تائين پهچائين. ان ۾ اهڙا اتساهيندڙ موجود هجڻ گهرجن جيڪي پنهنجو پاڻ آهستي آهستي شاگردن کي مختلف قسم جي علمي ۽ عملي مقصدن ڏانهن ڇڪين ۽ اهي وسيلا ۽ ذريعا پڻ جيڪي انهن مقصدن کي توڙ تائين پهچائڻ لاءِ ضروري هجن. جيڪڏهن اسان يورپ يا آمريڪا جي ڪنهن جديد اسڪول جو معائنو ڪيون ته اسان کي ان جي ظاهري حيثيت، ساز سامان ۽ عمارتن مان ئي هي اندازو ٿي ويندو ته قديم تعليمي نظام بلڪل بدلجي چڪو آهي. جتي اڳ سواءِ ڪجهه درين يا بينچن، ميزن، ڪرسين ۽ ڪتابن ۽ نقشن جي ٻي ڪا شيءِ موجود نه هئي اتي هاڻي سائنس ۽ دستڪارين لاءِ وڏيون وڏيون تجربيگاهون، مشينون، جانورن ۽ ٻوٽن جا نمونا، باغ، تيراڪيءَ لاءِ حوض، ورزش لاءِ جمنازيم، شاگردن لاءِ هاسٽلون، جلسي گاهه، وڏيون وڏيون لائبريريون جتي درسي ڪتابن کانسواءِ مستند تصنيفون، حوالي جا ڪتاب، واندڪائيءَ ۾ پڙهڻ وارا دلچسپ قصا مطلب ته اهي سموريون شيون ملنديون جيڪي اسڪولن کان ٻاهر سڌريل (متمدن) ملڪن جي رهاڪن کي نصيب آهن يا هجڻ گهرجن. ان هيڏي ساري بندوبست جو مقصد ڏيکاءُ نه پر هيءَ آهي ته شاگرد اسڪول جي زندگيءَ دوران پنهنجو وقت ان ريت استعمال ڪن جو سندن زندگي تجربن سان مالا مال ٿئي، جيڪي انهن لاءِ خوشيءَ جو سرمايو هجن، انهن جي جسماني ۽ ذهني قوتن کي اؤسر وٺرائين ۽ کين اڳتي هلي تمدني زندگيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي قابل بڻائين.

ٻارن لاءِ وڌندڙ صلاحيتن جي اظهار جا موقعا

مٿي ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري چڪا آهيون ته ٻارن مان ڪنهن مستقبل بعيد خاطر ڪم ڪرڻ جي توقع رکڻ سراسر ناداني آهي. نفسيات جي تعليم ۽ روز مرهه جو تجربو ٻئي ان جي ترديد ڪن ٿا. بالغ ۽ تجربيڪار ماڻهو به جيڪي پنهنجي بري ڀلي کي سمجهي سگهن ٿا ۽ پنهنجي مضبوط تجربن ۽ تخيل سبب مستقبل جو وڌيڪ واضح تصور ڪري سگهن ٿا عام طور تي پري وارن مقصدن ۽ غرضن خاطر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ٿيندا، پوءِ ٻارن کان هيءَ توقع ڪيئن ٿي ڪري سگهجي ته هو پنهنجي هلندڙ شوقن ۽ دلچسپين کان منهن موڙي ڏورانهن مقصدن ۽ اميدن خاطر اهڙن ڪمن ۾ پنهنجي دل لڳائين جيڪي کين پاڻ کي به سٺا نٿا لڳن. ”سٺن“ مان مراد اها ناهي ته اهي بالغن جي نقطه نظر کان اخلاقي خوبي رکندا هجن، بلڪه ٻارن لاءِ هر اهو ڪم ”سٺو“ آهي جنهن ۾ کين پنهنجي وڌندڙ صلاحيتن جي اظهار جو موقعو ملي ۽ ان سان کين خوشي ۽ سگهه جو احساس ملي. تعليم جو اهو ڪم ضرور آهي ته اها ٻارن کي زندگيءَ لاءِ تيار ڪري، پر ان جو اِهو طريقو ناهي ته اها سدائين ڪنهن ايندڙ زماني جي ياد سان ٻارن کي لوليون ڏيندي رهي. ان جي بهترين تدبير هيءَ آهي ته ننڍپڻ ۽ نوجوانيءَ جي زماني ۾ کين اهڙا موقعا مهيا ڪيا وڃن جيئن هو پنهنجي فطرت ۽ جبلي خواهشن مطابق زندگي بسر ڪري سگهجن ۽ سندن ضرورتن جو پورائو ڪندڙ لاڀائتيون عادتون، علم ۽ هنر سکن.

 

شاگرد مٿان زوريءَ ڪم مڙهڻ جو نتيجو

استاد کي گهرجي ته سدائين ٻارن جي زندگيءَ ۽ هلندڙ لاڙن کان سکيا جي شروعات ڪري. ڇاڪاڻ ته فطري طور انهن جي دلچسپيءَ جو مرڪز هلندڙ دؤر هوندو آهي. انهن جي نظر ۾ مستقبل جي ڪابه تڪڙي ۽ شديد اهميت ناهي هوندي. جيڪڏهن انهن جي مطالعي ۽ مشغولين لاءِ اهڙين شين سان اتساهيو وڃي جيڪي سندن نفسياتي ڪيفيتن ۽ خوبين سان ڳنڍيل آهن ۽ سندن روان زندگيءَ کي دلچسپ ۽ معنيٰ خيز بڻائين ٿيون ته هُو اسڪول ۾ پنهنجي سموري جسماني ۽ ذهني سگهه ڪم آڻيندا، ٻي صورت ۾ اهي پڙهڻ لکڻ جو ڪم بي دليءَ ۽ مقصد کي سمجهڻ کانسواءِ ڪندا ۽ سندن ذهني حالت ۾ انتشار رهندو. استاد کي مجبور ٿي ڪري انهن لالچن ۽ ترغيبن کان ڪم وٺڻو پوندو جيڪي نقصان کان خالي ناهن. ڪڏهن هو کين سزا جي ڌمڪي ڏيندو ته ڪڏهن امتحان ۾ ناڪاميءَ جي ڀوائتي تصوير ڏيکاريندو، ڪڏهن والدين ۽ دوستن جي ڪاوڙ ۽ شرمندگيءَ ۽ مستقبل جي پشيمانيءَ جو خيال ڏياريندو ۽ طرح طرح جي لالچن سان کين ريجهائيندو. نمبرن ۽ درجي جو خبط جيڪو اسان جي نظام تعليم تي ايتري قدر حاوي آهي، انعامن جي ورهاست ۽ ان جي حد کان وڌيڪ اهميت، شاگردن جي پاڻ ۾ ريس، ان قسم جون سموريون شيون جيڪي اسانجي اسڪولن جي نظام جو جزو بڻجي ويون آهن، سڀني جي ضرورت ان ڪري پوندي آهي جو شاگردن کي پنهنجي مقرر ڪم سان ڪو واقعي نفسي تعلق ناهي هوندو ڇاڪاڻ ته تعليم ۽ سکيا جو بنياد انهن جي شوق ۽ جبلت، اتساهه ۽ تجسس واري ذوق تي ناهي رکيو ويو. ان جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته منجهن ڪم خاطر ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ ان مان خوشي حاصل ڪرڻ جو مادو پيدا ناهي ٿيندو، سندن عمل جي خواهش مردهه ٿي ويندي آهي ۽ سڄي عمر ان جو ڪيتو لوڙيندا آهن. مطلب ته ڪم کي ڪنهن خارجي مقصد خاطر زوريءَ شاگردن مٿان مڙهڻ تعليمي ۽ نفسي حوالي سان سراسر اعتراض جوڳو آهي. جيڪڏهن شاگردن جو ماحول سازگار هجي ۽ جيڪو ڪم انهن لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي ان جو مقصد انهن جي سمجهه ۽ صلاحيت کان ٻاهر نه هجي ته انهن جي طبيعت ۾ مطالعي جو شوق ۽ علم ۽ هنر سکڻ جي خواهش پاڻ مرادو پيدا ٿي ويندي.

اسڪول جو اندريون ۽ ٻاهريون ماحول

اسڪول جون اندريون ٻاهريون حالتون اهڙيون هجن جو انهن ۾ ٻار پنهنجين صلاحيتن مان پورو فائدو وٺي سگهن ته مستقبل لاءِ فڪر ڪرڻ جي ڪا خاص ضرورت ناهي. استاد جو فرض هي آهي ته هو سندن هلندڙ مشغلن ۽ تجربن کي جيتري قدر بامقصد ۽ سبق آموز بڻائي سگهي بڻائي. يعني انهن جو سلسلو تمدني، حالتن، موقعن ۽ عمل جي محرڪن سان ڳنڍي ڇڏي، ۽ انهن جي تربيت ۽ تنظيم اهڙيءَ ريت ڪري جو اهي (مشغلا ۽ تجربا) نه رڳو ٻارن جي هاڻوڪين خواهشن ۽ ضرورتن کي پورو ڪري سگهن بلڪه اڳتي هلي پنهنجي مڪمل شڪل ۾ فرد ۽ سوسائٽيءَ ٻنهي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿين.

جديد تدريسي طريقي جي اهميت

اسڪول جو هيءَ جديد تصور علم حاصل ڪرڻ جي طريقي تي پڻ روشني وجهي ٿو. علم ۽ زندگيءَ ۾ جيڪو ويڇو پئجي ويو آهي ان سبب علم حاصل ڪرڻ بذات خود هڪ مقصد بڻايو ويو آهي ۽ ان لاءِ ڪجهه اصطلاحي طريقا تجويز ڪيا ويا آهن. اتي ٻارن جو ڪم آهي پڙهڻ، لکڻ، تاريخ، جاگرافي، رياضي وغيره جي درسي مضمونن جو مطالعو ڪرڻ. کين ان سان ڪو غرض ڪونهي ته ان سموري محبت ۽ ڪاوش جو (جيڪا انهن مضمونن کي ياد ڪرڻ ۾ کين ڪرڻي پوي ٿي) سندن هاڻوڪي يا آئنده زندگيءَ سان ڪهڙو تعلق آهي. اچار جي اکرن جو سڃاڻڻ به مٿن ساڳيءَ ريت فرض آهي جيئن مثال طور پاڻيپٽ جي جنگين جي تاريخ ياد رکڻ يا آمريڪا جي ندين جا نالا ڄاڻڻ. اسان کي انهن مضمونن جي اهميت کان انڪار ڪونهي پر خرابي هيءَ آهي ته اهي سمورا مضمون سندن اسرندڙ زندگيءَ ۽ تجسس پسند طبيعت ۾ پنهنجو پاڻ جذب ٿيڻ بدران مٿن استادن يا تعليم کاتي پاران هڪ مقرر نصاب جي شڪل ۾ مڙهيا ويندا آهن ۽ شاگردن لاءِ  انهن جو مطالعو لازمي هوندو آهي. ان صورت ۾ اسان هرگز اها توقع نٿا ڪري سگهون ته انهن علمن جي سکيا سندن عملي يا ذهني زندگيءَ تي ڪا اثر انداز ٿيندي يا هو انهن جي سکيا ۾ پنهنجي خوشيءَ ۽ شوق سان محنت ڪندا.

سڦل تعليم جو اصول

موجوده تعليم جو اصول ان بابت هي آهي ته علم فقط ان صورت ۾ لاڀائتو ۽ پائيدار ٿي سگهي ٿو جڏهن ان جي ضرورت قدرتي طور تي زندگيءَ جي مشغولين ۽ ڪارونهوار دوران پيدا ٿئي ۽ شاگرد ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ان کي حاصل ڪري. اسان جي روز مرهه جي تمدني زندگيءَ ۾ اهو ئي اصول ڪار فرما آهي ۽ ماڻهو جيڪو ڪجهه سکن ٿا اهو انهن ئي حالتن ۽ شرطن تحت سکن ٿا. اسان ڪنهن واٽهڙوءَ کي هروڀرو آلجبرا يا سائنس جي مطالعي تي آماده نٿا ڪري سگهون. ان جي ابتڙ جيڪڏهن سندس زندگيءَ جون مشغوليون اهڙيون آهن جو کيس پنهنجن فرضن ادا ڪرڻ لاءِ آلجبرا يا سائنس جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته هو خوشيءَ سان اهي حاصل ڪندو ۽ کيس جيتري به محنت ڪرڻي پوي ان کان نه لنوائيندو، پر انهن علمن جي ضرورت محسوس ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ سان انهن جو لاڳاپو ڄاڻڻ کانسواءِ هو هرگز انهن کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز نه بڻائيندو. اهي ماڻهو پڻ جيڪي دراصل ”علم کي علم خاطر“ پرائين ٿا، پنهنجي تجسس جي ذوق سبب هوريان هوريان ان منزل تائين پهچندا آهن جتي اهي علم کي خود هڪ مقصد بڻائي سگهن ۽ سندن لاءِ ڪنهن علم جي ميدان ۾ جديد تحقيقون ڪرڻ حقيقت ۾ اهڙو ئي ”لاڀائتو“ ۽ تسلي بخش هوندو آهي جهڙيءَ ريت مثال طور ڪنهن موچيءَ لاءِ چمڙي رڱڻ جو ڪو نئون ۽ بهتر طريقو معلوم ڪرڻ. انهن لاءِ ”لاڀ“ جو مفهوم عام ماڻهن کان مختلف ٿي ويندو آهي. جڏهن وڏن وڏن عالمن کانسواءِ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ هيءَ ڳالهه سؤلي نه آهي ته علم جي حاصلات کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي سگهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ٻار جن جو ڌيان تمام تڙيل پکڙيل ۽ نظر تمام محدود هوندي آهي سالن جا سال رڳو علم حاصل ڪرڻ کي پنهنجو مقصد بڻائي.

ٻارڙن جي پڙهڻ جا محرڪ

اسڪول جي پهرين ڪجهه سالن ۾ جڏهن خاص طور تي ان ڳالهه جي ضرورت هوندي آهي ته ٻارن جون درسي مشغوليون انهن لاءِ دلچسپ بڻايون وڃن ۽ اهي ان لائق به نه هوندا آهن ته روزيءَ ڪمائڻ جي آس سندن علمي محرڪ بڻجي سگهي، سندن آڏو عام طور تي ڪو اهڙو مقصد پيش نه ڪيو ويندو آهي جنهن کي سمجهي نه سگهن. عام طور تي ماڻهو نيون شيون ۽ نوان هنر ائين سکندا آهن جو ڪنهن ڪم ۾ رڌل هوندا آهن جيڪو نفسياتي طور کين ڀانءِ پوندو آهي ۽ ان جي سلسلي ۾ يا ان جي نتيجي جي طور تي ڪا نئين ڳالهه معلوم ٿي ويندي آهي. ان اصول کي واضح ڪرڻ لاءِ پروفيسر ڊيوي (Dewey) هڪ ننڍي ٻار جو مثال ڏئي ٿو ته اهو هلڻ يا ڳالهائڻ ڪيئن سکندو آهي. ٻار شعوري طور تي اهو ارادو ڪري ڳالهه ٻولهه ناهي ڪندو ته مان ڳالهه ٻولهه جو فن سکي سگهان يا اهو ارادو ڪري ناهي هلندو ته مونکي گهمڻ ڦرڻ اچي وڃي، بلڪه کيس پنهنجو پاڻ ٻين ماڻهن سان رلڻ ملڻ ۽ ساڻن لاڳاپا ٺاهڻ جي خواهش ٿيندي آهي، هو ان فطري خواهش کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان ڪوشش ۾ پهريائين پنهنجن ٻاتن ٻولين ذريعي پنهنجن خيالن ۽ جذبن جو اظهار ڪندو آهي، ان کانپوءِ هوريان هوريان لڳاتار ڪوشش ۽ مشق دوران کيس بي تڪلف ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اچي ويندي آهي. اهڙيءَ ريت هو چاهيندو آهي ته وڌي ڪري رانديڪي يا ڪنهن ٻي شي کي کڻي وٺي يا پنهنجي ڪنهن عزيز وٽ وڃي، يا اهڙي ضرورت اچي پوندي آهي جو پنهنجي جاءِ تان هٽي ڪنهن بهتر يا وڌيڪ محفوظ جاءِ تي وڃي، ان خواهش يا نفسي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ هو چرپر شروع ڪندو آهي. پهرين ڏڪندڙ وکن سان هلندو آهي، ان کانپوءِ جڏهن مشق وڌي ويندي آهي ته ڪنهن قدر تيزي ۽ رواني پيدا ٿي ويندي آهي، ايستائين جو گهمڻ ڦرڻ سندس روز مره جو معمول ٿي پوندو آهي، جنهن کان هو پنهنجي ضرورت آهر ڪم وٺندو آهي. بلڪه ان کان به وڌي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو سندس لاءِ سير سفر ڪرڻ پاڻ هڪ دلچسپ ۽ مزيدار مشغلو بڻجي ويندو آهي. انهن مثالن مان واضح ٿئي ٿو ته اسان ٻارن جي ڪيفيتن ۽ عملن جو مطالعو ڪريون يا وڏن جي چرپر کي ڏسئون ٻنهي صورتن مان هي نظر ايندو ته انسان جيڪو ڪجهه سکندو آهي اهو ڪنهن عمل يا مشغلي دوران ان جي ضمني نتيجي طور سکندو آهي، هو ڪنهن خاص علم حاصل ڪرڻ کي پنهنجو مقصد ناهي بڻائيندو. ان جي ابتڙ اسان جي اسڪولن ۾ عام طور تي ان قدرتي ۽ معقول طريقي بدران پري پري جا ۽ غير فطري طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن. ٻار جو ڌيان سڌو سنئون انهن شين ڏانهن ڇڪرايو ويندو آهي جيڪي کين سکڻيون آهن، توڙي جو هو بلڪل نه سمجهندا آهن ته انهن جو سندن زندگيءَ ۽ مشغلن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي. نصاب جي مضمونن ۽ معلومات جي ذريعي انهن جي عمل جي ذوق جي تسڪين نه ڪئي ويندي آهي ته منجهن لاڀائتيون عادتون پيدا ٿين، سندن قوت ۽ بصيرت ۾ واڌارو ٿئي ۽ اهي پنهنجي دماغي ترقي ۽ نشو نما جي احساس مان خوشي حاصل ڪن. نتيجو هي نڪرندو آهي جو انهن جي معلومات بلڪل سطحي ۽ سرسري رهجي ويندي آهي ۽ سندن اخلاقن ۽ عملن تي ان جو ڪو اثر نه پوندو آهي.

ٻارڙن جي پڙهڻ ۾ سرگرمي

جديد اسڪول جي جيڪا خوبي اسان مٿي بيان ڪئي آهي ان جي تشريح ڪجهه مثالن مان ٿي ويندي. ٻارن کي فطري طور آکاڻين ٻڌڻ جو شوق هوندو آهي ۽ هر گهر ۾ ماءُ يا ڀيڻ ننڍڙن ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائيندي آهي. جڏهن ٻار ڪنهن اهڙي اسڪول ۾ داخل ٿيندو آهي جيڪو معقول تعليمي اصولن تي هلايو پيو وڃي ته استاد ان شوق کي سکيا جو محور بڻائي کيس مختلف قسمن جو آکاڻيون (زباني توڙي ڪتابن مان پڙهي) ٻڌائيندو آهي جيڪي سندس ڄاڻ ۽ لاڙن ۾ غير محسوس طور تي ڪشادگي  پيدا ڪنديون آهن. جيڪڏهن آکاڻين يا ڪهاڻين جي چونڊ صحيح ۽ موزون آهي ته ٻار کي يقيناً ان سان دلچسپي پيدا ٿيندي، ۽ هو پاڻ اهي ڪهاڻيون يا پنهنجون ٺاهيل ڪهاڻيون پنهنجن ساٿين کي ٻڌائيندو ۽ ان جي بدولت سندس بياني صلاحيت جي تربيت ٿيندي. هوريان هوريان منجهس هيءَ خواهش پڻ پيدا ٿيندي ته هو پاڻ انهن ڪهاڻين کي ڪتابن ۾ پڙهي سگهي ته جيئن نيون نيون ڪهاڻين ٻڌائڻ لاءِ هو استاد جو محتاج نه هجي. پر هو ان خواهش کي ايستائين پورو نٿو ڪري سگهي جيستائين هو پڙهي نه سگهي. جيڪڏهن سندس گهرج سچي آهي ته نتيجو هي نڪرندو ته هو پنهنجو پاڻ پڙهڻ ڏانهن مائل ٿيندو، کيس زوريءَ اچار جي اکرن (حروف تهجي) ۽ انجي ترڪيبن جي ڏکين پيچرن تان گهلڻو نه پوندو بلڪه هو پنهنجي خوشيءَ سان ۽ محنت ڪري ڏکيائين تي ڪنٽرول ڪري وٺندو، ڇاڪاڻ ته انهن کي سکڻ سان کيس پنهنجي هڪ ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو قاعدي ۽ بي جوڙي جملن وارن ڪتابن کي ان خيال سان نه پڙهندو ته کيس پڙهڻ جو فن سکڻو آهي بلڪه ان مقصد سان پڙهندو ته ان قابليت کي حاصل ڪرڻ سان ئي فوراً انهن قصن کي پڙهي سگهندو، جنهن جي خاطر ان هيءَ سموري محنت ڪئي آهي. کيس خبر پوندي ته منهنجي مطالعي جو ڪهڙو مقصد ۽ ڪهڙو فائدو آهي ۽ هو قدرتي طور تي هي محسوس ڪندو ته مان اسڪول ۾ جيڪو ڪجهه سکي رهيو آهيان اهو ڪنهن اڻ ڄاتل مصلحت يا مستقبل بعيد جي خاطر نه بلڪه پنهنجين ضرورتن جي پورائي لاءِ آهي. ساڳيو حال نصاب جي ٻين سمورن مضمونن جو آهي. انهن جي مطالعي کي ننڍن ٻارن لاءِ هڪ مستقل مقصد بنائي ڇڏڻ جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته ٻار بدشوق ۽ لاپرواهه ٿي ويندا آهن ۽ کين نصاب بلڪل غير دلچسپ لڳندو آهي.

شغلائتي طريقي سان تدريس

جديد اسڪول جي ڪوشش هيءَ آهي ته اهو ٻارن کي شروع کان وٺي اهڙن مشغلن ۾ لڳائي جن کي ڪرڻ ۾ کين پاڻمرادو ۽ قدرتي طور تي انهن مضمونن کي پڙهڻ ۽ سکڻ جي ضرورت محسوس ٿئي، يعني اهي سندن ذاتي تجربن کي ڪشادو ۽ بامقصد بڻائڻ ۾ مفيد هجن. اهو ئي سبب آهي جو شغلائتن طريقن (Project Method) ۾ اسڪول جي ڪم جو بنياد اسانجي رواجي اسڪولن ۽ مدرسن وانگر ”سبقن“ تي ناهي رکيو ويو، بلڪه انهن سبقن بدران شاگردن کي مختلف قسم جي باقاعدي مرتب ڪيل ۽ کين پسند ڪيل ڪمن (Occupations) تي لڳايو ويندو آهي. انهن مشغلن دوران کين پنهنجي علم ۽ واقفيت کي وڌائڻ ۽ هٿ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ منصوبن ٺاهڻ ۽ انهن کي پورو ڪرڻ جي وسيلن بابت سوچڻ جي ضرورت پوندي آهي مثال طور اسڪول ۾ دڪان هلائڻ، پوسٽ آفيس قائم ڪرڻ، گهر ٺاهڻ، باغباني يا مالهيءَ جو ڪم ڪرڻ، ٻارن کي اهڙن ڪمن سان فطري طور تي دلچسپي هوندي آهي ڇاڪاڻ ته اهي سندن ڪجهه اهم جبلتن سان تعلق رکن ٿا. ۽ خاص طور تي ٻن نمايان نفسي لاڙن يعني تعمير جي جبلت ۽ سهڪار جي جبلت جي اظهار جو موقعو ڏيندا آهن. انهن ڪمن مان هڪ فائدو هي آهي ته اهي پنهنجي حواسن، هٿن پيرن ۽ دماغ کي هڪ مسلسل ڪم جي تڪميل ۾ لڳائيندا آهن. مثال طور ڪنهن تجويز کي عملي جامو پارائيندا آهن يا خارجي شين ۽ ذريعن کي ترتيب ڏيئي ڪا مفيد ۽ نئين شيءِ ٺاهيندا آهن جنهن سان انهن ۾ خوشيءَ ۽ ڪاميابيءَ جو احساس پيدا ٿيندو آهي، جيڪو شخصيت جي تربيت ۾ بيحد مدد ڏيندو آهي. انهن مان ٻيو فائدو هي آهي ته ان قسم جي ڪمن ۾ کين پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان گڏجي شيون ٺاهڻ، معاملن تي غور ڪرڻ ۽ منصوبن کي عمل ۾ آڻڻ جا موقعا ملندا آهن جنهن سان انهن جي سماجي تربيت عمل ۾ ايندي آهي. انهن سمورن مشغلن کي ڪاميابيءَ سان پورو ڪرڻ لاءِ کين مختلف قسم جي معلومات گهربل هوندي آهي جيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ هو وڏي شوق سان پنهنجن استادن ۽ دوستن يا ڪتابن ڏانهن رجوع ڪندا آهن، جهڙيءَ ريت اسان پنهنجي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ ضرورت وقت اخبارن، ڪتابن ۽ ٻين ماڻهن کان صلاح وٺندا آهيون. ان صورت ۾ شاگردن جو رياضي سکڻ يا ڪنهن ملڪ جي جاگرافي پڙهڻ يا دڪان جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ واپاري معلومات حاصل ڪرڻ بلڪل ائين آهي جيئن ڪو پئسن جي ڏي وٺ ڪندڙ يا ٻڌي جو واپاري پنهنجي ڪاروباري ضرورتن لاءِ اخبار ۾ بازار جي اگهن جو مطالعو ڪندو آهي. مٿس ڪو ماڻهو جبر ناهي ڪندو ته هو انهن خشڪ انگن اکرن ۾ مٿو هڻي، پر ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي دڪان جي ڪاميابيءَ جو فڪر آهي تنهنڪري سندس لاءِ اهي انگ اکر غير دلچسپ نه هوندا آهن بلڪه نهايت معنيٰ خيز هوندا آهن ۽ هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن جي مطالعي ۾ مغز ماري ڪري سگهي ٿو. هي مثال انهن سمورن (پنهنجي خوشيءَ سان حاصل ڪيل) علمن ۽ معلومات تي پورو لهي ٿو. اهي شيون واقعي ۽ حقيقي طور تي سندن ملڪيت بڻجي وينديون آهن ۽ جيئن ته اڪثر ۽ سڌو سنئون ڪم اينديون رهنديون آهن تنهنڪري انهن جو اثر انهن جي زندگيءَ ۽ ڪردار تي پڻ پوندو آهي. ساڳيو حال ٻارڙن ۽ نوجوانن جو آهي جيڪي طبعي طور ”سڦل پسند“ (Pragmatist) ۽ ”اقاديت پسند“ هوندا آهن. اهي هر شيءِ بابت اهو سوال ڪندا آهن: ان سان منهنجي ذات يا ٻين کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ اها ڪهڙي ڪتب ايندي؟ ننڍا ٻار بيباڪيءَ سان اهڙيون ڳالهيون پڇندا ئي رهندا آهن. ايستائين جو شروع ۾ انهن جي ذهن ۾ هر شيءِ جو تصور ان شڪل ۾ قائم ٿيندو آهي ته اها ڪهڙي ڪم اچي سگهي ٿي.، ڪرسي انهن لاءِ ڪنهن خاص مستقل شيءِ جو نالو نالو نه آهي بلڪه اها ”ويهڻ لاءِ“ هڪ شي آهي. جڏهن اهي سمجهه ڀري عمر ۾ پهچندا آهن پوءِ جيتوڻيڪ اهڙا سوال نه به ڪن ته فلاڻي شي يا فلاڻو مضمون اسانجي ڪهڙي ڪم جو آهي پر هر شيءِ ڏانهن سندن ذهني رويو اهو ئي هوندو آهي، تنهن ڪري عام مشاهدي ۽ نفسيات ٻنهي جي تقاضا هيءَ آهي ته شروعات ۾ شاگردن آڏو سمورا مضمون اهڙي طرح پيش ڪيا وڃن جو هو انهن جو ”فائدو“ محسوس ڪن ۽ هو جيڪا معلومات حاصل ڪن، اها انهن جي پنهنجي زندگيءَ کان ڏورانهين ۽ اڻ لاڳاپيل نه هجي بلڪه اها سندن دلچسپين ۽ مشغلن جي تاڃي پيٽي سان ملي وڃي. علم ۽ زندگيءَ جو پاڻ ۾ تعلق فقط ان صورت ۾ ئي قائم ٿي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com