سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :10

جڏهن اسان ڪنهن ماڻهوءَ کي اهي ئي طريقا استعمال ڪري پڙهائڻ جي ترتيب ڏيندا آهيون ته اهڙا ئي نتيجا نڪرندا آهن. ٻارن کي زباني طور تي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي آهي ۽ ٻار بددل ٿي ويندو آهي ۽ پڙهائيءَ کان ڀڄڻ لڳندو آهي. ٻار هن قسم جي زباني هدايت تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيئن ”چار بلاڪ کڻ“ يا ”توکي اهو بلاڪ کپي جنهن تي نشان لڳل آهي؟“ پر جلد ئي هو پريشان ٿي ويندو آهي. هو سمجهي نه سگهندو آهي يا ياد نه ڪري سگهندو آهي يا وري (گهڻو امڪان اهو ئي آهي ته) چڱيءَ طرح ان ڪم جي سمورن پاسن تي ڌيان نه ڏئي سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کيس هي چيو ويو ته ”هو بلاڪ کڻ جنهن تي نشان آهي“ ته کيس هيءَ پڻ چيو ويو ته هو جن بلاڪن سان ڪم ڪري رهيو آهي انهن جي سائيز پڻ ڌيان ۾ رکي. ان هدايت تي ٻار نشان وارو بلاڪ کڻندو ضرور پر اهو غلط سائيز جو هوندو. جيڪڏهن هو پهرين هدايت کي نٿو سمجهي سگهي ته اسان جو ڪم هي آهي ته ٻيون هدايتون ڏيون. اسان چئون، ته نه، اهو نه، ان کان وڏو“. فقط زباني پڙهائي ان عمر وارن ٻارن لاءِ تمام وڏو بار هوندي آهي. هو ناڪاميءَ مٿان ناڪاميءَ جو منهن ڏسندا آهن ۽ آخرڪار ڀڄي ويندا آهن.

جن ٻارن جي آڏو شين جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي ۽ جن کي ڪم ڪري ڏيکاريو ويندو اهي، هو پاڻ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي واري اچڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا آهن پر اهي به انهن شين کي مڪمل طور تي سمجهي ناهن سگهندا. هو پنهنجي دماغ ۾ هڪ خاڪو ٺاهي وٺندا آهن ته فلاڻو حصو فلاڻي سوراخ ۾ فٽ ايندو ۽ بلاڪ هڪ ٻئي جي مٿان رکيا ويندا، پر بلاڪن جي سائيز ۽ انهن جي ترتيب وغيره بابت گهڻيون پيچيده ۽ ڏکيون ڳالهيون سندس دماغ ۾ نه ماپنديون آهن. عام طور تي هو ابتا سبتا بلاڪ گڏ ڪندا آهن. تنهن هوندي به جن ٻارن کي ڏاڪي بڏاڪي انهن جي ضرورت آهر هدايت ڏبي رهبي آهي اهي هوريان هوريان سکندا رهندا آهن ۽ ان سمجهه لائق ٿي ويندا آهن ته هينئر ڪهڙا بلاڪ کپن، ڇاڪاڻ ته عملي مظاهري جي ذريعي انهن جيڪو علم پرايو آهي ان، ان زباني هدايت کي بامعنيٰ بڻائي ڇڏيو.

ضرورت آهر هدايت (تعليم) سان ٻار جي اندر مخصوص مهارت پيدا ٿي پوندي آهي. اهڙي مهارت جيڪا ڪنهن خاص ڪم سان تعلق رکندي هجي..... هيءَ مهارت لاڳاپيل ڪم جي ضروري پاسن تي ڌيان ڏيڻ ۽ ضروري شين کي اهميت ڏيڻ سان پيدا ٿيندي آهي. اها ان ڪم کي سلسليوار ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهائي ڇڏيندي آهي، جنهن سان ٻارن جو ڪم سولو ٿي پوندو آهي ۽ انهن کي گڏ ڪري هو پنهنجو ڪم مڪمل ڪندا آهن. پڙهائيءَ جي ان طريقي لاءِ اسان عمارت سازيءَ وارو اصطلاح ڪوازو استعمال ڪندا آهيون. ان ڪوازي کي مضبوطيءَ سان ٺاهيو وڃي ته ٻار ان بلنديءَ تائين پهچڻ جو سليقو سکي وٺندا آهن جيڪو ان کانسواءِ نه سکي سگهندا آهن.

مون هيءُ مثال اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي ته ان ڏکيائيءَ جو اندازو ٿي وڃي جيڪا سکڻ لاءِ تدريس جي اهميت جو جائزو وٺڻ دوران پيش ايندي آهي. ستن سالن جي عمر کانپوءِ ٻار انهن تصويرن ۽ خاڪن کي ڏسي جيڪي استاد کين ڏيکاريندو ۽ سمجهائيندو آهي پنهنجو ڪم پاڻ ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته هن ڪم ۾ ٻارن لاءِ ترتيب سان رکڻ جي اهليت جي ضرورت هوندي آهي جيڪا هو ستن سالن جي عمر کان اڳ حاصل نٿا ڪري سگهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ان مان پيازي جو هيءَ نظريو ثابت ٿئي ٿو ته ستن سالن کان اڳ ٻار اهو ڪم ڪرڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي ۽ ٻار ستن سالن جي عمر کانپوءِ عملي مهارت حاصل ڪندو آهي. جيڪڏهن حقيقي مهارت حاصل ڪرڻ جو معيار پاڻ مرادو ۽ اڪيلي سر ڪم ڪرڻ آهي ته انهن نتيجن مان پيازي جو نظريو ثابت ٿئي ٿو.

جيڪڏهن اسان انهن ٻارن کي ئي آڏو رکون جن کي عملي ڏيکاءَ ۽ زباني هدايت جي ذريعي پڙهايو ويو آهي ۽ جن کي سکڻ ۾ مدد نه ڏني وئي آهي (اهو طريقو اسڪول جي عمر کان اڳ وارن ٻارن ۾ هيءَ ڏسڻ لاءِ اختيار ڪيو ويو هو ته ڇا ”تربيت“ سان انهن ٻارن کي ترتيب وار ڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي؟ پر اها ڪوشش ناڪام رهي آهي) ته اسان کي اهو پڻ چوڻو پوندو ته عملي سوچ ٺهڻ کان اڳ ٻارن ۾ اهڙن ڪمن ڪرڻ جي اهليت نه ٿيندي آهي جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به ضرورت مطابق کين سيکاريو ۽ سمجهايو وڃي ته هو سکي وٺندا آهن. ضرورت آهر مدد ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته هدايت ڏيڻ جي رفتار اهڙي هجي جيڪا ٻارن جي پل پل جي سمجهه مطابق گهٽجندي ۽ وڌندي رهي. جيڪڏهن هڪ مرحلي تي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته کين وري سمجهايو وڃي. جيڪڏهن سمجهي وٺن ته استاد کي پوئتي هٽي وڃڻ گهرجي ۽ ٻار کي پيش قدمي ڪرڻ جو وڌ ۾ وڌ موقعو ڏيڻ گهرجي. ان صورت ۾ ٻار ڏکيائيءَ وقت پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪندو ۽ کيس اهو خطرو به نه ٿيندو ته استاد مداخلت جي حد تائين سڌو سنئون پڙهائيءَ تي اصرار ڪري سندس پنهنجي پيش قدمي روڪي رهيو آهي. اهو فارمولو سؤلو ۽ عام نظر اچي ٿو پر ان تي عمل ڪرڻ ايترو سؤلو ڪونهي. اسان مٿي جيڪو ڪم ڏنو آهي اهو نسبتاً سؤلو آهي پر ضرورت آهر مدد ڏيندڙ استاد پڻ اصولن جي خلاف ورزي ڪري ويندا آهن. مثال طور هڪ موقعي تي هڪ استاد هڪ ئي هدايت ڏيندو رهيو جيتوڻيڪ کيس ان کان اڳتي جي هدايت ڏيڻ کپندي هئي. هڪ ٻئي موقعي تي ان تڏهن مدد ڪئي جڏهن ان جي ضرورت نه هئي. ضرورت آهر مدد ڪرڻ جي اصول کي سمجهڻ ۽ ان مطابق پڙهائڻ ٻه مختلف شيون آهن.

ڪلاس روم جي دنيا ۾ ضرورت آهر مدد جي اصول تي ڪاميابيءَ سان عمل ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. پهريائين ته اسڪول ۾ جيڪي سبق پڙهايا ويندا آهن انهن ۾ اهڙا ڪم شامل هوندا آهن جن جي ڪا واضح بناوٽ نه هوندي آهي ۽ انهن مان ڪو هڪ صحيح جواب آڏو نه ايندو آهي. ايستائين جو رياضيءَ ۾ پڻ ڪا واضح هيئت نه هوندي آهي. مثال طور اهڙي ڪا تربيت يا طريقو ڪونهي جنهن سان سمورن ٻارن کي رياضي پڙهائي سگهجي. ان کانسواءِ اسڪول جي پڙهائيءَ جي هڪ ٻي خوبي هيءَ آهي ته اها گروپ جي شڪل ۾ ٿيندي آهي. تنهنڪري سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ڇاڪاڻ ته اسان جيڪي تجربا ڪيا آهن انهن ۾ هڪ ٽيچر ۽ هڪ ٻار شامل هوندا آهن تنهنڪري ان قسم جي تجربن مان جيڪي نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن ڇا اهي اسڪول جي ڪلاسن تي لاڳو ٿي سگهن ٿا؟ ڇا ان صورت ۾ ضرورت آهر مدد ۽ تعليم جي ڪا معنيٰ ٺهي ٿي جتي ڪيترن ئي ٻارن کي هڪ ئي وقت تعليم ڏني وڃي؟ ان سوال تي اسان وري غور ڪنداسين.

سکڻ ۽ سکيا کي جنرلائيز ڪرڻ

هڪ نازڪ مسئلي بابت شروعاتي خيال

عام طور تي اسان ٻارن کي اهڙيون اوپريون شيون پڙهائڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون جيئن تعداد ۽ وزن جو هڪ جهڙو مسلسل برقرار رهڻ ۽ نه اسان ڪنهن سڌي سنئين طريقي سان شين کي ترتيب وار ٺاهڻ سيکاريندا آهيون. تنهن هوندي به اڪثر ملڪن جي ٻارن کي ستن سالن جي عمر تائين پهچندي پهچندي پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ان قسم جي ڪم سان پالو ضرور پوندو آهي ۽ هو ان کي سمجهندا پڻ آهن ۽ شايد بيان پڻ ڪري سگهندا آهن ته انهن ائين ڇو ۽ ڪيئن ڪيو. جيڪڏهن حقيقت ۾ به کين اهو ڪم سيکاريو ناهي ويو ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ گهر يا اسڪول ۾ کين تعليم ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اڪثر ٻار اهڙا ڪم قدرتي طور تي ئي سکي وٺندا آهن.

هتي سوال هيءَ ٿو پيدا ٿئي ته ٻار سمجهڻ جي صلاحيت ۽ ذهانت ڇو ۽ ڪيئن حاصل ڪندا آهن؟ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪهڙو علم يا تجربو حاصل ڪندا آهن ۽ ان جي جنرلائيزيشن (عام ڪرڻ) ڪيئن ڪندا آهن؟ پيازي جي نظر ۾ ڄاڻڻ جون اهي حڪمت عمليون جيڪي تجربي جو ادراڪ ڪرڻ ۽ ان مان عمومي نتيجا اخذ ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهن ٿيون انهن جون پاڙون ان عمل ۾ کتل هونديون آهن جيڪو ٻار پنهنجي آس پاس جي دنيا تي ڪندو آهي. وائگوٽسڪي ۽ برونر جي خيال ۾ علمي ”اوزار“ ۽ سرگرميون جيڪي سمجهه جو بنياد بڻبيون آهن سماجي ميل جول ۽ گهڻو ڪري غير رسمي تعليم مان اڀرنديون آهن. معلومات پروسيسنگ جا اصطلاح، ٻڏتر جي ڪيفيت جو تصور، پاڻ کي منظم ڪرڻ جي محدود صلاحيت، هڪ شيءِ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي قابليت ۽ مهارت اهڙيون شيون آهن جن مان خبر پئجي سگهي ٿي ته ٻار ڇا ڪري سگهي ٿو ۽ ڇا نه. وائگوٽسڪي ۽ برونر سکيا جي عمل ۾ سماج ۽ تاريخ جي اهميت تي جيڪو زور ڏنو آهي ان جو اظهار معلومات پروسيسنگ جي ٻوليءَ ۾ ڪري اسان کي سکيا جي اهڙي ٿيوري ملي ٿي جيڪا (ڪن اهم پهلوئن جي حوالي سان) پيازي جي نظريي کان مختلف آهي. سکڻ ۽ سوچڻ جي عمل جو بنياد ڪهڙين دماغي سرگرمين (Activities) تي آهي ۽ ڪهڙا تجربا انهن صلاحيتن کي تڪميل تي پهچائيندا آهن؟ ان بابت ٻنهي نظرين ۾ اختلاف آهي.

جيڪڏهن اسان پيازي جي ان خيال کي مڃيون ته ستن سالن جي عمر کان اڳ ٻارن کي سڦلائتي طريقي سان ڪجهه ڪم ۽ خيال (Concepts) جيئن انگن جي ڳڻپ ۽ حساب وغيره نٿا سيکاري سگهون، ڇاڪاڻ ته انهن ٻارن ۾ سکڻ جي قابليت ئي نه هوندي آهي، ته اسان اسڪولن جي تعليم کان جنهن قسم جا مطالبا ڪنداسين اهي وائگوٽسڪي ۽ برونر جي حامين کان مختلف هوندا. مون انهن تجربن مان ڪجهه مثال پيش ڪيا آهن جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻار جيڪو ڪم پاڻ نٿا ڪري سگهن سندن مدد ڪري اهو ڪم کين سيکاري سگهجي ٿو. ذهني اوسر بابت وائگوٽسڪيءَ جي ڳالهه مڃي وٺجي ته ان مان رڳو اهو ظاهر نه ٿيندو آهي ته ٻار پڙهائڻ سان سکندا آهن، بلڪه ان سان ٻارن ۽ بالغن ۽ ماهرن ۽ سيکڙاٽن وچ ۾ موجود ان ميل جول جو اظهار پڻ ٿيندو آهي جيڪو علم جي رسائيءَ لاءِ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان مڃيون ٿا ته سکڻ ۽ سوچڻ سماجي ميل جول سان ممڪن ٿيندو آهي ته ٻار ۽ سندس استاد جو پاڻ ۾ لاڳاپو پيازي جي نظرئي ۾ ڄاڻايل لاڳاپي کان مختلف هوندو آهي. وائگوٽسڪي ۽ برونر ٻئي چون ٿا ته ٻارڙن ۽ سندن والدين وچ ۾ ميل جول جيڪا هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ هڪٻئي جي مدد جي بنياد تي ٿيندي آهي دراصل ذهني اؤسر ۽ سکيا جو سرچشمو هوندي آهي.

ٻار پنهنجي تجربي مان جيئن لاڀ حاصل ڪندو آهي ۽ پنهنجي اندر نئين صورتحال ۽ نون مسئلن سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪندو آهي اها هڪ اهڙي بحث جو موضوع آهي جيڪا سماجي ۽ ثقافتي اثرن جي چوڌري گهمندي آهي. وائگوٽسڪي چوي ٿو ته ٻار جڏهن پاڻ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهوءَ سان ملندو جلندو آهي ته هو رڳو ڪنهن خاص ڪم بابت نه سکندو آهي ۽ ان کي ذهن نشين ڪندو بلڪه هو اهڙيءَ ريت پاڻ مرادو تعليم جي طريقه ڪار کان پڻ واقف ٿيندو آهي ۽ ان کي به ذهن نشين ڪندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي علمي ۽ عملي سرگرمين جي رٿابندي ڪرڻ ۽ انهن کي منظم ڪرڻ جي ڄاڻ پڻ حاصل ڪندو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته ڪن ٻارن ته جيڪو ڪجهه پڙهيو آهي اهو سمجهي به وٺندا آهن ۽ ان کي ياد به رکندا آهن، پر ڪي ٻار ياد رکڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن. ائين ڇو ٿيندو آهي؟

پيازي جا پيروڪار چئي سگهن ٿا ته ياد رکڻ ۽ علم کي عمومي شڪل ڏيڻ ۾ ناڪاميءَ جو ڪارڻ اهو هوندو آهي ته وقت کان اڳ تعليم ڏني ويندي آهي ۽ وقت کان اڳ تعليم فقط کوکلو طريقه ڪار ۽ سکڻ جا ڪجهه ڪرتب سيکاريندي آهي. ٻار کان سکيل علم کي ياد رکڻ ۽ ان کي جنرلائيز ڪرڻ جي توقع ان وقت ڪري سگهبي آهي جڏهن هو پنهنجي سمجهه جي تعمير پاڻ ڪرڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته ٻار جي اندر لاڳاپيل صورتحال کي سمجهڻ جي قابليت مان اندازو ٿيندو آهي ته منجهس ذهني ارتقا ٿي آهي ۽ هن رڳو هڪ طريقي ڪار نه سکيو آهي. ان جي تصديق لاءِ ڪافي ثابتيون ملنديون آهن. تنهنڪري مثال طور ٻار جڏهن ٺوس عملي مهارت حاصل ڪري وٺندو آهي ته صورتحال جي ڪشادي دائري جي سمجهه سندس اندر پيدا ٿي ويندي آهي جيئن ڳاڻاٽي، مقدار، پکيڙ، وزن ۽ ٿولهه کي ڪيئن برقرار رکي سگهجي ٿو. هو ڄاڻي وٺندو آهي ته شين ۾ ترتيب ڪيئن پيدا ڪجي، درجي بنديءَ تحت پيچيده نظام ڪيئن قائم ڪجي ۽ منطقي نتيجا ڪيئن حاصل ڪجن. جيڪڏهن ان قسم جي شين جي تعليم انهن ٻارن کي ڏجي جن ۾ اڃا عملي سوچ به پيدا نه ٿي آهي ته ان تعليم جو فائدو نه ٿيندو ۽ ان سان ٻار جي ذهني اوسر ۽ نشوونما نه ٿيندي. اها ناڪامي تڏهن ظاهر ٿيندي جڏهن اهي ٻار جيڪو ڪجهه اڳ ۾ ۽ بعد ۾ سکندا ان کي ٻين شعبن ۾ استعمال ڪرڻ يعني ان علم کي جنرلائيز ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا.

دراصل مسئلو ان کان به وڌيڪ پيچيده ۽ ڏکيو آهي جيترو اسان مٿي بيان ڪيو آهي. پهريائين ته اسان ايتري وسيع پئماني تي تعميم (جنرلائيزيشن) جي اڳ ڪٿي ۽ توقع تڏهن ڪري سگهون ٿا جڏهن اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪري چڪا هجون ته انهن مان هر تصور کي سمجهڻ لاءِ هڪجهڙين صلاحيتن (جيئن شين کي مربوط ڪرڻ، انهن جي تسلسل کي ويڙهڻ ۽ غير موجود عنصرن جي تلافي ڪرڻ جي صلاحيت) جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اسان ان خيال سان اتفاق نٿا ڪريون ۽ ان جي ابتڙ سمجهون ٿا ته انهن مختلف تصورن کي سمجهڻ لاءِ خاص مهارت جي ضرورت هوندي آهي ۽ ان ۾ عام مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ طريقه ڪار شامل نه هوندو آهي ته ٻار مان هيءُ خواهش جائز نه ٿيندي ته هڪ شعبي ۾ انهن جيڪو علم حاصل ڪيو آهي اهو ٻئي شعبي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏين. پر ائين پڻ آهي ته جيڪڏهن ٻارن پيازي جي تجويز ڪيل سمورن ڪمن ۾ ترت ۽ مڪمل تعميم (Generalization) ڪري ڏيکاري آهي ته پوءِ اهو دليل بيڪار ٿي وڃي ٿو. تنهن هوندي به هڪ شعبي کان ٻئي شعبي ڏانهن تعميم ترت نه ٿيندي آهي مثلاً جيستائين ڳاڻاٽي کي مسلسل برقرار رکڻ جو طريقو نه سکي وٺجي وزن برقرار رکڻ نٿو اچي سگهي.

پيازي جو نظريو ان صورتحال کي تسليم ڪري ٿو. هڪ ڪم مان ٻئي ڪم ڏانهن مهارت جي منتقليءَ کي هو ”ڏهه سلسليوار اپاءَ“ (Horizontal Decalage) قرار ڏئي ٿو. ٻار پهريائين هڪ صورتحال کي ذهن نشين ڪندو آهي. سندس لاءِ هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي تائين پهچڻ اوچتو نه ٿيندو آهي بلڪه اهو ڏاڪي بڏاڪي ٿيندو آهي. تنهن ڪري واضح طور تي اها اڳڪٿي ڏکي بڻجي پوندي آهي ته ٻار مختلف ڪمن جي منطقي سمجهه جو ڪڏهن ۽ ڪيئن مظاهرو ڪندو. ان سان گڏ ڪن تجربن ثابت ڪيو آهي ته پيازي جي نظريي ۾ جن ڏهن سلسليوار اپائن جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهي اؤسر ۽ نشوونما جي حقيقتن سان مطابقت نه رکندا آهن. مثال طور هو چوي ٿو ته مختلف مدن يا ڪئٽيگيرين (Catagories) جي حوالي سان تصور ڪرڻ جي قابليت پهريائين پيدا ٿيندي آهي ۽ بعد ۾ ساڳي قابليت شين جي تصور ڪرڻ جي لياقت لاءِ بنياد مهيا ڪندي آهي. جيستائين ٻار هيءَ حقيقت نٿو سمجهي وٺي ته ڇهن جو انگ هڪ ئي وقت اٺن کان ننڍو ۽ چئن کان وڏو آهي تيستائين هو پنهنجي دماغ ۾ انگن جو تصور نٿو آڻي سگهي. هيءَ پيازي جو نظريو آهي. پر انگن جي سلسلي ۾ ٻارن جي تصور تي جيڪا تحقيق ڪئي وئي آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پيازي جي نظريي جي ابتڙ انگن جو تصور ٻارن جي سمجهه ۾ پهريائين ئي اچي ويندو آهي. بلڪه هڪ مفڪر لنزر جو خيال آهي ته ڳاڻاٽي يا انگن سان لاڳاپيل ٻار جو علم هڪ ئي شيءِ کي مختلف مدن جي حوالي سان سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

برونر جي نظريي جي روءِ سان اسان ٻار کان سمجهڻ ۽ پنهنجي علم کي جنرلائيز ڪرڻ جي جيڪا توقع ڪندا آهيون اهو ڪو تمام وڏو اهڙو ڪارنامو ڪونهي جنهن جي پٺيان ڪو منطقي ڍانچو هجي، بلڪه اهو پنهنجن صلاحيتن کي منظم ڪرڻ جو عمل ٿيندو آهي. هو چوي ٿو ته اسڪول جي اثرائتي تعليم ٻار آڏو سوچڻ جا اهي انداز آڻيندي آهي جيڪي تعليم جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل هوندا آهن. ڪنهن مضمون جي نحوي ترڪيب يعني ان جي رسمي ڍانچي، حقيقتن ۽ ”حل“ جو فقط هڪ پهلو آهي جنهن کي ٻار کي سکڻ جي ضرورت هوندي آهي. طريقه ڪار، حقيقتون، تاريخون ۽ فارمولا سيکارڻ سان ٻار اندر ان مضمون جي سمجهه ۽ ان سمجهه کي جنرلائيز ڪرڻ جي صلاحيت پيدا نه ٿيندي. هيءَ صلاحيت تڏهن پيدا ٿيندي جڏهن ٻار انهن مقصدن کي پوريءَ طرح سمجهي وٺندو جيڪي استاد جي عمل ۽ سبق ۾ ڪارفرما آهن. رياضي، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻين مضمونن ۾ سوچڻ جا اهڙا ڍنگ ٺاهيا ويا آهن جن سان دنيا کي سمجهڻ جو سليقو ۽ ڍنگ اچي ويندو آهي. ٻار جيستائين رياضيدان، مؤرخ يا جاگرافيءَ جي ماهر جو ڪردار پاڻ نه سنڀاليندو ۽ انهن شين جي ڄاڻ نه حاصل ڪندو جيڪي انهن مضمونن جي ماهرن جي شوق کي اڀارينديون آهن ۽ جيستائين هُو اهي اوزار استعمال ڪرڻ نه سکندو جن سان اهي ماهر انهن جو حل ڪڍندا آهي تيستائين کوکلا هٿ ناٽ ۽ سکڻا طريقا ئي سکي سگهندو ۽ ان مضمون جو ”وارث“ نه بڻبو. ٻار باضابطه ۽ بي ضابطه ٻنهي قسمن جي تعليم مان جيڪو ڪجهه سکندا آهن ان جي نوعيت بابت انهن خيالن کي جيڪڏهن مڃي وٺجي ته اسان کي اهي دور رس فرق ۽ اختلاف پڻ نظر ايندا جيڪي مختلف تهذيبن، ذيلي تهذيبن ۽ معاشرتي گروهن جي ٻارن جي ذهني اوسر ۽ تعليم جي انداز ۾ ڪار فرما هوندا آهن.

وائگوٽسڪي، برونر، ۽ پيازي ٽئي ماهر ٻار جي سکڻ ۽ سندس ذهني اوسر ۾ شامل عمل جي مرڪزي حيثيت کي ته قبول ڪن ٿا پر سماجي ميل جول ۽ تدريس لاءِ جيڪي فرض هو مقرر ڪن ٿا انهن ۾ اختلاف آهي. ساڳيءَ ريت علم تي ثقافتي ۽ سماجي تجربن جا جيڪي اثر پيا آهن انهن بابت پڻ انهن جي وچ ۾ اختلاف آهي. پيازي اسان کي ثقافت جي انهن عام اصولن جي ڳولها لاءِ اتساهي ٿو جيڪي ذهني اؤسر جي گڏيل مرحلن ذريعي ظاهر ٿيندا آهن. وائگوٽسڪي ۽ برونر اسانکي هن ڳالهه جي کوجنا ڪرڻ لاءِ آماده ڪن ٿا ته دنيا بابت سوچڻ ۽ ان جي ذهني طور تي تشڪيل ۽ جوڙجڪ ڪرڻ جا مختلف طريقا ڪهڙيءَ طرح مختلف سماجن جي تهذيبي تجربن ۽ انهن معاشرن ۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ کين سماج سان هم آهنگ ڪرڻ جي عمل جي نتيجي تي ظاهر ٿيندا آهن.

باب ڇهون

 

 

 

استاد

جو

 ڪردار

نصاب جي ترتيب ۽ ان کي سماجي ضرورتن سان ٺهڪندڙ بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته استاد کي ٻارن جي فطرت ۽ تمدن جي نظام ٻنهي جي ڄاڻ هجي. هو ذهين هجي ۽ سماجي احساس رکندڙ هجي. ان کانپوءِ نصاب کي شاگردن آڏو پيش ڪرڻ ۽ ان کي سندس زندگيءَ جو جزو بنائڻ جو مسئلو اچي ٿو، جيڪو تعليمي طريقي سان لاڳاپيل آهي. ۽ ان جو دارومدار مڪمل طور تي استاد جي ذات تي آهي. جيتوڻيڪ موجوده تعليمي نظريي مطابق اسان جو سڀ کان وڏو مقصد اهو ئي آهي ته شاگرد ۾ پاڻ ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجين مشڪلاتن کي پاڻ حل ڪرڻ جي قابليت پيدا ٿئي، پر هي مقصد استاد جي رهنمائيءَ ۽ مدد کانسواءِ حاصل نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي اسڪول جي ماحول کي اهڙيءَ ريت منظم ڪري ٿو ۽ ان ۾ ڪم جا اهڙا عملي محرڪ نکيڙي ٿو جو ٻارن ۾ پنهنجو پاڻ تي اعتماد، محنت ۽ حوصلي جون وصفون اڀري اچن ٿيون. اهڙيءَ طرح اسڪول ۾ تنبيهه ۽ ضبط جي نظام کي قائم رکڻ جي ذميداري پڻ پڇاڙيءَ ۾ مٿس ئي لاڳو ٿيندي آهي. هتي اسانجو مقصد

پڻ اهو ئي آهي ته اسان شاگردن ۾ پنهنجو پاڻ تي اعتماد قائم ڪريون ۽ اسڪول جي سماجي زندگي ۽ ان جي فرضن جي تنظيم جي ذميداري پڻ مٿن ئي وجهون پر اها حالت پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿيندي آهي. تنهنڪري استاد لاءِ شروع ۾ گهڻي غور فڪر ۽ ڪوشش ۽ تدبير جي ضرورت آهي ۽ ان جي قائم ٿي وڃڻ کانپوءِ به کيس سدائين وڏي احتياط ۽ هوشياريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته خبر ناهي ڪنهن وقت ان مشين ۾ ڪا اهڙي خرابي يا رڪاوٽ پيدا ٿي وڃي جنهن کي شاگرد پاڻ ختم نه ڪري سگهن ۽ سندس دوستاڻي مدد ۽ مشوري يا مداخلت جا محتاج ٿين. تنهنڪري موجوده تعليمي خيالن جي روءِ سان استاد کي تعليمي نظام ۾ تمام وڏي اهميت حاصل آهي. جيتوڻيڪ کيس اڳ وانگر شاگرد بدران پاڻ کي ڪم ڪرڻو نه پوندو آهي ۽ هو مطالعي ۽ محنت جي ذميداري ممڪن حد تائين انهن تي ئي رکندو آهي پر سندس تعليمي، سماجي ۽ اخلاقي ذميداريون اڳ کان وڌيڪ اهم ۽ نازڪ بڻجي ويون آهن ۽ وڌيڪ مختلف نوعيتن جي صفتن ۽ صلاحيتن جون گهرجائو آهن.

شاگردن جي تربيت ۾ استاد جي اهميت

موجوده بحث کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هي ٻڌائڻ ضروري آهي ته نصاب ۽ تعليمي طريقي جي جوڙجڪ ڪرڻ کانسواءِ استاد هڪ انسان جي حيثيت ۾ پنهنجي شاگردن جي تربيت ۾ ڪهڙيءَ طرح حصو وٺي سگهي ٿو.

استاد جي ڪرت جي هڪ خوبي اهڙي آهي جيڪا کيس تقريباً ٻين سمورن ڌنڌن کان ممتاز بڻائي ٿي. سندس شاگردن جي دل ۽ دماغ ۽ روح سان سڌو سنئون واسطو پوندو آهي ۽ مٿن سندس شخصيت، سندس زندگيءَ بابت فلسفي ۽ سندس طرز عمل جو اثر اڻ سڌيءَ طرح پوندو آهي. سندس تعلق ٻارن جي زندگيءَ جي ڪنهن خاص پهلوءَ سان نه پر انهن جي زندگيءَ جي سمورن شعبن سان آهي ۽ هر شعوري ۽ غير شعوري طور تي انهن جي مجموعي ڪردار کي متاثر ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر يا انجنيئر يا رازي کي پنهنجي ڪم جي موضوع سان محبت نه هجي ۽ هو ان کي پورو ڪرڻ ۾ مروت ۽ همدرديءَ جو اظهار نه ڪري ته ان نقص جي ڪري سندس ڪم ۾ ڪا وڏي خرابي نه ٿيندي. بي شڪ اهي وصفون هر ماڻهوءَ لاءِ فائديمند آهن (پوءِ ان جو ڪهڙو به ڌنڌو هجي) ۽ کيس انساني فرضن جي ادائگيءَ ۾ سدائين انهن جي ضرورت پوندي آهي. پر انهن جي نه هئڻ ۾ جيڪا خرابي آهي سان سندس ذات لاءِ آهي سندس ڪم يا فن لاءِ ناهي. ان جي ابتڙ استاد کي روح رکندڙ فردن سان پالو پوندو آهي جيڪي پنهنجي ماحول جي اثرن کي هر وقت قبول ڪندا رهندا آهن ۽ ان ماحول ۾ استاد جي ذات کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته معاشرو پاڻ کيس شاگردن جي ڀيٽ ۾ مٿانهين حيثيت ڏيندو آهي ۽ کيس نهايت مان ۽ مرتبو حاصل هوندو آهي، ٻيو ته وڌيڪ قابل ۽ تجربيڪار هئڻ ڪري استاد مٿن پنهنجو اثر وجهي سگهي ٿو ۽ ان سگهه ۽ صلاحيت کان ڪم وٺي سگهي ٿو جنهن کي نفسيات جي اصطلاح ۾ ”مٿانهون هجڻ“ (Prestige Suggestion) جي عنوان  سان تعبير ڪيو ويندو آهي.

نوجوانيءَ جي دؤر جي خوبين مان اها به هڪ آهي ته ان دؤر ۾ نوجوانن کي حاڪميت ۽ دٻاءُ تمام ناگوار لڳندو آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کانئن ڪم ڪرائڻ گهري ته فوراً سندس مخالفت تي سنبري بيهندا آهن. پر ان عمر ۾ هو شخصيت جي قدرتي اثر ۽ تاثير کي تمام جلد ۽ وڏي خوشيءَ سان قبول ڪندا آهن. جيڪڏهن کين هن ڳالهه جي پڪ ٿي وڃي ته ڪو ماڻهو ڪنهن لحاظ کان مثال طور قابليت يا تهذيب يا مرتبي ۾ کانئن مٿانهون آهي ۽ ان کي ساڻن محبت ۽ همدردي پڻ آهي ته هو عقيدت ۽ وفاداريءَ سان سندس پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. اهو ئي دؤر آهي جڏهن استاد پنهنجي مٿانهين هجڻ واري اثر مان ڀرپور فائدو وٺي سگهي ٿو. ۽ جيڪڏهن منجهس دلين تي قابض ٿيڻ ۽ انهن ۾ محبت پيدا ڪرڻ جو ايترو مادو آهي جو شاگرد کيس پنهنجو ليڊر مڃين ۽ سندس همدرديءَ ۽ نيڪ نيتيءَ جو اعتراف ڪن ته اسڪول جا انتظامي معاملا ۽ ضبط ۽ سزا جا مسئلا سڀ حل ٿي ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن هو کيس پنهنجو روح روان تسليم ڪري وٺن ٿا ته سندس ناراضگي انهن لاءِ تمام وڏي سزا ۽ سندس خوشنودي تمام وڏو انعام بڻجي پوندي آهي، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي استاد کي پنهنجي مزاج، طرز عمل ۽ عادتن جي معاملي ۾ هر وقت محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سندس سموري چرپر، سندس زندگيءَ جا اصول، سندس اخلاق سڀ سندس شاگردن جي طبيعت تي اثر وجهندا رهندا آهن. جهڙيءَ طرح سندس فرض آهي ته هو ٻارن جي نفسيات ۽ جديد تعليمي تحريڪن جو اڀياس ڪري ۽ پنهنجي علم ۽ صلاحيتن کي وڌائيندو رهي اهڙيءَ ريت سندس لاءِ هي پڻ ضروري آهي ته هو پنهنجي اخلاق کي پاڪ ۽ مهذب بڻائي، پنهنجي شخصيت جي تربيت ڪري ۽ پنهنجي ذات کي انهن سمورين خوبين جو زنده مثال بڻائي ڏيکاري جن جي هو تلقين ڪندو آهي. ان صورت ۾ شاگردن تي سندس اخلاقي اثر تمام سگهارو ۽ جٽادار پوندو.

استاد بنجڻ ۽ ڊڪٽيٽر بنجڻ جو فرق

البت ان ۾ اهو احتياط شرط آهي ته سندس شخصيت مٿن ايتري به غالب نه پئجي وڃي جو انهن جي نفسياتي ارتقا ۽ اوسر ۾ رڪاوٽ بڻجي پوي. ڇاڪاڻ ته تجربو اهو ٿو ٻڌائي ته اڪثر والدين ۽ استاد جن جي طبيعت ۾ حاڪميت ۽ تسلط جو مادو تمام گهڻو هوندو آهي اهي ٻارن کي زبردستيءَ سان پنهنجن عقيدن ۽ خيالن جي سانچي ۾ پلٽيندا آهن ۽ کين آزاد نشونما جو موقعو نه ڏيندا آهن. نتيجو هي نڪرندو آهي جو گهڻا شاگرد طبيعت ۽ ارادي جا ڪمزور ۽ همت ۽ حوصلي کان وانجهيل هوندا آهن، هو هر ڳالهه ۾ پنهنجن وڏن جا محتاج هوندا آهن ۽ پنهنجين قوتن کان ڪم وٺڻ نه سکندا آهن. انهن جو مثال انهن ننڍن ننڍن ڪمزور ٻوٽن جهڙو آهي جيڪي ڪنهن وڏي وڻ هيٺان ڦٽندا آهن ۽ وڌي نه سگهندا آهن. ان شرط سان اسان هر استاد جي ذاتي اثر جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا ۽ ان جو تجزيو ڪري هي معلوم ڪنداسين ته اهو ڪهڙين شڪلين ۾ ظاهر ٿيندو آهي.

استاد ڪيترن ئي طريقن سان شاگردن تي پنهنجي شخصيت جو اثر وجهندو آهي. انهن ۾ ننڍپڻ جي دؤر ۾ تقليد ۽ پوئواريءَ جو مادو تمام گهڻو هوندو آهي ۽ هو پنهنجن دوستن، بزرگن، هم ڪلاسين مطلب ته انهن سڀني ماڻهن جو جن سان سندن واسطو پوندو آهي نقل ڪندا آهن. خاص طور تي پنهنجي استادن جي هر ڳالهه جي تقليد ڪندا آهن. انهن جي ڳالهه ٻولهه جو طريقو، سندن لباس، پسنديده عادتون مطلب ته ڪا شيءِ ان تقليد ۽ پوئلڳيءَ جي اثرن کان خالي نه هوندي آهي. استادن کي کپي ته ٻارن جي فطرت جي ان خوبيءَ مان فائدو وٺن ۽ پنهنجي ذاتي نموني ۽ مثال جي ذريعي کين اٿڻ ويهڻ جي طور طريقن، تهذيب ۽ سلڇڻائپ ۽ سٺين سماجي عادتن جي تعليم ڏين. ڇاڪاڻ ته سير جيترو عمل مڻ جيتري زباني تعليم جي برابر آهي خاص طور تي شروعاتي ڪجهه سالن ۾ زباني تعليم جي گنجائش تمام گهٽ هوندي آهي. ان وقت عملي مثال ئي ڪارائتو ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته گهڻا ٻار ڪيتريون ئي ڳالهيون مڪمل طور سمجهڻ کانسواءِ رڳو عضون جي تقليدي چرپر ذريعي سکندا آهن. ٻارن جي تربيت جو پهريون ڏاڪو اهو ئي سڌي سنئين تقليد وارو آهي. جيڪڏهن استاد ۽ گهر ڀاتين جو ذاتي مثال سٺو آهي ته ان جي اثر سان ٻارن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون عادتون پيدا ٿي سگهن ٿيون جيڪي جيڪڏهن اخلاق جو جزو ناهن ته به اخلاقي ڪردار جي تعمير ۾ پيڙهه جو ڪم ضرور ڏينديون آهن. ماڻهن سان سهڻي اخلاق سان پيش اچڻ، جهيڙي جهٽي کان پري رهڻ، ضرورت وقت ٻين جي مدد ڪرڻ، پنهنجو ڪم محنت ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪرڻ، وقت جي پابندي، صفائي اهي سموريون وصفون اهڙيون آهن جيڪي تقليد ۽ مشق سان عادتن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. جيڪڏهن اسڪول ۾ شاگرد پنهنجن استادن ۽ ساٿين ۾ اهي عادتون ڏسندا ته هو انهن کي ڏسي ڪري پاڻ به ائين ئي ڪرڻ لڳندا. اها حقيقت آهي ته جڏهن شاگرد شعور واري عمر کي رسندو آهي ته کيس ڪيترين ئي عادتن ۽ رسمن ۽ روايتن ۽ اصولن جا عقلي سبب ٻڌائڻ جي ضرورت پوندي آهي پر شروعاتي عمر ۾ تربيت جو هڪ معقول حصو تقليد جي ذريعي پورو ٿي سگهي ٿو.

تربيت ۾ پوئواري يا تقليد جو حصو

نفسيات جي حوالي سان تقليد مان مراد مشابهت پيدا ڪرڻ جو اهو عمل آهي جنهن جو تعلق گهڻو ڪري جسماني چرپر ۽ عادتن سان هوندو آهي، ۽ ان جي ذريعي ٻار ڪيترائي ڪم سکي وٺندو آهي جن جو اثر اڻ سڌيءَ طرح سندس طبيعت ۽ مزاج تي پوندو آهي، پر ان کانسواءِ ٻه نفسي ڪيفيتون اهڙيون آهن جن جي ذريعي انسان سڌو سنئون ٻين جي خيالن ۽ جذبن کان متاثر ٿيندو آهي. نفسيات جي اصطلاح ۾ انهن کي همدردي ۽ خيال جو تاثر ۽ اثر چئبو آهي ڪنهن ماڻهوءَ سان همدرديءَ جو احساس اسان جي دل ۾ اهي ئي جذبا پيدا ڪندو آهي جيڪو سندس دل ۾ هجن. ان جا مثال هر وقت اسان جي مشاهدي ۾ ايندا رهندا آهن. ڪنهن ويجهي دوست کي غمگين ڏسي اسان تي پڻ ڏک جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. چوڻي آهي ته ”ڏکويل دل سڄي محفل کي ڏکوئي ڇڏيندي آهي“ پر شرط اهو آهي ته محفل وارن کي ڏکويل دل سان ڪجهه همدردي به هجي. جيڪڏهن اسان خوش مزاج دوست وٽ يا اهڙن دوستن جي چوياريءَ ۾ وينداسين ته اسان جو غم غلط ٿيندو ۽ طبيعت هلڪي ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري ئي چيو ويو آهي ته جذبا وچڙندڙ هوندا آهن ۽ ڄڻ ته اڏامي ڪري هڪٻئي کي لڳي ويندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com