سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: جديد تدريسي طريقو

باب: --

صفحو :3

صحتمند درسي مشغلن جي اهميت

اسان جيڪو نقطه نظر مٿي پيش ڪيو آهي ان مان اسانجي مراد هيءَ نه آهي ته تعليم جي سڀني ڏاڪن ۾ سمورن علمن کي هينئن پڙهائڻ گهرجي جو اهي ڪنهن عملي مشغلي جو نتيجو بڻجن ۽ فوراً ڪنهن ٻئي ڪم ۾ يا ساڳئي ڪم جي تڪميل ۾ استعمال ڪري سگهجن. جڏهن شاگرد جي ذهني عمر ۽ تجربو وڌي ويندو آهي ۽ هڪ حد تائين سندس شوقن جي اؤسر ٿي ويندي آهي ته کيس ڪجهه علمن سان نفسياتي طور دلچسپي ٿي پوندي آهي. مثال طور هو رياضيءَ کي ان لاءِ ناهي سکندو ته گهر جو حساب ڪتاب لکي سگهي يا اسڪول جو دڪان هلائي سگهي يا اڳتي هلي ڪنهن کاتي ۾ نوڪري ڪري بلڪه کيس رياضيءَ جي ذهني قاعدن ۽ عملن سان شوق ٿي پوندو آهي. اهڙي طرح تاريخ ۾ هو سڌو سنئون تاريخي تحريڪن ۽ انهن جي ارتقا جي مطالعي ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ ان مان دانائي ۽ عبرت حاصل ڪندو آهي. ادب جي مطالعي سبب کيس خيالن، جذبن ۽ جمالياتي احساسن جي هڪ نئين دنيا نظر اچڻ لڳندي آهي جيڪا کيس ڪو ”مادي نفعو“ نه پهچائيندي آهي پر سندس تجربي ۾ ڪشادگي، گهرائي ۽ سندس حسي قوت ۾ نزاڪت ۽ لطافت پيدا ڪندي آهي ۽ هو پنهنجي خيال ۾ انهن سمورين شين مان اوترو ئي بلڪه ان کان وڌيڪ ”فائدو“ حاصل ڪندو آهي جيترو ٻيا ماڻهو ڪو خاص هنر سکر پئسو ڪمائڻ مان. هڪ سائنسدان بابت (جنهن علم طبيعات ۾ ڪو نئون ۽ اهم انڪشاف ڪيو هو) هي قصو مشهور آهي ته کانئس ڪنهن شخص پڇيو ته اوهان جي هن نئين تحقيق جو ڪو عملي فائدو به آهي يا نه؟. هن فوراً جواب ڏنو ”خدا جو شڪر آهي ته جو ان مان ڪنهن فائدي جو امڪان ئي ڪونهي ڪو.“ اهو علمي محققن جو خاص نقطه نظر آهي جنهن جو اسان کي احترام ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جيستائين اهي بلڪل بي غرضيءَ سان علم جي خدمت نه ڪن پنهنجي مقصد ۾ پوري ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگهن. پر اهو ضروري ڪونهي ته اها علمي تحقيق ٻين ماڻهن لاءِ ڪارائتي نه هجي، بلڪه اڪثر طور ائين ٿيو آهي جو محقق پنهنجي جاءِ تي نظري انڪشاف ڪندو آهي ۽ ٻيا ماڻهو ان کي صنعتي ڪمن ۾ استعمال ڪندا آهن. جيستائين اسڪولن جي شاگردن جو تعلق آهي استاد کي انهن جي تعليم جي شروعات ائين ڪرڻ گهرجي جو انهن جا درسي مشغلا سندن هلندڙ زندگيءَ ۽ شوقن ۾ رلي ملي وڃن. ان کانپوءِ انهن جي شوقن جي نشو و نما اهڙيءَ طرح ٿئي جو هو انهن علمن ۾ نفسياتي طور دلچسپي وٺڻ لڳن ۽ انهن ۾ بعد جي مقصدن خاطر محنت ۽ ڪوشش ڪرڻ جي قابليت پيدا ٿئي. هڪ سراسري قابليت واري شاگرد لاءِ شايد ڪڏهن اهڙو زمانو نه اچي جو کيس مجرد ۽ نظري علمن ۾ دلچسپي ۽ محويت پيدا ٿئي. پر پوءِ به عقلمند استاد جيڪو ٻارن جي فطرت کان واقف هجي ايترو ضرور ڪري سگهي ٿو جو شاگردن ۾ درسي مضموننن سان ٿوري گهڻي دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي. ان جو طريقو اهو ئي آهي ته هو هر ڏاڪي تي کين هي محسوس ڪرائي ته سندن لاءِ انهن مضموننن جي سکيا ان وسيع معيٰ ۾ ”مفيد“ آهي جنهن ڏانهن مٿي اشارو ڪيو ويو آهي. يعني هو سندن دل ۽ دماغ جي اهڙيءَ طرح تربيت ڪري جو انهن جي معلومات وڌيڪ وسيع ۽ واضح، انهن جو ذوق وڌيڪ مهذب ۽ سندن عمل جي سگهه وڌيڪ اثرائتي ۽ مضبوط ٿي وڃي ۽ هو علم ۽ زندگيءَ جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي کي محسوس ڪرڻ لڳن. پر ان لاءِ شرط هي آهي ته استاد پاڻ ان ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي وٺي ته علم تمدني زندگيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ ئي ٺهيا آهن ۽ انهن جو حقيقي مقصد هيءُ آهي ته هو هن زندگيءَ ڏانهن رجوع ڪن ۽ ان کي بهتر ۽ وڌيڪ معنيٰ خيز بنائين ۽ هو (استاد) شاگردن جي زندگيءَ ۾ پڻ انهن علمن کي انهن ئي اصولن مطابق جڳهه ڏئي جنهن پٽاندڙ اهي تمدني زندگيءَ ۾ وجود ۾ آيا آهن.


 

 

باب ٻيون

عملي اسڪول جي قيام لاءِ تحريڪون ۽ انهن جو پسمنظر

 

 

 

عملي اسڪول

اسان گذريل باب ۾ علم ۽ زندگيءَ جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي کي واضح ڪيو آهي ۽ هي ٻڌايو آهي ته مروجه درسي تنظيم ۾ اهو تعلق بلڪل ڪٽجي ويو آهي جنهن ڪري اسڪول جي تعليم بي جان ۽ بي اثر ٿي وئي آهي. ان صورتحال جي سڌاري لاءِ مختلف ملڪن ۾ ڪيتريون ئي تعليمي تحريڪون وجود ۾ آيون آهن، جن ۾ ڪن جزوي ڳالهين ۽ عملي تجويزن جي حوالي سان اختلاف آهي پر ان اصول تي اهي سڀ متفق آهن ته اسڪولن جي تعليم کي بلڪل مجرد ۽ نظري بنائڻ بدران شاگردن جي عملي زندگيءَ سان مربوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن شروعاتي تعليم ۾ منطقي اصولن تي مرتب ڪيل سبقن جي جاءِ تي عملي ۽ سرگرم مشغلن تي زور ڏنو وڃي ته اسڪول روايتي اثر پذيريءَ جي بجاءِ واقعي به هڪ عملي اسڪول بڻجي پوندو، جتي شاگرد رڳو ڪتاب پڙهڻ يا لکڻ جي ڪم لاءِ تيار نه ڪيا ويندا پر کين تمدني زندگيءَ جي قسمين قسمين ضرورتن ۽ فرضن جي

ادائگيءَ لاءِ تربيت ڏني ويندي. ان تحريڪ جي شروعات پڻ ٻين ڪيترين لاڀائتين تحريڪن وانگر روسو (Rousseau) جي انقلابي خيالن سان ٿي، پر ان پنهنجي فطرت مطابق فقط منفي ۽ تخريبي پاسن تي زور ڏنو يعني مروجه تعليم جي خرابين کي پنهنجي بي پناهه ڇنڊڇاڻ سان ماڻهن آڏو پيش ڪيائين. ان کانپوءِ فروئبل (Froebal) ۽ پيسٽالازي (Pestalozzi) وغيره ان تحريڪ کي عملي جامو پهرايو ۽ ان بابت عملي تجويزون پيش ڪيون. گذريل پنجاهه سالن ۾ مغربي ملڪن جي تعليمي ماهرن پنهنجي پنهنجي ضرورتن ۽ نقطه نظر مطابق ان تحريڪ جي تنظيم ڪئي آهي. آمريڪا ۾ ان جي رهنمائي ۽ فلسفياڻي تشريح جو ڪم پروفيسر ڊيويءَ (Dewey) ڪيو آهي. هو ٻارن جي فطرت، دماغي ارتقا جي قاعدن ۽ پنهنجي ملڪ جي سماجي حالتن جو مطالعو ڪري ان نتيجي تي پهتو آهي ته جيستائين اسڪولن ۾ تعليم جو بنياد انهن عملي مشغلن تي نه رکيو ويندو جيڪي هڪ ننڍي پئماني تي مفيد تمدني مشغولين جا مثال بڻجن، تيستائين تعليم نه ٻارن جي فطرت جي لحاظ کان موزون هوندي ۽ نه تمدني زندگيءَ لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي.

آمريڪا ۾ ڪيترن ئي استادن وليم جيمز (James William) جي نفسيات ۽ ڊيوي (Dewey) جي تعليمي خيالن کان متاثر ٿي ان تحريڪ مختلف شڪلين ۾ عمل ڪيو آهي ۽ تعليم جي طريقي ۽ انتظام کي انهن اصولن تي قائم ڪيو آهي. جديد تعليم جو اڀياس ڪندڙ انهن مان ڪيترن جدت آڻيندڙ استادن جي نالن کان واقف آهن. مثال طور پارڪر (Parker)، ڪلپٽرڪ، مس پار کرسٽ، واشبرن ۽ بيگ لي وغيره. پروفيسر اوڊلف فيريئر جيڪو سئزرلينڊ جو زبردست تعليمي رهنما آهي پنهنجي مختلف تصنيفن ذريعي ان تحريڪ جي پرچار ڪئي آهي ۽ خاص طور تي پنهنجي هڪ اهم تصنيف ”Ecole Active L (عملي اسڪول) جي پهرين ٻن جلدن ۾ ان جي نظري ۽ عملي تشريح ڪئي آهي ۽ ٽئين جلد ۾ ان جي عملي تنظيم تي بحث ڪيو آهي ۽ عملي اسڪولن جا مثال ڏيئي ان جي اصولن کي سمجهايو آهي. بيلجيم جي مشهور استاد ڊڪروليءَ (Decroly) پنهنجي اسڪول ۾ هن خيال کي عملي ويس پارائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جرمنيءَ ۾ ڊاڪٽر ڪرشن اسٽائنر (Kerschensteiner) جيڪو اتي جديد تعليم ۽ اسڪولن جي سڌاري جي تحريڪ جو باني ۽ اڳواڻ آهي ۽ سندس شاگردن ان تحريڪ جي نظري ۽ عملي ٻنهي پهلوئن کي نهايت قابليت سان سمجهو ۽ سمجهايو آهي. ۽ پوئين نصف صديءَ ۾ ان تي ڪاميابيءَ سان عمل ڪري مغربي تعليم تي تمام گهرو اثر وڌو آهي، سندس ٻن تصنيفن جو انگريزي ترجمو موجود آهي جن مان هڪ Education as Citizen Ship ۽ ٻي School and The Nation آهن ٻنهي ۾ تعليم جي عملي مسئلن تي بحث ڪيو ويو آهي.

انگلستان ۾ پڻ جديد اسڪولن جي بانين ۽ ڪارڪنن جديد تعليم جي ان بنيادي اصولن تي عمل ڪيو آهي. مثال طور سينڊرسن (Sanderson) اونڊل (Oundle) جي پبلڪ اسڪول ۾، بيڊلي (Badley) بيڊلز جي اسڪول ۾، مس مئڪنڊر (Mackinder) مارل برو (Marlborough) جي اسڪول ۾ پنهنجي پنهنجي ماحول جي مختلف ضرورتن پٽاندڙ ڪتابي اسڪولن کي عملي اسڪولن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان وٽ اڃا تائين ان تحريڪ جو (مڪمل طور تي) عام رواج نه ٿي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي نه حڪومت ان سلسلي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ نه اهڙا تعليمي تجربا ڪندڙ استاد موجود آهن جيڪي پنهنجي ذاتي ڪوشش ۽ دلچسپيءَ سان عملي اسڪول قائم ڪن، پر جتي ڪنهن سجاڳ ذهن رکندڙ استادن عام رستي کان هٽي ڪري ٻارن جي تعليم جي سڌاري جو بنياد وڌو آهي اتي ان جو اثر ڪار فرما آهي. ڪي اسڪول ته اهڙا آهن جيڪي سڌو سنئون مغرب جي تعليمي خيالن کان متاثر ٿيا آهن ۽ ٿوري گهڻي مٽا سٽا ۽ تبديليءَ سان انهن تي عمل ڪري رهيا آهن. مثال طور اهي تعليم گاهون جن ۾ ڊالٽن ۽ ڪئمبرج طريقو جنهن ۾ منصوبي طريقو (Project Method) آزمائجي رهيو آهي. البت ڪجهه اسڪول اهڙا پڻ آهن جن ۾ هتان جي حالتن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکي ڪري هڪ بهتر تعليمي ماحول مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهن مان هڪ مثال ماضيءَ جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ٽئگور جو اسڪول ”شانتي نڪيتن“ هيو، جتي ان فلسفي شاعر ٻارن کي مڪمل ۽ ٺهڪندڙ (هم آهنگ) تربيت لاءِ هڪ اهڙو ماحول ٺاهيو جنهن ۾ فطرت جي نظارن ۽ انهن جي پر اسرار زندگيءَ سان هر وقت تعلق رهندو هيو ۽ محنت، مزدوري، باغبانيءَ ۽ ٻين عملي ڪمن جا موقعا کين ملندا هئا، بقول ٽئگور:

”جڏهن مان اهڙي ڪنهن تعليم گاهه جو تصور ڪندو آهيان جنهن ۾ سڀ کان پهريون ۽ اهم سبق انسان ۽ فطرت جو مڪمل اتحاد هجي ته منهنجي دل ۾ رابنسن ڪروسو جي ٻيٽ جي ياد تازي ٿي ويندي آهي. اهو اتحاد رڳو محبت سان حاصل نٿو ٿي سگهي بلڪه ان جي لاءِ عملي لاڳاپي ۽ ذهني تعاون جي ضرورت آهي.“

(ٽئگور جا ليڪچر – Religion of Man)

انهن سمورن عملي اسڪولن ۾ جزوي ۽ اڪثر اهم اختلافن جي باوجود هي اصول گڏيل آهي ته شروعاتي تعليم جو بنياد عمل تي رکڻ گهرجي ۽ علم کي ٻارن لاءِ شعوري مقصد نه بنائڻ گهرجي بلڪه اهو سندن دل گهرين مشغلن جو نتيجو هئڻ گهرجي.

ٻارن جي نفسياتي اؤسر ۽ عملي تدريس

نفسيات جي جديد تحقيق پڻ اسان جي رهنمائي انهيءَ نتيجي ڏانهن ڪري ٿي. نفسيات جي پراڻي علم ۾ رسمي طور تي اهو عقيدو هلندو ايندو هو ته انساني دماغ ٺهيل ٺڪيل نفسي قوتن جو مجموعو آهي جن جي اؤسر ڪجهه مخصوص علمن ۽ درسي مضمونن ذريعي ٿي سگهي ٿي ۽ انهن جي ئي مطالعي سان اهي قوتون ائين تيز ٿي وينديون آهن جيئن چاقو سراڻ تي گسائڻ سان تيز ٿي ويندو آهي. استاد جو رڳو ايترو ڪم آهي ته هو مشق ۽ ڀيرن ڏيارڻ ذريعي انهن جي سمورين مختلف ۽ منتشر دماغي قوتن کي سهيڙي ۽ مضبوط بنائي. ان جي ابتڙ نفسيات جو موجوده نظريو هي آهي ته ٻار ۾ شروعاتي عمر کان وٺي ڪيتريون ئي مخصوص جبلتون (Instincts) ۽ عام فطري لاڙا (General Impulses) آهن جيڪي مختلف قسم جي جسماني حرڪتن ۽ خواهشن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندا آهن. ان کانپوءِ نين راندين ۽ تجربن جي صورت ۾ ۽ هوريان هوريان اوسر وٺي مربوط ۽ مرتب ٿيندا ويندا آهن، ايستائين جو ان جي شعوري نفسي زندگي پوريءَ طرح منظم ٿي ويندي آهي، جهڙيءَ ريت انسان جو ڪردار کيس ٺهيل ٺڪيل نه ملندو آهي اهڙيءَ ريت دماغ به ڪا مڪمل شيءِ نه آهي بلڪه اهو پنهنجي جدوجهد ۽ تجربن ۽ سندس ماحول جي باهمي عمل ۽ ردعمل سان نشوونما وٺندو آهي. اهي جبلي لاڙا جيڪي شاگردن ۾ عمل جو جذبو، شوق ۽ تجسس پيدا ڪندا آهن، مجرد ۽ نظري مضمونن جي مطالعي سان نه اسرندا آهن بلڪه انهن مشغلن ۽ ڪمن جي ذريعي جيڪي اهي فعالي حيثيت سان ۽ آزاديءَ سان ڪندا آهن ۽ جن ۾ سندن جسماني ۽ دماغي قوتون گڏجي ڪم ڪنديون آهن. تنهنڪري ئي جديد اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم جي شروعات سندن فطري صلاحيتن ۽ لاڙن کان ٿيندي آهي. کين اهڙين راندين ۽ ڪمن ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جن ڏانهن هو اسڪول کان ٻاهر به پنهنجو پاڻ غير ارادي طور تي متوجه ٿيندا آهن، انهن اسڪولن جيڪي تعليمي مشاهدا ۽ تجربا شايع ڪيا آهن انهن مان هي پڻ معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن شاگردن کي قدرتي لاڙن کي آزاديءَ سان ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ته هو هوريان هوريان رسمي مضمونن ۽ نصاب پڙهڻ ۾ پڻ وڌيڪ دل لڳائي محنت ڪندا آهن. انهن ۾ نظم ضبط جو قائم رکڻ سؤلو ٿي پوندو آهي ۽ اسڪول سندن دلچسپيءَ ۽ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويندو آهي.

پروفيسر ڊيويءَ جي بقول:

”ذهني زندگيءَ جي مطالعي مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته ٻارن جي زندگيءَ ۾ کوجنا ۽ دريافت ڪرڻ، اوزارن ۽ وسيلن کي استعمال ڪرڻ، شين کي ٺاهڻ ۽ خوشيءَ جي جذبن کي ظاهر ڪرڻ جي جبلي خواهشن جي اهميت تمام گهڻي آهي. جڏهن اهڙا مشغلا جيڪي انهن لاڙن کي ڪم آڻيندا آهن، اسڪول جي پروگرام جو جزو بڻجي وڃن ته ٻار جي سموري شخصيت ان ۾ محو ٿي ويندي آهي ۽ اسڪول جي اندر ۽ ٻاهر جي زندگيءَ ۾ جيڪو مصنوعي ويڇو پيدا ٿي ويو آهي اهو دور ٿي ويندو آهي. ٻارن ۾ پنهنجو پاڻ اهو جذبو هوندو آهي ته هو اهڙن ڪمن يا شين ڏانهن ڌيان ڏين جيڪي تعليمي لحاظ کان مفيد هجن، جن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا موقعا ملندا آهن ۽ جن جي ڪري سندن سموري معلومات جو تعلق سماجي زندگيءَ سان قائم ٿي ويندو آهي. مختصر هي ته راندين ۽ عملي ڪمن کي اسڪول ۾ ان ڪري جاءِ نه ڏني ويندي آهي ته ٻار ٿوري دير لاءِ خوش ٿين، بلڪه ان ڪري ته اهي عقلي ۽ تمدني لحاظ کان سندن لاءِ ضروري آهن.“ (Democracy and Education صفحو 229)

آمريڪا جا ٻه تعليمي ماهر جرمنيءَ جي جديد تعليم جي تحريڪن جو غور سان اڀياس ڪرڻ بعد ان اصول جي تشريح ڪندي لکن ٿا:

”(تعليم ۾) فعالي اصول ۽ تجربي جو اصول بلڪل هڪ جيترو ۽ هم معنيٰ آهي ۽ ترڪيبي نفسيات (Structural Psychology) جو لازمي جزو آهي، ان مطابق فرد کي تخليقي سرگرمين جو سرچشمو سمجهڻ گهرجي. انهن جي ئي ذريعي هو، پنهنجي تجربن جي مجموعي کي معنيٰ ڏيندو آهي ۽ انهن کي هڪ خاص شڪل ۾ ترتيب ڏيندو آهي. ان ريت هو پنهنجي نفس جي اندر پنهنجي دنيا اڏيندو آهي ۽ جيڪي شيون ٻاهران حاصل ڪندو آهي انهن کي پنهنجي اندر جذب ۽ منظم ڪرڻ لاءِ پنهنجين تخليقي قوتن کان ڪم وٺندو آهي ته جيئن هو بعد ۾ انهن شين کي جيڪي سندس روح ۾ لٿل آهن عمل ۾ ظاهر ڪري سگهي. تعليم جو سڀ کان اهم فرض هيءُ آهي ته اها ان تخليقي قوت کي اڀاري ۽ ان جي تربيت ڪري“

(The New Education in The German Republic – By: Alexender and Parker  صفحو نمبر 310)

عملي مشغلن جو تعلق تهذيب ۽ تمدن سان

انهن مشغلن کي اسڪول ۾ رائج ڪرڻ مان اسانجو مقصد اهو ناهي ته شاگرد ذهني تربيت ۽ علم جي حاصلات کان غافل ٿي پنهنجو سمورو وقت ”هنري مهارتن“ سکڻ ۾ صرف ڪن ته جيئن هو جلد کان جلد روزي ڪمائڻ جي قابل ٿي وڃن ۽ تمدني زندگيءَ جي ڪاروباري معاملن ۾ حصو وٺي سگهن  يا ”غير مفيد“ مضمونن ڏانهن بي پرواهي ڪن ۽ نه ان تجويز مان اسان رڳو اِهو چاهيون ٿا ته ان جي ذريعي ڪنهن نه ڪنهن طرح شاگردن کي اسڪول سان دلچسپي پيدا ٿئي ۽ انهن جو وقت خوشيءَ  ۽ تفريح سان گذري. ان ۾ شڪ ناهي ته اهي مقصد فائديمند آهن ۽ اهو پڻ ضروري آهي ته شاگردن ۾ عملي ڪارڪردگي ۽ سليقو پيدا ٿئي، اهي آئندي جي زندگيءَ جي ڪمن لاءِ تيار ٿين ۽ اسڪول جي مشغلن کي دلچسپيءَ ۽ خوشيءَ سان ڪن، پر اهي سڀ شيون ثانوي حيثيت رکن ٿيون. اهو اصول مقصد نه آهي، اسان جو اصل مقصد ان کان تمام گهڻو اهم آهي. يعني اسان انهن مشغلن ذريعي شاگردن کي تمدني زندگيءَ کان روشناس ڪرائڻ گهرون ٿا. ان لحاظ کان انهن جي تنظيم اهڙيءَ ريت ڪرڻ گهرجي جو انهن ۾ شامل ٿي ڪري شاگردن جي عقلي ۽ ذهني اؤسر ۽ تربيت ٿئي ۽ سندن طبيعت ۾ تمدني فرضن جو احساس، تمدني معاملن جي سمجهه ۽ انهن ۾ شرڪت ڪرڻ جي قابليت پيدا ٿئي. هيءَ تنظيم فقط ان حالت ۾ ٿي سگهي ٿي جڏهن ڪجهه ضروري نفسي ۽ تمدني شرط پورا ڪيا وڃن. اهي شرط ڪهڙا آهن؟ انهن جي سڀ کان وڌيڪ تفصيلي ۽ مدلل تشريح پروفيسر ڊيوي (Dewey) پنهنجي تصنيفن ۾ ڪئي آهي ۽ اسان هن مسئلي تي انهن جي رهنمائيءَ ۾ بحث ڪنداسين.

عملي مشغلن جي چونڊ

اسڪول جي مشغلن کي تعليمي لحاظ کان مفيد بنائڻ لاءِ پهريون شرط هيءُ آهي ته انهن جي چونڊ ان اصول تي ڪئي وڃي ته اهي تمدنيءَ زندگيءَ جي وڏن وڏن شعبن ۽ ڌنڌن جي نمائندگي ڪن ته جيئن انهن جي ذريعي شاگرد جيڪو علم يا هنر حاصل ڪن اهو کين زندگيءَ کي سمجهڻ ۽ منجهس شرڪت ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ۽ جڏهن اهي اسڪول جي چؤديواريءَ مان نڪري ٻاهرين دنيا ۾ پهچن ته سندن اسڪول جون عادتون ۽ معلومات دنياوي ڪاروبار ۽ معاملن ۾ ڪم اچي. سوسائٽيءَ جي شروعاتي حالت ۾ جڏهن انساني زندگيءَ جو چٽا ڀيٽيءَ جو نظام تمام سادو هيو شاگرد اهي مفيد عادتون ۽ عملي صلاحيتون روز مرهه جي ڪاروبار ۽ پنهنجن عزيزن ۽ پاڙيسرين جي صحبت ۾ حاصل ڪندا هئا، ڇپائيءَ جو فن اڃا ايجاد نه ٿيو هو تنهنڪري ڪتاب تمام گهٽ هوندا هئا ۽ ڪتابي علم تمام ڏکيائيءَ سان حاصل ٿيندا هئا ۽ انهن جي اهميت ۽ قدر تمام گهڻو هيو ڇاڪاڻ ته ماڻهن لاءِ پنهنجن محدود تجربن ۽ خيالن جي سوڙهي ۽ محدود دائري کان ٻاهر نڪرڻ ۽ هڪ وسيع ماحول کان واقف ٿيڻ جو اهو ئي هڪ ذريعو هيو. تنهنڪري اسڪول انهن ئي شين تي زور ڏيندا هئا جيڪي ڪتابي ۽ نظري علمن جي مطالعي سان حاصل ٿينديون هيون ۽ شاگردن جي ذهني ۽ ڪنهن حد تائين اخلاقي تربيت ۾ مدد ڏينديون هيون. پر هينئر صورتحال بلڪل بدلجي چڪي آهي، هينئر نتيجه خيز ۽ بامقصد تجربا گهٽ ۽ ڪتاب تمام گهڻو عام ۽ سستا ٿي چڪا آهن. هر ماڻهوءَ کي جنهن کي پڙهڻ جو شوق آهي اهو ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن وغيره جي  ذريعي سڄي عمر پنهنجي ڪتابي تعليم جاري رکي سگهي ٿو پر موجوده زندگيءَ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ ۽ جدوجهد سان ڀرپور آهي، ڪاميابيءَ لاءِ جنهن سرگرميءَ جي ضرورت آهي اها رڳي ڪتابي اڀياس سان حاصل نٿي ٿي سگهي. تنهنڪري جديد اسڪول کي اها ضرورت پيش آئي ته هو رڳو ڪتابن کي پنهنجي تعليم جو ذريعو نه بڻائي پر تعليم ۾ اهڙن عنصرن کي داخل ڪري جن جي ذريعي انهن صلاحيتن جي نشونما ٿي سگهي جيڪي صنعت ۽ حرفت، سائنس ۽ جمهوريت جي هاڻوڪي دؤر ۾ فردن جي ڪاميابيءَ لاءِ گهربل آهن. ان خيال جي وڌيڪ تائيد ان ڳالهه مان پڻ ٿئي ٿي ته ماڻهو عام طور تي جنهن قسم جا ڪم ڪندا آهن انهن ۾ ذهني ۽ اخلاقي تربيت جا اهي امڪان باقي نه رهيا آهن جيڪي پهرئين زماني ۾ هوندا هئا. صنعت ۽ حرفت جي ڪمن ۾ جيڪي انقلابي تبديليون يورپ ۽ آمريڪا ۾ آيون آهن انهن جو اثر اسان جي ملڪ تي پڻ پيو آهي ۽ اڳتي هلي اڃا وڌيڪ پوندو. ڪيتريون ئي مشهور ديسي دستڪاريون جيڪي قديم زماني کان ماڻهن جي وڏي تعداد لاءِ معاشي وسيلو هيون ۽ جن ۾ کين اڪثر جمالياتي ذوق ۽ نواڻ کان ڪم وٺڻ جو موقعو ملندو هو هينئر يا ته بلڪل اڻلڀ ٿي ويون آهن يا انهن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي گهرج گهٽجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هينئر ساڳيون شيون تمام سؤلائيءَ ۽ سستائيءَ سان مشين ذريعي ٺهي وينديون آهن. پر جتي اهڙي طرح پيداواري قوت وڌي وئي آهي اتي انساني ۽ تعليمي نقطه نظر کان ڪم جي اهميت تمام گهٽجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪارخانن ۾ مزدورن جي حيثيت مشين جي پرزن جهڙي بڻجي وئي آهي جيڪي سوچ سمجهه کانسواءِ هڪ مقرر ٿيل معمول کي پورو ڪندا رهندا آهن جنهن لاءِ کين دماغ کان ڪم وٺڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. ان مشين گرديءَ کان بچڻ ڏکيو ۽ ان کي خراب چوڻ فضول آهي، ڇاڪاڻ ته اها تمدني زندگيءَ جي مادي ۽ صنعتي ترقيءَ جي هڪ اڻٽر منزل آهي. اسان جو ڪم شڪايت ڪرڻ ناهي پر نئين حالتن تي قابو پائڻ ۽ ان جي ذريعي پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ آهي. استاد جو فرض هيءُ آهي ته هو تعليم ذريعي هڪ اهڙو نسل تيار ڪري جيڪو هڪ طرف صنعت ۽ حرفت جي موقعن مان پورو فائدو وٺي ۽ ٻئي طرف پنهنجي امتيازي وصفن ۽ انساني خاصيتن جو تحفظ ڪري جيڪي اڪثر ٻين ملڪن ۾ مادي ترقيءَ جي شوق ۾ قربان ڪيون ويون آهن. جديد اسڪول جي هيءَ  ڪوشش آهي ته شاگردن ۾ ڪم سان محبت ۽ ان کي سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ۽ ان جي ذريعي سندن اخلاقي ۽ ذهني قوتن جي تربيت ٿئي، تنهنڪري اهو  اهڙن مشعلن جي چونڊ ڪندو آهي جيڪي کين تمدني زندگيءَ جي ڪارونهوار ۽ نظم ضبط کان روشناس ڪن. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته اسڪول کي صنعت ۽ حرفت جي مقصدن ۽ اقتصادي ضرورتن جي تابع بڻايو وڃي ۽ وقت کان اڳ پيشي يا ڌنڌي جي تعليم شروع ڪئي وڃي. بلڪه ان ۾ سماجي احساس ۽ ذهني قوتن جي نشونما تي زور ڏنو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com