باب اٺون |
تدريسي طريقي جو مفهوم |
تدريسي
طريقا |
دراصل تدريسي طريقي مان مراد استاد جي اها
ڪوشش ۽ عمل آهي جيڪو شاگردن کي سبق پڙهائڻ
يا ڪنهن موضوع جي تدريس دوران ڪلاس روم ۾
ظاهر ڪندو آهي. تعليمي اصطلاح ۾ استاد جي
تدريسي عمل ۽ ان انداز جو نالو تدريسي طريقو
آهي جيڪو هو ڪنهن موضوع يا سبق جي تشريح يا
وضاحت ۾ ظاهر ڪندو آهي يعني هڪ استاد ڪنهن
مضمون جي تدريس ۾ جيڪا ڪوشش ڪري ۽ جنهن
طريقي يا ٽيڪنيڪ سان سبق کي شاگرد جي ذهن ۾
لاهي، ان عمل کي عام طور تي تدريسي طريقو
چيو ويندو آهي. تدريسي طريقو تعليم جي مقصدن
جي حاصلات جو ذريعو پڻ آهي. |
مختصر هيءُ ته تدريسي طريقو هڪ لائحه عمل آهي جنهن
جي ذريعي استاد پنهنجي ڳالهه اثرائتي ڍنگ سان
شاگردن تائين پهچائين ٿا.
تدريس جو خاص مقصد شاگردن ۾ ڪرداري تبديلي آڻن
هوندو آهي. مقصد تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندو آهي جڏهن
تدريس اثرائتي هجي. هي مسئلو ڪافي عرصي کان بحث
هيٺ رهيو آهي ته سٺي تدريس لاءِ تعليمي مواد تي
عبور وڌيڪ اهم آهي يا طريقه ڪار وڌيڪ اهم آهي. ڪن
تعليمي ماهرن جو خيال آهي ته مواد ئي سڀ ڪجهه
هجوندو آهي ۽ جيڪي استاد پنهنجن مضمونن ۾ ماهر
هوندا آهن ان مضمون جي تدريس جي طريقن ۽ پلان طئي
ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪندا آهن. ٻيا تعليمي
ماهر ان ڳالهه تي زور ڏيندا آهن ته تدريسي طريقو
وڌيڪ اهم آهي تنهن ڪري ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ گهرجي.
اهي ٻئي خيال انتها پسندانه آهن. اصل ۾ استاد لاءِ
مواد تي عبور هئڻ سان گڏوگڏ تدريسي طريقي جي سڀني
پاسن جي ڄاڻ پڻ ضروري آهي، تڏهن ئي هو چڱيءَ طرح
پڙهائي سگهي ٿو.
طريقو اهو عمل آهي جنهن جو ڪاميابيءَ سان پوري ٿيڻ
جو نتيجو حاصلات هوندي آهي. تنهنڪري ”طريقو“ تعليم
جو هڪ نمايان پهلو آهي ۽ تدريس جو هڪ اهم مسئلو
آهي. ان ريت تعليمي عمل ۾ استاد ۽ شاگرد جون
سرگرميون ۽ سندن تنظيم ۽ جوڙجڪ ڏاڍي فيصلائتي
اهميت رکي ٿي. درسيات جي مقصدن جي حاصلات انهن
سرگرمين جي صحيح تصور ۽ ڪارائتي استعمال تي
دارومدار رکي ٿي. تنهنڪري استاد کي گهرجي ته
شاگردن جي فطرت ۽ ان جي پس منظر سان گڏوگڏ مقامي
حالتن ۽ موجود وسيلن کي نظر ۾ رکندي سکيا جو
پروگرام ٺاهي.
جديد دؤر ۾ اصل اهميت ٻار جي ذات کي ڏني ويندي آهي
۽ تعليم جو مقصد ٻار جي شخصيت جي متوازن اوسر ۽
نشوونما آهي. استاد کي ٻارن جي فطري لاڙن، ذهني
صلاحيتن ۽ سماجي ماحول جو خيال رکڻو پوندو آهي. هو
ٻار کي سماج جو هڪ ذميدار فرد بنائڻ جي ڪوشش ڪندو
آهي. اثرائتي تدريس سان ٻار ۾ ايتري قابليت پيدا
ٿي ويندي آهي جو هو زندگيءَ جي قسمين قسمين مسئلن
کي مڙس ٿي منهن ڏئي سگهي، ۽ پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن
جي روشنيءَ ۾ انهن جو حل ڳولهي سگهي. تعليم هڪ هڪ
طرفو عمل نه آهي پر منجهس استاد ۽ شاگرد ٻنهي کي
يڪسوئيءَ سان شامل ٿيڻو پوندو آهي. ڪنهن هڪ طرف
کان به سستي ڪئي وئي ته پوءِ سمورو تعليمي ايوان
لڏڻ لڳندو آهي.
تدريس جي ميدان ۾ ڪي ماڻهو تدريس جي پراڻي طريقي
کي اهميت ڏيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو پنهنجي جدت پسنديءَ
جو ثبوت ڏيڻ لاءِ چاهين ٿا ته پراڻي روش کي بلڪل
ترڪ ڪيو وڃي. جيڪڏهن غير جانبداريءَ سان پيش آيل
مسئلن جو تجزيو ڪيو وڃي ته خبر پوندي ته هن فاني
جهان جي هر شيءِ متحرڪ ۽ تبديل ٿيندڙ آهي. جيڪو
ڪالهه هيو اهو اڄ ناهي ۽ جيڪو اڄ آهي اهو مستقبل ۾
نه هوندو، تنهنڪري اسان کي لڪير جو فقير نه بڻجڻ
گهرجي. ان سان گڏوگڏ اسان کي اهو پڻ يقين رکڻو
پوندو ته ترقي ڪرڻ انسان جي فطرت آهي، اهو ڀلي کان
ڀلي شيءِ جي ڳولها ۾ سرگردان رهندو آهي. اهو گوشت
۽ هڏن جو ٺهيل هڪ زنده ۽ چرپر ڪندڙ انسان آهي. سوچ
جي ڌارن سان گڏوگڏ نوان نوان ميدان سندس آڏو ايندا
رهندا آهن ۽ هو نت نوان تجربا ڪري انهن جي روشنيءَ
۾ ڪو نئون تدريسي طريقو جوڙي وٺندو آهي ڇاڪاڻ ته
انسان ڪوبه ڪم ڪري، ان جي طريقه ڪار جي ڄاڻ (سندس
لاءِ) تمام ضروري هوندي آهي جهڙيءَ طرح هڪ درزي
سٺي، ڌاڳي ۽ قينچيءَ جو استعمال ڄاڻيندو آهي، مصور
برش ۽ رنگن جي استعمال کان واقف هوندو آهي، مسافر
پنهنجي سفر جي رستن ۽ منزل کان واقف هوندو آهي،
ساڳيءَ ريت هڪ استاد لاءِ ضروري آهي ته هو تعليم
ڏيڻ جي طريقي کان آگاهه هجي ۽ ان ڳالهه جو تعين
ڪرڻ خود استاد جو ڪم آهي ته کيس پنهنجي علم جي
مشعل سان شاگردن جي اونداهن ذهنن تي روشني ڪهڙي
ڪنڊ کان وجهڻي آهي. ان جو هڪ مثال هيءَ آهي ته
جيئن ڪو آرٽسٽ ڪيترن ئي رنگن جي ميلاپ سان ڪيترائي
شيڊ ۽ رنگ ٺاهيندو آهي اهڙيءَ طرح هڪ استاد ڪيترن
ئي تدريسي طريقن جي ميلاپ سان پنهنجا مقصد حاصل
ڪندو آهي. اهو ئي سٺي تدريس جو فن آهي جنهن جو
دارومدار استاد جي ان صلاحيت تي آهي ته هو هڪ سبق
۾ ڪيترن تدريسي طريقن کي ملائي ٿو ته جيئن ڪلاس جي
سمورن شاگردن کي سبق ذهن نشين ٿي وڃي. استاد ڪڏهن
بياني، تمثيلي، ۽ مذاڪراتي تدريسي طريقو استعمال
ڪندو آهي ته ڪڏهن سوالن جوابن کان ڪم وٺندو آهي،
ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو هڪ ئي تدريسي طريقي ذريعي
تدريسي عمل سرانجام ڏيندو ته ان طريقي سان شاگردن
جي ذهنن تي اڻ وڻندڙ ٻوجهه پوندو. تنهن ڪري اڄوڪو
استاد ڪيترن ئي قسمن جا تدريسي طريقا ڪلاس ۾
استعمال ڪندو آهي ۽ پنهنجي تدريس کي اثرائتو
بڻائيندو آهي. مختلف تدريسي طريقن جو استعمال ان
ڪري به ضروري آهي ته تدريس جو هر موقعو مختلف
هوندو آهي ۽ هر درجو منفرد هوندو آهي تنهنڪري ڪو
تدريسي طريقو جيڪو ڪنهن درجي يا ڪلاس لاءِ موزون
هجي اهو ٻئي ڪلاس لاءِ ڪنهن ٻئي ڏينهن شايد غير
موزون هجي. ان کانسواءِ هر استاد پڻ ٻئي کان
(پنهنجي صلاحيتن ۽ خوبين جي لحاظ کان) مختلف هوندو
آهي ڇاڪاڻ ته تدريس مان استاد جي شخصيت پڻ ظاهر
ٿيندي آهي. تنهنڪري هر استاد کي اهڙو تدريسي طريقو
اپنائڻ گهرجي جيڪو سندس مزاج ۽ شخصيت سان گڏوگڏ
شاگردن جي مزاج ۽ ذهني سطح مطابق پڻ هجي.
تدريسي طريقي جي چونڊ جو معيار
گذريل صفحن ۾ اسان تدريسي حڪمت عمليءَ ۽ تدريسي
طريقي جي نوعيت بابت جديد دؤر جي نفسي ۽ تعليمي
ضرورتن جي پسمنظر ۾ تدريسي حڪمت عمليون ۽ طريقا
بيان ڪيا آهن. هيٺ اسان انهن حڪمت عملين ۽ طريقن
جي عملي ضرورتن جو هڪ مجموعي خاڪو مرتب ڪريون ٿا
ته جيئن استادن کي ان مان لاب پرائڻ ۾ سؤلائي ٿئي.
(1) تدريسي طريقو اهڙو هجي جيڪو شاگردن جي عمر ۽
انهن جي ذهني سطح پٽاندڙ هجي. مثال طور اوهان ڇهن
سالن جي عمر جي ٻار کي پڙهائڻ لاءِ اهو طريقو
استعمال نه ڪندؤ جيڪو هڪ بالغ کي پڙهائڻ لاءِ هجي.
اهڙيءَ طرح بالغن کي پڙهائڻ لاءِ ٻارن وارو طريقو
ڪارائتو نه رهندو. تنهنڪري اوهان پنهنجن شاگردن کي
پڙهائڻ وقت سندن عمر ۽ ذهني سطح کي نظر ۾ رکندي
مناسب تدريسي طريقي جي چونڊ ڪندؤ.
(2) تدريسي طريقي جي چونڊ وقت استادن کي شاگردن جي
انفرادي اختلافن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. کيس اهڙو
طريقو اپنائڻ گهرجي جيڪو سمورن شاگردن کي انفرادي
ڌيان ڏيڻ ۾ سندس مدد ڪري. ظاهر آهي ته سمورا شاگرد
هڪ ئي سبق کي هڪ نموني ۽ انداز سان نٿا سکي سگهن.
تنهنڪري سندن سکڻ ۽ پرائڻ جي رفتار کي نظر ۾ رکڻ
انتهائي ضروري آهي.
انفرادي اختلافن کي نظر ۾ رکندي استاد کي اهڙو
تدريسي طريقو چونڊڻ گهرجي جنهن جي مدد سان هو
شاگردن تي انفرادي ڌيان ڏيئي سندن مسئلا حل ڪري
سگهي.
(3) ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪري سگهندو ته تدريسي
طريقي ۽ مضمون جي مواد جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق
آهي، تنهنڪري تدريسي طريقو مضمون ۽ سبقن جي نوعيت
کي نظر ۾ رکي ڪري اختيار ڪيو وڃي. ظاهر آهي ته
جيڪو طريقو اوهان سنڌي پڙهائڻ لاءِ اختيار ڪندؤ
اهو سائنس پڙهائڻ جي طريقي کان مختلف هوندو.
(4) تدريسي طريقي جي چونڊ وقت ان ڳالهه کي پڻ نظر
۾ رکيو وڃي ته اهو شاگردن ۾ سبق بابت سوچ پيدا
ڪري. جيڪڏهن استاد محسوس ڪري ٿو ته ڪنهن هڪ طريقي
سان پڙهائڻ دوران شاگردن جو ڌيان ۽ دلچسپي برقرار
نٿي رهي ته ان جو مطلب هي آهي ته اهو طريقو
ڪارائتو نه آهي تنهنڪري کيس ان بدران ڪو ٻيو طريقو
آزمائڻ گهرجي.
(5) تدريسي طريقي جي چونڊ وقت شاگردن جي تعداد کي
به نظر ۾ رکڻ تمام ضروري آهي. مثال طور اوهان ڏهن
شاگردن جي ڪلاس کي پڙهائڻ وقت جيڪو طريقو اختيار
ڪري سگهو ٿا اهو سٺ شاگردن جي ڪلاس لاءِ هرگز
موزون نه ٿيندو تنهنڪري تدريسي طريقي جي چونڊ وقت
شاگردن جي تعداد کي ذهن ۾ رکڻ پڻ تمام ضروري آهي.
(6) شاگردن جا تجربا ۽ سندن علمي ذخيرو تدريسي
طريقي جي چونڊ ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته
هر تدريسي طريقي جو تعلق هن ڳالهه سان پڻ هوندو
آهي ته ان کان اڳ شاگرد ڪيستائين ڪنهن خاص مضمون
يا تصور کي پڙهي ۽ سمجهي چڪا آهن تنهنڪري ان مرحلي
کان اڳتي کين پڙهائڻ لاءِ اهڙي طريقي جي چونڊ ڪئي
ويندي آهي جيڪو سندن گذريل تجربن ۽ علم کي تقويت
ڏئي ۽ کين وڌيڪ پڙهڻ ۾ سندن مدد ڪري.
(7) استاد کي تدريس جي طريقي چونڊڻ وقت (محدود
وسيلن کي نظر ۾ رکندي) هن ڳالهه جو خاص خيال رکڻ
کپي ته ان تي تمام گهٽ خرچ اچي ته جيئن ان ڪري
استاد، شاگرد ۽ والدين تي ڪنهن قسم جو بار نه ٿئي.
(8) تدريسي طريقي سان لاڳاپيل ڳالهين ۽ سامان سڙي
وٺڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڏکيائي پيش نه اچڻ کپي.
(9) ڪنهن خاص تدريسي طريقي جي چونڊ جو تعلق استاد
جي تجربي، تعليمي ۽ پيشه ورانه قابليت سان پڻ آهي.
مثال طور تدريس ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال، ظاهر آهي ته
پهريائين استاد کي ان جي استعمال جي ڀرپور ڄاڻ هئڻ
گهرجي.
تعليم انفرادي هجي يا اجتماعي، مقصدن ۾ ڪاميابي
تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن اسان تجربن، آزمايل اصولن
۽ پرکيل طريقن جي روشنيءَ ۾ باقاعدي پروگرام تحت
تعليمي يا تدريسي عمل کي اڳتي وڌايون. تنهنڪري
تعليم کي بامقصد ۽ مربوط بنائڻ لاءِ دنيا جي اڪثر
ملڪن ۾ تجرباتي اسڪول قائم ڪيا ويا ۽ انهن جي
روشنيءَ ۾ قديم تدريسي طريقي کي ختم ڪري جديد
تدريسي طريقن جي اختيار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو.
انهن تجرباتي اسڪولن ۾ سرفهرست ۽ اهم طريقا هيٺ
ڏجن ٿا جن ۾ انفرادي ضرورتن کي آڏو رکي انفرادي
تدريس جي اصولن تي عمل ڪيو ويو آهي.
1 – ڪنڊر گارٽن تدريسي طريقو
ڪنڊر گارٽن جي معنيٰ آهي ”ٻارن جو باغ“ جنهن ۾
ٻارڙن جي ذهني پرورش جو انتظام هوندو آهي. ان ۾
اسرندڙ (3،4 سالن کان 7 سالن جي عمر وارن) ٻارڙن
جي حيثيت ٻوٽي جي ۽ استاد جي حيثيت مالهيءَ جي
هوندي آهي. استادن جو ڪم انهن گلن جهڙن ٻارڙن لاءِ
اهڙيون مناسب حالتون پيدا ڪرڻ آهي جنهن ۾ کين
پنهنجي اندروني تحريڪ جي بنياد تي واڌ ويجهه جو
موقعو ملي.
ان تدريسي طريقي جو باني فروبل 1783ع ۾ جرمنيءَ ۾
پيدا ٿيو. والدين جي شفقت کان محروميءَ سبب چاچي
جي نگرانيءَ ۾ آزاد ۽ فطري ماحول ۽ آزاد قدرن جو
چاهيندڙ بڻيو. هن پنهنجي تدريسي طريقي جو بنياد
فلسفي تي رکيو. هو روسو، پيسٽالازي ۽ هربارٽ کان
گهڻو متاثر هيو. هن ننڍڙن ٻارن جي تعليم ۽ ترتيب
کي اثرائتو بنائڻ لاءِ اهڙا اپاءَ ورتا جن تعليمي
طريقي ۾ اهم تبديليون آنديون.
فروبل خدا جي وجود جو قائل ۽ مذهبي زندگيءَ جو
عاشق هيو. سندس نظر ۾ تعليم جو مقصد سچي، پرخلوص،
بي عيب ۽ پاڪ صاف زندگي بسر ڪرڻ جي قابل بنائڻ آهي
۽ اها پاڪيزه زندگي مذهب ذريعي ئي ممڪن آهي.
تنهنڪري هو تعليم جو بنياد مذهب تي رکڻ ضروري
سمجهي ٿو. هن ٻار جي دلچسپين ۽ خواهشن مطابق تعليم
راند جي ذريعي ڏيڻ جي فرمائش ڪئي، جنهن ڪري هن
پنهنجي تدريسي طريقي جو نالو ئي ”راند ۽ عمل ذريعي
سکيا“ رکيو.
2 – مانٽيسوري تدريسي طريقو
هي طريقو سماجي تجربي جي پيداوار آهي. ان جي موجد
اٽليءَ جي عورت ڊاڪٽر ماريا مانٽيسوري آهي جيڪا
1870ع ۾ پيدا ٿي. هڪ اسپتال ۾ معذور ٻارن جو علاج
سندس حوالي هيو. ائين سندس همدرديءَ جي نتيجي ۾
ننڍڙن ٻارڙن لاءِ تعليمي اسڪيم ايجاد ڪرڻ جو خيال
هڪ تعليمي طريقي ۾ تبديل ٿي ويو. اها ڪنڊر گارٽن
جي ئي هڪ بدليل شڪل آهي. ڇاڪاڻ ته هن معذور ٻارن
کي پنهنجو محور بڻايو ۽ عام ٻارن جي حواسن جي
تربيت ۽ تعليم ۽ تدريس جو تجربو ڪيو جيڪو ڪندي
ڪندي هڪ ڏينهن مخصوص تعليمي طريقو بڻجي ويو، جيڪو
هيٺين اصولن تي مشتمل آهي:
(1) انفراديت جو اصول
هر ٻار جي انفرادي ذهني ۽ جسماني ضرورت کي نظر ۾
رکندي سندس اؤسر ۽ نشوونما جو عمل اختيار ڪيو وڃي،
ان لاءِ گهربل فطري موقعا ۽ ماحول مهيا ڪيو وڃي.
(2) آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جو اصول
ٻار جي انفرادي تربيت ۽ لڪل صلاحيتن جي اؤسر ۽
نشوونما لاءِ کيس هر قسم جي دٻاءَ کان آزاد تعليمي
ماحول مهيا ڪيو وڃي.
(3) تعليم جي اؤسر ۽ نشوونما جو اصول
مانٽيسوري اسڪول ۾ اهڙي فضا قائم ڪرڻ گهري ٿي جنهن
۾ ٻارن جون مخصوص فطري صلاحيتون پاڻ مرادو نشوونما
وٺن ۽ تعليم جي ذريعي سندن جسم ۽ روح جي واڌ ويجهه
ٿئي.
(4) جسماني تربيت جو اصول
مانٽيسوري تعليمي طريقي ۾ جسماني تربيت تي زور ڏنو
ويندو آهي ته جيئن بدني عضون ۾ سگهه ۽ توانائي
پيدا ٿئي ۽ ٻار تعليم جون بنيادي مهارتون حاصل ڪري
سگهن ۽ منجهن پاڻ مرادو ڪم ڪرڻ جو شعور ۽ جذبو
پيدا ٿئي، ان لاءِ کين ضروري سامان سڙو مهيا ڪيو
ويندو آهي.
(5) حواس جي تربيت جو اصول
ننڍپڻ جي شروعاتي حصي ۾ ڇاڪاڻ ته عقلي استدلال
ڪارائتو تعليمي طريقو نه هوندو آهي ۽ ٻارن جا حواس
تمام تيز هوندا آهن تنهنڪري کين حواسن جي تربيت
ذريعي تعليم ڏني ويندي آهي، جنهن سان سندن ذهني
بيمارين ۽ ڪمزورين جي خاتمي جا امڪان پڻ پيدا ٿين
ٿا.
(6) ذاتي تعليم جا اصول
ٻارن ۾ پاڻ ڀرائپ ۽ ذميداريءَ جي صلاحيت جي اوسر
لاءِ مانٽيسوري طريقي ۾ هن تدريسي طريقي کي خاص
اهميت حاصل آهي جنهن ۾ کين رانديڪن جي ذريعي سندن
ذميدارانه صلاحيتن کي اڀاريو ويندو آهي.
(3) گروپ تديريس جا طريقا
Methods of Group Instruction
هيءَ هڪ اهڙي تدريس آهي جيڪا اجتماعي طور تي هڪ ئي
ڪلاس (گروپ) ۾ موجود شاگردن کي هڪ ئي وقت ۽ هڪ ئي
هنڌ ڏني ويندي آهي يعني استاد جيڪو سبق پڙهائيندو
آهي يا سکيا ڏيندو آهي اها ڪنهن خاص شاگرد لاءِ نه
پر ڪلاس جي سمورن شاگردن لاءِ هوندي آهي. کين اهڙي
انداز ۾ تعليم ڏني ويندي آهي جيڪا مجموعي طور تي
سڀني لاءِ سڦلائتي ثابت ٿيندي آهي ۽ شاگرد هڪ
جيتري رفتار سان، سواءِ ڪنهن انفرادي اختلاف جي
ترقي ڪندا آهن. هتي ان تدريسي طريقي جا ڪجهه اهم
حصا بيان ڪجن ٿا:
(1) مسئلي تدريسي طريقو (Problem
Solving Method)
هيءَ تعليمي مسئلن کي حل ڪرڻ جو هڪ طريقه ڪار آهي
جنهن ۾ استاد ۽ شاگرد هڪ سوچيل سمجهيل، شعوري ۽
مقصدي طور تي ڪنهن تعليمي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندا آهن. هيءَ تدريسي طريقي جو نه پر سکيا جو
حقيقي لائحه عمل آهي جنهن ۾ شاگردن جون ذهني
صلاحيتون وڌ ۾ وڌ ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ استاد
گهٽ ۾ گهٽ فعالي حيثيت رکندو آهي. هن ۾ شاگرد
پنهنجي روز مره جا مسئلا گڏيل ذهني ڪوشش ۽ غور فڪر
سان حل ڪندا آهن.
انسان جي زندگي مسئلن جو ٻيو نالو آهي تنهنڪري
جيئن جيئن قدم اڳتي وڌايا ويندا آهن اهي مسئلا وڌڻ
سان گڏوگڏ پيچيده ٿيندا ويندا آهن ۽ پڇاڙيءَ تائين
انهن کي حل ڪرڻ جو ڪم جاري رهندو آهي، تنهن ڪري
بهتر تدريس جي خوبي ۽ نصب العين هيءَ هئڻ گهرجي ته
اهو ٻارن جي استدلال جي صلاحيت ۽ سگهه کي ترقي
ڏئي، تنهنڪري هيءُ طريقو سائنسي طريقي جو ئي ٻيو
نالو آهي. اسان مسئلي طريقي جي وصف هينئن بيان ڪري
سگهون ٿا:
”گروهه يا ڪلاس جو ڪم اهڙيءَ مرتب ڪيو وڃي ۽ نصاب
کي ٻارن جي عملي زندگيءَ جي مسئلن سان اهڙيءَ طرح
مربوط ڪيو وڃي جو انهن جي نظر ۾ اهي حقيقي مسئلن
جي شڪل اختيار ڪري وٺن، سندن اتساهه جي جذبي ۾
تحريڪ پيدا ٿئي ۽ ذهني قوتون سجاڳ ٿين ۽ پوءِ اهي
انهن مسئلن کي حل ڪرڻ تي سنبري بيهن.
(2) منصوبي تدريسي طريقو (Project
Metthod)
هي تدريسي طريقو ڊيويءَ جي عملي فلسفي جو مظهر
آهي، جنهن جي مطابق ”تعليم جو بنياد ٻار جي ضرورت
تي رکيو وڃي.“ هيءَ طريقو عمل جي ذريعي سکيا (Learning
By Doing)
جو نالو آهي. هن طريقي بابت تفصيل سان ذڪر ”عملي
اسڪول“ باب ۾ ٿي چڪو آهي، تنهن هوندي به اسان هتي
ٻڌائيندا هلون ته ”منصوبو يا مقصد عملي سرگرميءَ
جو نالو آهي جنهن کي قدرتي ماحول ۾ سرانجام ڏنو
وڃي“.
(3) انڪشافي تدريسي طريقو (Heuristic
Method)
اهو تدريسي طريقو جنهن ۾ استاد مختلف معلومات کي
شاگرد تائين سڌو سنئون پهچائڻ بدران اهڙي صورتحال
پيدا ڪندو آهي جو شاگرد پنهنجي ذاتي ڪوشش سان
مختلف معلومات حاصل ڪندا آهن ۽ استاد فقط انهن جي
رهنمائي ڪندو آهي، ان کي اصطلاحي طور تي انڪشافي
تدريسي طريقو چوندا آهن.
وضاحت:
سڀ کان پهريائين پروفيسر آرم اسٽرانگ سائنسي
مضمونن جي تدريس لاءِ هيءَ طريقو اختيار ڪيو جنهن
۾ کيس شاندار ڪاميابي حاصل ٿي ۽ هو شاگردن ۾ ان
تدريسي طريقي سبب جديد تجسس کي اڀارڻ ۽ فڪر جو
سائنسي انداز پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس ان
ڪاميابيءَ کانپوءِ ان طريقي جو ٻين مضمونن جي
تدريس ۾ پڻ استعمال ٿيڻ لڳو.
هن تدريسي طريقي ۾ استاد خاص انڪشافي سوالن ۽ بحث
وغيره سان اهڙي صورتحال پيدا ڪندو آهي جو شاگردن
کي ڪنهن مسئلي جو سامان پيدا ڪرڻو پوندو آهي. ان
مسئلي جو حل استاد کين ناهي ٻڌائيندو بلڪه شاگرد
ئي ان جي حل لاءِ پنهنجي ڄاڻ کي ڪم آڻيندا آهن ۽
آخرڪار پنهنجي ڪوششن سان هو مسئلي کي حل ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي ويندا آهن.
انڪشافي تدريسي طريقي جا مختلف مرحلا
انڪشافي تدريسي طريقي جا مختلف مرحلا هيٺ ڏجن ٿا:
1 – مسئلي جي چونڊ
2 – مفروضا قائم ڪرڻ
3 – حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ پروگرام ترتيب ڏيڻ
4 – مفروضن کي تجربن سان ثابت ڪرڻ
5 – صحيح معلومات حاصل ڪرڻ کانپوءِ نتيجو ڪڍڻ
4 – ڪلاس روم ۾ تدريس جا طريقا
ڪلاس روم جي تدريس عام طور تي هر دؤر ۾ رائج هئي ۽
اڄ پڻ چڱي اهميت رکي ٿي تنهن ڪري هتي انهن ئي
تدريسي طريقن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي اوهان جي نصاب ۾
شامل آهن.
مظاهراتي تدريسي طريقو (Demonstration
Method)
هيءُ طريقو جماعتي تدريس ۾ عام طور تي سائنس ۾
وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي. عملي نوعيت جا مضمون يا
سبق ان کانسواءِ پڙهائڻ ۽ عملي ڳالهين ۽ سبقن جي
مڪمل سمجهه ۽ تشريح ڏکي هوندي آهي. هن تدريسي
طريقي ۾ استاد شاگرد آڏو عملي تجربو ۽ مظاهرو ڪندو
آهي، شاگرد غور سان مشاهدو ڪندا آهن ۽ پوءِ مشاهدي
جي مدد سان پاڻ معلومات حاصل ڪندا آهن. هيءَ طريقو
سبق جي باريڪ پهلوئن جي وضاحت ۾ مددگار ٿيندو آهي.
هن طريقي ۾ شين جي نوعيت ۽ حقيقت جو علم پنجن
حواسن ذريعي حاصل ڪيو ويندو آهي. يعني ڇهڻ، ڏسڻ،
چکڻ، سنگهڻ ۽ ٻڌڻ ذريعي شين بابت ڄاڻ حاصل ڪئي
ويندي آهي. اهو طريقو تدريس کي چڱو بامقصد ۽ دلچسپ
بنائي ڇڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ استاد مختلف ڏسڻ ۽
ٻڌڻ وارين شين جو استعمال پڻ ڪندو آهي. هيءَ طريقو
شاگردن کي تنقيد ۽ تبصري جا موقعا پڻ مهيا ڪندو
آهي، ڇاڪاڻ ته ڪلاس ۾ استاد جڏهن ان طريقي کي
استعمال ڪري ڪنهن شيءِ جي وضاحت ڪندو آهي ته
پڄاڻيءَ تي ان بابت شاگردن کان پنهنجي راءِ ۽
تبصرو پڇندو آهي. ان ڪري ڪن رهيل پاسن جي پڻ وضاحت
ٿي ويندي آهي ۽ ائين شاگردن جا ذهني مونجهارا پڻ
دور ٿي ويندا آهن. هي طريقو استاد جي هٿ ۾ وڏو
مددگار تدريسي اوزار سمجهيو ويندو آهي. |