سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: نيڪي ۽ بدي

باب: 1

صفحو :9

 

 پردو ستون

قلعي جو ٺُلهه

 

عصمت:  يا خدا، يا خدا! هي خوفناڪ آواز ڪهڙا ٿا اچن؟ شاهي جنگ لڳي ويئي آهي. افسوس! هزارين زالن بيوه ٿينديون، ۽ هزارين ٻار ڇورا ٿيندا، ڪيتريون جانيون مفت تلف ٿينديون، ۽ ڪيترا خانا ناحق خراب ٿيندا!

شفيق:      پياري عصمت!

عصمت:  ڪير؟ شفيق افسوس، منهنجي بيعزتي ٿي..... بس، مون کان پري ٿيءُ!

شفيق:      عصمت، تون مون تي ڪاوڙ ٿي ڪرين؟

عصمت:  هائو، ڪاڙ ڪريان ٿي، بلڪ حقارت ۽ نفرت ڪريان ٿي!

شفيق:      انهيءَ جو سبب؟

عصمت:  تون بزدل آهين، زال آهين، پر مڙس بنجي دنيا کي ٺڳيندو وتين! ڪيئن جنگ ۾ فوت ٿي؟

شفيق:      افسوس! اسان شڪست کاڌي، ۽ اسان جي ساري فوج ٻڪرين وانگي ڪسي ويئي!

عصمت:  تڏهن تون ڪيئن جيئرو رهئين؟ توکي ته سڀني کان اڳي مرڻ کپندو هو! جنگ جي ميدان مان ڀڄي، پنهنجي بدقسمتيءَ جي شڪايت مون وٽ کڻي آيو آهين؛ موت سان مقابلي ڪرڻ جي بدران ڊڄي، منهنجي جهوليءَ ۾ لڪڻ آيو آهين؟

شفيق:      يا خدا، هاڻ آءٌ هن کي ڪهڙو جواب ڏيان! پياري، آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان ته مون کان اڳي تنهنجي آخرين وفاداري آزمايان؛ آءٌ انهيءَ ڪاڻ آيو آهيان،.... ته مرڻ کان اڳي توکي ماريان!

عصمت:  ڇا، مالڪ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي ٿو آزمائي ۽ مڙس پنهنجيءَ زال کي قتل ڪرڻ ٿو گهري؟ بسم الله، منهنجو سر حاضر آهي، خوشيءَ سان منهنجي سسي لاهه، فرمانبرداريءَ جي ته اها آزمائش آهي، هاڻ وفاداريءَ جي به آزمائش وٺ:

                    هيس اڳي به تنهنجي، اڃا آهيان تنهنجي!

                    ڪڇان جي ذرو ڪي ته تفصير منهنجي!

                    اچو اڳي ٿيو، منهنجا مالڪ! سڀاڳي آهي اها زال،

                    جا پنهنجو سر مڙس جي قدمن تي قربان ڪري!

شفيق:      شاباس، آفرين! بيشڪ، نيڪبخت زال مڙس سان انهيءَ طرح ايماندار، وفادار ۽ فرمانبردار رهندي آهي. پياري عصمت، آءٌ توکي قتل ته ضرور ڪندس، پر هٿ سان نه، هڪڙي رٿ سان.

عصمت:  تنهن جو مطلب؟

شفيق:      مطلب هي ته اصغر کي وفادار نظام سان ڀڄائي ڇڏيون، ۽ انهي جي بدران پنهنجي دل پهڻ ڪري، پنهنجو لخت جگر، نور نظر رفيق، ظالم عماد جي هٿان ڪهائي ڇڏيون!

عصمت:  هاءِ هاءِ، اوهين پيءُ ٿي هي ڇا ٿا چئو! آءٌ ماءُ ٿي، ڪيئن اهو ڪم قبول ڪنديس؟ افسوس_ منهنجا ٻچا، منهنجا رفيق!

شفيق:      جي پٽ جي محبت مالڪ کان بيوفا ٿين ٿي سيکاري ته دنيا جي خوشي به آخرت جي خوشيءَ کي ٿي ٿي ٽاري. پياري عصمت مون کي خوفناڪ پڇاڙيءَ جو خيال ٿو رهي، جيستائين ظالم عماد کي يقين نه ٿيندو ته سندس دشمن قتل ٿي ويو، تيستائين اڃا اصغر ڪٿي لڪي سگهي ٿو، مگر انهيءَ ظالم جي ترار لڪڻ جي ناهي!

عصمت:  آءٌ زبان سان قبول ڪريان ٿي، مگر منهنجي دل نٿي قبول ڪري! آ ۽ پاڻ راضي آهيان مگر جگري الفت ۽ مادري محبت راضي نٿي ٿئي.

شفيق:      اها محبت وڃائي ڇڏ؛ اها الفت اڏائي ڇڏ! جنهن مرحوم بادشاهه جا احسان اسان تي لکين هزارين آهن، انهيءَ جي لال تان پنهنجا سؤ پٽ هجن، ته اُهي به جيڪر قربان ڪري ڇڏجن!

عصمت:  چڱو، جي اوهان جي اها مرضي آهي، ۽ خدا جي اها خواهش اهي ته آءٌ ساه ڪؤڙو ڪري پنهنجي فرزند دلبند کي، پنهنجي آڏو ذبح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان!

                    آءٌ هڻي خنجر به ڪهنديس پنهنجي هن معصوم کي،

                    پوءِ سارينديس به ويهي پنهنجي تنهن مظلوم کي!

شفيق:      آفرين، منهنجي پياري وفادار عورت! هاڻ اٿ.

                    آءٌ هينئر جنگ ۾ خوشي ۽ راحت جي موت مرندس،

۽ قيامت جي ڏينهن فخر ۽ عزت سان توڏي ورندس!

                    جيسين تائين هوش رهي، جسم رهي، جان رهي،

                    تيسين شل شرم ۽ ايمان رهي، ڌيان رهي!

عصمت:  منهنجا مالڪ، اُهو ماڻهو هميشه حيات آهي، جنهن کي ايمان ۽ محبت مدام آهي.

شفيق:      منهنجي جان، هيءَ آخرين ملاقات آهي، هاڻ هن مسڪين جو سلام آهي.

                    (وڃي ٿو.)

عصمت:  هاءِ هاءِ، منهنجي سيني ۾ اوڇنگارون ڏيو ڪير پيو روئي؟ او وفاداري پري ٿيءُ، نڪري وڃي، او بيرحمي، برطرف ٿيءُ... پُٽ جي محبت مون کي خدا ۽ مڙس کان بي ايمان بنائڻ ٿي گهري، ۽ وفاداريءَ جي واٽ کان ڦيرائڻ ٿي گهري. نه ته، آءٌ پٽ جي خون تي خوشيءَ سان پنهنجي وفاداريءَ جي مُهر هڻنديس!.... اي زال ذات جي دل، همت جهل! اي بيرحمي، تون انهيءَ تي پهرو ڏي، ته ڊپ يا خوف اندر لنگهي وٽس نه وڃي!... او رات تون اهڙي گُگهه اونداهي ڪر، جو جيڪي منهنجا هٿ ڪن، سو منهنجون اکين نه ڏسن.....!

                    (اتي نظام اچي ٿو.)

نظام:       بيبي؛ ٻارن جي سنڀال رکجو؛ قلعي جو اولهه وارو دروازو به فتح ٿي ويو!

عصمت:  نظام، نظام! هڪڙو ته نيڪحلاليءَ جو ڪم ڪر، ۽ وفادري ڏيکار: اصغر کي کڻي، چور دريءَ مان ڀڄي وڃ_ انهيءَ جي عيوض، آ پنهنجي پياري پٽ رفيق کي قربان ڪنديس.

نظام:       پر بيبي، اهو ڪيئن ٿي سگهندو؟ دشمن سڃاڻي وٺندا.

عصمت:  ڪڏهن به نه. اصغر ۽ رفيق عمر ۾ هڪجيڏا آهن، ڪو ٿورو فرق اٿن، ڪنهن کي شڪ ڪونه پوندو؛ هاڻ دير نه ڪر، وقت تنگ آهي_ اصغر کي جلد وٺي وڃ.

اصغر:       اما جان، تون مون کي ڪٿي ٿي موڪلين؟

عصمت:  بابا، اُتي، جتي دشمن کان جان جي امان آهي.

اصغر:       (روئي) نه اما، آءٌ ڪيڏي ڪين ويندس. اما، ڇو تنهنجيءَ دل مان منهنجي محبت نڪري ويئي آهي، ۽ مون تي قياس ڪونه ٿو اچيئي، جو پاڻؤن پري ٿي ڪرين؟

عصمت:  هاءِ هاءِ، هاڻ ڪيئن هن کي سمجهايان؛ ۽ دل چيري پنهنجا داغ ڏيکاريان! اصغر ڀڄ ڀڄ، ڪاسائي تنهنجي ڪهڻ لاءِ اچن ٿا؛ دوزخ جا ڪتا توکي شڪار ڪرڻ جي لاءِ اچن ٿا!

اصغر:       نه نه، اما، آءٌ ڪونه ويندس!

عصمت:  اصغر، خدا کي پرتين!

                    (نظام اصغر کي وٺي وڃي ٿو. عصمت بيهوش ٿي، ڪِري پوي ٿي. رفيق حيران ٿي بيهي ٿو.)

رفيق:        اما، او اما! (روئي ٿو)... يا الله، اما کي ڇا ٿيو! اما، او منهنجي پياري اما....!

عصمت:  (اوچتو، ڇرڪ ڀري) رفيق، منهنجو لال! منهنجو پيارو پٽ! پر..... نڀاڳا، پري ٿيءُ_ تون منهنجو پٽ ناهين.

رفيق:        اما، هي ڇا ٿي چوين_ آءٌ تنهنجو ننڍڙو پيارو پٽ آهيان.

عصمت:  هائو، هائو. اما صدقي، تون منهنجو جگر، منهنجو جيرو، رفيق آهن. آءٌ، اچي مون کي ڀاڪر پاءِ، منهنجي ڇاتيءَ سان لڳ. ابا، مون توکي ڏاڍي ناز سان پاليو، ڏاڍي لاڏ سان سنڀاليو. تون منهنجو ٻچو، سڄڻ سچو....! پر ڪنهن جو ٻچو؟ ڇا جو ٻچو؟... ٻچو! شيطان بنجي، منهنجو ايمان کسڻ آيو آهي! نڪر نڪر، پري ٿيءُ، توکي پيار ڪرڻ اجايو... مون ڪڏهن ڪونه پٽ ڄڻيو هو؟ منهنجي اونداهيءَ واري گهر ۾ ڪڏهن ڪونه سوجهري جي لاءِ ڏيئو ٻريو هو؟... نڪر نڪر!

رفيق:        (ڀاڪر پائي) امڙ امڙ، ڇاٿي چوين؟ تنهنجو هوش برابر نٿو ڏسجي!

عصمت:  پري ٿيءُ، پري ٿيءُ، آءٌ ديواني ٿي آهيان، خونڻ ٿي آهيان، ڏائڻ ٿي آهيان، نانگڻ ٿي آهيان.....!

رفيق:        (روئي) گوڙا....! اما، تون ڇا ٿي چوين!

عصمت:  افسوس، اي ڪوڙي دنيا! ڪهڙي مذهب ۾ روا آهي، ڪهڙي قانون جو حڪم آهي، ته ٻئي جي پٽ لاءِ پنهنجي پٽ جو رت وهائجي؟

                    (اٿي، اندران هڪ شيشي، پٽ کي سنگهائڻ جي لاءِ کڻي ٿي اچي.)

                    هاڻ آءٌ، رفيق، هيڏي آءُ!

رفيق:        هيءُ ڇا آهي؟

عصمت:  بيوشيءَ جي دوا!

رفيق:        ڇا ڪبي؟

عصمت:  توکي سنگهائينديس ته بيهوش ٿين، ۽ متان مرڻ مهل تڪليف نه ٿئيئي.

رفيق:        امان، ائين نه چؤ!

عصمت:  ڇوڪرا، توکي ضرور سنگهڻو ٿيندو..... توکي ضرور مرڻو ٿيندو!

رفيق:        (گوڏا کوڙي، هٿ ٻڌي) اما، رحم ڪر، رحم ڪر! (زور ڪري سنگائيس ٿي، ۽ هو بيهوش ٿي، اڳيانئس پئجي رهي ٿو.)

عصمت:  سمهي رهيو! بلڪل بيهوش ۽ خاموش آهي! (منهن مٿي ڪري) اي دنيا جا سک ۽ آرام، وڃ وڃ، وڃي بهشت وساءِ ۽ حورن ۽ ملائڪن کي مزا ماڻاءِ، اتي جيڪڏهن ڪن اوليائن ۽ بزرگن جي پاڪ رون سان تنهنجي ملاقات ٿئي ته انهن کي منهنجي مصيبت بيان ڪري ٻڌائجئين. اي منهنجي سخت دل، اي منهنجون بي نور اکيون، جي آءٌ لاچار ۽ مجبور آهيان، ته من اوهان کان ايترو ٿئي جو رحم جا ٻه ڳوڙها ڳاڙيو! پيارا ٻچڙا رفيق، ڇو تون اهڙو جلد پنهنجيءَ ماءُ کان رنج ٿي رُٺو آهين؟ هميشه جي لاءِ سهمي رهئين ڪيئن؟ جاڳ جاڳ، هڪڙو ڀيرو ته ڳالهاءِ_ فقط هڪڙو ڀيرو پنهنجي مِٺي ٻولي ٻڌاءِ! (اتي ڦٽاڪي جهڙو ٺڪاءُ ٿئي ٿو.) يا خدا، هيءُ ٺڪاءُ ڇاجو، ۽ اوچتو ڀت مان دروازو ڪيئن ٿي پيو؟ افسوس، دشمن اچي پهتو!

                    (عماد ۽ حيدر اڇن ٿا.)

عماد:        فتح، فتح... مراد حاصل، مطلب واصل!

عصمت:  اي سنگدل بيحيا، تون ڪير آهين؟

عماد:        ڪير آهيان؟ عمادالملڪ، جنگ بهادر، خلق جي عزت لاءِ ملڪ جو اَمن!

عصمت:  يا خلق جي ذلئت ۽ ملڪ جو دشمن؟

عماد:        جي اهو اصغر نه ڏيندينءَ، ته برابر تنهنجي ذلت ۽ تنهنجو دشمن ٿيندس.

عصمت:  اڙي، تون ڇا آهين، جي ساريءَ دنيا جا شيطان زادا گڏجي ايندا، ته به اصغر نه نِئي سگهندا!

عماد:        صبر ڪر، ڪمبخت زال! حيدر، هيڏي آءُ، هن کي ٻُڌ، ۽ چابڪَ هڻينس!

عصمت:  چابڪ ڇو ٿو هڻين؟ جي موت مارين، ته به آءٌ اصغر ڪڏهن نه ڏينديس!

عماد:        موت مون کان زياده بيرحم ناهي. حيدر! سگهو ٿيءُ، ماٺ ڪري ڇو بيٺو آهين، منهنجو حڪم نٿو ٻڌين؟

حيدر:        سائين، حيا ۽ اشرافت مون کي اوهان جو حڪم ٻڌڻ نٿي ڏئي!

عماد:        نامرد، بزدل هيءَ ڪهڙي بي همتي ٿو ڏيکارين؟

حيدر:        معاف ڪجو؛ نامرد ۽ بزدل اهو آهي، جو مرد ٿي ڪرڙيءَ ضعيف، ڪمزور، اشراف زال تي هٿ سنئون ڪري!

عماد:        لعين، دغاباز، نيڪحرام...!

حيدر:        سائين ڏسو، آءٌ نمڪحرام ناهيان، مون اڄ تائين اوهان جي پگهر تي پنهنجو رت وهايو آهي. مون پنهنجن ٻن نوجوان ٽن کي اوهان جي لاءِ قتل ڪرايو آهي، ليڪن هتي لاچار آهيان؛ هي هٿ زال جي برخلاف نه، مگر مڙس جي برخلاف کڻڻ لاءِ تيار آهيان!

عماد:        تڏهن تون منهنجو حڪم ڪين مڃيندين؟

حيدر:        جيڪو اشراف ۽ بهادر سپاهي هوندو، سو مرڻ ڪاڻ مري ويندو، مگر ضعيف زال کي ڪڏهن ايذاءُ نه پهچائيندو!

عماد:        چپ ڪر؛ بد اثر! هڻئين ٿو تپاچو، ۽ ڏاريئين ٿو سر!

                    (تپاچو ڪڍي ٿو.)

عصمت:  اڙي ظالم، اهو آئينو نه ڀڃ، جو توکي پنهنجي اصلي سچي صورت ڏيکاري ٿو!

                    (اوچتو ٺڪاءُ ٿئي ٿو. حيدر ڪِري پوي ٿو. شفيق اندر ڪاهي ٿو اچي.)

عماد:        هي ڪير؟_ منهنجو شڪار!

عصمت:  منهنجا پيارا شفيق!

شفيق:      مصيبت جي طوفان ۽ آفتن جي سامان ۾ ته ننڍي هوندي کان وٺي جوانيءَ تائين ئي مون گذاريو آهي. ان ٻڍاپي ۾ به انهن اچي منهن ڏيکاريو آهي، پر

                    مَر ته دنيا وڃي عقبا جي طلبگاريءَ ۾،

                    ســــر وڃي تا وڃي، وه وه وفاداريءَ ۾!

عماد:        اي باغي، نابڪار! هيترو خراب ۽ خوار ٿيو آهين، ته به اڃا آخرت جو طلبگار ۽ حق جو وفادار آهين؟

شفيق:

وفـــاداري سچــــو مذهب ۽ پاڪ ايمان آهـــــي،

وفادريءَ تي زال ۽ ٻار ٻچو سڀ قربان آهي!

عماد:        اي بيعقل شفيق، اجائي بڪ نه ڪر، حياتي ۽ اصغر_ انهن ٻنهي مان جيڪا شيءِ زياده پياري هجيئي، سا پنهنجي لاءِ پسند ڪر!

شفيق:      خوني ڪتا، مون کي اصغر زياده پيارو آهي، ساهه ويو ته حرڪت ناهي، اُهو اصل اُڌارو آهي.

عماد:        تون موت کان اصل نٿو ڊڄين ڇا؟

شفيق:      سپاهي ته موت کي راند سمجهندا آهن!

عماد:        ته وٺ موت، پنهنجو شڪار.

                    (ٺڪاءُ ٿئي ٿو، ۽ شفيق ڪِري مري پوي ٿو.)

شفيق:      يا خدا، حق ادا!

عصمت:  گهوڙا گهوڙا! ڪمبخت ظالم! هي تو ڇا ڪيو؟ شل خدا جي توتي مار پوي؛ تو هي ڪهڙو قهر برپا ڪيو؟

عماد:        صبر ڪر، اي ڪمبخت زال، اصغر نه ڏنئي ته ڄاڻ ته تو پاڻ کي به مڙس وانگي فنا ڪيو!

عصمت:  يا خدا!

                    تاج سر جو تان ڪِريو، هاڻ گود پڻ خالي ڪريان.

                    ۽ هٿن پنهنجن سان پنهنجي گهر جي پامالي ڪريان!

عماد:        چؤ، اي نڀاڳي زال، ڇا ٿي چوين_ اصغر، يا موت؟

عصمت:  وڃ، خوني ڪتا، اجهو تنهنجو لقمو پيو آهي، وڃي شڪار ڪرينس_ وڻيئي ته ڪهينس، وڻيئي ته پرزا ڪرينس. يا خدا!

                    تون باهه ۾ غضب جي پنهنجي جلاءِ هن کي،

                    قدرت سان پنهنجي قادر، تون رستي لاءِ هن کي!

                    (مٿانئس تپاچو ڀري بيهي ٿو.)

عماد:        اهو، _ اهو منهنجي بهادريءَ جو ميوو!

عصمت:  يا خدا، هي خون آءٌ ڪڙين اکين سان ڏسي سگهنديس! ساري دنيا جي مصيبت فقط اسان جي لاءِ آهي ڇا؟

                    منهنجو گهر آهي هي يا ڪربلا آهه،

                    جو نازل ان ۾ هَي هَي هربلا آهه!

                    ]ڊراپ سين[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com