باب
ٻيو
پردو پهريون
جهنگل
]سپاهي
اصغر جي ڳولا ۾ نڪتا آهن.[
پهريون: اڙي اصغر، سگهو لڀي پؤ؛ تو ته اسان کي
حيران ڪري ڇڏيو آهي!
ٻيو: اُس ۾ رلي رلي، منهن ئي ڪارو ٿي
پيو آهي!
پهريون: هي رستو ڏس ته ڪهڙو نه، مشڪل گذار آهي!
ٻيو: جي هيئن هلون...؟
پهريون: ته سامهون اڳيان ان ۾ غار آهي.
ٻيو: جي هونءَ لڙون...؟
پهريون: ته چارون طرف ڪوهسار آهي.
ٻيو: جي گهر هلون....؟
پهريون: ته ڄاڻ ته ٻيڙو ئي پار آهي!
ٽيون: جي هر طرف ٿيو خوف خطرو، ته ڪيئن
ٿئي گذر؟
چوٿون: منهنجي ته هيءَ صلاح اَٿوَ، يار،
موٽون گهر!
پهريون: هيءُ يار گر هلڻ لاءِ تيار ٿيو آهي،
ڀانئجي ٿو ته پنهنجيءَ حياتيءَ کان بيزار ٿيو آهي؛
اڳيان راڻي شاهه بانو نٿي سمجهيس، سسي نه لاهي
وجهيس.
چوٿون: ادا، جي شهزادي اصغر کي هيستائين نه
لڌو اٿئون، ته هن کان پوءِ وري ڪٿان لهنداسونس؟
مفت ڪو شينهن يا بگهڙ نه کائي رکيئون!
پهريون: تون ته ڪو ڊڄڻو ٿو ڏسجين!
چوٿون: ۽ تون ته وڏو رستم پهلوان آهين.
پهريون: بيشڪ، اسين خانداني بهادر آهيون!
چوٿون: هائو، برابر فردوسيءَ شاهنامي ۾
تنهنجو بيان ڏنو آهي!
ٽيون: اڙي، اوهين اصغر شهزادي کي ڳولڻ
نڪتا آهيو، يا ڌمچر مچائڻ؟
ٻيو: بس، ته تڏهن اڳتي هلو.
پهريون: وک کڻو، ڊوڙ پايو.
سڀ: يارو، ڪيستائين پيا رلنداسين...؟
پردو ٻيو
شاهي محلات
]راڻي
شاهه بانو، سهراب خان ۽ گرگين خان ويٺا آهن.[
شاهه بانو: چالاڪ عصمت، اصغر جي
طرفداريءَ جو بهانو ڪري، سگهو ئي اسان جي ملڪ تي
حملو ڪرڻ ٿي گهري، تنهن ڪري آءٌ اوهان ۽ گرگين خان
سان صلاح ڪرڻ ٿي گهران. اوهين ٺهرايل وقت تي اچي،
مون کي ڀوري ۽ نيڪ صلاح ڏجو.
سهراب: اي مَلڪء عالم، هن ڪوڙيءَ ۽ دغاباز دنيا
۾، پيءُ پٽ جي، ڀيڻ ڀاءُ جي ۽ زال مڙس جي سِسي
لاهي خوش ٿين ٿا_ آءٌ ايماندار ۽ وفادار ٿيڻ جو
انجام ڪندس، ته ڪنهن کي يقين ايندو؟ پر، آءٌ ڪير
آهيان، ڇا آهيان، ۽ پنهنجي مرضيءَ سان جيڪي ڪرڻ ٿو
گهران، سو سگهو ئي معلوم ٿيندو.
شاهه بانو: چڱو، اوهين وڃو. آءٌ هاڻي
انهيءَ ڏينهن جي انتظار ۾ رهنديس.
(سهراب وڃي ٿو)
(گرگين سان) آءٌ جڏهن هي خيال
ٿي ڪريان ته عصمت چالاڪي ڪري، اسان جي اکين ۾ مٽي
وجهي، اصغر کي بچائي لڪائي ڇڏيو؛ تڏهن منهنجو رت
ڏاڍو جوش ٿو کائي!
گرگين: ملڪه، اوهين بيفڪر رهو، اصغر هاڻ ٿورن
ڏينهن کان وڌيڪ جيءُ نه سگهندو، انهيءَ جي هٿ ڪرڻ
لاءِ پورو بندوبست رکيو ويو آهي، انهيءَ جي تلاش ۾
لشڪر جون ڇُلنگيون هرطرف موڪليون ويئون آهن.
شاهه بانو: جيڪڏهن انهيءَ ڇوڪر جو
خاتمو ٿي وڃي ته پوءِ جيڪر اسين ۽ اوهين هن دنيا ۾
ڏاڍيءَ خوشيءَ ۽ فرحت سان گذاريون.
گرگين: انشاء الله، ڏٺو ويندو.
شاهه بانو: هلو ته هاڻ هلي جاچ ڪريون
ته اصغر جو ڪو پتو پيو يا نه.
(شاهه بانو ۽ گرگين خان وڃن
ٿا، ته سهراب اچي ٿو.)
سهراب: اي خوني غاصبو ۽ لعنتي ظالمو، ڪيئن نه
مزي سان کلندا وڃو ٿا! اوهين هميشه انهيءَ طرح
کلندا رهندؤ ڇا، انهيءَ طرح مزا ماڻيندا رهندؤ ڇا؟
نه نه، هرگز نه؛ اوهان جي خوشي غم سان، اوهان جي
کل ماتم سان، اوهان جو پنهنجو ٺاهيل هوائي بهشت
سچي پچي دوزخ سان نه مٽائي ڇڏيان، ته آءٌ سهراب
ناهيان! اوهان منهنجي غريب دوست شفيق تي ۽ ان جي
ويچاريءَ بيگناهه زال ۽ معصوم پٽڙي تي جيڪي ظلم
ڪيا آهن، سي ڪي مون کي وسري ويا آهن ڇا؟ اي غافلو،
اي گمراهو، اوهين ڀانيون ٿا ته سهراب خان رڳو عهدي
۽ پگهار جي لاءِ اوهان سان شامل آهي؟ پر، اي عقل
جا انڌؤ، اوهان کي خبر نٿي پوي ته هو اوهان کان
انهن ظلمن جو پورو پورو وير وٺندو!
پردو ٽيون
جميله جي جاءِ
]فريد
خان ۽ اسحاق خان ويٺا آهن.[
فريد: بيهه، پهرين آءٌ ويندس.
اسحاق: نه، پهرين آءٌ ويندس.
فريد: ڏس، پهرين آءٌ آيس نه؟
اسحاق: نه، پهرين آءٌ آيس.
فريد: اي ڪُڪڙ پنهنجي چهنب سنڀال!
اسحاق: تون وڃي آنا وڪڻ، ۽ ٻچا پال!
فريد: تڏهن تون جهيڙي ڪرڻ لاءِ تيار
آهين؟
اسحاق: جيڪڏهن تون انهيءَ ارادي ۾ استوار آهين.
فريد: (ڌڪ هڻيس ٿو) هيءُ ڌڪ... هاڻ ٿيئه
پڪ؟
اسحاق: بس، يار بس! هاڻ پڪ ٿي ته اسين ٻيئي
اشراف آهيون_ ۽ ٻن اشرافن جي وچ ۾ جهيڙو؛ انصاف جي
برخلاف آهي!
فريد: بلڪ رواج جي به برخلاف آهي! پر،
اسحاق خان صاحب، هيءُ ته ٻڌايو ته اوهين هتي ڪهڙي
ڪم آيا آهيو؟
اسحاق: ميان فريد خان، اڄ بيبي جميله بيگم جي
سالگره آهي؛ انهيءَ جي خوشيءَ ، مبارڪباديءَ لاءِ
مون هيءُ موتين جو هار پنهنجي رئيس مراد خان جي
طرفان نذرانو ڪري آندو آهي.
فريد: ٻڌ، آءٌ به انهيءَ لاءِ آيو آهيان،
۽ بنده نواز سرفراز خان جي طرفان هيءَ گلن جو هار
آندو اٿم.
اسحاق: وڃ ڙي وڃ، منهن ته ڏسينس! جميله بيگم
گلن جي هار ڏي نهاريندي به ڪين.
فريد: ۽ ’عماد‘ نالي وارو ڪتو ڌاريندي به
ڪين!
اسحاق: ڇو؟
فريد: ڇالاءِ جو سرفراز خان سير آهي!
اسحاق: ته عماد خان سوا سير آهي!
فريد: سرفراز پهلوانيءَ ۾ رستم جو بابو
آهي!
اسحاق: عماد زور ۽ طاقت ۾ سفيد ديو جو به ڏاڏو
آهي!
فريد: عماد، پٻير، ۽ سرفراز سرُ آهي!
اسحاق: سر کي ڦاڙڻ جو علاج وري سِر آهي!
فريد: چڱو چڱو، ڏسجئين ته تعريف جو
دسترخانو وڇائي، سرفراز خان کي مسالا مڙها لڳائي،
ڪهڙو نه مزيدار ڪري پيش ٿو ڪريان!
اسحاق: بابا، آءٌ به پنهنجي عماد کي لوڻ مرچ
مکي، اهڙو لذيذ لقمو ڪري اڳيان ٿو رکان، جو تنهنجي
قورمي کي هوءَ پڇندي به ڪين!
فريد: ڇا، تون ڪو مون کان زياده فصيح
لسان آهين؟
اسحاق: تون ڪو وري مون کان زياده چرب زبان
آهين؟
فريد: خبر نه اٿئي ته آءٌ شاعر جو پٽ
آهيان!
اسحاق: ته آءٌ به سعديءَ ۽ حافظ جو مٽ آهيان!
فريد: چڱو، جي شاعر آهين، ته منهنجيءَ
مصرع تي ٻي مصرع چئو.
اسحاق: چوندو وڃ.
فريد: ٻڌ_ بلبل جي عضوي عضوي ۾ نت گل جي
باس آهه.
اسحاق: گل جي فراق ۾ تنهن کي ٿورو سور ۽ ٿورو
اُماس آهه.
فريد: واه سائين، واه! مصرع ته وزن کان
وڌي ويئي!
اسحاق: پوءِ ڇا ٿيو؟ شاعري اسان جي خاندان مان
نڪتي_ مصرع جي گهٽائڻ وڌائڻ جو اختيار به اسان کي
آهي.
فريد: چڱو، آءٌ ٻي هڪڙي ڏنگي مصرع ٿو
چوان.
اسحاق: چؤ، ڏس ته ڪيئن نه آءٌ ان کي ماري ڪُٽي
سنئين ٿو ڪريان!
فريد: اڄ رات مون کي خواب ۾ تارو نظر
آيو،
اسحاق: کوليون مون اکيون جڏهن، نظارو نظر آيو.
فريد: واه واه_ وزن آهي، ته معنيٰ ٺهي
ڪانه!
اسحاق: بابا، قافيو تنگ ٿي ويو ته پوءِ ڇا ڪجي؟
فريد: ڀلا هاڻ ٽي مصرع تي مصرع لڳائجئين.
اسحاق: واه جي لڳائيندس_ چؤ.
فريد: رات جو آنو پچايم، سو به ڪَچو رهجي
ويو،
اسحاق: ويا مري شاعر، فقط اُلُوءَ جو ٻچو رهجي
ويو.
فريد: واه ڙي نادان، گاريون ٿو ڏين! هي
شعر_ سازي آهي يا دشنام بازي آهي؟ ٺيو، هاڻ ٿي
روانو!
اسحاق: چڱو، آءٌ وڃان ٿو. (هلي ٿو.)
فريد: ايڏي ڪيڏي ٿو وڃين_ رستو نٿو ڏسين؟
اسحاق: نه، آءٌ هتان ئي ٿو وڃان.
فريد: ايڏي ويندين، ته آءٌ سونٽو
لڳائيندوسئين!
(فريد ۽ اسحاق ڳائين ٿا)
فريد: ڀڄي ٿي دُور، ڪريئين نه ته چُور،
پون ٿا پُور چريائيءَ جا!
اسحاق: ڦٽا ڪر ڦند برائيءَ جا،
فريد: مزا ڏس خوب کرائيءَ جا.
اسحاق: اها ها ها، اهو هو هو، اهو هو هو_
تماشا ڏس ڌڙوائيءَ جا، حلوائي
جا!
فريد: ها، چه ساکي چوم، چنن نه نه چوم،
چنن نه نه چوم،
چه نه نه نه چوم، چه نه نه نه
چوم، چه نه نه نه چوم.
اسحاق: تانه تنن نه تا، تانه تنن نه تا، تانه
تنن نه ٿا،
تانه تنن نه تا!
(وڙهن ٿا: جميله ۽ سندس
ساهيليون اچن ٿيون.)
اسحاق: هائو، آءٌ انهيءَ سان مري ويندس!
پهرين ساهيلي: هان هان، هيءَ ڪهڙي اڳرائي، مفت جي
لڙائي!
اسحاق: ڏسو، ڏسو! هي وڪڻي ڦُلا ڀڳڙا، ۽ ڪري ٿو
ڪُڏ پئي جهڳڙا!
جميله: مگر انهن کان پڇو، ته هتي ڇو آيا
آهيو؟
اسحاق: آءٌ، پنهنجي رئيس عماد خان جي پاران،
اوهان لاءِ سالگره جي خوشيءَ ۾ هي موتين جو هار
کڻي آيو آهيان.
جميله: ۽ فريد خان، تون ڪيئن آيو آهين؟
فريد: مون به پنهنجي رئيس سرفراز خان جي
طرفان هيءُ گلن جو هار سوکڙي ڪري آندو آهي.
(جميله ٻيئي هار وٺي هٿ ڪري
ٿي.)
جميله: واه واه! عماد جي طرفان موتين جو هار
۽ سرفراز جي طرفان گلن جو هار! هِن هار جي ٺاهڻ ۾
ڪنهن جي به جان جو نقصان نه ٿيو هوندو، ۽ هُن هار
جي ٺاهڻ ۾ سوين ٽوٻن ۽ سِپن جو ساهه ويو وندو، هي
مسڪيني هار آهي، ۽ هو، خوني هار آهي؛ هي موتين جو
هار ماڻهن جون سسيون ٿو لهرائي، ۽ هي گلن جو هار
سونهن جي خلعت ٿو پهرائي؛ هي هار دنيا هاز سونهن
جي خلعت ٿو پهرائي؛ هي هار دنيا جي فڪر سان دماغ
کي چُور ٿو ڪري ۽ هي هار پنهنجيءَ خوشبوءَ سان
دماغ کي خوش ۽ مسرور ٿو ڪري؛ هي فقط اميرن ۽
دولتمندن جي محلاتن ۾ ٿو چمڪي ۽ هي جهڙو اميرن جي
گهرن ۾ تڙو غريبن جي ڀُنگين ۾ پيو ٽمڪي؛ هن کي
اعليٰ ادنيٰ، امير فقير، پير پيغمبر سڀ نفرت کان
ڌڪارين ٿا، ۽ هن کي محبت سان پاڻ وٽ رکي خوش
گذارين ٿا؛ هن ۾ هٺ ۽ وڏائيءَ جي خوءِ آهي، ۽ هن ۾
سچي اُلفت ۽ محبت جي بوءِ آهي! انهيءَ ڪري، اي هر
دلعزيز تحفا، گلن جا هار، آءٌ توکي منظور ٿي
ڪريان، ۽ نڪر تون، ڪوڙيءَ دنيا جا خوني اُپاءَ،
توکي نفرت سان دور ٿي ڪريان! (موتين جو هار موٽائي
ڏئي ٿي، ۽ گلن جو هار ڳچيءَ ۾ وجهي ٿي.)
اسحاق: بيگم صاحبه، هي ڇا ٿا ڪريو؟
جميله: بس، وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چؤ ته اڳتي
مون ڏي ڪنهن سوکڙيءَ موڪلڻ جي تڪليف نه ڪري!
فريد: هل، نڪر، هاڻ ڍولڪون وڄائيندو وڃ!
اسحاق: چڱو بابا، هيءَ سڀ تنهنجي حرڪت آهي_ تون
وري سان جي محلي ۾ نه ايندين ڇا؟
فريد: اڙي، وڃ وڃ، نه ته مار نه کائين!
اسحاق: بس ڪر نامراد، پرپٺ مارڻ جون ٻوليون ٿو
ڪرين، منهن تي ڪرين ته خبر ڏيانءِ!
(وڃي ٿو.)
فريد: حضور، هاڻ مون کي موڪل آهي؟
جميله: چڱو وڃ_ ۽ پنهنجي رئيس کي منهنجا
سلام ڏج، ۽ شڪرگذاري ادا ڪج.
فريد: چڱو، هاڻ آداب. (وڃي ٿو.)
هڪڙي ساهيلي: پياري، مبارڪ!
ٻي ساهيلي: سونهن واري، مبارڪ!
گلشن ۾ دهر جي آئي موسم بهار
جي،
پهرين ساهيلي:
بلبل کي گل ملڻ جي خوشي ۽
خمار جي!
|