پردو ٽيون
رستو
]اڳيان
شبنم، ۽ پٺيان قلندر ديوانو ڏنڊو کنيو اچي ٿو.[
قلندر: منهنجو نالو غلام قلندر، مشهور سمندر،
منهنجي والد جو نالو سڪندر، منهنجي ڏنڊي جو نالو
جلندر! جيڪو منهنجي سامهون آيو، تنهن کي ڄاڻ ته
مون ڏنڊو ڦهڪايو! اڄ آءٌ هڪڙي ماڻهوءَ جي چئي تي
هڪڙيءَ زال تي عاشق ٿيو آهيان، مگر هوءَ منهنجي
دام ۾ نٿي ڦاسي، پاڻ کي مڙس واري ٿي باسي! خير،
ڏٺو ويندو ته اهو قصو ڪيئن ٿيندو، هينئر ته وڃان
ٿو سندس ڳولا ۾.....
(وڃي ٿو.)
(پردو ڪِري ٿو.)
پردو چوٿون
مسافرخانو
اسحاق: نڪ ۽ ڪَن سلامت بچائي، هن
پوشاڪ جي بدولت، هن مسافرخاني جي ڪوٺي ۾ اچي پهتو
آهيان، نه ته عماد کان پوءِ جيڪو حال سندس طرفدارن
جو ٿي گذريو، اهو منهنجو به ٿئي ها.
(اتي شبنم لنگهي اچي ٿي.)
شبنم: يا الله، هي چريو ته منهنجي جند نٿو ڇڏي،
پٺيان لڳو اچي!
اسحاق: هان، هي اونداهيءَ ۾ چنڊ
ڪيئن کِڙيو؟ هيءَ اگربتي هتي اوچتو ڪٿان اچي نڪتي؟
شبنم: صاحب!
اسحاق: ڀرم ٿئيئي، آءٌ ڪو صاحب
ناهيان، هڪڙو ديسي ماڻهو آهيان.
شبنم: سائين، معاف ڪجو، آءٌ اوهان جي پوشاڪ ٿي
ڀُليس.
اسحاق: آءٌ ديسي ماڻهو آهيان. ڪوٽ_
پتلون جو هينئر گهڻو مانُ آهي_ انگريزي ٽوپي جو ته
انهيءَ کان وڌيڪ. سڀڪو ڄاڻي ٿو ته هي ڪو صاحب آهي،
تنهنڪري عام ماڻهو ڊڄن به ٿا، ۽ مانُ به وڌيڪ ڏين
ٿا.
شبنم: سائين اوهان جو نالو؟
اسحاق: اسحاق خان! تون ڪهڙي ڪم هتي
اچي نڪتي آهين؟
شبنم: سائين، آءٌ پنهنجي مڙس سان گڏ ريل گاڏيءَ م
چڙهيو ويس، هڪڙيءَ اسٽيشن تي هو ڪنهن ضرورت لاءِ
هيٺ لٿو، موٽڻ کان اڳي، سيٽي هڻي، گاڏي هلي ويئي،
جا هن اسٽيشن تي اچي بيٺي، اڃا لٿيس ۽ ٻاهر نڪتيس،
ته هڪڙو چريو ڏنڊو کڻي، منهنجي پٺيان ڪاهي پيو،
آءٌ ڀڄي هيڏي آيس.
اسحاق: تو جهڙيءَ جوان ۽ حسين زال
کي ريل ۾ ڪو اڪيلو سفر ڪرڻ گهرجي؟ اڄ ڪلهه گاڏين ۾
ڏاڍيون حرڪتون پيون ٿين_ خودي ريلوي وارا ئي بس
آهن.
شبنم: مون کي اُميد آهي ته اوهين اشراف ۽ سکر
ماڻهو آهيو.
اسحاق: انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي!
منهنجي شڪل مان ئي توکي معلوم ٿيندو هوندو، مون کي
درٻارين ۾ سڏ ٿيندو آهي، تخت تي مٿي ڪرسي ملندي
اٿم!
شبنم: تڏهن ڀلائي ڪري، اوهين مون کي منهنجي مڙس
جي اچڻ تائين هن مسافرخاني ۾ پناهه ڏيندؤ ۽
بچائيندؤ؟ ٻيءَ گاڏيءَ ۾ هو به اچي پهچندو.
اسحاق: بيشڪ بيشڪ، منهنجين اکين ۾
ويهه، منهنجيءَ دل ۾ ويهه! هن چريي جو ڊپ اصل نه
ڪر_ جي هتي آيو، ته ڌڪ هڻي سندس کوپڙي ساڍا سترهن
ٽڪر ڪري ڇڏيندس! تون فڪر نه ڪر_ ائين سمجهه ته ڄڻ
پنهنجي مڙس وٽ آهين!
شبنم: تڏهن آءٌ هتان ٻاهران ٿي، وري ٿي اچان.
اسحاق: بيشڪ وڃ، ڪوبه ڊپ نه ڪر”
(هوءَ وڃي ٿي.)
اسحاق: واه ٻيلي، لقمو ته ڏاڍو ڪو
سڻڀو آهي، شڪار ته ڏاڍو عمدو آهي. گهر ويٺي خدا
آڻي ڏنو آهي!
اتي قلندر ديوانو اچي ٿو.)
قلندر: هيءَ ڪيڏي ويئي..... هيءَ ڪيڏي ويئي؟ اڙي
تون ڪير آهين؟ سندس ڀاءُ ٿين، پيءُ ٿين، مڙس ٿين،
ڇا ٿين؟
اسحاق: مار، هيءُ ته ڪو جهنگلي
ڀُوش، ڪو مست موالي ٿو ڏسجي!
قلندر: اي، آءٌ ڇا ٿو پُڇئين؟
اسحاق: بڪ ڦِٽي ڪر! ڇا ٿو چوين؟
قلندر: بيهه گڏهه جا بڄا؛ مون ڏي گهُنڊ وجهي ٿو
ڏسين! اکيون هيٺ ڪر، ٻڌاءِ ته هوءَ ڪيڏي ويئي؟
اسحاق: ڪير، ڪير؟
قلندر: اَها سهڻي ٻلي جا منهنجي ڪُئي جهڙي دل
کڻي هيڏي آئي!
اسحاق: آءٌ ڪنهن کي نٿو سڃاڻان،
مون کي خبر ناهي.
قلندر: ڏسجئين، خبردار،_ هن ڏنڊي سان مٿو ڦيهي
رکندوسئين!
(ڏنڊو اُلاري ٿو.)
اسحاق: اڙي، اڙي...... هي ڇا ٿو
ڪري؟
(ڀڄڻ جي ڪري ٿو.)
قلندر: بيهه، بيهه! ڀَڄ نه. ڏس ڪيئن نه ٿو ساهه
ڪڍئين!
اسحاق: ڇو، آءٌ ڪو بيگاري آهيان
ڇا، چؤ، تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟
قلندر: چڱو، جي تون هن جو مڙس هوندين، ته آءٌ
پنهنجي محبت روڪي هن جي کڻي پچر ڇپيندس.
اسحاق: هائو يار، هائو. توکي هن جي
پچر ڇڏڻي ٿيندي.
قلندر: ڇو؟
اسحاق: ڇو جو هوءَ منهنجي زال آهي.
قلندر: زال آهي؟ هل هل! تون ته هن جي پيءُ جيڏو
ٿو ڏسجين، نه ته به ڀاءُ جيڏو ته آهينس!
اسحاق: نه نه، سچ ٿو چوان_ اڃا
اڳئين جمعي تي اسان جي شادي ٿي هئي!
قلندر: چڱو، تڏهن آءٌ هن جي عشق تان هٿ کڻان ٿو.
پر، تنهنجو نالو؟
اسحاق: منهنجو نالو اسحاق خان!
قلندر: تڏهن تون ڪُوڙو آهين. بيوقوف، هن ته
پنهنجي مڙس جو نالو سنبل خان ٿي ورتو!
اسحاق: هائو هائو. ميان، منهنجو
نالو سنڪبل خان آهي.
قلندر: تڏهن پهريندي ڇو نٿي ڇيئي؟
اسحاق: توسان چرچو ٿي ڪيم؛ تنهنجي
ڏنڊي جي ڊپ کان وائي ڦري ويم!
قلندر: تڏهن چڱو، آءٌ وڃان ٿو.
اسحاق: وڃ، ادا وڃ؛ خدا جي واسطي
وڃ.
قلندر: مگر ڏسجئين، جي سندس مڙس نه هوندين، ته
ڏنڊن سان پاڙ پٽي ڇڏيندوسئين!
(قلندر وڃي ٿو، ته سگهو ئي پوليس
جو جمعدار اچي ٿو.)
اسحاق: اڙي، هي وري ڪهڙو جهنگراڙ
ٻلو ٿو اچي؟ هڪڙي بلا مس ٽَري، ته وري ٻي آئي!
جمعدار: اي هيڏي آءُ.
اسحاق: هن جي پيءُ جو نوڪر آهيان
جو هيڏي آءُ!
جمعدار: صبر ڪر، مون کي نٿو سڃاڻين؟
اسحاق: ڪپڙن مان سڃاڻان ٿو ته هن
شهر جو جهاڙو وال آهين.
جمعدار: (ڏنڊو ڏيکاري) ڇا ٿو چوين،
انهيءَ جو مطلب؟
اسحاق: انهيءَ جو مطلب ته تون شهر
جو گندڪچرو سڀ ميڙي صاف ڪرين ٿو، يعين خراب ماڻهو،
چور، بدمعاش، شهر ۾ آهن، تن کي هڪالي ڪڍين ٿو، ۽
انهن کان شهر کي صاف ڪرين ٿو.
جمعدار: ائين ٺهيو. هتي ڪو جهنگلي
جانور جهڙو ماڻهو ڏنڊي سان آيو؟
اسحاق: هائو: آيو هو. تنهنجي اڳيان
لنگهي ويو. اکر اکر تي سوُنٽو پئي اُلاريئين.
جمعدار: ته انهيءَ کي تو پڪڙيو ڇو
ڪين؟
اسحاق: منهنجو ڇا وڃي، اهو تنهنجو
ڪم آهي.
جمعدار: ديوانن کي پڪڙڻ اسان جو ڪم
انهي.
اسحاق: تڏهن اوهان جو ڪم آهي رستي
تي شين وڪڻڻ وارن کان گجر، موري، ميوو ڇڏائڻ،
اشرافن تي ڪوڙا مقدما ٺاهڻ، فريادين توڙي جوابدارن
ٻنهي کان رقم وٺڻ، ڪوڙا شاهد ٺاهڻ، مفت جا ڇيلا
کائڻ، مفت جا ناٽڪ ڏسڻ....!
جمعدار: خبردار! پوليس آفيسر سان
اهڙي بڪ نه ڪر، نه ته منظوري وٺي بي آبروئيءَ جو
مقدو هلائيئي.
اسحاق: چڱو، جمعدار صاحب، مون کان
خطا ٿي معاف ڪريو.
جمعدار: چڱو، پر هو چريو ڪهڙي پاسي
ويو؟
اسحاق: هيڏي، ڪوٽ جي دَر ڏي
لنگهيو.
جمعدار: چڱو، آءٌ هن جي تلاش ۾ ٿو
وڃان؛ جي انهيءَ وچ ۾ هتي وري اچي، ته انهيءَ کي
پڪڙجئين.
(وڃي ٿو.)
اسحاق: دلجاءِ ڪر، آيو ته ٻانهون
ٻڌي گهاٽ تي حاضر ڪندوسانس. (پنهنجي منهن) آءٌ ٿو
انهيءَ چريي کي هٿ لايان، جو ڳالهه ٻولهه تي ڏنڊو
کنيو بيٺو آهي. مورڳو هڻي ڌڪ ميڄالو ڪڍي وجهي!
(اتي قلندر ۽ گل خان جو ڀائٽيو
سنبل خان اچن ٿا.)
سنبل خان: هائو؛ منهنجي چاچي جو اهو نالو
آهي.
قلندر: ڇا گل خان؟
قلندر: (اسحاق ڏانهن اشارو ڪري) ته ڏس اهو بيٺو
اٿئي.
سنبل خان: ڪير؟.... هُو!
قلندر: تون پنهنجي چاچي کي نٿو سڃاڻين؟
سنبل خان: نه.
قلندر: ڇو؟
سنبل خان: هو گهڻن ڏينهن کان هليو ويو؛
آءٌ تڏهن ننڍو هوس، مون سندس شڪل نه ڏني هئي، تنهن
ڪري نٿو سڃاڻان. (اسحاق کي) چاڇا سائين، سلام ٿئي.
پيرين پوان؟
اسحاق: اڙي تون ڪير آهين؟
سنبل خان: اوهان جو ڀائٽيو.
اسحاق: مون کي ته ڀاءُ ئي ڪونهي،
ته ڀائٽيو وري ڪٿان آيو؟
سنبل خان: مون کي اوهان جو خط مليو. آءٌ
هڪدم اچان ها، پر گاڏيءَ کي پهچي نه سگهيس، تنهن
ڪري دير ٿي ويئي، معاف ڪجو. گهڻن ورهين کان پوءِ
به ڀُلي آيو، ته جيءُ آيو.
اسحاق: (پنهنجي منهن) ڀانئجي ٿو ته
هي ڀليو آهي، ۽ مون کي چاچو ٿو سمجهي. هاڻ ڪُڇان
ٿو، ته هي ڪمبخت سونٽو ٿو هڻي! خير، هاڻ ڪوڙ سوڙ
ڪري جند ڇڏايان.
سنبل خان: چاچا جان!
اسحاق: چپ ڪر شيطان، تون ڪو ڏاڍو
نالائق آهين.
سنبل خان: هوندس.
اسحاق: هوندين نه، پر آهين، ۽
تنهنجو پيءُ توکان وڌيڪ نالائق هوندو هو!
سنبل خان: (کلي) چاچي جي نالي ٻڌندو هوس
ته ڏاڍو چيڙاڪ ۽ شوخ آهي، سو جهڙو ٻڌو هوم، اهڙو
ڏٺم، بلڪ وڌيڪ. خير، هاڻي معاف ڪريو.
اسحاق: چڱو، ڀائٽيو ٿي پيو آهين،
تنهنڪري مون تنهنجي بي ادبي معاف ڪئي.
قلندر: سچ آهي، پنهنجي چاچي جو ادب پيءُ وانگي
بجا آڻجي.
سنبل خان: بيشڪ، آداب آداب! آداب چاچا،
دعا ڪريو.
اسحاق: آداب آداب، ڇاهي؟ هٿ ٻڌ!
سنبل خان: حاضر، هٿ ٻڌان ٿو. (هٿ ٻڌي
ٿو.)
اسحاق: هٿ ٻڌڻ سان ڇا ٿيندو؟ پيرين
پؤ!
سنبل خان: بيشڪ، پيرين پوان ٿو. (پيرين
پوي ٿو.)
اسحاق: پيرين پوڻ به ٺهيو، هاڻ
جانا ڀر!
سنبل خان: اجهي، جانا ڀريان ٿو، مون کي
بي ادبي معاف ڪريو.
(جانا ڀري ٿو.)
اسحاق: هاڻي وري گيسي ڪر!
سنبل خان: حاضر، ائين به ڪريان ٿو. (گيسي
ڪري ٿو.)
قلندر: بس، ميان بس. ايتري توبهه ڪرڻ تي ته خدا
به معافي ڏئي ٿو. تون ته ڪو گندو بندو ٿو ڏسجين!
هاڻ پنهنجي ڀائٽيي کي ڀاڪر پائي مل.
(هو ملن ٿا قلندر خوش ٿي ٽپا ڏئي
ٿو.)
هِپ هِپ هُري....! هِپ هِپ هُري!
سنبل خان: چاچا، اوهان جي ٻانهڙي، منهنجي
زال، به آئي آهي. چئو ته وٺي اچانس؟
قلندر: پڇڻ جو ڪهڙو ضرور؟ وٺي اچينس. (سنبل خان
وڃي ٿو ته سگهوئي سندس چاچو گل خان اچي ٿو.)
اسحاق: هڪڙي بلا ٿي وڃي، ته ٻي هچا
ٿي اچي، هتان نڪران ته جند ڇٽي!
گل خان: مون پنهنجي ڀائٽيي کي خط
لکيو ته هتي اچي مون کي گڏج؛ ٻڌو اٿم ته اهو هتي
آيو آهي. يارو، هن مسافرخاني ۾ ته ڪونه آيو؟ اوهان
مان ڪو منهنجو ڀائٽيو ته ڪونهي؟ اوهان ٻنهي جو
نالو ڇا آهي؟ ڳالهايو ڇو نٿا؟ ڪي گونگا ته نه
آهيو؟
قلندر: منهنجو نالو غلام قلندر، مشهور سمندر،
ڏنڊو جلندر، ۽ والد سڪندر!
گل خان: ۽ اوهان جو نالو!
اسحاق: سنبل خان.
گل خان: ته بس اهوئي منهنجو ڀائٽيو
آهي!
اسحاق: واه اڳهڻو چاچو ٿيس، هاڻ
ڀائٽيو اٿس!
گل خان: نالائق، هيڏي ڏس_ هاڻ ڇا
چوَئين؟
اسحاق: ڪي به نه چؤ.
گل خان: دنيا م تون ئي هڪڙو اهڙو
بيوقوف آهين!
اسحاق: نه نه، ٻه آهيون_ آءٌ به،
هي به. (قلندر ڏي اشارو ڪري)
قلندر: ڇو، ڙي؟ (ڏنڊو کڻي ٿو.)
اسحاق: يار، ڀلا معاف ڪر!
گل خان: مون کي انهيءَ ڳالهه جو
جواب ڏي ته تو شادي ڇو ڪئي؟
اسحاق: انهيءَ لاءِ ته هڪڙو ٽيون
بيوقوف به پيدا ٿئي!
گل خان: پر جي شادي ڪيئه ته انهيءَ
زال سان ڇو ڪيئه؟
اسحاق: زال سان نه ڪريان ها، ته
ڪنهن مڙس سان ڪريان ها؟
گل خان: وري اهڙي بيحيائي جو مون
کان موڪل به ڪانه ورتيئه!
اسحاق: شاديءَ جي لاءِ حڪم وٺڻ جو
ڪو ضرور هو ڇا؟
قلندر: ڇو نه ضرور هو؟ پيءُ جي غيرحاضريءَ ۾
چاچو پيءُ جي برابر آهي. اڄ چاچي جي موڪل کان
سواءِ هڪڙي زال جو مڙس ٿيو آهين؛ سڀاڻي جي موڪل
کان سواءِ هڪڙي ٻار جو پيءُ ٿي ويهي رهندين_ واه!
گل خان: خير هاڻ جي تون ڀانئين ته
توکي پنهنجي ورثي ۽ ترڪي کان خارج نه ڪريان ۽
وصيتنامي ۾ تنهنجو نالو وجهان، ته اڳتي جي لاءِ
چڱي چال اختيار ڪر، ۽ گذريل قصورن جو اقرار ڪر.
اسحاق: مون ڪهڙو قصور ڪيو آهي، جو
قبولدار ٿيان ۽ معافي گهران؟
قلندر: اڙي، چاچي کان معافي گهرڻ ۾ ڪو شرم آهي؟
نه ته ورثو ٿو وڃائين_ ڇو ته منهن ۾ ڇائي پائين؟
اسحاق: شرم ته ڪونهي.
گل خان: تڏهن چؤ ته ’چاچا، آءٌ
خطاوار آهيان ۽ گناهن جو قبولدار آهيان.‘
اسحاق: چاچا سائين، آءٌ شيطان کان
به وڌ گنهگار آهيان!
گل خان: ۽ معافي جو اُميدوار آهيان!
اسحاق: ۽ بخشش جو طلبگار آهيان!
گل خان: شاباش، خوش باش، اوباش!
هاڻ، مون تنهنجي بي ادبي معاف ڪئي، ۽ تنهنجي زال
ڏانهن به پنهنجي دل صاف ڪئي!
اسحاق: آءٌ اوهان جو شڪرگذار
آهيان، عمر لاءِ فرمانبردار آهيان.
(اتي شبنم اچي ٿي.)
شبنم: خبر ناهي، منهنجي گهر واري ڇو ايتري دير
لاتي آهي؟
قلندر: اچ اچ، ڀرم واري! پنهنجي مڙس جي چاچي کي
ملڻ جي ڪر تياري.
شبنم: هان، اوهين آيا آهيو؟ ڀلي آيو، منهنجو نياز
ٿئي.
گل خان: ابا، تون خوش ٿيندينءَ، هي
ٻڌي ته مون تنهنجو ۽ تنهنجي مڙس جو قصور معاف ڪيو
آهي!
شبنم: چاچا، مهرباني اوهان جي، جيتوڻيڪ اوهان جي
شڪرگذاري ادا ڪرڻ لاءِ هينئر منهنجو مڙس موجود
ناهي، ته به آءٌ سندس طرفان دل ۽ جان سان شڪرگذار
آهيان.
گل خان: ڌيءَ، تنهنجو مڙس ته اڳيئي
هتي موجود آهي! (اسحاق ڏي اشارو ڪري)
شبنم: (اسحاق کي) اوهان جي نالي ٿا چوَن؟ آءٌ ته
اها پرولي نٿي سمجهان؟
اسحاق: پياري هيڏي آءٌ ته پرولي
سمجهايانءِ.
شبنم: واه، سائين واه! اشرف آهين، ڇا آهين؟
ديوانو ته ڪين ٿيو آهين!
اسحاق: اڳي ته ڪين هوس، مگر هاڻ
شايد ٿيندس.
(ٻانهن کان وٺيس ٿو.)
شبنم: ڇڏ ڇڏ، پري ٿي بيهه! مون توکي اشراف سکر ٿي
سمجهيو!
اسحاق: اشراف ناهيان ته سفيد باف
آهيان؛ سکر ناهيان ته نکر آهيان. (پاسي ٿي نمي،
پيرين پئيس ٿو.)
ڏس، توکي پيرين پوان ٿو، پرچايان
ٿو.....
شبنم: پيرين ٿو پوين.... شرم نٿو اچيئي!
اسحاق: اڙي، زال کي پيرين پوڻ ته
هن زماني جو فئشن آهي! (ڪن ۾ ڳالهائيس ٿو.)
قلندر: اڙي، دير ڪرڻ جي ڪري زال رُٺي اٿيئي، ته
چڱيءَ طرح سمجهائينس_ هي پاسي تي ڪن ۽ ڦُس ڦُس
ڇاجي ٿو ڪرينس؟
اسحاق: اوهان جو ڇا وڃي؟ زال مڙس
جي معاملي ۾ ٽپي نه پئو!
شبنم: تو مون کي کڻي پنهنجي زال بنايو آهي....!
اسحاق: ڀلو ٿيئي، پنجن منٽن لاءِ
کڻي منهنجي زال ٿي..... مون کي هن ڏنڊي جي مار کان
بچاءِ!
شبنم: ماريا، چريو ته ڪين ٿيو آهين؟
اسحاق: ڏس، خدا جي واسطي منهنجي
ٿوري تائين زال ٿيءُ؟
شبنم: ادا، وڃ وڃ، ماڻهو نه کلائين!
گل خان: نالائق، هيءَ ڪهڙي حڪرت
آهي؟ هوءَ توکي ادو ٿي سڏي، تون هن کي زال ٿو
بنائين؟ مون کي ته اوهان جو قصو سمجهه ۾ نٿو اچي!
(اتي سنبل خان ٿو اچي.)
سنبل خان: (زال کي) پياري شبنم، تون اچي
نڪتينءَ_ مون توکي ڪيترو نه ڳوليو آهي!
شبنم: چڱي منهنجي سنڀال ڪئي اٿيئي_ ڪيترو نه مون
کي رلايو اٿئي!
سنبل خان: مون توکي رلايو آهي، يا تو
هيترو وقت لڳايو آهي؟ ٺهيو، هاڻ چاچي کي گڏج.
پيرين پوينس. (اسحاق ڏي اشارو ڪري)
شبنم: هان، تنهنجو چاچو ته هي آهي! (گل خان ڏي
اشارو ڪري)
سنبل خان: نه پياري، نه،_ هي ڪو ٻيو
ماڻهو آهي، منهنجو چاچو ته هي آهي! (گل خان ڏي
اشارو ڪري).
شبنم: نه ميان نه _ تنهنجو چاچو هيءُ آهي!
گل خان: هان، سنبل خان ته هن جو
نالو آهي!
شبنم: ڪير ٿو چوي؟ هن جو نالو ته اسحاق خان آهي.
اسحاق: بس، هاڻي اسحاق ويچاري جو
الله نگهبان آهي!
گل خان: ڀانئجي ٿو ته هيءُ منهنجو
ڀائٽيو ڪين آهي....!
سنبل خان: نڪي منهنجو چاچو آهي_ انهيءَ
جو يقين آهي!
قلندر: هي هن جو مڙس ناهي، ٻيو ڪو بيدين آهي!
شبنم: هي ته ڪو ظاهر ۾ انسان مسڪين آهي، ۽ باطن ۾
شيطان لعين آهي!
اسحاق: يارو، هي ٻانهو ڪين به ڪين
آهي. خدا جي واسطي منهنجي جند ڇڏيو؛ منهنجو مغز
پريشان، ۽ منهنجي دل غمگين آهي. (ڀڄڻ جي ڪري ٿو.)
گل خان: ڀڄين ڪيڏي ٿو؟ تون منهنجو
ڀائٽيو آهين نه! ائين ڇو ٿي چيئه؟
سنبل خان: تون منهنجو چاچو آهين نه! ائين
ڇو ٿي چيئه؟
شبنم: تون منهنجو مڙس آهين نه! ائين ڇو ٿي چيئه؟
اسحاق: تڏهن هڪ_ هڪ کي ڌار جواب
ڏيان، يا گڏي؟
گل خان: گڏي ڏي.
اسحاق: چڱو، تڏهن سڀيئي هيئن قطار
ٻڌي بيهو، ته اوهان جي ائڊريس جو جواب ڏيان.
(سنئون ٿي، هٽي بيهي ٿو.) ليڊيز ائنڊ جنٽلمين! آءٌ
اوهان جو گهڻو شڪرگذار آهيان، جو اوهين پنهنجو
قيمتي وقت ويسٽ ڪري منهنجو ليڪچر ٻڌڻ گهرو ٿا:
اوهان سڀني مون نالائق کي پنهنجا لائق ڪري، حد ان
وڌيڪ عزت ۽ آبرو ڏني آهي_ اهڙي، جيڪو ويجهو مائٽ
به نه ڏئي_ ڇالاءِ جو اوهان مان ڪنهن مون کي
پنهنجو چاڇو ڪيو آهي، ڪنهن ڀائٽيو ڪيو آهي، ڪنهن
مڙس ڪيو آهي، ڪنهن دوست ڪيو آهي. انهيءَ قدردانيءَ
جي شڪرگذاري، جي منهنجي بت جو هرهڪ وار زبان ٿي
پوي، ته به جيڪر ادا ڪري نه سگهان. حقيقت هيءَ آهي
ته مون کي خدا نه ڪو چاچو ڏنو آهي، نه ڀائٽيو؛ زال
هئي، سا به ويچاري خير جي رهائي ويئي! هن غريب
نواز، ڏنڊي باز جي ڊپ کان مون اوهان سڀني سان اهي
سڱ ڳنڍيا، پر ائين ڪرڻ کي اوهين بيحيائي ۽ گار نه
سمجهو، مون اوهان سان چڱائي ڪئي آهي، ڇالاءِ جو هن
ديواني، ڏنڊو ڏيکاري، چيو ته جيسين هن زال جو ڪو
مڙس نه هوندو، تيسين هن جي جند نه ڇڏيندس، ۽ هن تي
ضرور عشق ڪمائيندس، تنهن ڪري مون هن جي عزت آبرو ۽
ستيا بچائي_ انهيءَ ڪري هيءَ سڀ مصيبت منهنجي سر
تي آئي. اميد آهي ته هيءُ واجبي سبب ٻڌي، اوهين سڀ
مون کي معاف ڪندا_ ضرور معاف ڪندا!“
(بس ڪري تاڙيون وڄائي ٿو.)
گل خان: پر تو پنهنجو نالو سنبل خان
ڇو ٻڌايو؟
اسحاق: جي پنهنجو اصلوڪو نالو
ٻڌايان ها، ته هيءُ ڏنڊي سان منهنجو مٿو ڦاڙي رکي
ها!
گل خان: توبـﮧ
توبـﮧ!
هن ڀليمانس کي اسان هيستائين ناحق ستايو. سائين،
اسان کي معاف ڪجئين!
اسحاق: خير، خدا پڇندءِ.
سنبل خان: مون به جيڪي چيو يا ڪيو، سو
بخش ڪجئين.
اسحاق: شيطان پڄندءِ.
شبنم: سائين، افسوس آهي ته منهنجي عزت بچائڻ ۾
اوهان تي هيتري مصيبت آئي!
اسحاق: پاڻيهي کنڌو کڄندءِ!
(اتي پوليس جو جمعدار اچي ٿو.)
جمعدار: مس مس هٿ آيو. هن ڪيترو نه
مون کي رلايو! (قلندر کي جهلي ٿو.)
سنبل خان: يار هن بيگناهه کي ڇو ٿو
گرفتار ڪرين؟
جمعدار: هي ڪالهه چرين جي اسپتال
مان ڀِت ٽپي ڀڄي ويو آهي. اسان کي هن رلائي خراب
ڪيو آهي.
قلندر: ڇڏ ڇڏ؛ نه ته ڏنڊو هڻي ماري وجهندوسئين!
اسحاق: ڪيئن چاچا، هاڻ ڏنڊو نٿو
هڻين؟ اسان کي ته ڏنڊو ڏيکاري ساهه ئي سُڪائي ڇڏيو
هوءِ!