پردو ستون
فريد خان جي جاءِ
(عمر
اچي ٿو.)
عمر:
لاحول ولا قوت! منهنجي قسمت به ڪهڙي نه خراب آهي_
بورچي ٿيس، ته به لطيفه سان ملڻ جو وجهه ڪونه
مليو!
(اتي نوڪر اچي ٿو.)
نوڪر:
اڙي ڇاتي ٿو ڪُرڪين؟
عمر:
اڙي، سائين، ڪهڙيون ڳالهيون ٿو پڇين، هينئر مون کي
ڏاڍي ڪاوڙ آهي_ اصل چريو ٿو ٿيان! ڪالهه
صاحبزاديءَ جي چاءِ کنيو ٿي ويس، ته هو ڪمبخت نوڪر
آيو، سو منهنجن هٿن مان چاءِ جا ٿانءَ کسي ويو....
نيٺ مون کي به صاحبزاديءَ جي حاضريءَ جو شرف حاصل
ڪرڻو آهي يا نه؟
نوڪر:
ڪائي ضرورت ڪانهي! تون وڃي بورچيخاني ۾ ماني تيار
ڪر!
عمر:
ماني وڃي کڏ ۾ پوي، اوهان وٽ بورچيءَ جي ڪابه عزت
ڪانهي!
نوڪر:
اڙي ميان، رفتي رفتي ٿي ويندي، ٻڌ، توکي ٻي
خوشخبري ٿو ٻڌايان: سڀاڻي صاحبزاديءَ جي شادي ٿيڻي
آهي، انهيءَ ۾ ڏاڍا عمدا طعام رڌڻا آهن_ پوءِ
پاڻيهي تنهنجي عزت ٿيندي.
عمر:
شادي! ڪنهن سان؟
نوڪر:
او، هن نئين منشي سان. هاڻ هلي بورچيخاني ۾ چاءِ
ٺاهه!
عمر:
منشيءَ سان.... شادي؟ يا خدا، هيءَ ڪهڙي بربادي!
او لطيفه، لطيفه، هاڻ ڪنهن وٽ وڃان فريادي، تو مون
سان ڏاڍي ڪئي آهي تعدي! هاڻ ڇا ڪريان، جو ڏکن
ڏوجرن کان منهنجي ٿئي آزادي_ وڃي مٿا مونا هڻان،
جو منهنجي قسمت آهي سادي!
(عمر وڃي ٿو، ته فريد خان ۽ لطيفه اچن ٿا.)
فريد خان: بيشڪ، هن جي علمي لياقت هن خط مان ظاهر
آهي، پر اهو ڇوڪر ڪير آهي؟
لطيفه:
بابا سائين، اوهين هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندا آهيو.
فريد خان:
نيٺ، هن جو نالو نيشان؟
لطيفه:
سردار نوشاد عليءَ جو.........
فريد خان: پٽ؟
لطيفه:
پٽ نه، پوٽو.
فريد خان: ڇا، قربان عليءَ جو پٽ، احسان علي؟
سبحان الله: ڪو وقت ته اهڙو هو جو هو منهنجي رت جو
پياسو هو، آءٌ هن جي جان جو دشمن هوس! پر، ڌيءَ،
هن کي هتي ڪنهن آندو؟
لطيفه:
بابا، مون پاڻ هن کي هتي گهرايو. هو ڏاڍو هوشيار
آهي، ۽ خبردار ماڻهو آهي، ڪم ڪار هلائڻ جو
آزمودگار آهي، شڪل جو به شاندار آهي: ڀلائي ڪري
منظوري ڏيو، ته پوءِ شاديءَ جو بندوبست ڪجي.
فريد خان: چڱو، بابا تون بيفڪر رهه. سڀاڻي ئي
شاديءَ جو بندوبست ڪنداسين. مگر، پهرين هن کي
معافيءَ جو خط لکي ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ لکي ته ”مون
پيءُ جي اجازت کان سواءِ، لطيفه سان محبت رکي، ۽
شاديءَ جي خواهش ڪئي، تنهن ڪري مون کي معافي ملي.“
ائين ڪرڻ سان اسان جو مانَ رهجي ايندو؛ ۽ خلق ۾ کل
نه ٿيندي.
لطيفه:
ائين ٿي سگهندو.
فريد خان: پوءِ، هو ڪٿي آهي، هتي ته ڪونه ٿو ڏسجي.
خير، آءٌ پاڻيهي پڇا ڪري هن سان ملندس، ۽ جيڪو
احوال هوندو سو وري توکي ڏيندس.
(لطيفه ڳائي ٿي.)
سڀ سور دور هاڻ ٿيا، اڳتي خوش رهان،
جيءُ جيءُ، جيءُ جيءُ، خوشيون ڇو نه ڪريان؟
فڪر ٿيا فاني ري، ملن هاڻ جاني ري،
ملي دوست پنهنجي کي، سور سڀ سليان_
ڌنيه ڌن، ڌن، خوشيون ڇو نه ڪريان؟
(پردو ڪِري ٿو.)
پردو اٺون
جهنگل
اصغر:
ڏسو، اسين ڪهڙي نه ڪشادي ميدان ۾ ٿا رهون: بلبلين
جون ٻوليون، قمرين جون ٽوليون، گاهه جي ساوڪ، وڻن
جي ڇانءَ، چوڌاري گلڪاري، بهار جي تياري_ ڪهڙي نه
فرحت آهي، ڪهڙي نه لذت آهي!
نظام:
بيشڪ، سائين خدا جي قدرت آهي، سندس عجب حڪمت آهي.
اصغر:
سڀ ڪنهن شيءِ جي هتي عجيب سرشت آهي، هي جهنگل
ناهي، بهشت آهي!
(اوچتو سپاهي اچن ٿا، ۽ نظام کي ڌڪ هڻن ٿا.)
پهريون سپاهي: اجهو هي آهي! وٺوس، ٻڌوس.....
اصغر:
نه نه، آءٌ ڪين ايندس.... نظام، مون کي بچائج!
نظام:
ڇڏيو، بدمعاشو، ڇڏيو.....!
پهريون سپاهي: صبر ڪر، اي بدڪار، بند ڪر تڪرار!
نظام:
خوني، چور، ڌاڙيلا،.... ڊوڙو ڊوڙو....!
(عصمت اچي ٿي.)
عصمت:
نظام، تون رت ۾ لال آهين!
نظام:
مون کي ڇڏيو، مون کي مرڻ ڏيو....، وڃو وڃو، اصغر
کي دشمن جي چنبي مان ڇڏايو_ معصوم کي ڇڏايو!
عصمت:
نظام، نظام! تون ڇا ٿو چوين_ اسان جي تقدير وري
بگڙي ويئي ڪيئن؟
نظام:
افسوس، تقدير سان ڪهڙي تدبير هلندي!
عصمت:
نه نه، اصغر ڪڏهن هٿان نه ويندو_ جيسين منهنجي بدن
۾ ساهه هوندو. آءٌ اجها سنڀري ٿي وڃان، ۽ پنهنجي
پياري ٻچي کي ٿي بچايان!
پهريون سپاهي: هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ٻيو سپاهي: همت ۽ مدد!
(وڃن ٿا.)
پردو نائون
جهنگل
]جميله
ڳائيندي اچي ٿي.[
پيارا مون سان اچي ٿي ملاقي،
نيڻن جا تارا، منهنجا پيارا پيارا!
نت نهاريان توکي، سنڀاريان،
منهنجا پيارا، دل جاني!
تنهنجي درشن ملڻ لاءِ نت نهاريان،
منهنجا پيارا، دل جاني!
اڙي هان، اڙي هان، اڙي هان هان ري.
جميله:
(زباني) يا خدا توکان سواءِ ڪنهن کان مدد گهران،
تون ئي منهنجو حامي ۽ مددگار آهين، تون هميشه
ٻُڏندن کي بچائيندو آهين، مون کي به تون بچائج ۽
سنڀالج!
(وڃي ٿي.)
پردو ڏهون
لشڪر گاهه
]هڪڙو
آفيسر ۽ سرفراز بيٺا آهن.[
آفيسر:
سرفراز! گهڙيءَ کان پوءِ موت تنهنجي ملاقات لاءِ
ايندو! تون هڪڙي بهادر سپاهيءَ وانگي انهيءَ جي
استقبال ڪرڻ لاءِ تيار آهين؟
سرفراز:
بيشڪ تيار آهيان!
آفيسر:
ڪا دل جي خواهش آئي؟
سرفراز:
ڪابه ڪانه.
آفيسر:
ڪي چوڻو اٿئي؟
سرفراز:
ڪي به ڪين.
آفيسر:
ڪي به ڪين؟
سرفراز:
ڇا چوان؟ جيڪي انصاف ۽ قانون جو خون ڪن، عدالت ۽
سرڪاري ڪم تي ٺٺوليون ڪن، ڪوڙيون شاهديون ڏيئي،
دنيا جي لالچ تي بيگناهن کي قتل ڪرائين، تن کي آءٌ
ڇا چوان؟
(اتي عماد اچي ٿو. ساڻس ٻيو عملدار آهي.)
عماد:
گهڻي بڪ بڪ نه ڪر، اها توکي بندوقن جي نشان ٿيڻ
کان بچائي ڪين سگهندي.
سرفراز:
بس ڪر، آءٌ توسان ڳالهائڻ پنهنجي بيعزتي ٿو
سمجهان، جيڪڏهن توکي پنهنجي شڪست کائڻ جو بدلو
وٺڻو هو، ته هڪڙي بهادر سپاهيءَ وانگي ميدان ۾
اچين ها، ۽ وڙهڻ لاءِ مون کي للڪارين ها_ ويڙهه
کلن پوءِ، بهادرن وانگي يا مارين ها، يا مارجين
ها! (ڳائي ٿو.)
جو اچي سامهون وڙهي ٿو، مرد تنهن جو نانءُ آهه،
جو لڪــــــي ڌڪ هڻي، نامــــرد سو ڄڻ ڪــــانءُ
آهه!
عماد:
احمق، هاڻ تو ۾ باقي ڪي پساهه وڃي بچيا آهن، اُهي
اجائي بڪوات ۾ نه وڃاءِ، انهيءَ جي بدران، خوفناڪ
موت سان مرڻ جي لاءِ افسوس کاءُ!
سرفراز:
موت کان افسوس ڪرڻ، زالن جو يا تو جهڙن نامردن جو
ڪم آهي، مردن ۽ بهادرن کي موت کان ڪهڙو شرم آهي!
عماد:
تڏهن توکي پنهنجي مرڻ جو ڪوبه غم ڪونه آهي؟
سرفراز:
ڪوبه ڪونهي، مگر جي ڪو آهي ته اهو ته جنگ جي ميدان
۾ ڪنهن شريف بهادر جي ترار سان مارجڻ جي بدران تو
جهڙي نامرد جي هٿان ٿو مارجان ۽ هيءُ ته دغاباز
دنيا ۾ پياريءَ جميله کي اڪيلو ڇڏيو ٿو وڃان!
عماد:
جميله؟_ حياتيءَ ۾ به جميله، ۽ مرڻ وقت به جميله!
(ڳائي ٿو.)
ڏس هاڻ جميله ٿي اچي منهنجي بغل ۾،
تون قبر ۾ هوندين، هوءَ منهنجي رنگ محل ۾!
سرفراز:
ائين ڪڏهن ڪين ٿيندو، تارا ڪارا ٿي پوندا، سج ۽
چنڊ ٽڪرجي ناس ٿي ويندا، ملائڪ گمراهه ٿي ويندا،
مگر تنهنجي اميد ڪڏهن به پوري نه ٿيندي، ۽ جميله
منهنجي ئي منهنجي رهندي!
(اتي جميله اچي ٿي.)
جميله:
هائو هائو_ آءٌ تنهنجي ئي تنهنجي رهنديس!
عماد:
ڪمبخت، نامراد، تون هن نڀاڳي بدنصيب جي مڙهه تي
ماتم ڪرڻ آئي آهين ڇا؟
جميله:
نه نه، آءٌ اهو چوڻ آئي آهيان ته موت هر وقت ڪاهي
اچڻ لاءِ تيار آهي، ۽ اهو خدا، جنهن وڏن وڏن
فرعونن کي نيست نابود ڪري ڇڏيو. اهو اڃا تائين
قائم ۽ بقادار آهي! اهو خدا جڏهن سڀني تي مهربان ۽
رحم ڪندڙ آهي، تڏهن تون به رحم ڪر، جو توکي به رحم
جي ضرورت آهي!
سرفراز:
اهو رحم، جو شيطان کي منٿون ڪري حاصل ڪجي، سو مون
کي نه گهرجي!
جميله:
نه پيارا، بيهه. مون کي ڳالهائڻ ڏي، قسمت آزمائڻ
ڏي. (عملدار کي) چؤ، سائين تون ئي چؤ.
عملدار:
جنهن جي لاءِ عدالت موت جي سزا ڏيئي چڪي آهي، تنهن
جي لاءِ ڪي به ڪري نٿو سگهجي!
جميله:
جي عدالت مان حڪم جاري ٿي چڪو آهي، ته آءٌ انسانيت
جي عدالت ۾ اپيل ٿي ڪريان!
سرفراز:
جميله، پنهنجي وات جي موتين کي ڪتن ۽ سوئرن جي
اڳيان نه اڇلا! تون ڪهڙي نه سودائڻ آهين، جو تون
منهنجي ڪميني دشمن جي اڳيان منهنجي مرڻ وقت مون کي
خوار ٿي ڪرين!
جميله:
تڏهن ٻه منٽ_ فقط ٻه منٽ مون کي ڳالهائڻ ڏي!
سرفراز:
نه، جميله نه، توکي محبت جو قسم آهي، وڌيڪ مٿو نه
هڻ، مون کي مرڻ ڏي!
جميله:
منهنجا پيارا، هي تون ڇا ٿو چوين؟
سرفراز:
چوان ٿو ته آءٌ ناشاد آهيان، نامراد آهيان، بدنصيب
آهيان. مون کي مرڻ ڏي، پوءِ دنيا گهڻن ئي کي
جواهرن سان ڀري پئي آهي. هڪڙا ٻين کان وڌ پيا آهن.
ڪو اڻ مُلهو موتي، عقل جي سوجهري سان ڳولي، کڻي
پنهنجي لاءِ هٿ ڪجئين. (ڳائي ٿو.)
سمجهيئه، سمجهيئه، منهنجي هاڻ پياري،
ٿيان توتان مان هردم واري واري!
رکجئين رکجئين دل تي منهنجو قول،
توسان گڏ گذري منهنجي عمر ساري!
ڇا چوان توکي پاڻيهي سمجهه تون، آهين تميز واري.
صلاح توکي، ڏيان جا ٿو، سا پسند ڪجئين،
نه منهنجي روح کي ڪنهن طرح درد مند ڪجئن_
هتي هُتي سدا رهين خوش! پياري.
جميله:
پيارا، هي ڇا ٿو چوين؟ تون منهنجيءَ محبت کي
بازاري عورتن جي محبت جهڙيءَ ٿو ڄاڻين؛ مون کي
بيوفا ۽ بيحيا ٿو سمجهين؟
عملدار:
بس، وقت پورو ٿيو.
عماد:
پاسي ٿيءُ.
جميله:
جيسين آءٌ پاڻ لاش ٿي پنهنجي پياري جي قدمن تي نه
ڪري پونديس، تيسين مون کي ڪوبه پاسي نه ڪري
سگهندو!
عماد:
ڏس، آءٌ وري به ٿو چوئين ته هن ڪمبخت لاءِ پنهنجي
جان نه ڏي.
جميله:
آءٌ وري ٿي چوئين ته ٿورن ڏينهن جي حياتيءَ لاءِ
پنهنجو ايمان نه وڃاءِ!
چئن ڏينهن جو فقط هي شان شوڪت جبر آهه،
پوءِ خدا آهي ۽ تون آهين ۽ تنهنجي قبر آهه!
عماد:
بيوقوف، هن اجل_ رسيدي سان گڏ تون به اجل جو شڪار
ٿيڻ ٿي گهرين ڇا؟
جميله:
هائو_
جي اکيون ويئون، ته پوءِ هن زندگيءَ کي ڇا ڪريان؟
جيءَ جو سک ڇٻي
ويو، ته پوءِ جانيءَ ري جيءَ کي ڇا ڪريان؟
عماد:
جي هيءَ نٿي مڃي، ته هن سان گڏ هن مردار کي به
جهنم ۾ وڃڻ ڏي.... هڻ بندوق!
(عملدار بندوق سنئين ڪري ٿو.)
جميله:
يا خدا! اي آسماني ملائڪو، منهنجي انساني ملائڪ کي
بچائجو!
(اوچتو سردار سهراب خان اندران بندوق جو فائر ڪري
ٿو. بندوق هڻڻ وارو آفيسر ڪري پوي ٿو. سهراب خان
جا سپاهي عماد جي سنگتين کي گرفتار ڪن ٿا، عباد
ڀڄي وڃي ٿو.)
|