پردو چوٿون
جهنگل ۽ جبل
]سردار
سهراب خان ۽ سنگتي بيٺا آهن.[
سهراب:
ويجهي آهي ويجهي آهي، ڪمبخت گرگين،
عماد ۽ ظالم شاهه بانوءَ جي خوفناڪ
پڇاڙي ويجهي آهي!
پهريون سنگتي: سردار سهراب خان، انهن
خونخوارن ۽ ظالمن جي ظلم کان اسين سڀ
وطن ڇڏي، پرديس جي جهنگلن ۽ جبلن ۾
جانورن وانگي ڌڪا کائيندا وتون، ۽
انهيءَ ڏينهن جا اُميدوار آهيون. خدا
ڪندو ته جلد اوهان جا مددگار هنن کان
اسان جو وير وٺندا، ۽ زبردستيءَ جي
ترار سان هنن جون سسيون لاهيندا!
ٻيو سنگتي: خدا جو شڪرانو آهي ته
بيگناهه معصوم اصغر، وفادار نظام جي
پناهه هيٺ، جبل جي غار ۾ لڪڻ پئي ويو،
۽ ڏکن جي ستايل عصمت بيگم جهنگ ۾
رلندي اسان کي ملي ويئي!
سهراب:
هائو، ويچاريءَ عصمت کي اڄ ڪير چئي
سگهندو ته جيئري آهي. گهر لُٽجي ويس،
ور مارجي ويس، پسر پرزا پرزا ٿيس؛
ڏينهن رات، چرين وانگي جبلن ۽ جهنگلن
۾ گهمندي وتي_ رڳو ڪنهن مهل هوش اچيس
ٿو، ۽ اک پٽي ٿي، نه ته خبر ئي ڪانه
اٿس!
ٽيون سنگتي: او اجها سائين، هيڏي پيئي
اچي!
(عصمت اچي ٿي.)
عصمت:
راتيون ويون خوشيءَ جون، ۽ لذت جا
ڏينهن ويا،
خانو سڄو خراب ٿيو، عزت جا ڏينهن ويا!
سهراب:
يا الاهي، هن غريب زال جي مصيبت پوري
ڪر!
عصمت:
اي خوبصورت چنڊ، تون ئي کڻي پنهنجو
هڪڙو ٽُڪر مون کي ڏي، ته آءٌ انهيءَ
کي پنهنجو رفيق سمجهي پيار ڪريان!
اُڀ ۾ اهي سوجهرو، ڌريءَ تي آهي
سوجهرو،
بحر بَر ۾ روشنيءَ کان تنهنجي آهي
سوجهرو؛
آءٌ، لهي آءٌ، تان رکان سيني تي
پنهنجي توکي آءٌ_
ٿئي اکين ۾ سوجهرو، جي دل کي آهي
سوجهرو!
سهراب:
منهنجي به ته هڪڙي ڳالهه ٻڌ!
عصمت:
ڏسو، ڏسو، شاهه بانو منهنجي ٻچي کي
پيئي ماري! اڙي خوني عماد، تون خنجر
ڇو ٿو تکو ڪرين؟ هاڻ جهوليءَ م ٻار ئي
ڪونهي_ منهنجي هنج خالي پيئي آهي!
جيڪي هو مون وٽ سو سڀ ويٺس لُٽائي،
هاءِ هاءِ!
من عذابن کان خدا مون کي ڇٽائي، هاءِ
هاءِ!
چوٿون سنگتي: افسوس، ويچاري ديواني ٿي
پيئي آهي!
عصمت:
اڙي، ڪنهن اولاد واري کان وڃي پڇو ته
اهو داغ ڪهڙو آهي!
چوٿون:
بانو، آءٌ به اولاد وارو آهيان!
عصمت:
هائو، سچ هوندو..... مگر
وسي تنهنجو ٿو گهر، منهنجو نڪو وارث
نه والي آهه،
لُڏن پينگها ٿا گهر گهر ۾ ۽ جهولي
منهنجي خالي آهه!
چوٿون:
بانو، انهيءَ غم جي رڻ کي اکين جي
پاڻيءَ سان ريج ڏيئي سائي ڪرڻ مان
ڪهڙو فائدو_ سُڪو ڪو وري سائو ٿيندو؟
عصمت:
هائو، مون کي روئڻ ڏيو.....، روئڻ
ڏيو_ پيٽ ڀري روئڻ ڏيو! پنهنجن هنن
اکين سان رت جا درياءَ وهائينديس، ۽
انهيءَ ۾ ترنديس، نيٺ انهيءَ ۾ ٻڏي
مرنديس.....!
(اتي اصغر ۽ نظام اچن ٿا.)
اصغر:
پياري اما!
عصمت:
ڇوڪرا، تون ڪير آهين؟
نظام:
ڇا، اوهان کي هيءُ ويچارو معصوم وسري
ويو آهي؟
عصمت:
وسري ويو؟ ڪيئن وسري ويندو_ ڪڏهن ماءُ
کي به پنهنجو ٻچڙو وسري ويندو؟ منهنجي
ٻچڙي مون کي وساريو آهي، پر مون هن کي
ڪين وساريو آهي!
پهريون:
بيبي، هيءُ ڪير آهي؟
عصمت:
ڇوڪرا، تون ڪير آهين؟
اصغر:
اما، آءٌ تنهنجو اصغر آهيان!
عصمت:
ڪير، ڪير.... اصغر؟... بادشاهه جي
آخرين نشاني! منهنجا پيارا، منهنجا
پيارا، پيارن جا پيارا_ اکين جا تارا!
سهراب:
بيگم، جي اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي،
ته پوءِ اصغر جي ڪير سنڀال ڪندو؟
عصمت:
هائو، هائو. هاڻ آءٌ سڀ ڪجهه ڪنديس:
جتي هن جي حفاظت ۾ ٻه جانيون ڏيئي چڪي
آهيان، اتي جي ضرور ٿيو ته هيءَ جان
به قربان ڪنديس!
سهراب:
نيڪيءَ جو ملائڪ!
پهريون:
وفاداريءَ جو روه!
بيو:
زال ذات جي رونق!
]پردو
ڪري ٿو.[
پردو پنجون
عماد خان جي محلات
]عماد
خان اسحاق کي ڪنڌ کان وٺيو اچي.[
اسحاق:
سائين، منهنجو ڪو انهيءَ ۾ ڏوهه؟
عماد:
ته چؤ، منهنجو هار ڪيئن ٿيو؟
اسحاق:
سائين، ڪنڌ مان ته هٿ ڪڍو!
عماد:
اڙي، چئين نٿو؟
اسحاق:
چوان ٿو، چوان ٿو: منهنجي ڪنڌ جون
هڏيون به پيئون سور ڪن!
عماد:
چؤ چؤ، ته جمليه منهنجي هار بابت ڇا
چيو؟
اسحاق:
هن چيو ته..... اهڙا سوين ڇتا ڪتا
منهنجي گهٽيءَ ۾ ڌڪا کائيندا وتن!
عماد:
منهنجي محبت جو اهو انجام؟
اسحاق:
جيءُ، اوهان جي محنت جو اهو انعام.
عماد:
منهنجي هار جي بيعزتي!
اسحاق:
خود اوهان جي به فصيحتي!
عماد:
غضب ٿيو!
اسحاق:
قهر ٿيو!
عماد:
اهڙيءَ نفرت تي هزار لعنت!
اسحاق:
پوءِ به ايتريءَ محبت تي هزار نفرت!
عماد:
چڱو، ٻيو ڇا چيائين؟
اسحاق:
جڏهن مون چيومانس ته منهنجي رئيس جي
نسبت ۾ هيتري بيپرواهي؟ تڏهن پاڻ چوڻ
لڳي ته تنهنجي رئيس جي منهن ۾ ڌوڙ ۽
ڇائي!
عماد:
نمڪحرام، هُن تنهنجي منهن تي اهڙو اکر
ڳالهايو، توکي ڪو شرم ڪونه آيو؟
اسحاق:
واه سائين، ڪو اوهان کي پيو گاريون
ڏيندو، ته مون کي ڇو شرم ايندو؟
عماد:
تون منهنجو مصاحب، منهنجو زيردست
ناهين؟
اسحاق:
زيردست ته آهيان، پوءِ ’زير‘ هڻانس ها
يا ’دست‘؟
عماد:
منهنجي طرفان تڏهن ڇو ڪين چيئه؟
اسحاق:
چيومانس ته گهڻوئي.
عماد:
ڇا ڇا، ڇا چيئيس، ٻڌاءِ.
اسحاق:
مون چيومانس ته منهنجو ڌڻي، پيرن جي
پڻي، جناب عماد خان صاحب جنگ بهادر،
آهي وڏو نادر، جڏهن مٿس غصو ٿئي قاد،
تڏهن سندس واتان گاريون ٿين صادر،
نوڪرن کي هڻي پادر، ڦاڙي انهن جي
چادر، نه ڏسي ڀاءُ نه برادر، نه پيءُ
نه مادر!
عماد:
شيطان، هيءَ تو منهنجي تعريف ٿي ڪئي؟
اسحاق:
سائين، تعريف ڪيم، تڏهن نه ايترو به
چوڻ لڳي ته جتي ملائڪن جو گذر ڪونهي،
اتي اهڙن شيطانن ۽ جنن ڀوتن کي ڪير ٿو
بڇي؟ افسوس، هيڏانهن هيترو پيار ۽
هوڏانهن هيتري ڦٽڪار!
عماد:
يا خدا، هاڻ ڇا ڪريان؟
اسحاق:
سدائين، هڪڙو ويهي پٽيو پنهنجي نصيب
کي، ٻيو پِٽيو پنهنجي رقيب کي!
عماد:
رقيب کي!_ ڪنهن کي؟
اسحاق:
هائو، رقيب کي_ پنهنجيءَ جميله جي
حبيب کي!
عماد:
تڏهن هن جي دل ڪنهن ٻئي سان ڦاٿل آهي
ڇا؟
اسحاق:
هائو، سائين. اوهان جيڪو تئو چاڙهيو
هو، تنهن تي ٻيو ٿو ماني پچائي، ۽
جيڪا ديڳڙي هيستائين پئي رڌيو، تنهن
کي اچيو ٿو کائي!
عماد:
اُهو ڪير،.... ڪير؟ ٻڌاءِ ٻڌءِ!
اسحاق:
سرفراز خان.
عماد:
سرفراز؟
اسحاق:
ائين، غريب نواز.
عماد:
پر سرفراز کي ڪهڙي طاقت، جو جميله ڏي
اکيون کڻي نهاري!
اسحاق:
تڏهن هن جي ڏسڻ لاءِ ليسن وٺڻ جي
ضرورت آهي ڇا؟
عماد:
بيوقوف، تنهنجو مٿو ته نه ڦريو آهي؟
اسحاق:
سائين، مون کي به اهو شڪ ٿو پوي!
عماد:
منهنجي گل کي پُٽڻ نه خير، پر ان ڏي
هٿ کڻڻ جي به هن کي ڪهڙي طاقت آهي!
اسحاق:
بلڪل ڪانهي_ قاعدي جي صاف منع ٿيل
آهي!
عماد:
تڏهن جميله منهنجي هٿان نڪري ويندي؟
اسحاق:
او_ نو، سر!
عماد:
بس، هاڻ نڪري وڃ، آءٌ اڪيلو ويهڻ ٿو
گهران.
اسحاق:
سائين، پاڻ کي پاڻيهي اڪيلائيءَ جو
قيد نه ڏيو، آءٌ اوهان جو ’ايڊيڪانگ‘
آهيان، اوهان سان هجان ته.....
عماد:
نڪري وڃ، ڪانگ جا ٻچا، نه ته وٺئين ٿو
وير سچا!
اسحاق:
سائين، ائين متان ڪريو!
عماد:
نافرمان، تون وڃين نٿو؟ وڌيڪ ڇو ترسيو
آهين؟
اسحاق:
سائين، اوهان کي دلاسي دڙي ڏيڻ لاءِ.
عماد:
مون کي دلاسي جي درڪار نه آهي!
اسحاق:
سائين، ڏاڍي درڪار آهي!
عماد:
ڪانهي! هڪدم نڪري وڃ، نه ته بي آبرو
ڪندوسئين!
اسحاق:
آل رائيٽ، سر!
عماد:
سرفراز سرفراز، آءٌ تنهنجو رت پيئندس!
اسحاق:
ڊونٽ مائينڊ، سر!
عماد:
اڙي، تون وري بيهي رهين_ نڪر، خانه
خراب!
اسحاق:
چڱو، گُڊ مارننگ، سر!
عماد:
شينهن جو لقمو بگهياڙي کسي، ۽ لومڙيءَ
جو لقمو بگهڙ هضم ڪري! سرفراز، تو اڃا
منهنجي سچي پچي صورت نه ڏٺي آهي. هاڻي
سگهو ئي معلوم ٿيندءِ ته آءٌ ڪير
آهيان!
(پردو ڪِري ٿو.)
پردو
ڇهون
جمليه بانوءَ جو گهر
(جميله
ڳائيندي اچي)
آهي عشق عجب، تنهن کي ڪير ڀُلائي،
اهو سڀ کي هلائي، تنهن کي ڪير ڀُلائي!
ڏسو ڏسو ديوانو، مستانو، بيگانو،
نادانو_
ڏسو برهه جو ٻنگ، عشق جو رنگ_
اندر کي جلائي، جِگر کي کانئي!
جيڪو رکي سڄڻ سان ڪا محبت
پيو ساري سدا تنهن جي صحبت،
ڪري هردم سو زاري، هنجون نيڻن مان
جاري.
ڏسو ڏسو ديوانو.....
(اتي سرفراز ڳائيندو اچي ٿو.)
ڍولڻا، ڍولڻا، ڍولڻا ري_ سگهو جاني
هلي آءُ!
جاني هلي آءُ، سگهو جاني هلي آءُ!
توکي آءُ ساريان هردم سنڀاريان،
ڪانگ ويٺو تولاءِ اُڏايان ري_ سگهو
جاني...
ڏينهن ڏسان راهون، رات ڪريان دانهون،
گهڙي گهڙي توڏي واجهايان ري_ سگهو
جاني...
سرفراز:
جمليه، پياري جميله! سچ آهي ته عشق
انڌو ٿيندو آهي.
جميله:
اُهو ڪيئن ٿو چئين؟
سرفراز:
جي اکيون هُجنس ها ته عماد جهڙي
عملدار جي مقابلي ۾ هڪڙو غريب سپاهي_
جنهن کي اشرافت، ايمانداريءَ ۽
وفاداريءَ کان سواءِ ٻي ڪابه سفارش
ڪانهي_ ڪيئن تو جهڙيءَ معقول بانوءَ
وٽ مقبول ٿئي ها؟
جميله:
پيارا، اُهو سچ آهي، پر جهڙيءَ طرح
چنڊ گرهڻ کان پوءِ تارن جي ڪابه سنڀال
نٿي رهي، تهڙيءَ طرح اشرافت ۽
وفاداريءَ جي اڳيان دولت ۽ دنياداريءَ
جي ڪابه دال نٿي ڳري. ڏس، محبت جي
ڪهاڻي ڇاتي چويِ:
مٺڙين ٻولين سان موهين، محبت وارا سي
دلدار_
او محبت وارا سي دلدار، رهن راضي سدا!
سهڻي جن صورت، موهڻي جن مورت، ساهه تن
تان آءٌ گهوريان_
او ساهه تن تان آءٌ گهوريان، رهن راضي
سدا!
ويٺي هردم تن جا ڳڻ ڳايان، من منهنجا
دلبر رهن راضي سدا!
(هڪڙي ساهيلي اچي ٿي.)
ساهيلي:
بيبي، در تي ڪو ماڻهو تنهنجو پيو پڇي.
سرفراز:
ڏسان ته ڪير آهي.
جميله:
وري جلدي اچجئين. دير متان ڪرين.
سرفراز:
ڄڻ ته آيس.
جميله:
هزار شڪرانا، اڄ خوشي ۽ خورمي بي
انداز آهي! جو جميله وٽ سندس صحبتي
سرفراز آهي!
(اتي عماد اچي ٿو.)
عماد:
بس، هاڻ آخرين سوال ۽ آخرين فيصلو،
هن منهنجو تن من هاءِ جلائي ڇڏيو!
ڦٿڪان پيو آءٌ رشڪ حسد ۾،
تنهن مَچ اندر ۾ مچائي ڇڏيو!
باهه بدن ۾ جنهن ٻري؛ سيڪ اچي تنهن کي
دردمندن جي درد جي ڪل نه ٻئي ڪنهن کي!
جميله:
هي نانگ وري ڪهڙو زهر هارڻ آيو آهي!
عماد:
جميله، هيڏي آءُ، ويجهي آءُ، ۽ جيڪي
آءٌ پڇان ٿو، تنهن جو مون کي جواب ڏي.
جميله:
سائين، اوهان ڇو ايتري تڪليف فرمائي ۽
تشريف آندي.
عماد:
ڳلي ۾ طوق لعنت جو پيل نروار ڪنهن جو
آهه.
هيءَ ڦاسي ڪنهن وڌي ٿئي، هي ڳچيءَ ۾
هار ڪنهن جو آهه؟
جميله:
وڌو جنهن طوق هي محبت جو، سو دلدار
منهنجو آهه،
سڏين ڦاسي ٿو جنهن کي تون، سوئي
سينگار منهنجو آهه.
عماد:
بيوقوف،
هي گلن جو هار ناهي، هي ڪنڊن جو هار
ڄاڻ،
لاهي ڇڏ اُڇلائي هن کي، پاڻ تي هي بار
ڄاڻ.
جميله:
ناهي ممڪن ڏور مون کان هي ڳچيءَ جو
هار ٿئي،
ڪهڙو ڀي مون تي کڻي ايذاءُ ۽ آزار
ٿئي!
عماد:
ڪين لاهيندينءَ؟
جميله:
ڪڏهن ڪين!
عماد:
جي رهي هيءَ هوڏ تنهنجي، ۽ هُو نِڪار
رهندو،
ته نه هي ڳلو ئي رهندو، نه ڳلي جو هار
رهنــدو!
جميله:
جي ڳلو وڍيو، ته گهوريـــــو، هي بدن
تيار رهنـــدو،
نه سسيءَ نه ساهه جو، ڪو مون کي
انتظار رهندو!
عماد:
جميله، هي توکي ڇا ٿيو آهي! هڪڙي ڪين
جهڙي رذيل سپاهي کي هڪڙي عزتمند سردار
کان زياده پسند ٿي ڪرين؟
جميله:
بس، سائين بس. آءٌ پنهنجي پياري جي
نسبت ۾ اهڙا اجايا اکر ٻڌڻ نٿي
گهُران!
عماد:
ڇا، پيارو هو ناڪارو؟ گهر کان آوارو،
سو تنهنجو پيارو؟
جميله:
هائو هائو. اُهو منهنجو پيارو، سدا
ناميارو!
عماد:
جميله، جميله! سنڀال، ڏس، ٻڌ، ٺڳچ نه،
گمراهه نه ٿيءُ.
جميله:
مون کي ڇڏ، آءٌ تنهنجي لائق ناهيان.
عماد:
تڏهن ڪنهن جي لائق آهين؟
جميله:
جو تنهنجي نظر ۾ نالائق آهي!
عماد:
ڏس، اوهين ٻيئي پڇتائيندؤ!
جميله:
جهڙي ڪو ڪندو، تهڙي سزا پائيندو.
عماد:
اي نابڪار، مغرور مُردار، مون جهڙو
نامدار، شاندار ۽ مالدار دلدار_
انهيءَ کان شاديءَ جو انڪار!
(اتي سرفراز اچي ٿو.)
سرفراز:
ڪير، عماد خان!
عماد:
نڪر، اي مڪار، پويئي مار، بس ڪر ته
هڻئين نه ترار!
سرفراز:
سدائين، ايتري خفي جو سبب؟
عماد:
ٻڌائيندو سئين، اي بي ايمان نمڪحرام!
سرفراز:
ائين نه چوُ، آءٌ اوهان جو نوڪر
آهيان، نه غلام!
عماد:
خدا جي قدرت، ڪيڏي زمين، ڪيڏي آسمان،
ڪيڏي تون، ڪيڏي جميله!
سرفراز:
تڏهن اوهان کي انهيءَ تان چڙ لڳي آهي،
جو منهنجي جميله سان محبت آهي؟
عماد:
پر توکي هن سان محٻت رکڻ جو ڪهڙو حق
آَهي؟
سرفراز:
ڇو، آءٌ ماڻهو ناهيان، منهنجي سيني ۾
دل ڪانهي؟
عماد:
نڪري وڃ، نڪري وڃ. سرفراز! منهنجي
منهن تان ٽري وڃ.
سرفراز:
اوهين مون کي ڌمڪايو ٿا؟
عماد:
البت، مون کي ڌمڪائڻ جي طاقت آهي.
سرفراز:
اوهان کي ڪابه طاقت ڪانهي.
عماد:
سنڀالي زير دست وانگي، ادب سان
ڳالهاءِ!
سرفراز:
ته اوهين به شريف عملدار وانگي
ڳالهايو.
عماد:
ڏس پڇتائيندين!
سرفراز:
جهڙي ڏيندو، اهڙي وٺندؤ.
عماد:
تون ڪو مون کان زياده قوت وارو آهين؟
سرفراز:
انهيءَ جو جواب هٿ ۽ ٻانهون ڏينديون!
عماد:
تون ڪو مون کان زياده خوبصورت آهين؟
سرفراز:
انهيءَ جو جواب آرسي ڏيندي!
عماد:
تون ڪو مقابلو ڪري مون کان کٽي
ويندين؟
سرفراز:
انهيءَ جو جواب قسمت ڏيندي.
عماد:
تون ڪو مون کان زياده هن جو حقدار
آهين؟
سرفراز:
انهيءَ جو جواب جميله بانو ڏيندي!
عماد:
سرفراز، آءٌ توکي وري به چوان ٿو ته
آءٌ جميله جو توکان وڌيڪ حقدار آهيان!
سرفراز:
سو ڪهڙيءَ طرح؟
عماد:
ههڙيءَ طرح ته تون هڪڙو زيردست سپاهي
آهين، ۽ آءٌ سپـﮧ سالار آهيان؟
سرفراز:
ته تڏهن عشق ۽ محبت تي رڳو سپـﮧ
سالاريءَ جي مهر لڳل آهي ڇا؟
عماد:
چپ ڪر، بي ادب!
سرفراز:
ڇو؟
عماد:
ڇو، جو تون منهنجو زيردست آهين!
سرفراز:
جي زبردستيءَ ۽ بالادستيءَ تي مدار
آهي، ته بندو انهيءَ نوڪريءَ کان
دستبردار آهي.
عماد:
سرفراز، سنڀال ڪر!
سرفراز:
پنهنجي نوڪري قابو ڪر!
عماد:
هن کي پڪڙيو، ٻَڌو........
(ٻاهران سپاهي اچن ٿا؛ ۽ سرفراز کي
پڪڙين ٿا.)
جميله:
ٺڳي، دغابازي! يا پروردگار، ٿي تون
مددگار.....! |