پردو يارهون
شاهي محلات
]راڻي
شاهه بانو ۽ گرگين خان ويٺا آهن[
شاهه بانو: گرگين خان، ٻڌاءِ ڪهڙي خبر
آندي اٿئي؟
گرگين: مون اهڙي خبر آندي آهي، جو اُها ٻڌي
ڪپڙن ۾ نه ماپندينءَ!
شاهه بانو: سچي پچي، اهڙو ڪو احوال
آهي؟
گرگين: ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
شاهه بانو: گرگين جلد ٻڌاءِ، دير نه
ڪر! دشمن مري ويو، کپي ويو، گرفتار ٿيو؟
گرگين: ٻڌو، اصغر اسان کي هٿ اچي ويو!
شاهه بانو: (خوشيءَ ۾) هي آءٌ ڇا ٿي
ٻڌان؟
گرگين: آءٌ سچ ٿو چوان.
شاهه بانو: ته تڏهن هاڻ جلدي ڪر_ خنجر
کڻ“ ٻانهون کُنج؛ وڃي هن کي پورو ڪري اچي خوشخبري
ٻڌاءِ، ته پوءِ منهنجي مٿي جو سور لهي!
گرگين: نه نه، ائين مارڻ ڪو چڱو آهي!
شاهه بانو: انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟
گرگين: هڪڙي خاص مصلحت آهي.
شاهه بانو: اها ڪهڙي آهي_ آءٌ به نه
ٻڌان؟
گرگين: جيڪڏهن اسين اهڙيءَ طرح ظاهر ظهور اصغر
کلي قتل ڪنداسين، ته رعيت ضرور بدگمان ٿيندي، ۽ ڊپ
آهي ته بغاوت ۽ فساد ڪري نافرمان ٿيندي.
شاهه بانو: پوءِ ڪهڙي تجويز آهي، جنهن
سان دشمن به دفع ٿئي ۽ مون کي تسلي به اچي؟
گرگين: جنهن جاءِ ۾ اصغر کي قيد ڪري رکيو
اٿئون، انهيءَ کي سڀاڻي اڌ رات مهل سرنگهه هڻي،
باروت سان اڏائي ڇڏيون، سڀ ڄاڻندا ته اوچتو باهه
لڳي جاءِ ڪِري پيئي، ۽ شاهزادو مري ويو!
شاهه بانو: اها تمام چڱي رٿ آهي. تڏهن
چڱو، وڃي انهيءَ سرنگهه جو بندوبست ڪر.
گرگين: آءٌ اجهو ٿو وڃان،..... مگر، شاهه
بانو! هو شاديءَ جو انجام ته ياد هوندءِ؟
شاهه بانو: انهيءَ جي ڳڻتي نه ڪر، مون
کي ياد آهي. پهرين ته اصغر کي پورو ٿيڻ ڏي، پوءِ
آءٌ تنهنجي، تون منهنجو. (گرگين وڃي ٿو.)
(کلي) احمق ڪنهن جاءِ جو_ مون
سان ٿو شادي ڪري! گرگين، گرگين، تون ڪهڙو نه بيعقل
آهين! ڪنهن جي دل چوندي ته جنهن مرض مان هاڻ تازو
اُٿي آهيان، انهيءَ ۾ وري گرفتار ٿيان؟ مون شاديءَ
جو انجام برابر ڪيو هو، پر رڳو پنهنجي مطلب ڪڍڻ
لاءِ! مون پنهنجي مڙس کي زهر ڏيئي ماريو، سو ڇا
لاءِ؟_ آزاد ٿيڻ لاءِ! مون پنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي
هٿان ڪهايو، سو ڇا لاءِ_ بادشاهي هٿ ڪرڻ لاءِ! تون
ڀانئين ٿو ته شاهه بانوءَ کي انهيءَ بهاني سان
پنهنجي قبضي ۾ آڻيان، ۽ انهن ٻنهي ڳالهين کان هن
کي نااميد ڪريان؛ پر ائين ڪڏهن ڪين ٿيندو. گرگين،
ترس_ اصغر جي موت تائين ترس_ پوءِ توکي به پورو
ڪيو ويندو!
مون کي سڃاڻين نٿو ته آءٌ آهيان ڪير،
بلا آهيان، جا وٺان دشمنن کان پنهنجو وير.
دغا سان تنهنجي سسي لاهيان، ڏس تون منهنجو سَت،
سُمهان نه سک ٿي، پيان آءٌ جيسين تنهنجو رت!
پردو ٻارهون
ڪريم خان جي جاءِ
]ڪريم
اچي ٿو.[
ڪريم: عجب گهر جو رنگ آهي؛ رنگ ۾ ترنگ آهي،
عقل منهنجو گنگ آهي، قافيو منهنجو ننگ آهي، هٿن ۾
تير تفنگ آهي، عشق وارن جي جنگ آهي، مون کي به
انهيءَ جو چڱو ڍنگ آهي! خدا جي قدرت، هيءَ جاءِ
ڪهڙي نه چڱي آهي! مون ٻڌو آهي ته اڄ ٻڍو پاڻ مون
سان ملاقات ڪندو. جي ڪا لکڻ پڙهڻ جي ڳالهه نڪتي،
ته پوءِ چئبو ته ڳالهه ۾ وڏو ڀنگ آهي، ۽ آبرو
بچائڻ جو ننگ آهي! اجهو، اچي ٿو!
(فريد خان اچي ٿو.)
فريدخان: ابا نِينگر؛ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان جو
تو ننڍيءَ عمر ۾ چڱي لياقت حاصل ڪئي آهي؛ تنهنجي
عبارت نويسي ڏٺي اٿم، توکي آفرين هجي!
ڪريم: سائين، لکڻ پڙهڻ ته منهنجو ابي ڏاڏي جو
ڪم آهي. اهڙا خط مون گهڻائي لکيا هوندا. انهيءَ ۾
مون کي مشڪلات ڪانه ٿيندي آهي.
فريدخان: شاباس، شاباس! اها ڳالهه ته ظاهر آهي
مگر آءٌ توکان بڇان ٿو ته تون اهڙو خانداني ۽
پڙهيل ۽ عقل وارو ٿي، ڪيئن منهنجي مرضيءَ کان
سواءِ منهنجي نياڻيءَ جي محبت ۾ گرفتار ۽ ان سان
شاديءَ جو طلبگار ٿيو آهين؟
ڪريم: قبلا، ائين ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟
فريد خان: ائين آهي، جو ڇوڪريءَ پاڻ مون کي ائين
چيو آهي!
ڪريم: هان! هوءَ پاڻ قبولدار ٿي آهي؟
فريد خان: هائو. سو آءٌ انهيءَ ۾ خوش آهيان، راضي
آهيان، مگر هڪ شرط آهي.
ڪريم: (پنهنجي منهن) هيءُ ٻڍو ديوانو ته نٿو
ڏسجي! (هن کي) سائين، اُهو ڪهڙو شرط؟
فريد خان: اهو هي، ته تون منهنجي مرضيءَ ۽ اجازت
کان سواءِ منهنجي نياڻي جو خواستگار ٿيو آهين،
تنهن جي معافيءَ جو خط لکي ڏي، ته اسان جي بي آبرو
ئي نه ٿئي!
ڪريم: (پنهنجي منهن) آيو موت، خط جي نالي کان
ٿي وڃان ٿي فوت!
فريد خان: ڇو، ڊڄين ڇالاءِ ٿو، ڪهڙي مونجهاري ۾
آهين؟
ڪريم: سائين، خبر ناهي اوهان جي دهشٽ کان خط
جو نالو ٻڌي، منهنجا حوصلا ئي خطا ٿي ويا آهن!
فريد خان: هان، حوصلا خطا ٿيا آهن؟ جڏهن اکيون
پوري منهنجي ڌيءَ تي ديوانو ٿي ٿئين، تڏهن حوصلا
خطا نٿي ٿيئي؟
ڪريم: (پنهنجي مُنهن) هاڻ ڪيئن ڪريان.... صاف
چئي ٿو ڏيان (هن کي) سائين، آءٌ اوهان سان ڪوڙ نٿو
ڪريان، سچ ٿو چوان ته آءٌ نانوائي جو پُٽ آهيان.
فريد خان: ڇوڪرا، تون مون کي ٿو ٺڳين! توکي چڱو
سڃاڻان_ تنهنجي پيءُ جو گهاٽو يار آهيان!
ڪريم: بابي جو گهاٽو يار....؟ ياالله، هي ڪهڙو
اسرار!
فريد خان: هائو، اسين ورهين جا ورهيه گڏ رهيا
آهيون.
ڪريم: ورهين جا ورهيه گڏ هئا؟_ تڏهن هي ٻڍو به
نانوائي ٿو ڏسجي!
فريد خان: سچ آهي، هو ماني ڏاڍي چڱي رڌيندو هو.
ڪريم: هائو، بيشڪ، ماني تمام عمدي رڌيندو هو.
فريد خان: پر هُو صوبيدار هو؟
ڪريم: صوبيدار! يا خدا، منهنجو ته خاندان ئي
بدلجي ويو. ڪيڏي بورچي، ڪيڏي صوبيدار! هي ٻڍو ننڊ
۾ آهي يا هوشيار؟
فريد خان: تون انهن ڏينهن ۾ ننڍو هوئين، زنگبار جي
لڙائيءَ ۾ اسين ٻيئي گڏ هئاسين.
ڪريم: سائين، بابو ته ڪنهن به لڙائيءَ ۾ ڪونه
ويو!
فريد خان: توکي خبر ناهي، هن جي ترار ڏاڍا ڪارناما
ڪري ڏيکاريا هئا.
ڪريم: (کِلي) هائو، هو ترار جي بدران ڏوئي خوب
گهمائيندو هو!
فريد خان: هن کي وڏا وڏا ٻيلا ۽ نشان مليا هئا.
ڪريم: هائو، برابر. آءٌ پنهنجي والد کي ڏسندو
هوس، مُنهن تي ڪارنهن جا داغ لڳل رهندا هئس!
فريد خان: ڇڏ هاڻ مسخري، معافي نامو لکي ڏي.
ڪريم: وري به معافي نامي جي ڳالهه آئي! ڀلا
سائين، مون کي ٿوري موڪل ڏيو ته ٻاهران ٿي اچان.
فريد خان: ڇو ڪيڏي ويندين؟
ڪريم: ذرو جاءِ_ ضرور مان ٿي اچان ته پوءِ
فارغ ٿي معافي جو خط ويهي لکي ڏيان.
فريد خان: نه نه، پهرين معافي جا ٻه_ ٽي اکر لکي
ڏي، پوءِ جيڏي وڻيئي اوڏي وڃ.
ڪريم: سائين، ٻي به ڳالهه آهي، اوهان جي هوندي
مون کان هڪڙو اکر لکيو نه ٿيندو.
يد خان: سو ڇو؟
ڪريم: بس، اهو مون ۾ عيب آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو
اڳيان بيٺو هوندو آهي، تڏهن مون کان هڪڙو اکر به
لکيو نه ٿيندو آهي.
فريد خان: چڱو، جي ائين آهي، ته، آءٌ منُهن ڦيرائي
پاسي ڪري ٿو بيهان.
ڪريم: (پنهنجي مُنهن) خدا ڪري ته تنهنجو منهن
شل هميشه ڦريل هجي. (هن کي) ۽ منهن ڦيرائڻ کان
سواءِ اکيون به پوري بيهندؤ!
فريد خان: اڙي، تون مون سان مسخري ٿو ڪرين ڪيئن؟
اِجهو، اکيون به ٿو پوريان.
ڪريم: ته اِجهو، هاڻ آءٌ به ٿو لکڻ شروع
ڪريان. (پنهنجي منهن) هاڻ ڇا ڪريان؟ بورچيءَ ڏي
ڀڄي وڃان! اجهو، اِجهو...
فريد خان: هان، ڇا ٿو ڪرين؟
ڪريم: ڇا ٿو ڪريان؟ اوهين آڏيءَ اک سان لِڪيو
ٿا ڏسو!
فريد خان: هيءَ ته حيرت جي ڳالهه آهي ته لکڻ جي
وقت ڪوبه ڪونه ڏسي! هيءُ ته ڪو انڌو رواج آهي! ڏس،
تون منهنجو نوڪر آهين. توکي منهنجو حڪم مڃڻ گهرجي.
هي ڪاغذ ۽ قلم کڻ ۽ هڪدم ويهي لک_ پهرين عبارت ۽
القاب لک.
ڪريم: حاضر سائين، لکان ٿو. سائين، القاب ڪهڙا
لکان؟
فريد خان: اڙي، تون منشي ٿيو آهين، القاب لکڻ نٿو
ڄاڻين؟
ڪريم: ڄاڻان ٿو، ڄاڻان ٿو......
فريد خان: ڄاڻين ٿو ته لِک.
ڪريم: سائين، هي قلم ته ڀڳو پيو آهي! ڪو
چاڪُون اَٿوَ؟
فريد خان: اڙي، سڏائين منشي ۽ چاڪُون ندارد! هان،
وٺ چاڪُون.
ڪريم: ۽ سائين ڪُپڙيءَ ۾ مس به ته ڪانهي!
فريد خان: اڙي، اڃا هاڻ سياهيءَ سان ڀري پيئي هئي،
خالي ڪيئن ٿي؟ هوڏي ٻي مس رکي اٿيئي، سا کڻي وٺ، ۽
اچي پهرين القاب لِک.
ڪريم: جُٺ ٿي، مصيبت آئي! هاڻ عبارت ۽ القاب
ڇا لکان؟ ’مهربان‘ ’قدردان‘: ميم، هي، ري، ’مهر‘؛
بي، الف، نون، ’بان‘_ مهربان! باقي رهيو قدردان؟
هي ته وڏو لفظ آهي: قاف، دال، ري، ’قدر‘؛ دال،
الف، نون، ’دان‘ _ قدردان! ٺهيو، سائين، عبارت ۽
القاب لکي رهيس.
فريد خان: چڱو، هاڻ اڳتي لِک.
ڪريم: (پنهنجي منهن) هي ڪمبخت شل ڳرا ڳرا لفظ
نه لکائي!
فريد خان: ’آءٌ اوهان جي گهر ۾ چوريءَ لِڪي آيس.‘
ڪريم: هيءُ ته وڏو پسارو ٿيو..... چي، واو،
ري، يي_ آءٌ اوهان جي گهر ۾ چوري لِڪي آيس. هائو،
سائين.
فريد خان: انهيءَ ڪري شرمندو آهيان.
ڪريم: انهيءَ ڪري شرمندو آهيان_ ها، سائين.
فريد خان: ’۽ معافي ٿو گهران‘.
ڪريم: معافي ته وڏو لفظ ٿو.... ٿئي! معافي....
ٿو گهران.
فريد خان: هل لک پنهنجو نالو.
ڪريم: (پنهنجي مُنهن) آئي شامت! نالو ته اڳيئي
مٽايو اٿم_ لکان ڇا؟ ڪو بهانو ڪريان؟ اڙي.... الا،
اررر......
فريد خان: هان! ڇا ٿيو، ڇا ٿيو؟
ڪريم: (وات تي هٿ رکي) سائين، اوچتو ڏاٺ ۾ سور
پيو اٿم، (اٿي ٿو) وڃي ڪو نوشادر ذرو وٺي ڏاٺ هيٺ
رکان!
فريد خان: نه نه، بيهه. آءٌ توکي نوشادر گهرائي ٿو
ڏيان، تون پهرين خط ته پورو ڪر.
ڪريم: سائين، ڏاٺ جو سور پيو ماري، خط ڪيئن
پورو ڪريان؟
فريد خان: سوير ڏاڍيون ٻٽاڪون ٿي هنيئي، هينئر وري
ڇا ٿيو؟
ڪريم: سائين، ڏاٺ ۾ سور پيو آهي، ٻيو ڇا ٿيو
آهي!
فريد خان: هل هل، نالو لک. ڏي خط ته ڏسان.
ڪريم: وٺو سائين.
فريد خان: (خط پڙهي ٿو)_ ’مهراب قدرن گهر چري لڪ
شرمو مافو‘!
ڪريم: معافي، معافي!
فريد خان: اڙي، هي ڇا لکيو اٿيئي؟
ڪريم: لکيو ته برابر اٿم!
فريد خان: برابر لکيو اٿئي، يا ماڪوڙا ڪڍيا اٿيئي؟
ڪريم: سائين، مون اڳيئي دانهن ٿي ڪئي ته جڏهن
ڪو منهنجي اڳيان ويٺو هوندو، تڏهن منهنجا اکر وچڙي
پوندا آهن!
فريد خان: تون ڪو ٺڳ ٿو ڏسجين! ٻڌاءِ ته تڏهن
پهريون خط ڪنهن لکيو؟
ڪريم: سائين، اوهان جي نئين بورچيءَ.
فريد خان: نئين بورچيءَ؟ بدمعاش؛ تڏهن تو مون سان
ٺڳي ڪئي؟ اهڙو ڏڏ آهين؛ ۽ منهنجي ڌيءَ سان ٿو شادي
ڪرين!