سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: نيڪي ۽ بدي

باب: 1

صفحو : 7

 پردو پنجون

جميله جو باغ

 

]جميله ۽ سندس چار سهيليون ويٺيون ڳائين.[

سهيليون:    رنگ بهــار جو آهي اڄ ڏسڻ وٽــان!

                        ٿي بلبل ٻوليون اڄ ڪري، گل گــل

                                                                لاءِ جتان ڪٿان!

جميله:           ايءَ گت انهيءَ جي آهه عجب، ڏسي

                                                هرڪو ٿئــــي ٿو خــوش.

سهيليون:    هار گلن جا ٺاهيون اڄ_

                        پايون پايون ري، هردم پايون ري اڄ.

هڪڙي ساهيلي:             واه، واه؟

ٻي ساهيلي:                       سبحان الله!

ٽي ساهيلي:                       ماشاء الله!

                        نشي بهار جي ۾ وڻ سڀ لڏن نچن ٿا.

                        مستيءَ مان پائي ڀاڪر هڪٻئي کي سي چمن ٿا.

چوٿين ساهيلي:

ڪوئل وڄائي ڍولڪ، بلبل ٿي راڳ ڳائي،

مُجري ۾ گل جي آڏو، هر هر ٿي سر جهڪائي.

جميله:

موتي آهن پنن تي، يا ماڪ جا ڦڙا هي،

نڪري ٿو گل مان دونهون، ڪوهيرو آهي يا هي؟

پهرين ساهيلي:

گلرخ ۽ سرو قامت، غنچه دهن تون آهين،

سچ ٿي چوان، سراپا خود هڪ چمن تون آهين!

جميله:

تو مون ۾ ڇا ڏٺو آهه، جو تون چمن سڏين ٿي،

چرچا ۽ مسخرين اڄ ڇو مون سان تون ڪرين ٿي؟

ٽي ساهيلي:

بيبي، هيءَ سچ ٿي چوي، هن موسم

بهار ۾ تنهنجو منهن اهڙو ته گلزار آهي،

جو بلبل تو تان هزار جان نثار آهي!

چوٿين ساهيلي:                هائو ڙي هائو،_ انهيءَ گل کي برابر ڪنهن بلبل جو انتظار آهي!

ٻي ساهيلي: جتي گل هوندا آهن، اُتي بلبليون به اڏامنديون اينديون آهن!

پهرين ساهيلي: هائو، جتي ڪوئا هوندا آهن، اتي ٻليون به ڊوڙنديون اينديون آهن!

ٽي ساهيلي: پر بيبي، جي ڪا بلبل کڻي اچي نڪري ته انهيءَ کي ڪاوڙ ڪري ڀڄائي نه ڇڏجو.

پهرين ساهيلي: پاڻ ڀيتي ڏيکاري، پاڻ ڏي سڏجو!

ٻي ساهيلي: جڏهن اچي، تڏهن ڦاسائي، پيٽي ۽ ڏورو

                                وجهي، پنهنجن همنشينن سان کڻي گڏجو!

جميله:           اڄ اوهان سان خير آهي يا ڪو اوهان جي اندر ۾ غير آهي؟ جي مون کي وڌيڪ ستائينديون، ته قسم آهي ته آءٌ رئي ڏينديس!

ٽي ساهيلي:       پياري، توکي پنهنجو قدر ڪونهي، نه ته جيڪر ائين ڪين چوين.

پَري تون، حور تون، ۽ مشتري زهره لقا آهين،

کڻي آئينو ڏس منهن پنهنجو، ڄاڻين ته ڇا آهين!

جميله:           نڀاڳيون، اوهان مان ڇو ڦاٿي آهيان! اڄ سڀني مون کي چيڙائڻ جي ٻڌي ڪئي آهي ڇا؟

چوٿين ساهيلي:                انهيءَ ۾ ڇا آهي_ باغ ۾ دل خوش ڪرڻ لاءِ آيون آهيون؛ پاڻ به ٿيون کلون ۽ توکي به ٿيون کلايون.

سهيليون. هلو اديون، اوهين سگهيون، ڪريون خوشيون باغ ۾.

                                                نچون باغ ۾، ڳايون خوشيون راڳ ۾.

هلو ناز سان، ڳايون ساز سان، پير ڀري، نا ديري ڪري، ڪريون اُت مزا.

جميله:           دل پرڀايون، چيڪليون پايون،

                        پير گسايون ٺمريـــــون ڳايون!

                        (اتي هڪڙي پاسي کان سرفراز ۽ فريد اچن ٿا.)

فريد:              غريب نواز، گهران سودي تي نڪتؤ، ۽ هتي اچي ڪِري پيؤ! هي زنانو باغ آهي، هتي مرد ماڻهوءَ جو اچڻ، اڇي ڪپڙي تي داغ آهي، جي چوڪيدار ڏسندا، ته پوءِ گهڻن جا مٿا ڦسندا!

سرفراز:          اڙي، تون ڇو ٿو ڊڄين، ۽ ڊپ کان ڇڄين؟ ٿڪا ٽٽا آهيون، ٿورو آرام ڪنداسين، ڪنهن جو باغ) مٿي تي کڻي ڪين وينداسين، تون اتي بيهه، آءٌ وريو ٿو اچان.

                        (ڦٽاڪي جو ٺڪاءُ ٿئي ٿو. ساهيليون ڀڄن ٿيون. جميله بيهوش ٿئي ٿي.)

ساهيليون:   (اندران) ڀڄو، ڀڄو..... شينهن آيو، شينهن آيو.....!

سرفراز:          هاءِ هاءِ، گلاب جهڙو مُنهن ڪئي نه ڊپ کان پيلو ٿي ويو!

فريد:              اڙي، هي ڇا ٿيو؟

سرفراز:          تون ڙي هتي ڇو آئين؟

فريد:              اوهان جو تماشو ڏسڻ.

سرفراز:          وڃ هليو، تنهنجي هتي ڪابه ضرورت ناهي.

فريد:              هائو، سچ آهي_ ڪباب ۾ هڏيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

سرفراز:          اڙي وڃ، نه ته انهيءَ دم ساهه ٿو ڪڍئين!

فريد:              حاضر جناب، آءٌ وڃان ٿو. (وڃي لِڪي بيهي ٿو.)

سرفراز:          (جميله وٽ اچي) اُٿ اُٿ، پياري، تنهنجي اٿم انتظاري.

جميله:           (هوش ۾ اچي) اڙي نرکس، سوسن، شبوُ..... مُٺيون اوهين سڀ مون کي ڇڏي ڪيڏي ويئون؟

سرفراز:          پياري ڊڄ نه، اهي سڀ اتي هڪيون آهن، پر شينهن جي ڊپ کان ڪٿي وڃي لِڪيون آهن.

جميله:           ڪيئن سائين، شينهن کان منهنجي جان اوهان بچائي؟

سرفراز:          بچائڻ وارو قادر ذوالجلال اهي، انسان کي ڪهڙي مجال آهي؟

جميله:           منهنجي بچائڻ ۾ اوهان کي ڪو زخم يا ايذاءُ ته ڪونه ٿيو؟

سرفراز:          ٻاهر ته ڪونه ٿيو آهي، مگر اندر ته گهڻو ئي ڦٽجي پيو آهي!

فريد:              (پاسي ٿي) عشق جي اندر_ سڀا جو پهريون باب شروع ٿيو!

جميله:           سائين، اوهان ڪير آهيو؟

سرفراز:          بيگم، آءٌ هڪڙو مسافر آهيان.

جميله:           هتي ڪيئن آيؤ؟

فريد:              (پاسي ٿي) ٻانهن ڳولڻ آيو آهي!

جميله:           مون ڀانيو ته ش ش ش... شايد...

فريد:              (پاسي ٿي) هائو، هائو_ ش... ش... ش... شادي ڪرڻ لاءِ آيو آهي!

                        (ساهيليون اچن ٿيون، سرفراز هٽي بيهي ٿو.)

هڪڙي ساهيلي:واه، هت ته ڪو تماشو لڳو پيو آهي!

ٻي ساهيلي:       هيءُ شير جو ڀاءُ سوا سير ڪٿان آيو؟

ٽي ساهيلي:       پياري، هي شخص ڪير آهي؟

جميله:                   ڪير! ڪٿي؟

چوٿين ساهيلي:                اهو جو توکي يا اسان کي ڏسي خوش ۽ سرهو پيو ڏسجي؟

جميله:           ڪٿي آهي! ڪهڙي پاسي آهي؟

پهرين ساهيلي: هيڏي، هيڏي ڏس.

جميله:                   او... هيءُ؟

ٻي ساهيلي:       هائو، اهو.

جميله:           اِهو ته اُهو آهي، جنهن منهنجي جان ڊوڙي اچي بچائي!

ٽي ساهيلي: هان، تڏهن ته توکي انهيءَ جي شڪرگذاري ڪرڻ گهرجي!

فريد:              ويچاريءَ ڪئي پئي شڪرگذاري،

                        جــــا اوهان جي آئـــي هــن وســــاري.

چوٿين ساهيلي:                اسان جي بيگم اهڙي احسان فراموش ڪين آهي؛ ضرور ڪئي هوندائين.

پهرين ساهيلي: ڪئي هوندائين، ته ڪو انعام به مليو هوندس؟

ٻي ساهيلي:       پياري، جيڪي مليو هجي ئي سو ته ڏيکار؟

جميله:                   اوهان مان ڇو اچي ڦاٿي آهيان! ڇو اجائي بڪ مچائي اٿوَ؟

ٽي ساهيلي:       چڱو، ٺهيو، هاڻ هلو ته گهر هلون، گهڻو وقت لڳو آهي.

جميله:                   چڱو، هلو. (سرفراز کي) سائين، سلام.

سرفراز:                  بندگي.

                                هَي! سُنگهيم ڀي ڪينڪي، تان ويواڏامي گل هلي!

فريد:                      (پنهنجي مُنهن).

                                رهجي ويا ڪانگن جا ٻچا، ۽ ويئي بلبل بُل هَڻي!

جميله:                   سائين، مون کي معاف ڪجو، آءٌ اوهان جي پوري شڪرگذاري ڪري نه سگهيس، تڪڙ مان وسري ويم.

سرفراز:                  انهيءَ جي حرڪت ڪانهي، مگر خدا نه ڪري شل آءٌ به نه وسر يوڃان!

جميله:                   اوهان جي مهرباني ڪڏهن وسرڻ جي ناهي.

پهرين ساهيلي: بيبي، تون ته اتي جو اتي بيٺي آهين،

                                پير به ڪونه ٿي کڻين! (جميله هلي ٿي.)

سرفراز:                  ڪهڙي چانڊوڪي هئي، ڏس هاڻ ڪيئن اونده ٿي!

فريد:                      عاشقن جي شهر دل جي تي ڏکن جي ڪاهه ٿي!

سرفراز:                  هل، هاڻ بڪ بڪ نه ڪر.

جميله:                   (مُڙي بيهي) سائين، اوهان مون سان ٿي ڳالهايو ڇا؟

فريد:                      مار...! هائو، مون ٿي چيو ته چنڊ رات جو، ۽ سج صبح جو ڏسيو، مگر نوراني چهرو وري خبر ناهي ته ڪڏهن پسيو؟

پهرين ساهيلي: واه. وري بيهي رهينءَ؟

ٻي ساهيلي:       ڏاڍي دير ٿي ويئي آهي، هلون!

ٽي ساهيلي:       ڀلا هو چقمق پهڻ بيٺل آهي سو هتي لوهه ڇڪيو وٺي!

چوٿين ساهيلي:                ٺهيو ٺهيو، هاڻ هلو.

جميله:                   هلان ٿي...، هلان ٿي....، اوهان ڇو مٿو کاڌو آهي؟

سهيليون:

هل ڙي پياري، هيڏي نه بيهه تون اڪيلي، البيلي!

تنهنجي لکن جي آبرو لاهي نه ڪوئي، سهيلي، البيلي!

جميله:                   اوهان مان ڇو آهيان ڦاٿي، ڙي ڦاٿي، مون کي نه ستايو، نه ته آءٌ وڃانوَ ٿي!

سهيليون:            ڇو ٿي رُسين تون، چڙين تون، اي پياري؟

جميله:                   مون کي نه ستايو، نه ته آءٌ وڃانوَ ٿي!

                                (سڀ وڃن ٿيون. سرفراز ۽ فريد به وڃن ٿا.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com