سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: نيڪي ۽ بدي

باب: 3

صفحو : 16

 

پردو پنجون

اصغر جي تاجپوشيءَ جي درٻار

 پهريون چوبدار:

سدا مبارڪ هجي سڀن کي، خوشي زمين ۽ زمن ۾ آئي،

دلين کي راحت به ٿي ميسر، خوشي وري جان تن ۾ آئي!

ٻيو چوبدار:

خوشيون ڪري اڄ جهان سارو، بهار موٽي چمن ۾ آئي،

ٿين سڀن جا دماغ روشن، جو شمع اڄ انجمن ۾ آئي!

درٻاري:

                ويئي لنگهي رات غمِ الم جي،

                خوشيءَ سندو جڳ، ۾ ڏينهن آيو،

                مٿانهون ڪارا ڪَڪر لنگهي ويا،

                ۽ هاڻ رحمت جو مينهن آيو!

سرفراز:  (ڳائي ٿو.)

                واه جو تماشو رنگ ڏٺوسين،

                رنگ ڏٺوسين، رنگ ڏٺوسين!

                ڌڪ هنيائون، خوف ڏٺائون،

                ڀؤ وارن جو ڀنگ ڏٺوسين!

                خير ٿيو آخر؛ اندر ٻاهر،

                صلح صفا جو رنگ ڏٺوسين!

اصغر:   پياري اما، تون خوشيءَ جي بدران اڄ روئين ڇو ٿي؟

عصمت:              بابا، هيءُ ڏک جون هنجون ناهن، هي خوشيءَ جون هنجون آهن!

سرفرز:   (سهراب کي) هيءُ ساري درٻار، سڄي ملڪ جي طرفان يڪزبان ٿي، هڪ رٿ ڪري ٿي ته جڏهن اوهان ملڪ سان هيتري ڀلائي ڪئي آهي، تڏهن هيءَ تاجپوشيءَ جي رسم اوهين پنهنجي مبارڪ هٿن سان بجا آڻيو.

سهراب:                انهيءَ رٿ کي آءٌ پنهنجو وڏو فخر ۽ پنهنجي وڏي عزت ٿو سمجهان!

اصغر:   بيهو، بيهو_ پهرين اهو تاج اما کي ڍڪايو!

عصمت:              نه، پُٽ نه. هي تنهنجي ئي مٿي تي ٿو سونهي. نه اما، نه. آءٌ ڪين مڃيندس، توکي ضرور اهو تاج ڍڪڻو پوندو.

عصمت:              پيارا اصغر، تو اڳي ته ڪڏهن ماءُ سان اهڙي هوڏ ڪانه ڪئي، اڄ ڪيئن ٿو ڪرين؟

اصغر:   ته اما، تو به اڳي ڪڏهن منهنجي ڳالهه رد نه ڪئي اڄ ڪيئن ٿي ڪرين؟

سهراب:                ڪهڙي نه سهڻي حجت آهي؟

اصغر:   (ڇٺُ کڻي) ڍڪ اما، ڍڪ......!

عصمت:              بابا؛ هي توکي ٿو سونهي، تون ڍڪ، آءٌ توکي تاج ڍڪيندو ڏسي ڏاڍي خوش ٿينديس، ۽ توکي دليئون دعا ڪنديس.

اصغر:   (سهراب کي) ڏسو، اوهين امان کي سمجهايو.

سهراب:                بانو، جيڪڏهن ههڙا هزار ڇٽ کڻي اوهان کي ڍڪائجن، ته به اوهان جيڪي قيمتي قربانيون هن معصوم جي مٿان ڪيون آهن، انهن ان هو مٽ پئي نه سگهن.

عصمت:              سردار صاحب، اوهين ذري ذري منهنجن گذريل ڏکن ۽ مصيبتن ڏي اشارو ڪري، موجوده خوشيءَ کي ڏک سان نه مٽايو.

سهراب:                بيگم، اسان جي شاهزادي جي به ڳالهه مڃو، هن کي به رنج نه ڪريو، هن جي دل جي اچي اها مرضي ٿي آهي!

عصمت:              جي ائين آهي، ۽ اوهان سڀني جي اها مرضي آهي، ته آءٌ لاچار آهيان_ اوهان جو چيو مون کي اکين تي آهي.

اصغر:   (تاج مٿي تي رکيس ٿو، سهراب به مدد ڪريس ٿو) هاڻ منهنجي به دل خوش ٿي!

عصمت:              ته هاڻ ڀلي منهنجي به دل خوش ٿئي_ هاڻ وري تون ڍڪ. (ڍڪائيس ٿي). اڳتي، هن جي پاڇي ۾، عدل ۽ انصاف سان رعيت کي خوش ڪندو رهج!

تنهنجي اقبال جو اڄ نور ٿو گهر گهر چمڪي،

تاج شاهي به سدا توکي هي برسر چمڪي.

شل هجين روز قيامت تائين خورسند حيات،

عدل انصاف تنهنجو ملڪ جي اندر چمڪي!

سڀ گڏ:               آمين، آمين، آمين!

                (سڀ گڏجي ڳائين ٿا.)

خوشي خوشي ڙي، ننگ جي ڀي آخر خوشي!

دائم تخت بخت سڀ رهي دنيا ۾، رهن سدا سکي!

خوشيءَ جا رنگ، منجهان اُمنگ، ٿياسنگ ڀي آخر خوشي!

اسين سڀئي ٿا ڪريون دعائون، گيت خوشيءَ جا هردم ڳايون،

وڄي ڌا ڌنا، ڌن ڌنا_ مرڌنگ ڀي آخر خوشي!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com