پردو چوٿون
گرگين خان جي جاءِ
(قادر
۽ ڪريم اچن ٿا.)
گرگين ڳائي ٿو:
ڀري ڀري پيالا مان پيان
پياريان.
مان ته تو لئي جيان، توکي
ڏيهاڙي پِيان،
توکي تن ۾ ويهاريان، مان
تن من نثاريان،
سَڌُون سنڀاريان!
ميء نوش ڪرڻ ڪم نيڪ آهه
ڪرڻو،
چار ڏينهن آهه زماني ۾
جيئڻون،
ساري
رات توسان وهِايان!
(ٿورو ترسي شعر پڙهي ٿو.)
چاڙهي جيڪو چاهه مان ڀرڀر پيالا لال،
سو بزدل، رستم جهڙو بني، چهرو تنهن جو لال،
چاڙهيان مان، چاڙهيان مان، چاڙهيان مان، واه...!
قادر: چاچا سائين، بندگي.
ڪريم: قبلا، منهنجو به نياز ٿئي.
گرگين: بابا آءٌ، ڀلي آئين. تنهنجي حياتي
وڏي آهي، اڳهڻو تنهنجو ذڪر ٿي هليو.
قادر: چاچا، آءٌ جڏهن اچان، تڏهن
شراب نوشيءَ ۾ مشغول هوندا آهيو؛ اڄ به نشي ۾
مخمور ٿا ڏسجو!
گرگين: بابا، تون ننڍو آهين، شراب جي لذت
جي توکي خبر ناهي!
زاهد پئي شراب، ته ٻيڻو ثواب هوئي،
دوزخ بهشت ۾ به سدا شل شراب هوئي!
سڀ ٿا چون شراب خراب ۽ حرام آهه،
ليڪن يقين ڄاڻ هي ڪوڙو ڪلام آه!
(ماٺ ڪري، پنڪيون کائي
ٿو. ’زهره‘ اچي ٿي.)
زهره: ميان، هي ڇا، هي ڇا! غضب ٿيو،
قهر ٿيو_ رنگ ڇو زرد ٿي ويو آهي؟ ٻيو ته خير آهي؟
گرگين: خبر ناهي، هانءُ ماندو ٿيندو وڃي،
مٿو ڦرندو وڃي.....
زهره: سائين، اِها اوهان جي پراڻي
بيماري وري آئي آهي. طبيب اڳي ئي دانهون ٿي ڪيون
ته هيءَ بيماري ڪنهن مهل وري اوچتي ايندي ۽ نيٺ
نهوڙي نيندي.
گرگين: طبيب جي ڳالهه سچي ٿي ڏسجي. منهنجو
حال ڪونهي، وڃي ڪنهن وڪيل کي سڏي اچو ته قادر کي
کي پڙهي ورثو ڏيان.
(ڍرڪي ٿو.)
ڪريم: سائين، آءٌ وڃان؟
قادر: سيگهه ڪر، متان هي ٻڍي جو
فيصلو ٿي وڃي ۽ اسان جو ڪم رهجي وڃي! ڪدم ڪو ٻيو
نوڪر ڊوڙاءِ.
(ڪريم ٻاهر وڃي، وري اچي
ٿو.)
گرگين: او الا... وڃان ٿو، مران ٿو...
(مئن وانگي پئجي رهي ٿو.)
زهره: (روئي ياالله، آءٌ مري ويئس!
قادر: هاءِ هاءِ، چاچي، منهنجو به دم
نڪرڻ تي آهي!
ڪريم: هاءِ هاءِ، آءٌ ته جيئري ئي قبر ۾
آهيان!
زهره: گوڙا، هاڻ ڪيئن ڪريان،_ منهنجو
ڪهڙو حال ٿيندو!
ڪريم: سائين، پيرمرد ويچارو ته گذر ڪري
ويو، پر ملڪيت بابت لکائڻ ٿي گهريائين، سو ڪم ته
رهجي ويو؟
قادر: چاچي، سب خدا جي مرضي اها هئي،
هاڻ مرڻ وارو ته مري ويو، جدائيءَ جو داغ عمر
تائين ڏيئي ويو. اوهان ٻڌو ٿي ته مون کي وار ٿي
ڪيائين، ۽ وڪيل ٿي گرايائين. اوهين پڪ ڄاڻو ته آءٌ
اوهان کي پٽ وانگي سنڀاليندس، ۽ سليم کي به ڪين
وساريندس؛ ليڪن هينئر ڪا تجويز ڪجي ته وڪيل جي
اڳيان منهنجي ئي نالي وصيتنامو لکجي، جيئن سپ به
مري ۽ لٺ به نه ڀڄي ’لعل به لڀي، پريت به رهجي
اچي!‘
زهره: ابا، جيڪا تنهنجي مرضي، جيڪا
تجويز تون ڪرين، سان مون کي قبول آهي.
قادر: تڏهن چاچي هيئن ڪجي، جو ڪريم
کي چاچي جي جاءِ تي بيمار ڪري ٿا سمهاريون؛ هو
بيمارن وانگي سهڪي سهڪي، وڪيل جي اڳيان وصيت جيڪا
چاچي ڪرڻ ٿي گهري سا لکائيندو وڃي؟
ڪريم: هائو سائين، اها تمام چڱي رٿ آهي؛
آءٌ خوشي سان بيمار ٿيندس.
قادر: تڏهن چاچي جو لاش ڪيڏي ٽاري
پاسي ڪجي.
ڪريم: ٻي ڪا ڪوٺي نه هجي، ته في الحال کڻي
پائخاني ۾ رکونس، ڪم ته ٽپايون، پوءِ بهتر بندوبست
ڪنداسون.
(قادر ۽ ڪريم ٻڍي کي کڻي
ڇڏي وري اچن ٿا. ڪريم ٻڍي جي هنڌ تي ليٽي ٿو، ته
وڪيل اچي ٿو.)
وڪيل: سائين، اوهان مون کي گهرايو؟
قادر: وڪيل صاحب، منهنجو چاچو قريب
المرگ آهي، وصيت ڪرڻ ٿو گهري.
وڪيل: (ڪريم کي) سائين، ٻيو ته خير؟
ڪريم: (ڪنجهي، آهستي) خير ڪونهي، آءٌ مرڻ
تي آهيان، جيڪا وصيت ڪريان سا لکو ته پوءِ جهيڙو
جهڳڙو نه ٿئي ۽ انهيءَ تي عمل ٿئي.
وڪيل: حاضر، (ڪاغذ، مس ۽ قلم ڪڍي ٿو.)
فرمايو.
(قادر ڪريم جي سيرانديءَ
کان ويهي ٿو.)
ڪريم: (آهستي، قادر کي) سائين، هاڻ ڇا
چوان؟
قادر: (آهستي، ڪريم کي) جيئن چوانءِ،
تيئن لکاءِ.
ڪريم: چڱو.
قادر: (آهستي) منهنجي پرڻي
نوڪرياڻيءَ زهره کي ٻه هزار رپيا انعام.
ڪريم: هائو، وڪيل صاحب، لکو_ منهنجي
پراڻيءَ نوڪرياڻيءَ زره کي چار هزار رپيا انعام.
قادر: (پاسي ٿي) بسم الله کي غلط_ ٻن
جا چار! نقد يا اُڌار؟ (ڪريم کي، آهستي) ’۽ پنج
هزار رپيا منهنجي نوڪر ڪريم کي انعام.‘
ڪريم: هائو، لکو: ۽ پنج هزار منهنجي
ڀائٽيي قادر کي انعام.
قادر: اڙي، هي ڇا ٿو چئين، ڪمينا
غلام!
ڪريم: بس، انهيءَ کان وڌيڪ هڪڙي ڪوڏي به
حرام!
وڪيل: هائو سائين، اڳتي.
ڪريم: (قادر کي) هاڻ سائين، ٻيو ڇا
لکايان؟
قادر: (آهستي) ڪمبخت، آءٌ ڇا ٿو
چوان، ۽ تون ڇا ٿو لکائين!
ڪريم: بس، جيڪي منهنجي دل ۾ ٿو اچي!
تنهنجو تنهن ۾ ڇاهي؟
قادر: ڇو، اهو مال ڪو پڻهين جو آهي؟
ڪريم: جيڪي هٿ لڳو، سو برابر منهنجي پيءُ
جو آهي! هائو، وڪيل صاحب لکو.
وڪيل: فرمايو.
ڪريم: لکو ته باقي جيڪي نقد رپيا آن سي، ۽
ٻي جيڪا ٻني، باغ وهٽ ۽ ڍور ڍڳا آهن سي، سڀ منهنجي
نيڪ حلال بورچيءَ کي ملن، جنهن جو نالو ’ڪريم‘
آهي_ انهيءَ جي نالي لکو.
قادر: هان هان، چاچا سائين، هي ڇا ٿا
ڪريو_ ساري جائداد بورچيءَ کي ڏيئي ٿا ڇڏيو؟ وڪيل
صاحب اهو وصيتنامو اسان کي منظور ناهي؛ چاچا صاحب
اهو وصيتنامو اسان کي منظور ناهي؛ چاچا جو هوش
برابر ناهي، بيماريءَ ۾ وڦلي ٿو.
ڪريم: نه نه، سائين، آءٌ پوري هوش ۾
آهيان، بلڪل هوش ۾ آهيان!
وڪيل: ته جناب، آءٌ به ٿو پڇان ته پنهنجي
سڀ ملڪيت هڪڙي بورچيءَ کي ڇو ٿا ڏيو؟
ڪريم: سائين، هن مون سان ڏاڍي رهائي آهي،
مرڻ گهڙيءَ تائين مون سان وفادار رهيو آهي: مون کي
هميشه چوندو هو ته آءٌ ڏاڍو غريب آهيان، ڪڏهن مون
کي ڪو ايترو مال ڏجو جو آءٌ سائو ٿي پوان، سو ڀلي
ته هو من کي ياد پيو ڪري_ سڀ انهيءَ جي نالي لکي
ڇڏيو!
قادر: افسوس، مون ڇاٿي ڪرڻ گهريو، ۽
ڇا ٿي پيو!
زهره: بابا، افسوس نه ڪر، جيڪي ٿئي
سو ٿيڻ ڏي.
قادر: نه نه، تون ماٺ ڪر، هن ڪميني
پنهنجو گهر وسايو آهي، ۽ منهنجو گهر ڦٽايو ۽ ڦرايو
آهي!
زهره: ڇو، ٻڌو ڪين اٿئي ته جهڙي ڪرڻي
تهڙي ڀرڻي، جهڙي نيت تهڙي مراد! جيڪو ٻئي جي لاءِ
کڏ کڻندو آهي، تنهن ۾ پاڻ پوندو آهي. هي ڪلجڳ آهي_
’اِس هاٿ دي اُس هاٿ لي‘.
ڪريم: هائو، وڪيل صاحب، ’۽ پنج هزار اوهين
پنهنجي نالي به لکي ڇڏيو!‘
وڪيل: جناب، ايتري تڪليف ڇو ٿا ڪريو؟
ڪريم: جيءُ، تڪليف جي هتي ڪهڙي ڳالهه آهي،
هتي ته مفت جو مال آهي! دنيا ۾ ماڻهو هٿين خالي
آيو آهي ۽ وري هتان هٿين خالي وڃڻو آهي؛ دين ايمان
کان سواءِ ٻيو ڪي حاصل نه آهي، جيڪي هتي ڏبو، سو
هُتي ملندو_ ڏهه دنيا، ستر آخرت!
(اِتي گرگين خان ڪاهي اچي
ٿو.)
گرگين: واه، حاتم طائي، واهه! چڱين
سخاوتون پيو ڪرين!
ڪريم: (پنهنجي منهن) هيءُ شيطان وري ڪٿان
پيدا ٿيو؟
قادر: اڙي هي ڇا_ چاچو وري جيئرو ٿي
پيو!
وڪيل: توبهه، توبهه، هي ڪهڙو واقعو آهي!
گرگين: نڪرو، نڪرو، سڀ منهنجي گهر مان
نڪرو، نه ته سڀني کي بي آبرو ڪري موچڙا هڻيو ٿو
ڪڍان!
(قادر کي ڌڪ هڻي ٿو. گڙٻڙ
مچي ٿي. سڀ نڪري وڃن ٿا.)