پردو ٽيون
عصمت بانو جي محلات
]عصمت،
اصغر ۽ رفيق ويٺا آهن. گڏجي ڳائين ٿا.[
عصمت:
يا خدا، خدا، ڪرين رحم ۽ ڪرم سدا،
آهيون سڀ تو سندا بندا، ڪرين تون ڀال ڀلا.
سڀ:
پالين ٿو پالين ٿو سائين، نت تون سنڀالين سائين،
سڀ جو تون والي سائين، نت تون سنڀالين سائين!
اصغر: اما! ڪالهه مون کي ظغر خان ٿي چيو
ته ترار کان سواءِ بادشاهيءَ جو ڪم هلي ڪين
سگهندو.
عصمت: هائو ابا، سچ آهي، مگر ترار جي ڪري
رعيت جو فقط ڪنڌ بادشاهه جي اڳيان جهڪي ٿو، پر دل
بلڪل نٿي جهڪي! دل تڏهن فرمانبردار ٿئي ٿي، جڏهن
بادشاهه رعيت تي اولاد وانگي رحم ۽ انصاف جي نظر
ڪري ٿو.
اصغر: اما! آءٌ ڏاڍي رحم ۽ انصاف سان
بادشاهي ڪندس.
عصمت: ته ابا، تنهنجي بادشاهيءَ کي ڪڏهن زوال
نه پهچندو!
(اتي نوڪر اچي ٿو.)
نوڪر: حضور نواب گرگين خان جو صاحبزادو
عماد خان آيو آهي.
عصمت: چڱو، ڀل اچي.
*
*
*
رفيق: ادا اصغر، جڏهن بادشاهه ٿيندين،
تڏهن مون کي ڏيهاڙي تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ’جهان
پناهه‘ ۽ ’قبلا‘ سڏڻو ٿيندو، ۽ هٿ ٻڌي سلام ڪرڻو
پوندو؟
اصغر: نه نه، اهو ته نوڪرن جو ڪم آهي_
پاڻ ڀائرن وانگي آهيون!
رفيق: تڏهن ته مزو آهي! پر، هڪڙيءَ
ڳالهه جو ضرور تڪرار ٿيندو؟
اصغر: اها ڪهڙي؟
رفيق: تخت تي ته رڳو توکي ئي ويهڻو
ٿيندو نه؟
اصغر: نه نه، اڌ تخت تي آءٌ ويهندس ۽ اڌ
تي توکي ويهاريندس.
رفيق: تڏهن ٺهيو؛ ته پوءِ آءٌ به توسان
گڏ بادشاهه سڏبس!
اصغر: واه واه! اصغر بادشاهه، رفيق
بادشاهه!
(اصغر ۽ رفيق ڳائين ٿا_)
مانَ رهون گڏ هرجاءِ ري، گهمون ڦرون گذاريون ڏينهن
سجايا.
ماڻهن کي فيض پڻ هردم رسايون ري، ڪنهن کي ڪڏهن ڪين
ستايون.
سخن اجايا، پنهنجا پرايا، سڀني جا رکون رايا.
خاوند، تون رکجئين خوش اسان کي نيڪيءَ جا ڪنداسين
سعيا.
(ٻار نڪري وڃن ٿا. عماد
اچي ٿو.)
عصمت: هڪڙي غريب معصوم جو حق دغا سان کسيو
ويو، انهيءَ کي لاوارث ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو ويو؛
هاڻي وري ڪيئن آيو آهين؟
عماد: بيگم، ائين ڪين ٿيو آهي؟
عصمت: ائين نه ٿيو آهي، ته ٻيو ڪيئن ٿيو آهي؟
عماد: پر کڻي قبول ڪجي ته ائين ٿيو
آهي، ته به سرڪاري حڪم ۽ اختيار جي اڳيان اسين ڇا
ڪري ٿا سگهون؟
عصمت: تڏهن تون سمجهين ٿو ته دنيا ۾ ڪوبه
شريف يا بهادر ڪونهي؟
عماد: منهنجي نظر ۾ ته ائين ئي آهي.
عصمت: ائين نه آهي، گهڻائي شريف آهن.
عماد: ڪهڙا؟
عصمت: پهرين منهنجو گهر وارو.
عماد: شفيق خان هنن سان پڄي سگهندو؟
عصمت: پڄي سگهندو؟ آءٌ يقين سان ٿي چوان ته
جڏهن انهيءَ بهادر ترار کنئي، تڏهن باغين کي ڀڄائي
ڪڍندو، ۽ حقدارن کي حق وٺي ڏيندو.
عماد: بيگم صاحبه، اوهين جي مُنڊيءَ کي
سڃاڻو ٿا؟
(منڊي ڪڍي ٿو.)
عصمت: (ڏسي) هائو، اها مُنڊي منهنجي گهر واري
جي آهي. انهيءَ سان تنهنجو ڪهڙو ڪم؟
عماد: ڪم اهو، ته اُهو به راڻي شاهه
بانوءَ جو طرفدار آهي. انهيءَ جي حڪم سان، راڻيءَ
جي تاجپوشيءَ جو احوال ٻڌائڻ لاءِ آيو آهيان.
پنهنجي سچائيءَ جي ثابتيءَ لاءِ هيءَ مُنڊي نشاني
ڪري آندي اٿم.
عصمت: يا خدا، جي منهنجي مڙس جهڙي ملائڪ تي
به دولت ۽ لالچ جي جادوءَ جو اثر ٿيو، ته پڪ چئبو
ته هن ڪوڙي جهان ۾ انسان ذات مان ايمان نڪري ويو!
عماد: بس؛ هاڻ ته پڪ ٿيئه؟
عصمت: تن اهڙي ڳالهه ڪرڻ سان منهنجي گهر واري
جي بيعزتي ٿو ڪرين. جي سچ هن اصغر جي آڻڻ لاءِ
توکي موڪليو آهي ته هو منهنجو مڙس ناهي!
عماد: زال تي فرض آهي ته مڙس جو حڪم
اکين سان مڃي، ۽ انهيءَ جي فرمانبردار ٿي رهي.
عصمت: سو تيستائين، جيستائين مڙس ايماندار ۽
وفادار رهي!
عماد: آءٌ نٿو سمجهان ته ٻئي جي پٽ
لاءِ پنهنجي حياتي برباد ڪرڻ، ڪنهن مذهب ۾ روا
آهي!
عصمت: ائين نه چؤ، ٻئي جو پٽ نه آهي، اسان جي
جگر جو پارو آهي، اسان جي اکين جو تارو آهي. هو
اسان جي جان آهي، ۽ جي ضرور ٿيو ته جان به مٿس
قربان آهي. ٺهيو، هاڻ ملاقات وپوري ٿي، وڃي پنهنجي
يار شفيق کي چؤ ته عصمت توکي مئو سهسايو، ۽ پاڻ
رن_ زال تي؛ اڳتي نه هو منهنجو مڙس آهي، نه آءٌ
سندس زال آهيان!
عماد: تڏهن اصغر جي ٻانهن ڏيڻ نٿا
گهرُو؟
عصمت: اڙي، تون ۽ تنهنجو شفيق ۽ تنهنجي راڻي_
پنهنجا سڀ طرفدار، گڏجي مون سان جنگ ڪريو، ته به
اصغر جو نُنهن به مون کان نيئي ڪين سگهندؤ!
عماد: ائين؟
عصمت: ائين.
نظم
جيسين هي روح باهه کان غيرت جي گرم آهه،
تيسين اکين تي البته دنيا جو شرم آهه.
هر قوم جي چڱائيءَ لاءِ دين ڌرم آهه،
زالن جي نِت شرافت عصمت ۽ ڀرم آهي.
سيني ۾ دل، ۽ دل ۾ خدا جو خيال آهه،
دنيا ۾ گرچه هاڻ عبادت جو ڪال آهه.
عماد: چڱو، پاڻيهي جلد معلوم ٿيندو ته
ڪهڙيءَ طرح زور زبردستيءَ سان اسين انهيءَ صغير
شهزادي کي وٺي ٿا وڃون!
عصمت: هاڻ ماٺ ڪري هليو وڃ، نه ته بي آبرو
ڪري ٿي ڪڍانءِ! جي اصغر کي وٺڻو اٿئي، ته پهرين
گهر وڃي ماءُ_ پيءُ کان ۽ يارن دوستن کان موڪلاءِ،
پوءِ ڪفن دفن جو ڪپرو وٺيو آءُ ۽ موت جي لاءِ تيار
ٿيو آءُ؛ پوءِ اچي اصغر جي ٻانهن مون کان وٺ!
عماد: ڏسو ستل شينهن کي نه جاڳايو،
اڙدها سان منهن نه اٽڪايو، جبل سان مٿو نه ٽڪرايو.
جيڪڏهن راڻي شاهه بانوءَ ۽ اصغر جي وچ ۾ ايندؤ، ته
پاڻ کي چيڀاٽي ماريندؤ!
(اتي شفيق خان اچي ٿو.)
شفيق: دغاباز، اوهان مون کي ٺڳي ڪري
ڦاسايو!
عماد: هان، شفيق آزاد گهمندو وتي!
شفيق: سُتي پئي منهنجي منڊي لاهي، اچي
منهنجيءَ زال کي ٿو ٺڳين؟
عماد: شفيق ماٺ ڪر، نه ته پڇتائيندين.
هڪڙي ڀيري شينهن جي چنبي مان نڪري ويو آهين، وري
هٿ نه ايندي ڇا؟
شفيق: ماٺ ڪري هليو وڃ، نه ته ڌڪا ڏياري
ٿو ڪڍانءِ!
عماد: ڏسجو ويٺا ته ڪيئن نه هن قلعي جي
سِر سِر اُڏائي ٿو ڏيانوَ، جنهن قلعي مان ڀڄي نڪتو
آهين، انهيءَ ۾ وري قيد ڪري زنجيرن ۾ نه ٻڌايانءِ،
ته آءٌ گرگين خان جو پٽ عماد ناهيان!
(وڃي ٿو.)
عصمت: (مڙس کي) سائين، مون کي معاف ڪجو، اڄ
اوهان جي نسبت ۾ مون ڪي بي ادبيءَ جهڙا لفظ
ڳالهايا آهن.
شفيق: پياري عصمت، حرڪت ناهي، هن دغاباز
جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ڪاوڙي هوندينءَ ته انهيءَ
۾ ڪهڙو عجب آهي.
عصمت: پر ٻڌايو ته اهين شاهه بانوءَ جي قيد
مان ڪيئن آزاد ٿيو؟
شفيق: منهنجي دوست سردار سهراب خان مون
کي آزاد ڪرايو.
عصمت: پوءِ هينئر ضرور انهيءَ راڻي جي فوج
مڪڙن ۽ ماڪوڙين وانگي اسان جي قلعي کي وڪوڙي
ويندي، تنهنڪري اسان کي قلعي جي سنڀال ۽ اصغر جي
حفاظت پوريءَ طرح ڪرڻ گهرجي.
شفيق: تون ڪوبه ڊپ نه ڪر؛ سراب خان اسان
کي پوري مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو آهي.
عصمت: هن جي به مدد چڱي، پر اسان کي خدا جي
مدد گهرجي، اوهين به پنهنجي همت ڪجو، ۽ مون کان به
جيڪي مردانگي ٿي سگهي سا ڪنديس.
شفيق:
آءٌ ڪندس جيڪي ڪري سگهندس به پنهنجي شان ۾،
ماري ايندس، يا ته مرندس پاڻ آءٌ ميدان ۾! |