پردو ٻيون
گرگين خان جي جاءِ
گرگين: حيف اٿس، حيف اٿس، هزار حيف اٿس!
لچو، ڪمينو، نالائق! منهنجي صلاح نه ورتائين، وڃي
هڪڙي غريب جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين_ غريب به اهڙو
غريب، جنهن جي نالي وٺندي نفرت پئي اچي؛ جنهن جي
ذڪر ڪندي ڪرهت پيئي اچي!
سليم: بابا سائين!
گرگين: ڇو ٿو مٿو کائين، هڪڙي ڌوڙ پائين،
ٻيو وري مون کي کپائين، منهنجو پٽ سڏائين ۽ پنهنجو
حڪم هلائين!
سليم: ڇو، اوهين منهنجا پيءَ ناهيو؟
گرگين: اڙي، تنهنجو ته پيءُ ناهيان، پر
تنهنجي پيءُ جو به پيءُ ناهيان!
سليم: هان، منهنجي پيءُ جو پيءُ!
گرگين: هائو، تنهنجي پيءُ جو پيءُ، تنهنجي
ڏاڏي جو پيءُ، تنهنجي پڙ ڏاڏي، پڙ_ پڙ ڏاڏي جو
پيءُ_ ساري جڳ جو پيءُ، پر تنهنجو پيءُ ناهيان!
سليم: ڇو، تڏهن آءٌ اوهان جو پٽ ناهيان؟
گرگين: ماٺ ڪر، ڪُرٽاڻا! نه ڪو منهنجو پٽ،
نه آءٌ ڪنهن جو پٽ!
سليم: بابا سائين، ڇو اهڙو خفي ۽ بيزار
ٿيا آهيو؟
گرگين: خفي ۽ بيزار؟ اڙي آهي ڪو، جو اچي
هن لغور کي منهنجي گهر مان ڪڍي؟
سليم: بيهو، سائين بيهو. اهڙا رنج نه
ٿيو، ٻڌايو ته سهي منهنجو قصور؟
گرگين: تنهنجو قصور اهو ته هڪڙي غريب جي
ڌيءَ سان شادي ڪيئه، ۽ منهنجي صلاح نه ورتئه!
ناخلف، منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ جو به شرم نه آيئه، ڪيس
جي بدران ڪارنهن لاتئه..... شرم شرم!
سليم: انهيءَ ۾ ڪهڙو شرم ۽ حجات آهي؛ ڇو،
غريب ويچارو ڪو خراب آهي؟
گرگين: ڇو نه خراب آهي، بلڪ اهڙيءَ
بدناميءَ کان منهنجي دل ڪباب آهي.
مريم: سائين، غريبن اوهان جو ڇا وڃايو
آهي، جو اوهان کي انهن تي ايترو غصو آهي؟
گرگين: بس غريبن سان منهنجي اصل پويئي
ڪين. جي منهنجو وس پڄي، ته غريبن کي جيڪر ڄمڻ ئي
نه ڏيان! هيءَ دنيا اميرن ۽ دولتمندن جي جاءِ آهي،
نه فقيرن ۽ ڪنگالن جي. غريب اڳرين ڍڪڻ وارا، غريب
خيرات پنڻ وارا، غريب سُڪي ماني کائڻ وارا، غريب
جُتين کڻڻ ۽ موچڙن کائڻ وارا!
مريم: بس سائين، بس. اميرن کي دولت تي
مغرور ٿيڻ نه کپي. مُئي کان پوءِ امير ۽ فقير هڪ
جهڙو آهي. خدا جي اڳيان ٻيئي هڪ جهڙا گندا آهن،
ٻيئي خدا جا بندا آهن. ڇو، غريبن ۾ نيڪي ۽
پرهيزگاري ڪانهي؟ دين جي ڪري غريب چڱا ۽ دنيا جي
ڪري امير چڱا.
گرگين: امير، دين جا مالڪ، دنيا جا مالڪ؛
هن جهان جا مالڪ، هَن جهان جا مالڪ؛ مڪين جا مالڪ
مڪان جا مالڪ؛ زمين جا مالڪ، زمان جا مالڪ....
مريم: سو ڪيئن، اميرن جي قبرن تي نُور
ٿو وسي ۽ غريبن جي قبر تي باهه ٿي وسي ڇا، يا
اميرن جي محلاتن تي سج ٿو چمڪي ۽ غريبن جي ڀونگين
تي تارا ٿا چمڪن؟
گرگين: هاڻي بس ڪر، گهڻي بڪ بڪ نه ڪر، مون
سان مهاڏو نه اٽڪاءِ؛ منهنجي گهران نڪري وڃ، وڃي
ٻئي هنڌ ڇائي پاءِ!
مريم: سائين!
گرگين: ٻيو ڪيئن ٿي ڀانئين؟ هتان نڪر، نه
ته موچڙا ٿي کائين!
سليم: جناب!
گرگين: تون به نڪر، خانه خراب!
سليم: سائين، معاف ڪريو!
گرگين: ڇا ڪريان معاف، چيو اٿمئين صاف،
نڪري وڃو، جي هجو اشراف!
سليم: چڱو، سائين سلام!
گرگين: نڪو سلام، نڪو ڪلام؛ نڪرو، نڪرو!
(سليم ۽ مريم نڪري وڃن
ٿا. زهره اچي ٿي.)
زهره: ميان سليم آيو هو نه_ ڪيڏي
ويو؟
گرگين: سليم سلام ڪندو جهنم ۾ ويو!
زهره: خير گهرو، خدا سندس دشمنن کي
اُتي وجهي!
گرگين: هو ناخلف آهي، اسان کان برطرف آهي.
زهره: هو اسان جي اکين جو نور آهي،
اسان جي سيني جو سُرور آهي.
گرگين: نه نه هو مٿي جو سور آهي، هن جي
مغز ۾ فساد ۽ فطور آهي، اهو هن جو وڏو قصور آهي.
انهيءَ ڪري مون انهيءَ رن ۽ اَهر ٻنهي کي پنهنجي
گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. هاڻ آءٌ پنهنجي ڀائٽي قادر کي
پنهنجو پٽ ٿو ڪريان ۽ پنهنجي ملڪيت جو وارث ٿو
ڪريان.
زهره: ميان، هي ڇا ٿا ڪريو_ پرائو
ڌؤنرو مٺو ۽ پنهنجو کٽو ٿا ڪريو! ٻڌو نه اٿوَ ته
”توڙي ڪو ماري پاڻ، ته به پراوا پنهنجا نه ٿين؟“
گرگين: ڇو، هو صالح ڇوڪر ناهي ڇا؟
زهره: صالح آهي ڪي ناصالح آهي_ منهن
تي پيار، بغل ۾ ترار!
گرگين: سو ڪيئن؟
زهره: مون کي خاطري آهي ته هن جي نيت
بڇڙي آهي، جي اوهان کي شڪ هجي، ته لاهي سگهنديس،
اتي جو اتي تماشو ڏيکارينديس ۽ پنهنجيءَ ڳالهه جي
ثابتي ڏينديس.
گرگين: ڀلا، ڏي.
زهره: هينئر اوهان جي ڀائٽي جي اچڻ
جو وقت آهي. آءٌ وڃان ٿي. هو اچي ٿو. اوهين هن سان
هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪجو. لحظي کان پوءِ آءٌ
اينديس. اوهين ڪوڙ ڪري اوچتو بيمار ٿي پئجو. آءٌ
اوهان کي زور ڪري هلي کٽلي تي سمهارينديس. پوءِ
سگهو ئي اوهان جي مرڻ جي خبر اُٿارينديس. پوءِ
پنهنجي ڀائٽي جا رنگ ڏسجو!
گرگين: چڱو ڀلا!
(زهره وڃي ٿي.)