سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :8

مثال مشهور لاڏا نگار رام جوشيلي جي هڪ لاڏي جو آزاد ترجمو ملاحظ فرمايو، جيڪو ڊاڪٽر يونس اگاسڪر پنهنجي ڪتاب مرهٽيءَ ادب جي مطالعي ۾ پيش ڪيو آهي.

”هوءَ حسينه منهنجي دل ۾ سمائجي ويئي، جيڪا تڪڙي حويليءَ اندر هلي  ويئي. هن جي سينڌ موتين سان ڀريل هئي. هوءَ چمپا جي پنن جهڙي نازڪ آهي، سندس جسم تي حسن جي بهار ڇانيل آهي. سندس جواني عضب ڪري رهي آهي. جيئن مدن يعني ڪام ديو جي تلوار هوا ۾ لهرائي رهي آهي.  اهڙيءَ طرح هن جي پيرن ۾ گهنگهرو آهن.“

ان قتباس مان اندازو ٿئي ٿو ته درٻاري شاعريءَ ۾ عورت جو تصور ملي ٿو ته هوءَ جنسي ڪشش ۽ خوبصورتيءَ جو عنوان رهي آهي. عورت عيش  جو سامان مهيا ڪرڻ جي حيثيت رکي ٿي ۽ پاڻ به پنهنجن جذبن جو اظاهر ڪرڻ ۾ بي حجابائي ۽ جرائت کان ڪم و‎ٺي ٿي ۽ سندس  ادائن ۾ شوخي ۽ بازاري پڻو وڌيڪ آهي. ائين هاڻي عورت جو اهو مقدس، محترم ۽ ديويءَ وارو روپ ٽٽندو وڃي ٿو ۽ عريانيت وارو روپ وڌندو رهي ٿو، ان جو خاص سبب اهو سماجي  پس منظر آهي، جنهن ۾ زميندار، جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي  کي اهميت حاصل آهي.

ممڪن هو ته مرهٽي شاعريءَ ۾ هي فحاشيءَ  وارو رجحان مستقل جڳهه وٺي وڃي ها، پر ان وقت ڪشوست جهڙو شاعر منظر عام تي آيو، جنهن ان خطرناڪ تصور کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي رومانوي شاعريءَ جي ذريعي عورت جو پاڪيرو تصور پيش ڪيو، جنهن ۾ پنهنجي حسن ۽ جمال جي سڀني ڪششن جي باوجود به هوءَ عبادت لائق آهي، ان ڪري هن جي شاعري ”عورت پوڄا“ شاعري تصور ڪئي ويئي ۽ کيس ”پريتم پنڊت “ جي نالي سان سڏيو  ويو، هي تصور ڪيشوست کان وٺي، لدوي ڪرن منڊل تائين تقريبن سڀني رومانوي شاعرن وٽ ڪنهن نه ڪنهن حيثيت  سان موجود آهي، مثال ڪيرنڊ تلڪ وٽ عورت عالم جي روپ ۾ نظر ٿي اچي. عظيم شاعر ڦارا  تانڀي وٽ هوءَ محبوب، زال ۽ ماءُ جي روپ ۾ نظر اچي ٿي. گووندا گجر، انيل ۽ ماڌو،  جولين وٽ عورت جي رومانوي  ۽ خيالي مخلوق جو تصور ملي ٿو.

خاص طور تي ماڌو  جولين  عورت کي حسن کي سماجي  پس منظر ۾ ڏسي ٿو. انيل جي شاعريءَ ۾ ان عورت جو ذڪر آهي، جيڪا خود سپردگيءَ، جان نثاريءَ ۽ گهٽ حيثيت جي ڪري دلي سڪون کان محروم آهي، مطلب ته جديد مرهٽي شاعريءَ جي ان ابتدائي دور سان گڏ ٿي عورت جو جديد تصور  به عام ٿيڻ لڳو.

وري ٻئي دور ۾، ستن صدين جي ڊگهي سفر کان پوءِ مرهٽي شاعريءَ ۾ ان عورت  ڏيکائي ڏني، جيڪا پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب آهي، يعني ان دور جي شاعريءَ ۾ عورت واقعي عورت آهي، ان وٽ دل آهي، جذبا آهن، خواهشون آهن، ان جون پنهنجون ڪجهه خوبيون ۽ ڪمزوريون آهن، ان جون پنهنجون ڪجهه خوبيون ۽ ڪمزوريون آهن. مثال ڪڏهن محبت جو پيڪر آهي ته ڪڏهن هوءَ محبت کان عاري. ڪڏهن  هوءَ  خود غرض آهي ته ڪڏهن ايثار ۽ قربانيءَ جو مجسمو، ڪڏهن هوءَ ساڙولي آهي ته ڪڏهن محبت ڪرڻ واري بقول نارائڻ سروي ته

”محبت جي طوفان ۾ وڃڻ وارين تشبيهن ۽ استعارن جي پردن ۾ لڪل حسن جي حامل، تصوف ۾ لپٽيل راڌا ڪرشن جي آڙ ۾ لڪي ۽ سنسڪرت جي اثر  هيٺ  آيل ”عورت  ناهي رهي،  جذبن  ۽ روايتن جو ٽڪراءُ ٿيو ته اصلي  عورت جرائت  سان اچي سامهون بيٺي هن عورت جا چٽا نقش مرهٽي شاعرائن جي ڪلام ۾ نظر اچن ٿا. ڪسم آگرج وٽ  هڪ جذباتي،  خود پسند ۽ باوقار  شخصيت جي مالڪ عورت موجود  آهي.  سنجيوني  وٽ جيڪا عورت ملي ٿي، اُها حوصلي سان  جذبن جي اظهار ڪرڻ جي روايتن جي باندي آهي. اندرا   جي رنگ بانوري  ۽ پدما جي ” آڪاش  بيل“ ۾ اها عورت آهي، جيڪا محبت ڪرڻ ڄاڻي ٿي،  جذبا رکي ٿي، پر ان تي ضابطي رکڻ جو ڪمال به حاصل اٿس. يعني هوءَ  هاڻي نه ديوي رهي آهي نه ٻانهي. نه ڇوٽڪاري  جو راهه ۾ رڪاوٽ، نه  اهڙي  محبوبا جنهن کي حاصل ڪرڻ ناممڪن هجي ته عيش جو سامان  نه جنسي تسڪين جي ذريعو، پر هڪ خود اعتماد، حوصلي واري، باوقار، باشعور ۽ تعليم يافته عورت شاعريءَ ۾ مقام حاصل ڪيو آهي.

آزاديءَ کان پوءِ واري شاعريءَ ۾ باسي مرڌڪر، عورت جي ان تصور کي وڌيڪ وسعت ڏني، وري  ٻي جنگ عظيم جي نتيجي  ۾ پيدا ٿيل سماجي حالتن، صنعتي دور جي شروعات عورت لاءِ ذات جي تلاش ۽ ذات  جي شڪست جي مسئلن مرهٽي شاعريءَ جو فڪري اندازئي بدلائي ڇڏيو ۽ رومانيت جي جاءِ حقيقت  پسندي، ريئل ازم ۽ سر ريئل ازم ورتي، ۽ عورت جو تصور به بدليو. ان شاعريءَ  ۾ هڪ بدليل عورت سامهون آئي، جيڪا باغي ۽ انقلابي  هئي. روايتن جي شڪيتن  ۾ سرگدان نارائڻ سروئيءَ ان  عورت جو پورٽريٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو، جيڪا سماجي ڏاڍ،ظلم، جبر ۽ استحصال جو شڪار آهي، ۽ معاشي پريشانين جو  مقابلو ڪري رهي آهي ۽ هڪ  عام ماڻهو وانگر صنعتي سماج  جو هو هڪ مصروف جزو بڻجندي وڃي ٿي.

اشوني ڍونگري وٽ عورت تهذيبي ۽ معاشي جنگ وڙهندڙ عورت آهي. ڇا عورت جو هي روپ جو محترم ناهي؟ هي سوال مرهٽيءَ شاعريءَ جو موضوع بڻيل آهي. ان کانسواءِ پاشي رنگي، منگيش پڊ گاؤن ڪر، وسنت، پاپٽ، سريش ڀٽ، شري ڪرشن، يوبلي. آرني، پرڀو، چتري وغيره. جهڙن شاعرن ۽ شانتا شيٽر جهڙين شاعرائن وٽ عورت جا مختلف روپ نظر اچن ٿا. گويس وٽ عورت جو روپ مانيتي دور مائل ملي ٿو، مطلب ته مرهٽي شاعريءَ جي افق تي هڪ طرف عورت روايتن جي  پابند، جان نثار  ۽ پاڻ سپرد ڪرڻ جو مجسمو آهي ته ٻئي طرف باغي ۽  انقلابي. وري مختلف  عورتون، مثال  ٻهراڙي جون عورتون، مزدور، عرتون، وچولي طبقي جون ملازم پيشه عورتون، تعليم يافته، عورتون، اهي سڀيئي  آهستي  آهستي ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ مرهٽي شاعريءَ جي آئيني مان خودداريءَ ۽ خودشناسيءَ جي روپ ۾ جهاتي پائيندي نظر اچن ٿيون.

نور  شاهين

ڪافيون

تو دير سڄڻ ڏاڍي لائي الا،

وڃي جگر هٿئون ٿو جائي.

منهنجا حال هجر ڪيا هيڻا،

وڌي زخم سڀئي ٿيا ٻيڻا،

آواز حيات جا جهيڻا،

دل جان جگر تو وهيڻا،

اجهو ٽڪرا ٿين ٿا ٽيڻا،

ڏاڍا چاهه ڇڙايم چيڻا؛

ڇا ڦڪيون ڪنديم  ڇا ڦيڻا،

جڏهن سور ئي ٿيام سڱيڻا.

رکيو خيال نه پر تو پائي الا،

وڃي جگر هٿئون ٿو جائي.

مون تون سان ڪيون جي وفائون،

ٿي موٽيون سي ئي جفائون،

تنهنجون رمزون عجب ادائون؛

هليون ڪهڙيون هاڻي هوائون،

جي پيار جي لئه ٿيون سزائون،

ڪيئن ماڻيان تنهنجون عطائون؛

مون لڌيون ڏکن سان لائون.

مون کان وسري وتون ۽ آئون،

 

وڄي هجر جي پئي شهنائي الا،

وڃي جگر هٿئون ٿو جائي.

جيڪا تو سان رهي سکالي،

جيڪا آهي هاڻ ڏکالي

جنهن ڌار گهڙي ڪين جالي،

جا آهي وفا جي سوالي،

ڪين وار سان واپس خالي،

منهنجي معصوم ڀولي ڀالي؛

تون ڪري  وئين ڏاڍي اٻالي،

مون پيار سان هئي  جيڪا پالي

اها دلڙي دکن دکائي الا،

وڃي جگر هٿئون ٿو جائي.

ٿيون سوز و فراق جون ڪاهون،

دل لڇيو ڪري پيئي دانهون،

ويو قرب جون بند ٿي واهون؛

ٿي سجّ ويو نم نگاهون،

نٿيون يار لڀن تنهنجون راهون،

منّ تون ئي اچين ڪو پاهون،

ٻڌي ’شاهين‘ سڏڙا دانهون،

ڪُٺي دل جون قهري ڪراهون،

من ڪهل پوي توکي ڪائي الا،

وڃي  جگر هٿئون ٿو جائي.

*

جهلي حوري حسن تنهنجي سونن جي نه سَٽ، ڪيا بند سڀئي تو حسن جا هَٽَ

ڪيئن ويهان ڏوراپن لاءِ سهيو،

سوين لب تي آيا جي شڪوه ڪهيو،

سڀ دل تان وڃن منهنجي يار لهيو،

ڳِري لائي جڏهن تون ٻڌي ٿو چَٽ،

تنهنجي نينهه جا ازلي ٿاڻا  اٿم،

نيڻن تنهنجي وفا جا ماڻا اٿم،

تنهنجو پيار پيارو پاڻا اٿم،

تنهنجا راڻا اٿم وڌ ڪاڪ کان ڍَٽَ

تو دُور ڌڪيون جي تو سان کهيون،

ويهي کان ويون تو لئه ڪوڙين وهيون،

تون منهنجو رهئين سڀ سڪنديون رهيون،

بي تاب هنيا توڙي حورن جهَٽَ

تنهنجي دم سان اڱڻين بهار اٿم

تنهنجون ٻانهون سهاڳ جا هار اٿم؛

 اهي پائي ڳچيءَ ڪي اقرار اٿم،

منهنجو سرمو، سندءِ پاپوش جي لَٽ.

هڪ پل نه اکين کان دور سهئين،

ٿي  پاڇي مثل ساڻو ساڻ رهئين،

تون جيڏهان ڦرين آءُ پٺتان ڪهئين،

تنهنجا روڪي بيهان سڀ گهيڙ آئون گهَٽ.

هڪ گهور سان دل کي گهايو ڇڏين،

ڪئي ڪاتيون دل تي وهايو ڇڏين،

ڪوڙين ’شاهين‘ جهڪايون ڇڏين،

ڏسين شهپر کي ڏيئي جنهن دم وَٽ.

*

ڪين ڪجئين پاڻا ڌار يار،

اي اڌرن جا آڌار يار.

تو لئه لنو لنو روح چريو ٿم.

ساه نه غلفت منجهه سريو ٿم.

روح رنو زارو زار يار،

ڪين ڪجئين پاڻا ڌار يار.

پريم پيڙس تنهنجي مان سام،

دل جي سمجهه تون منهنجي مام.

سگهڙي لهجئين سار يار،

ڪين ڪجئين پاڻا ڌار يار.

روز رڙان پئي پئجي پڌر،

سانول سهڻا تون موٽ سڌر!

برهه جا لاهينم بار يار،

ڪين ڪجئين پاڻا ڌار يار.

نرميون ’شاهين‘ من جون موهڻيون،

سختيون به ڍولڻ تنهنجيون سهڻيون،

پيارا پيارن جا پار يار،

ڪين ڪجئين پاڻا ڌار يار.

 

ويندي ويل جو مون ڏي نهاري وئين،

منهنجا ٻيئي جهان تون کان وئين،

چريا چشم ٿي چاهه مان چايئه ڇو،

چائي نيڻ وري ٿي نايئه ڇو،

ويهي سامهون دل کي گهايئه ڇو،

ڇو قلب ۾ ٻارڻ ٻاري وئين.

پائي پرت جا پير تون پيار ڪري،

ڳجهو پيار ۾ ويڙهيل وار ڪري،

مون سان پارڻ جو اقرار ڪري،

پنهنجي قول وفا سان ماري وئين.

اڳ تو ٿي ڪئي هر ڳالهه ۾، ها،

ڪو پل نه ٿئين ٿي مون کان جاني جدا،

منهنجا ناز کڻڻ هئي تنهنجي، ادا،

پر منهنجو ته ٻيڙو تاري وئين.

کنيون پاڻ سان وئين پنهنجا ناز انداز،

مون ڪاڻ ڇڏي وئين ڪي رمزون راز،

کنيون ياد سان دل وئين دل جا بار،

پنهنجي ياد هتي تون وساري وئين.

ڪري شاهد عرشن فرشن کي،

چوي ’شاهين‘ ويٺي واڪي وڏي،

منهنجي ٿيون ته ڄمار جون حاصل ٿي،

گهڙيون جيڪي گڏجي گهاري وئين.

جيڪي چڻڪي دل  پائي ويا،

اُوهي دونهان درد دکائي ويا.

جن ساعت نٿي ذري ڌار رکيو،

جن دل تي نٿي ڏک وار  رکيو،

من کي ڏس سک ۾ جن يار رکيو،

سي ڌاريو ڪري ڦٿڪائي ويا.

جن خواب ۾ ڪين ڪو غير ڏٺو،

اڄ جهول ڪيو تن جي غيرُ مٺو،

لکيو لوح و قلم ڇا راز چٺو،

مون کي پنهنجا ٿي ۽ پڄاڻي ويا.

جن عشق وفا جي ٻئي راند رچي،

جي عشق ۾ آيم لال پچي،

دل دام کنئون جن جي ڪين بچي،

سي پاڻهي پاڻ کاپائي ويا.

ڏاڍي بيوس آهيان ’شاهين‘ مان،

اها ڪنهن کي وڃي مان دانهن ڏيان،

نٿي شاهد يا ڪو گواهه ڏسان،

اهو ته ڀڻڪن ساڻ وڄائي ويا.

 

سڄڻ دل سان دلڙي ملائڻ هليو آ،

وفائن جو وارو وڄائڻ هليو آ.

تون مطلوب منهنجو تون ئي آهين طالب،

ڪڏهن منهنجي دل تي نه ٻيو ايندو غالب،

وڪوڙيئه ونگن ۾ جگر جان قالب،

محبت کي عرشين پڄائڻ هليو آ،

ڀلا ڀال پنهنجا ڀلائڻ هليو آ،

مان سمجهان ٿي ناهين سڄڻ تنگ دل جو،

رکين ڪين ٿو غير ۽ رنگ ٻيو ڪو،

جفا جي نه جوٽين ڪڏهن جنت تون ٿو،

تڏهن ٿي چوان دل لُڀائڻ هليو آ،

اجهيل ديپ دل جو جلائڻ هليو آ؛.

سندم درد جو تون ئي درمان آهين،

خدائي سندم جو تون سلطان آهين،

ڪٺل کي ڪهڻ جو تون سامان آهين،

ادائن جون ڪاتيون وهائڻ هليو آ،

غمِ دو جهان کان ڇڏائڻ هليو آ.

مليا پو وڇوڙي  جا انعام تنهنجا،

اچن ياد پلپل ٿا انجام تنهنجا،

ٻڌائڻ ڀڻي دل جا پيغام تنهنجا،

اهي ڀڻڪا ساڳيا ڀڻائڻ هليو آ،

مون کان منهنجي هستي وڃائڻ هليو.

ڊڄي ڪين دنيا کان هي در ڇڏينديس.

وفائن جون ماڙيون اتي ئي اڏينديس،

جفائن جي دنيا وفا ۾ مٽينديس،

اهو گفتو ڀل آمائش هليو آ،

اچي خود به همت وڌائڻ هليو آ.

سندءِ منهن آ مصحف ۽ قرآن منهنجو

محبت فقط دين ايمان منهنجو،

ثمر آخرت جو هي سامان منهنجو،

منهنجا پار ملاح رسائڻ هليو آ،

مون کي سرخرو تون بنائڻ هليو آ.

اهي نرگسي نيڻ، ڪاڪل سُنهري،

هو زنجير دل جا، ۽ هي باز بحري،

ٻيٽا تن ۾ ابرو به ڄڻ ٻاڻ قهري،

انهن ساڻ ’شاهين کي گهائڻ هليو آ،

اڃايل جي اڃڙي اُڃائڻ هليو آ.

وائي

دل سُڃّ سان سينو پيئي ساهي، هتي ڪو به قرار نه آيم.

ڪنهن جي جفا جهوريو، جگر کي. جهوريم پنهنجي وفا ٺاهي ٺاهي،

 الا هتي ڪو به قرار نه آيم.

ڪلهو ڪلهي ساڻ ويٺم ملائي، لوڪان هجر لاڳاپن کي لاهي،

الا هتي ڪو به قرار نه آيم

ڪهڙو خزائن جو ڏوهه ڪيو مون، پيئون منهنجي بهارن ۾ ڪاهي.

الا هتي ڪو به قرار نه آيم

بنگلا ماڙيون محل ٿا کائين، بنان پڄرڻ ڪو ويلو ئي ناهي،

الا هتي ڪو به قرار نه آيم

گاهي ماهي ئي محب ملين ها، وڃي ويٺين ڇو ٺاهه تون ٺاهي،

الا هتي ڪو به قرار نه آيم

سيج پلنگ  اطلس نه وڻن ٿا، دل ’شاهين‘ اداسڻ آهي،

الا هتي ڪو به قرار نه آيم.

ڀينر هت ڪو به قرار نه آيم.

گيت

مان دکياري پريت جي ماري ويٺي نير وهايان!

 

تو بن جيون ساٿي اجڙيون آهن جيون راهون،

منزل منزل ڳولين توکي منهنجو اُداس نگاهون،

آءُ اياڻي نينهه نماڻي پريت ڪري پڇتايان!

 

پريت  جي پياس انوکي ساجن ڪير سگهي ٿو لاهي،

چاهت  مٽجي ڪين ٿي هرگز ڪيڏو کڻي ڪو چاهي،

برهه جي باهه ٻري ٿي من ۾ جيئن جيئن مان ٿي اجهايان!

جيون نيا دک جي ساگر ۾ ٿي لوڏا کائي،

مان دکياري پريم مسافر ’شاهين‘ پار پڄائي،

دور ڪنارو ناهي سهارو واٽون پئي واجهايان!

لوڪ گيت

پنجابي صنف ماهيا

تون منهنجي دعا بنجي،

اچ يار سڄڻ جلدي - ساون جي گهٽا بنجي،

تون منهنجي دعا بنجي،

هي عشق چيو منهنجي،

بيڪل مان بنان تنهنجي - اڄ  حسنِ وفا بنجي،

تون منهنجي دعا بنجي،

آئينيم تون قسم ۾،

مئخانہ الفت ۾ - مخمور ادا بنجي،

تون منهنجي دعا بنجي،

تون گهارين ٿو مستي ۾،

هن گلشن هستي ۾- گلين جي فضا بنجي،

تون منهنجي دعا بنجي،

’شاهين‘ نه ڪڏهن کاتي،

هي عشق مليم ذاتي - ڄڻ راهه  نما بنجي،

تون منهنجي دعا بنجي،

اي ڪاش ڪا تدبير ٿئي،

بيمار کي تنهنجي عطا- هاڻي ته  ڪو اڪسير ٿئي،

 اي ڪاش ڪا تدبير ٿئي.

منهنجي دل ناندان جي،

سيني جي هن قرآن جي-ڪجهه ته ڀلا تفسير ٿئي،

اي ڪاش ڪا تدبير ٿئي.

بيحد سٺم درد والم،

هاڻي ٿئي نظرِ ڪرم-  منهنجي سنئين تقدير ٿئي،

اي ڪاش ڪا تدبير ٿئي.

مون محب کي سجدا ڪيا،

تقصير گر آهي اها - اهڙي وري تقصير ٿئي،

اي ڪاش ڪا تدبير ٿئي

 

شاهين شل صدقي وڃان،

مان عمر جي هن قيد کان - جي زلف جي زنجير ٿئي،

اي ڪاش ڪا تدبير ٿئي.

ويندين سڄڻ ڪين لهي،

مان ته ڪهي تو ڏي ڪهيو- اچ تون ڪڏهين مون ڏي ڪوهي،

ويندين سڄڻ ڪين لهي.

پيار ڏيون، پيار وٺون،

پيار جا انبار وٺون- گهاريون وري هاڻ ٺهي،

ويندين سڄڻ ڪين لهي.

ضد ڪري پاڻا پري،

هر ڪو رسڻ ترڪ ڪري- گهاريون وري هاڻ ٺهي،

ويندين سڄڻ ڪين لهي،

تانگهي ٿي’شاهين‘ نظر،

عمر نٿو ترسين اگر- وڃ تون ڀلا ڪجهه رهي،

ويندين سڄڻ ڪين لهي،

*

تقدير نظر آيم،

دلدار هٿان زهر ڀي-اڪسير نظر آيم،

تقدير نظر آيم،

مان خود ويس گم ٿي،

آئيني ۾ ڀي تنهنجي- تصوير نظر آيم

تقدير نظر آيم،

مون ڏي جا لکيئه چٺي،

سا ڪاتب تقدير جي- تصوير نظر آيم،

تقدير نظر آيم،

شاهين، ڀري ڏٺم،

دل چاڪ ڪري ڏٺم- ڪئي تير نظر آيم،

تقدير نظر آيم

اڄ سڄڻ مئه نوش ايندو،

حوص منهنجي کي وڃائڻ - منهنجو هو مدهوش ايندو،

اڄ سڄڻ مئه نوش ايندو

ڪو بهارن کي وڃي چئي،

ڪجهه ته سينگاريو چمن کي- جلوهء گلپوش ايندو،

اڄ سڄڻ مئه نوش ايندو.

ساٿيو! ’شاهين‘ سنڀالجو،

گهر ۾ منهنجي، اڄ هو منهنجو، راهزن هوش ايندو،

اڄ سڄڻ مئه نوش ايندو،

غزل

جي دل جي جلڻ بعد ٿيا پيدا شراسرا،

مون تنهن ۾ ڏٺا عشق جا ڪي شوخ نظارا،

همت نه جهلي حور، نڪا جَن و ملائڪ،

صد شڪر غمي عشق ڪيو مون ئي گوارا

حاصل جو ٿيو رازِ بقا رازِ فنا ۾،

پوءِ اهل فنا لاءِ ٿيا ڪن ڪنارا.

مون خود کي ڪيو آهي فنا تو ۾ اي جانان.

تون غير نه پنهنجو ڪو مون کي سمجهه خدارا.

ڪو دم نه کڄيو منهنجو ڪڏهن تو کي وساري،

شاهد هي اٿم حال جا سورج ۽ ستارا.

جو عڪس ڏسي هوش هو موسيٰ جو خطا ٿيو،

مان تنهنجي حقيقت کي ڪريان پيئي اشارا.

بجلين جو ڀلا ڪهڙو رکي خوف سو ’شاهين‘،

جنهن سوزِ محبت کي ڪيو دل تي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com