لک لک پير تنهنجا پرتا آءُ تنهنجو مجرو ٿي مڃان!
الله منهنجي جهولي ڀري پير منهنجي مراد پڄائي آءُ
ٻانهي تنهنجي در جي!
مجرو عورتن جو ٽيون ڳيچ آهي، هن ڳيچ کي زالون گڏجي ڳائڻ ۾ موک
هونديون آهن، ڪي گڏجي سرور سر جي ساراهه جون.
ٻار جي ڇٺي، پنڌڙو، واڌاڻو ٿيڻ تي پڻ عورت موقعي جا ڳاچ ڳائين،
جي سندن پنهنجا جوڙيل هوندا آهن.
نينگر جواڻ جماڻ ٿيو ته شاديءَ جي سنڀت ٿي مڱڻي، مراد ۽ سِهرن
جا ڳيچ ڳائجن. ۽ ڪنوار
ڪاڻ سانجهري، سينگارڻ، سيج وڇائڻ لائن لهڻ جا ساٺ
ڳيا، نکيرڻ ستاوڙي ۽ پر ديس وڃڻ جا ڳاچ عورت ئي
تيار ڪيا آهن، شادي ته آهي ڳيچن جو ڳڙهه.
ٿر ۾ لاڏيلا، سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ سنڌي سرائيڪي ڳيچ ڳائبا آهن.
جهمر پائڻ ڇيڄ هڻڻ
جا
ٻول
به ٻائڙين ٻڌا:
- هاري ناري پاسي ڪريو مائي مريڙو پٽي!
- مون کي اباڻن موڪلي چُنڙي!
ڳيچ ۽ سهري جي ڳائڻ جو ڍنگ ڌار ڌار آهي رڳو پرڻي جي پرڀن تي پتو
پئجي سگهي ٿو.
ڳيچ، گهوٽ جي عضون بابت مثلاً
اکيون
لاڏل جون ٻرن مشعلا.
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي،
هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا وغيره.
ڳُهڻن يا زيورن بابت: نٿ لاڏل جي لاڙئون گهڙايان
دهري لاڏل جي لاڙئو گهڙايان
دهري گهڙائج نهري.
سهرو. هن ۾ ڄاڃن
۽ گهوٽ جي سينگار جي اپٽار هوندي آهي.
مثلا: سونادي سهري ڏاڍي رم جهم لائي هي
اڄ ته لاڏل تنهنجي سهري جي مهل هي بنا!
(ڏسو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايل ڪتاب ”ڳيچ“)
جنگي جوانن کي جوش جولان ڏيارڻ جا راڳ.
اڳي جنگين لڳڻ تي عورتون به مردن سان گڏ ميدان تي وينديون هيون.
انهن مان ڪي پاڻيءَ جون کلڙيون ڀري ڪلهن تي کڻي
اُڃين ڦٽلين ۽ زخمين کي پاڻي پيارينديون هيون ۽ ڪي
زخمين جي ملم پٽي ڪنديون هيون.
ڪي سريلي ۽ هڪل واري آواز سان دڦ، چنگ ۽ کنجريون وڄائي ڳائي
جوانن کي جنگ جيتڻ ڪاڻ آڀارڻ لڳنديون هيون.
هنن جا
جوڙيل
جملا
هن طرح هئا:
دشمنن ديس تي ڪاهه ڪئي آهي.
هن جنگ ۾ توهين اسان جا ڀائر ڀتار، ۽ ديس جا لوهه ۽ سرويچ
سپاهي شامل آهيو.
توهان اهي سوريهه آهيو جي هار مڃڻ
۽
شڪست کائڻ کي ڪين ڄاڻو.
اي جانباز جوانو دشمنن کي تير تفنگ، ڀالا بڻڇيون تڪي سرهي
سٽڪايو. هنن جا سنڌ ڪنڌ ڪٽي وڍي وانٽا ڪريو، ڪين
ڪيٻايو ڪونڌ ٿي به ڪر ڪيرايو، پنهنجي وطن جا باغ
بهشت آهن، جن ۾ۡ مکڻ ماکي ۽ گيهه جون گٺون ٿيون
رهن، اهڙو ڪو به ملڪ ڪونهي جو پنهنجي وطن سان
برميچي، اسين خوش نصيب اوهان جون لاکيڻيون لڄون
آهيون، اوهان جي سوڀ فتح تي، قربانيون ڪچهريون ۽
محبتي مجلسون ڪنديون سين.
دنيا دم پهر آهي جيئرا آهيو ته غازي، جي مئا ته شهيد وطن تان
جان نثار ڪرڻ وارن جي جاءِ جنت آهي.
هي عورتن جو چوٿون راڳ راڻيل آهي.
موت تي مرثيه يا اوسارو.
جڏهن بي بي حوا کي معلومات ملي ته هابيل کي قابيل قتل ڪري دؤر
دار کان وڃي، دفني ڇڏيو آهي ته ماءُ جي مامتا!
قلب ڪڙهي ويس آنڊا اٿلي اچي وات پيس ڪيڙ ڪُٽنب سان
ڪاهي قبر تي آئي، بُٺي مٿان بيهي درديلي دانهن
ڪري اوڇنگارون ڏيئي آلاپيائين.
سهڻا سٻاجهڙا پيارا پٽ! جيجل ماءُ کي جدائي ڏيئي تون ميري مٽيءَ
جو اوڇڻ اوڍي، تربت جي تري ۾ وڃي پيو آهين. مون کي
ڪَل ڪا نه هئي ته تو سان ههڙو ڪيس ڪلور تنهنجو ئي
ماءُ ڄائو ڀاءَ بيرحميءَ سان توکي پهڻ هڻي پٿون
ڪندو، هن دار دنيا ۾ پهريون تون آهين جنهن کي
عزرائيل اُور ڪري قهري ڪان ڪشيو آهي، هن کي تنهنجي
تڳاءَ تي ترس نه آيو، الله سائين مون تي وري
آزمائش آندي آهي، الله جي گرفت سخت آهي، مون ڪاڻ
ٻيو چارو ڪونهي صبر ٿي ڪريان. ماءُ جا منٺار پٽ هن
هاڙهي ۾ توکي هيڪلو ڇڏي رضا تي راضي رهي ويڙهه
ڏانهن ٿي وران.
حورن جي هنج ۾ هجين اڻهي آسودو هجين شال!
عڪس:
ڪانگل ڪڄاڙو ٿيئي جو پين پٽ ڪري
ڪڏهن اُس تڙڪو نه سٺئي اڄ سارو ڏينهن لگهنئي
تنهنجو هيءُ حال ڏسي ڪانگن ڪانگيرا ڪيا.
ليکڪ: تنوير جوڻيجو
سنڌي شاعر خواتين جي ڊائريڪٽري
جيئن ته ”سرتيون“ پاران شاعري نمبر ڇپجي رهيو آهي، ان ڪري سنڌي
شاعر خواتين بابت ڊائريڪٽري مرتب ڪرڻ جي هڪڙي
ننڍڙي ڪوشش ڪري رهي آهيان، جيڪو حرف آخر نه پر
حرف آهي. ڄاڻان ٿي سنڌي ۾ خواتين شاعراعن جو وڏو
انگ آهي، پر باوجود ڪوشش جي ڪيترين ادين جو مواد
سهيڙي نه سگهي آهيان، ان جو ملال اٿم. بهر حال
اميد ته هن سلسلي کي ڪو ٻيو ڀاءُ يا ڀيڻ اڳتي
وڌائيندا. هن ڊائريڪٽريءَ ۾ انگريزي الفابيٽ ڪتب
آندي وئي آهي.- تنوير جوڻيجو.
امر سنڌو
Amar Sindhu
عنوان کان سواءِ نظم
هوا ۽ دک جي ڪڙتي جا
سڀ بٽڻ ٽٽي پيا آهن
لڙڪن پنهنجي پيرن تي
پڇ جا جوراب چاڙهي ڇڏيا آهن
ٽيتاليهه سال اڳ مرڪ صليب
تي
چاڙهي ويئي هئي
پر!
آس جون ديوارون اڏي
مان!
تنهنجو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي
دک جو ڍونڍ
وچڙندڙ بيماري جيان
منهنجي ديس ۾ پکڙجي ويو آهي
۽ قوم گونگي ٻار جيان
ڊپ مان رڙيون ڪري رهي آهي
ماڻهو چون ٿا
عوام جي تقدير جي ماءُ
وڃائجي ويئي آهي.
(ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان جي سيپٽمبر 1992ع)
امبر مهر علي
Amber Mahar Ali
آءُ
هڪ جلا وطن
پنهنجن ماروئڙن لاءِ سڪان ٿي سڙان ٿي
پنهنجي مٺڙي ماڳ لاءِ ماندي رهان ٿي
پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جي سرهي مٽي
هٿن ۾ کڻي، ان جي سرهاڻ سنگهڻ لاءِ سڪان ٿي
سڄي رات جاڳيندي آءُ سوچيندي آهيان
ته منهنجي وطن ۾ چنڊ
ڪهڙو نه سونهن ڀريو ۽ سهڻو اڀريو هوندو
۽ سڀئي سهيليون سرتيون چاندوڪيءَ ۾
سرهي ۽ سڳنڌ ڀرئي وايو منڊل ۾ اڱڻ ۾ ويهي
اندر جو اهاءَ اورينديون هونديون
انهيءَ سوچ ويچار ۾ پرهه ڦٽي ويندي آ
ان ساري حال کي ساري ۽ سنڀاري
اکين مان آب اوتيان ٿي
پچان ٿي پڄران ٿي
تنهن هوندي به آسرون آهيان
ته ماڻينديس آزادي
ملندم ڇوٽڪارو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن
جلا وطنيءَ مان
ڏسنديس وڻ وطن جا
چمنديس وڻ وطن جا
چمنديس چائنٺ پنهنجي چمن جي
ميڙو ٿيندم ماروئڙن سان هڪ ڏينهن.
(سوجهرو، جنوري – مارچ 1991ع
عطيه دائود
Attia Dawood
زندگيءَ جي تلاش ۾
دوست، تنهنجي فريب جي ڄار مان نڪري ته آيس
پر ساڀيائن
جي دنيا به ڏکوئيندڙ
آهي
ساٿ جي ڪوڙ کي پر کي
وجود مان ڪپي تو کي ڪڍي ڇڏيم،
ته باقي رهي اندر جي اڪيلائي
اڪيلائيءَ جو بار لاش جيان ڳرو آهي
مان سچائيءَ جي ماڳ جي مسافر آهيان
پر ان طرف ڪهڙو دڳ وڃي ٿو
توکي هٽايان ٿي ته سامهون ڪوهيڙو آهي
سوچيان ٿي، جڏهن تون ساڻ هئين
اهو ساٿ سچ هئو يا ڪوڙ
پر منهنجو وجود ڏاڍو هلڪو هئو
تو سان هٿ ۾ هٿ ڏئي اڏامندي هئس
اڄ وري منهنجا پر اڏامڻ لاءِ آتا آهن
ڌرتي ته تتل ٽامي جهڙي آهي
دردن جو هت انت ئي ناهي
درد اهڙو ساگر آهي جنهن جو ڪو ٻيو ڪنارو ڪانهي
مان ٻئي ڪناري کي ڳولڻ لاءِ
اميد کي ٻيڙي بنائي نڪتي آهيان
(ڏيئا ٻاري لاٽ اسان جي، سيپٽمبر 1992ع)
آشا Asha
مجبوري
شعر لکڻ به مجبوري آ
نه لکي سگهڻ به مجبوري آ
لڙڪ اگهي کلڻ ۽
کلندي سڏڪڻ به مجبوري آ
تو کي سوچڻ ، ته لاءِ لڇڻ به چاهيان
تو کي وساري ڇڏڻ به مجبوري آ
تو کي تڪڻ تي دل ڀي چاهي
تو کان اکيون ڦيرڻ به مجبوري آ
منهنجي سپنن جي ساڀيان اماس جهڙي
سپنن ۾ تو کي پوءِ
ڏسڻ
به مجبوري آ
ورهين پڄاڻان جي تون ملين به ته
”ڪيئن آهيو“ چئي نه سگهڻ به مجبوري آ.
(سرتيون، جولاءِ – ڊسمبر 1992ع)
عصمت انصاري
Asmat Ansari
ڀينرن جي همت
ڪريو هيڻين دلين ۾ ڀينرو مردانگي،
سڌاريو آدميت کي، ٿين ڪي آدمي پيدا.
اوهان ئي علم جي گلشن جا اصلي باغبان آهيو،
نگاهن مان اوهان جي علم جي ٿي روشني پيدا.
مٽايو مرد وزن
جي فرق کي اڄ پنهنجي همت سان،
جتي ڀي دشمني آهي، ڪريو ات دوستي پيدا.
اوهان جي ئي وفا سان ٿي رهي انسانيت زنده،
صبا سان ئي گلن ۾ ٿيندي آهي تازگي پيدا.
اوهان مان اڄ
به حاصل ٿي سگهي ٿو، درس روحاني،
مثال رابعه بصري، ڪريو ڪا رهبري پيدا.
(نئين زندگي، جون 1960ع)
بانو محبوب جوکيو
Banu Mahboob Johhyo
”ٽه سٽا“
نينگر هليو ٻني تي
ٻڌندو پيو وڃي
ريڊيو رکي ڪن تي،
اڀ ڦاڙ گونجار
کوڙا پيا گڏجي پڙهن
ننڍڙا اسڪولي ٻار.
پٽيءَ وارا ٻار استاد پيو آرام ڪري
مانيٽر تي بار.
رولو اڏريل ٻار
ذريءَ ذريءَ ڳالهه تي
ڪڍي ڪچي گار.
(بختاور، مارچ 1992ع)
فرزانه ڪنول بلوچ
Farzana Kanwal Baliach
طويل سفر
ان ٽرئجڊي
جو ڇا...........
جذبا آتا آهن
من ملول آهي
اوسيئڙو
ڄڻ ته هوائن ۾
ٿو تڙپي...... ۽
منهنجا هٿ ڄڻ ته آهن ٻڌل
جو سامهون تنهنجي خط کي
کڻڻ لاءِ
مون کي طويل سفر
طئي ڪرڻو آهي
(ادب، فيبروري 1990ع)
فهمده شرف بلوچ
Fahmida Sharaf Baloach
سانيٽ
اسان نيڻ پنهنجا ڪٿي هن وڃايا
ڊڪي ڊوڙي هر وقت خوابن جي پويان
۽ زخمي ڪيا هن گلابن جي پويان
جتي سونهن تي، ڏاڍا پهرا لڳايا
انهن پيچرن تي رلن گيت پنهنجا
اسان درد رستن جا سالن کان راهي
نيڻن پنهنجن جي لئه هڪڙي منزل آ ٺاهي
نه گهرجي خوشيءَ ۽ نه ڪا مرڪ ڪنهن کان
اسان کي ملي پيار جي روشني آ
انهيءَ روشنيءَ ۾ اصل زندگي آ.
(مهراڻ، جنوري- مارچ 1997ع)
فهميده سحرش ميمڻ
Fahamida Sahrish Memon
غزل
هو پير نٿو وسري هي خواب نٿا گڏجن،
تو بن ته پرين پنهنجا هي ڏينهن نٿا ڪٽجن،
نيڻن ۾ سدائين مون سپنن کي سجايو آ،
ساراهه ڪيان تنهنجي، پر لفظ نٿا ٺهڪن،
تون ڏور کڻي ڪيڏو ڀل مون کان رهه سائين،
پل پل ته زبان مان ئي، پيا نانو تنهنجا وٺجن
راهن ۾ وجهي واجهون ويٺي مان اڃا آهيان،
اکيون به ٿيون ساڻيون سپنا به پيا ڦٽجن.
(سرتيون، ڊسمبر 1996ع)
فوزيا شيخ Fozia Shaikh
رنگن جي مند ۾
تتلين جي ديس ۾
نيري ڍنڍ ڪناري
يا سهڻن گلن جي باغ ۾
اڪيلو.... ويا ڪل... گهايل
جڏهن رهجي وڃين
ڏک ۽ پيڙا جو بار
تون هيڪلو نه کڻين سگهين
تڏهن او ساٿي
مون کي ضرور سارجانءَ!
(سرتيون،جنوري- مارچ 1991ع)
گلبدن جاويد Gulbadan
Jawed
ميچورٽيءَ جي توهين
مان ۽ منهنجي سهيلي،
جڏهن به ملنديون آهيون،
دنيا جهان تي وڏا وڏا بحث
ڪنديون آهيون،
جيئن ڪل ڪائنات اسان جي هئنڊ پرس ۾ هجي.
پنهنجي ميچور هئڻ
تي وڏو فخر محسوس ڪنديون آهيون
پنهنجي ڏاهپ تي وڏو ناز هوندو اٿئون.
زماني کي هيئن هلائڻ کپي؛
وڏا فارمولا ٺاهينديون آهيون،
نوان نظريا جوڙينديون آهيون،
ڄڻ ته دنيا جو نطام اسان کي هلائڻو
هجي،
ملڪي سياست ڪئين هئڻ کپي،
ڪيترائي آئين جوڙي ڪٺا ڪنديون آهيون،
سياستدانن کي ڇا ڪرڻ کپي.
ٿورن کان سواءِ ڪيترن کي ئي ڪرسيءَ تان لاهي، هيٺ ڦٽو ڪنديون
آهيون.
(ڳالهين ئي ڳالهين ۾)
انٽيليڪچوئل طبقي جو عمل ڇا
هئڻ
گهجي.
ٿورن کي عرش تي پهچائي،
باقي ڪيترن کان انٽيليڪچوئل سڏائڻ
جو حق کسي وٺنديون آهيون.(ڳالهين ئي ڳالهين ۾).
اسان جي فلاسافي ايڏي ته گهري ٿي ويندي آهي جو،
سقراط، ارسطو، فرائڊ وغيره جي فلاسافي.
اسان جي عقل جي پالوٽ ۾ ٻڏندي محسوس ٿيندي آهي.
پنهنجي ڏاهپ تي پاڻ کي، وڏو داد ڏينديون آهيون،
پنهنجي سڃاڻپ جي ڏاڍي تعريف ڪنديون آهيون.
ڪير ڇا ٿو ڪري؟
ڇو ٿو ڪري؟
ڪنهن کي ڇا ڪرڻ کپي؟
ڄڻ سڀنيءَ کي هلائڻ جو اسان کي ٺيڪو ڏنو ويو هجي.
ڪامياب زندگيءَ جا گُر رڳو اسان کي ٿا اچن-
جهڙوڪ زندگيءَ گذارڻ جون ايڪئيشنس اسان ايجاد ڪيون هجن.
ڪنهن جي روين جو محتاج ٿيڻ نه گهرجي،
ڪنهن مئسلي کي مسئلو سمجهڻ نه گهرجي.
ڏاڍي لاپرواهيءَ سان ڪنڌ ڌوڻي،
پاڻ کي معاشرت بوجهه کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهيون.
پر سڀئي لاپرواهيون وڃي پٽ پونديون آهن،
ذهن جهنجهوڙ جي ويندو آهي،
سوچون منتشر ٿي وينديون آهن،
۽ جذبا چڪنا چور ٿي پونداآهن،
جڏهن انهن ماڻهن،
جن کي ڪجهه به نه سمجهنديون آهيون،
تن کان مات کائي، ڀڄي ڀري پونديون آهيون،
پنهنجي ميچورٽيءَ جي توهين تي،
پنهنجي ميچورٽيءَ جي توهين تي،
درد جي بار هيٺ دٻجي وڳينديون آهيون!
گلنار بدر
Gulnar Bader
اوڏياڻي
اوڏياڻي عورت جو اڄ، احوال ٻڌوڙي سرتيون
ڪيئن ٿي وقت ڪٽي ويچاري حال ٻڌوڙي سرتيون
سارون ڏينهن ڳهي ٿي اوڏڻ، پورهيت پاڻ پگهاري
جيون سارو محنت ۾ ٿي مرڪي منڌ گذاري
گاري گپ مان مٽي روڙي، گهرڙا ٻين جا جوڙي
پورهيت پورهيي منجهه، سڄو ڏينهن پنهنجو پاڻ پتوڙي
گاري جا مڻ پاڻ کڻي سان گڏهن تي ٿئي راهي
جيون ساٿي ساڻ
ڪري ٿي محنت ۾ همراهي
واهه وڻي ٿي اوڏڻ عورت پورهيت واهه وڻي ٿي
خوبيون ۽ ڳڻ سرتيءَ جا گلنار تڏهن ته ڳڻي ٿي.
(سرتيون، اپريل- جون 1991ع)
گوري ولڀ Gouri
Valabh
هي اڄ دل ۾
ڪهڙو غبار اٿيو آ
ڪا ڳالهه سمجهه ۾
نه ايندڙ آ
هڪ ڌنڌ آهي
هر شي تي ڇانيل
سڀ چهرا اجنبي اجنبي
پياباسن
ٿا
هي چهرو ڊيڄارندڙ لڳي رهيو آ.
(مهراڻ، جنوري- مارچ 1996ع)
حميده قاضي Hameeda kazi
لڙڪن جي بارش
اڄ بک وگهي
وري هڪ ٻار ڦٿڪيو
۽ ڏک وگهي
امڙ لڙڪ پي
رئي جي پلاند ۾
لاش ابهم جو ويڙهي
گهر پويان کڏ کوٽي
رکي آئي هٿيڪو
مٿان لڙڪن
جي بارش وسائي
پڪو ڪندي رهي
مٽيءَ جي ڍيرڙي کي!
(سگهڙين سٿ، سيپٽمبر 1989ع)
حميره شمس شيخ ”خوشبو“
Humaira Sharmis Shaihh
مست بڻايو هر پل سکي
مون گهر ڳايو ڪو پل سکي
ڏاتر کي سڀ واپس ڪيان
پيار ئي آخر اول سکي
ڇيڙتون تارون تنبوري جون
جذبا جرڪن ڪومل سکي
جي نه پهتو راڻو ڪاڪ
مري ويندي مومل سکي
بي چين من کي چين نه ايندو
ڪجهه ته ڪر سومل کسي.
(ادب، فيبروري 1995ع)
ارم محبوب
Irum Mahaboob
اجتماعي احمق
اسان سڀ
خواب ڏسڻ وارا
ڪيڏا احمق آهيون!
پنهنجا......
ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندڙ خواب
وڏي اعتماد سان
ٻين جي اکين ۾
ٻجن جيان ڇٽي
لاباري جي اوسيئڙي ۾
عمر وڃائي ڇڏيندا آهيون!
(سپون،
جنوري 1997ع)
ج. ع. منگهاڻي
Jeem- Ain- Manghani
ڇتارا
ڇوري! ڪهڙن پورن ۾ ٿي پئي آهين ساڻي؟
آسروندين ماڻڪ
اکين ۾ ڇو آيو ٿئي پاڻي
پاڻي کارو تنهنجي دردن جو ڇا دارون ٿيندو
ماڳهين تنهنجا خواب رسيلا ساڻ وهائي نيندو!
خوابن جون تعبيرون کسبيون آهن زوران زوري
دنيا چنڊ تي پهتي آهي تون ڪٿ آهين ڇوري!
(سرتيون،
جولاءِ- ڊسمبر 1992ع)
خالده
Khalida
نظم
دور افق جي هن پار
دنيا جي بلند ترين عمارتن جو شهر
ڪيئن نه جرڪي پيو سامونڊي لهرن جي ڀر ۾
دنيا ۽ عقل ۽ جبر جا ڪي پيرسن
پنهنجي مردانگي جي زور خاطر وري
ڪن پيا اي زمين تو تي
ايٽمي ٺڪائن وچ ۾
صلح ۽ سانت جي ڪا ڳالهه
اي زمين تون حسين
منهنجي انگ انگ جيان
تون ۽ مان
صدين کان هيراڪ ۽ حيران
ازل کان ابد تائين
ائين ئي ٿئي پيو
ائين ٿيندو رهندو
تير ۽ تلوارون نيزا ۽ ڀالا
سڀ تنهنجي منهنجي جسم ۾
چڀندا رهيا آهن.
ائٽم بم ۽ هٿيار
تنهنجي ڪک ڪن پيا ويران.
(سهڻي، اپريل 1970ع)
ڪوثر سحر
Kosar Sahar
منهنجو گيت پٿر
تنهنجي ڳالهه امر
خالي ساري منهنجي دنيا
تنهنجو ڀريل سدا گهر
ڏينهن ڏٺي مون وٽ اونداهه
رات تو وٽ ڏينهن گذر
شهر شهر تنهنجي سڃاڻپ
مان ڪاڻ
بند هر در
تنهنجي شام سئنما گهر
منهنجي شام ڪنارو ڪينجهر.
(سرتيون،
نمبر 1996ع)
ڪلثوم قمر ميمڻ
Kulsoom Qamer Memon
تن جو ساجن دور ٿيو آن
جيون چڪنا چور ٿيو آ
تو کانسواءِ جڳ مون لاءِ
سنڌ سنڌ جو سور ٿيو آ
تنهنجي تات تنوار
۾
پل پل هڪڙو پور
ٿيو آ
جيون آهي سڏڪا سسڪيون
لوڪ سڄو مسرور ٿيو آ.
(سرتيون، اپريل- جون 1991ع)
ليليٰ پروين سومرو Lila
Parveen Soomro
Compromise
جيون مان اسان کي مليو به ڇا هي
پيڙائون، ڀوڳنائون، ڇا آهي هن جيون ۾
جيون گهارڻ لئه ڄڻ
ساعتن جا غلام هجون.
ٿوري گهڻي تي پنهنجي ضمير آڏو
هڪ ڏوهاري جوابدار وانگر
ڪنڌ لاڙي نيڻ نايون
رڳو سمجهوتو
۽ سمجهوتو
اهو ئي ته وڏو دوکو آهي
اسين سڀ هڪ ٻئي کي نه
پر پنهنجو پاڻ کي پيا ڏيون
ها سمجهوتو
ئي ته دوکو آ.
(سرتيون، جنوري- مارچ 1991ع)
مستور بخاري Mastoor Bakhari
تو کان هڪ سوال
ذهن جي طاقتن تي سجيل
يادن جي در، اڏامي پئي
جنهن کي رکي وساري ويٺين
چوندو هئين جنهن لاءِ ته
”منهنجو جيون هن سان
لا حاصل محبت!
جنهن کي چند حوالا ڏيئي
نالا ڏيئي سندر سندر
دل تان لاهي ڦٽو ڪيهءِ
سوچيو اٿئي
مرڻ وارن کي تمغا ڏيئي
ڇا انصاف پورو ٿي سگهي ٿو؟
(سرتيون، جنوري- مارچ 1991ع)
مريم مجيدي Mariam Majeedi
رت ورني شام
پرهه جا ڳوڙها اگهي
رت ورني شام ٿي
ڏاڍ کان ڏهڪائجي
سج ويو اڀ ۾ لڪي
ڏينهن تي ڌاڙو لڳو
رات ٿي نپٽ انڌي
ترورا ٽڙڪي پيا
سوجهرن سائي لڳي
ڇو سويرا اداس جا
مور ويا پاڻان رسي
ڪوڙي ڪيا ڪامڻ وڏا
يا بد نظر جيڪا لڳي.
(بختاور، مارچ 1992ع)
مارئي شيخ Mari Shaikh
نئون سال
1990 جو سال پورو ٿي ويو
پر
ڌرتيءَ جون ڌياڻيون
هم آواز ٿي ڪو سهرو
ڳائي ڪين سگهيون
اجاهڻل ڏيئا
سنڌ جي ڪنڊن ۾
ٻاري ڪين سگهيون
ذهنن ۾ ورتل
نفرتن جي ٻجن جون پاڙون
پٽي ڪين سگهيون
ڌرتيءَ تان اجهاڻيل ڏيئن
جو خاتمو ڪري ڪين سگهيون
پر او مهراڻ جي سونهن
1991
جي سال ۾
اسان سڀني سرتين کي
وچن ڪري
هم خيال بڻڻو آ
هم آواز بڻجي
سنڌوءَ جي ڇولين جيان
ڪناري تي پهچڻو آ
۽ هر فتح کي
پنهنجن قدمن
۾ وکيرڻوآ.
(سوجهرو، جنوري – مارچ 1991ع)
مينا بلوچ Meena Baloach
چهرا
سامهون ڇٻر تي ويٺل هزار چهرا
سڀ ڪوڙا، مئل ۽ بي بهار چهرا
موت جي تڏي تي ٽهڪن مٿان ٽهڪ
ڪهڙا ڪهڙا ٿا روپ بدلائين بي ميار چهرا
کلڻ تي اهي به کليا من ساڻ پر
روئڻ
تي منهن ڦيزي
ويٺا بي شمار چهرا
وقت پوڻ تي کلي ويا سنگت ۽ يار
ٻهڪڻ لڳا جيئن مينهن مان ٿين نروار چهرا.
(سرتيون، جولاءِ – ڊسمبر 1992ع )
ناهيد مغل
Naheed Mughal
رک
جڏهن بادل ڇانيا پرين
اندر مان سڏڪو اڀريو
وقت ويريءَ..... مون کان ڪيئن
زندگيءَ جون سندر تائون
ڪري ڇڏيون آهن ڏور
هن وشال آڪاش تي
ڪيڏا ڪڪر مڙيا آهن
جهڙ ڦڙ ڪيئن رنگ لاتو آهي
مٽيءَ جي سڳنڌ
روح جون تارون
ڇيڙي رهي آهي
اندر ۾ سپنن جي رک کي
سوري رهي آهي
پر اي پرين!
اها اندر ۾ سپنن جي رک آهي.
رک جيڪا بس رک آهي
هڪ ڪائنات جي رک
ازل کان ابد جو فسانو
پرين وڇڙڻ جي ڏينهن پڄاڻان
رک
جنهن ۾ ڪا چڻنگ
بچي ئي ناهي.
(ساڃاهه پرچو پهريون 1992ع)
نجمه پنهور
Najma Panhowar
ڪوئي ڪنهن کي ڪٿي سنڀاري ٿو،
هر لمحو ٻئي لمحي کي ماري ٿو.
سارا سپنا ۽
خواب
پٺيان
ڇڏي آيس،
هي اڳيان ڪير مون کي بيهاري ٿو.
پنهنجي ليکي ته سڀ گڏ هلون ٿا پيا،
ڪير ڪنهن سان گڏ ڪٿ گذاري ٿو.
ٽهڪ ٽهڪ ورهائڻ وارو،
پاڻ
لڙڪن سان گڏجي گهاري ٿو.
(مهراڻ، جنوري 1997ع)
نجمه راشدي
Najma Rashidi
ڪو ته پڇي ادي
حال منهنجو
سور به مون کي، پور
به مون کي
هيڻو آهي حال به منهنجو
ور آ هاري
گهر آ خالي
ڪڏهن بکن ۾ ڪڏهن اڃن ۾
پورهيت پيءُ جا ننڍڙا ٻچڙا
انگ اگهاڙي
کيڏن ٿا ۽ سمهن ٿا،
سال سمورو
اوڌر تي،
پيٽ پوي ٿو پالڻو
جيئڻ اسان جو
سک نه ماڻيندڙ شايد
نصيب اسان جو پورهيو آهي
پوءِ به اسان جو پورهيو آهي
۽ پورهيت دوست الله جو آهي
پوءِ به آهي بک بڻي مقدر اسان جو.
(سرتيون، جنوري- مارچ 1991ع)
نسيم شيخ
Naseem Shaihh
صحرا
هان .... هي ڇا ٿيو آ صحرا ۾
غبار! راهه ۾ ڇو ڪاروان لڳو ڀٽڪڻ
اڃا ته موسم طوفان پري آهي
ڪنڊو قلب ۾ آهي، لڳو کٽڪڻ
هي رستي تي ڪير ۽ ڪيئن ستو پيو آهي
ڇو منهنجي سيني ۾ لڳي باهه ڀڙڪڻ
ڇو ڌوڙ ڌوڙ ۾........
لڳو آ،،،،،،،،، قافلو،،،، ڀٽڪڻ!
(سرتيون، جنوري- مارچ 1991ع)
*
نسرين جوڻيجو
Nasreen Junejo
حوصلو
آب اکين ۾
ڳل تي ڳوڙها
مک تي زهري مرڪ
درد ٻڏل ۽ نقلي نقلي
منهنجو جيون
اکڙيل اکڙيل، هيسيل هيسيل،
سپنا سپنا
ڀو بڇيندڙ
اگرا پورا سپنا
آب اکين ۾
ڳل تي ڳوڙها
مک تي مرڪ
پوءِ به مرڪي
وڏا وڏا مان ٽهڪ
ڏيان ٿي
خوش رهان ٿي
(سوجهرو،
نومبر 1992ع)
*
نذير ناز
Nazir Naz
وري چنڊ اڀريو ٿي چانڊاڻ آهي
چڙهي رات کي وئي لالاڻ آهي
شفق کي لڳي وئي لالي ته سمجهيم
اهو تنهنجي آمد جو اهڃاڻ آهي
پپيهو ٿو ٻولي ۽ ڪوئل ٿي ڳائي
فصل ۾ بهارن جي واکاڻ آهي
رهان اهڙي موسم ۾ ڪيئن مان اڪيلي
سگهو آءُ ساهن ۾ سرهاڻ آهي.
(نئين زندگي، ڊسمبر 1989ع)
نور جهان نرمل چنه
Noorjahan Nirmal Chana
ڪاڪ محل
تو سان جڏهن مان ملندي آهيان،
تنهنجي نازڪ
لبن تي
مرڪ هوندي آ
۽ مان ڏسندي آهيان
تنهنجين اکين جي ماڻڪين ۾
پنهنجي تصوير
۽ پوءِ
قرب جي ڪاڪ محل ۾ ويهي
تو کي پيار ڪندي آهيان
پر راڻا
ائي لڳندو اٿم
ته اهو هڪ سپنو آ
جيڪو اک کلڻ سان ٽٽي پوندو
۽ پوءِ
نه تون هوندي نه ڪاڪ محل هوندو
۽ وقت جو اهڙو واءُ ورندو
جو تنهنجين ماڻڪين ۾
نئين مومل ۽
نئون ڪاڪ محل هوندو!
(سرتيون، جنوري- مارچ 1991ع)
نوشين سپنا کوکر
Nousheen Sapna Khokhar
غزل
مون سان جفا ڪئي تو وفائن جي آڙ ۾
ڏيندو رهين فريب محبت ڪري ڪري
ڳالهيون ملڻ جون مون سان تو ئي سدا ڪيون
هڪ وار به نه آئينءَ وعدا ڪري ڪري
مون تي ٿيل ستم تي، دل جي ڦٽل شهر تي
آڪاش روئي ٿو سپنا ريسون ڪري ڪري.
نور شاهين Noor
shaheen
رباعيات
هن دل ۾ اها باهه سڙي ڀڙڪي ٿي
ڄڻ آهي ڪا بجلي جا مٿان ڪڙڪي ٿي
لرزش ۾ اچي آهي وئي دنيا ڄڻ
شاهين ڪٺي جان ائين ڦڙڪي ٿي.
ماضي جي گذر گاهه کي تون ياد نه ڪر
ڪنهن ڪوڙي تمنا کي وري شاد نه ڪر
ڪر حال جي منزل جي ڪڙاين تي نظر
اي دل تون مون کي هاڻي ته برباد نه ڪر.
(مهراڻ نمبر 4 سال 1983ع) |