فريده ايس تبسم ميمڻ
غزل
تو جي پڇيو حال هو ته روئي پياسين،
اگهيئه لڙڪ اکين جا ته مرڪي پيا سين.
حيوانن جيان رلندا هئاسين، ڪڏهن،
ڏيکاريئه راهه محبت ته انسان ٿي پياسين.
بيجان پٿرن جيان هئاسين ڪڏهن،
گهمايئه هٿ شفقت ته ميڻ بنجي پيا سين.
سڀ ڪجهه ملڻ سان نه ٿيو نصيب جلوو،
لڪايئه وجود پنهنجو ته ”تبسم“ شاعر ٿي پياسين.
*
ڳوٺاڻي زندگي
هوءَ تيل ڪاٺين تي هاري پئي،
ڪا نينگري باهڙي ٻاري پئي.
ٻاهر لڳي ٿو ڏاڍو واءُ،
اندر ته گرمي ساڙي پئي.
هن ساوڪ ۾ ڏس سانورا،
ڪا مالوند مالڙو چاري پئي.
ڪيڏو حسين منظر آهه کوهه جو،
ڪا پاڻي ڍڳن کي پياري پئي.
*
زبيده ناز خاصخيلي
سنڌڙي
پنهنجي سنڌڙي سهڻي ساري
ڏس منڇر تي اڏري پئي آڙي
مٽ سندس ڪو نه ڀايان گهمي ڪو ڏسي ٿر ۽ مومل جي
ماڙي
ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جهڙو نه ڪو پيارو دنيا ۾ نظارو
مصري ۽ ماکيءَ کان وڌ مٺا منهنجا مارو
برسات ۽ گرميءَ يا توڙي هجي سيارو
محنت ۽ جاکوڙ کان ڪندا ڪو نه ڪنارو
ڌرتي ڌياڻيون سڀ آهن سياڻيون
هوندن هر ڪنهن هنر ۽ هٿ اٿم ساهه
سامايل هارياڻيون
مان ڇو نه ڪيان ڌرتيءَ تي ناز
جنهن ۾ وڄايو سامي سچل ۽ ڀٽائي سڪ جو ساز
*
عطيه سيال
آزاد نظم
هؤ صدين کان
خاموش رهندي آئي
سندس خشڪ چپ
ڪڏهن به نه چُريا
پر جڏهن
اڄ
هُن ڳالهايو
ته حويليءَ جو ديوارون
وڏيون وڏيون ديوارون
پٽ بڻجي ويون.
*
ربينه بلوچ
تنهائي
هُن منهنجي اکين تي هٿ رکيا
پڇيم ته”ڪير“
چيائين، ”تنهنجي سرتي“،
سوچيم، ”هوندي ڪير؟“
هُن هٿ پري ڪيا،
کلي چيائين،
”تنهائي!“
*
فرخنده بانو مرزا
زمانو زمانو
وساري نه الفت جو سگهندو فسانو،
زمانو، زمانو، زمانو، زمانو،
اجايو ٿا ماڻهو طلب شوق مان ڪن،
خزانو، خزانو، خزانو، خزانو،
جهلڪ دولت جي انسان جي لئه،
بهانو، بهانو، بهانو، بهانو،
*
ثمينه ڪلهوڙو
وائي
اميدن جي سونهري ديوي،
تون ڇو وسين ٿي ايڏو ڏور،
تنهنجو گهر مائونٽ ايورسٽ تي،
تو کي ماڻڻ لاءِ جيون اڻپورو-
تون ڇو وسين ٿي ايڏو ڏور-
تو کي ماڻڻ لاءِ پنڌ پڇايم،
پير پٿون ۽ سنڌ ٿيا چور،
تون ڇو وسين ٿي ايڏو ڏور.
اڄ ڪجهه نه بچيو آ مون وٽ،
جيون ويو ۽ بچيا سور،
تون ڇو وسين ٿي ايڏو ڏور.
*
سحر بانو
غزل
دل ۾ آهي درد بانو ڪيئن ڪجي،
مشڪلات ورد بانو ڪيئن ڪجي.
دل سي ويو شير دل ٿي سرخرو،
هڪ مجاهد مرد بانو ڪيئن ڪجي،
دل جي سوداگر سان سودو ٿي ويو،
رنگ چهرو زردبانو ڪيئن ڪجي.
هو پري کان موجزن ويو دل کسي،
فيمليءَ جو فرد بانو ڪيئن ڪجي.
هڪ اشاري يار جي گهائي ڇڏيم،
بيوسيءَ ۾ بردبانو ڪيئن ڪجي.
واعدن تي دل جو ڀاڱو ڏيئي ڇڏيم،
دل ڏنيم ٿي گرد بانو ڪيئن ڪجي.
سحر بانو جو خدا تو غر مٽاءِ،
سور دل جو سرد بانو ڪيئن ڪجي.
*
ناهيد ڪوثر دائود پوٽو
آزاد نظم
پراڻي ماڙيءَ جي
ورانڊي جي
ڪنڊ ۾
پيل ڏار جي وچ ۾
آکيرو...........جو
ڪنهن جهرڪيءَ ڪک پن
هڪ هڪ ڪري
چونڊي ٺاهيو
۽ پوءِ ان ۾
پنهنجي ٻچڙن کي
ڏنائين پناهه
پر اڄ
سندس غير موجودگيءَ ۾
ڪو نانگ
سندس
ٻچڙا کائي ويو
موٽي جڏهن جهرڪي آئي
ڏاڍو شور ۽ ٽلڪو ڪيائين
پر پوءِ مجبور آ
ماٺ ڪري ويٺي
۽ وئي
ڏور ڪهي اُڏري
اُن ڪکائن آکيري کي
ويران ڪري ويران ڪري.
*
فرح ديبا چنگيزي
نظم
منجهي منجهي ويٺي هان
ڪنهن چوڪ تي
ڪنهن واٽ تي
رات وئي وهامي
ماڪ رُنو
صبح سويريءَ باک تي
پر مان اڃا ڀي
ساڳئي
ويساهه سان
ساريان تنهنجي ساک کي
او منهنجا پرين
منهنجا سڄڻ
تو ڪيئن ڇڏيو؟
منهنجي اهڙي ساٿ کي
هي وقت جو اچڻ جو آ
سو نه وڃاءِ، سو نه وهاءِ
ڪٿ پيار منهنجي کي نه مات اچي
۽ تنهنجيءَ
سڄڻيءَ جو ساهه ٻوساٽجي.
فوزيه قاضي
ٽيڙو
جيون موت آڏو
ساحل رهيو اڃايل
سدا سمنڊ آڏو.
چولا گج ڀريل
ڪنهن سيني تي ڄڻ
سوين چنڊ کڙيل.
ريکا منهنجي ڀاڳ جي
ماکيءَ جي ماناري منجهه
بچيل ڄڻ کاڄ هئي.
وچن پرديسيءَ جو
ڀت تي هئو ڄڻ اولڙو
ڪنهن درسناتيءَ جو.
سارو سرير سڙيو
ڪاريءَ جي تهمت
واهه ۾ لاش لڙهيو.
نجمه راشدي
نظم
”هارياڻي“،
دردن جي ڪهاڻي
ڪير ٻڌي تنهنجي هارياڻي.
اي عظيم هارياڻي!
تنهنجو ور، به آهي عظيم
تنهنجا ٻچڙا
ننڍڙا وڏڙا
بک ۾ ٿا روز لڇن
ڪو نه هنن جو حال پڇي ٿو
جيون سارو، ڇيهون ڇيهون
وشال ڌرتيءَ تي تون ئي آهين
اَن اپائڻ واري هارياڻي.
تنهنجو نانءُ آهي ”عظيم“
هارياڻي او هارياڻي!
ڪير ٻڌي تنهنجي درد ڪهاڻي!
ڪو ته پڇي
ڪو ته پڇي، ادي!
حال منهنجو
سور به مون کي پور به مون کي
هيڻو آهي حال به منهنجو
وري آ هاري
گهر آ خالي.
ڪڏهن بکن ۾ ڪڏهن اُڃن ۾
پورهيت پيءُ جا ننڍڙا ٻچڙا .
انگ اگهاڙي
کيڏن ٿا ۽ سمهن ٿا
سال سمورو
او سرتي،
پيٽ پوي ٿو پالڻو
جيون اسان جو
سُک نه ماڻيندو شايد!
نصيب اسان جو پورهيو آهي
۽ پورهيت دوست الله جو آهي.
پوءِ به آهي، بک مقدر اسان جو!
شاهده تارا ڀٽي
نظم
اهڙو هي دستور ٿيو ڇو؟
ماڻهو، ماڻهوءَ کان ڌار ٿيو ڇو!
گونگا، ٻوڙا آهيو ڇا؟
منهنجو سڏ ورايو ڪو-
ڪيڏو هي پيو ڪوس ٿئي،
هرڪو ماٺ ۾ آهي ڇو؟
لت پت ۾ جو لاش لُڇي ٿو،
ونيءَ ورُ ورائيندو ڪو؟
ٻاٽ ۾ ڪيترا قهر ٿين ٿا.
لاٽ اچي جلائيندو ڪو؟
هيءَ جيون جي ٻيڙي وچ طوفانن ۾،
تنهن کي ڪناري لائيندو ڪو؟
هائيڪا
ٻڌين پيو چريا
هي وڻ نه
ماڻهو اٿئي ٻريا.
بيد جي ٽاري
هيڏي خوشبو
ڪنهن آ ٻاري.
اهڙو آهي ڪو!
ٻاٽ کي گهٽو ڏئي
لاٽ جو جلائي جو.
نه ڪو قياس
ڪين کائي پيو
مرون ويٺو ماس.
اڳيان چڪڻ
متان ڪرين
ڏسي ترڪڻ.
هٿ ۾ پٽي
مس ۽ قلم
ٻار جي ڇٽي.
سهڻي سڏي ميهار
وڇوڙي وڌايا
ٻيڻان درد هزار.
هيءَ جهرڪي صفا سُڪ ۾
ڪيئن ترڪي.
پرهه سڪينه گاد
شرعي حق
اڄ وري
ڪا ناري
بنا جوڙ جي نڪاح جي
ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي.
اڄ وري ڪنهن جا سپنا
انا خاطر نراس ڪيا ويا
اڄ وري ڪنهن ناري کان
شرعي حق کسيو ويو.
سندس ڏڪندڙ ۽ سڏڪندڙ
ڪنڌ کي زوريءَ لوڏي هاڪار،
ڪرائي وئي.
شاهدن مبارڪون وصول ڪيون
او ڊاڪٽر ڀاءُ!
تو کي ڀيڻ جي بنا جوڙ نڪاح
ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي
ته پوءِ تون به پنهنجي
ويٺل ونيءَ سان نڪاح
ڇو نه رچايو
تنهنجا ارمان ڀيڻ کان مٿان هان آهن؟
توکي حق پهچي ٿو
پسند ۽ ناپسند جو ته پوءِ ڀيڻ کي به
اهو حق ڏي،
هن کان هن جو شرعي حق نه کس.
عورت جو وجود
صبح جي ڪرڻن سج کان پڇيو،
دنيا ايتري روشن ڇو آهه؟
سج مرڪي جواب ڏنو
جيستائين دنيا ۾ عورتن جو وجود آهه
دنيا روشن رهندي
چڙهندڙ چنڊ کان پڇيو
دنيا ايڏي خوبصورت ڇو آهه؟
چنڊ اڃا ٻهڪندي وراڻيو.
جيستائين ڪائنات ۾ عورت جو وجود آهه
دنيا ائين ٻهڪندي رهندي
بهشت ۾ ويٺل هڪ ملائڪ
ٻئي کان پڇيو
عرش ۽ فرش ايڏو خوبصورت ڇو آهه؟
ملائڪ مشڪندي وراڻيو
جيسين دنيا ۾ عورت ۽ بهشت ۾
حورن جو وجود باقي آهه
عرش ۽ فرش ٻهڪندو رهندو.
نور جهان ”نرمل“ چنا
ڪاڪ محل
تو سان جڏهن مان ملندي آهيان،
تنهنجي نازڪ لبن تي،
مرڪ هوندي آ.
۽ مان ڏسندي آهيان،
تنهنجي اکين جي ماڻڪين ۾،
پنهنجي تصوير.
۽ پوءِ
قرب جي ڪاڪ محل ۾ ويهي
تو کي پيار ڪندي آهيان.
پر راڻا!
ائين لڳندو اٿم
ته هڪ سپنو آ
جيڪو اک کُلڻ سان ٽٽي پوندو،
۽ پوءِ،
نه تون هوندين نه ڪاڪ محل هوندو.
وقت جو اهڙو واءُ ورندو،
منهنجو مهل ڊهي پوندو،
۽ تنهنجي اکين جي ماڻڪين ۾
نئين مومل
نئون ڪاڪ مهل هوندو.
*
صائمه کرل
وائي
گيڙو ڪپڙن واري، فقير جي صدا ۾،
گم ٿي ويس مان!
تو کي ڏٺم سپرين، ڄڻ ته هوا ۾،
گم ٿي ويس مان!
اڳيان ظالم وڏيرو، غريب جي التجا ۾،
گم ٿي ويس مان! |