سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :1

سرتيون 1997ع

(شاعري نمبر)

گلبدن جاويد

عورت ۽ شاعري

دنيا جي وڏن وڏن عالمن  شاعريءَ جون جدا جدا معنائون ڪيون آهن. سنڌ جي هاڪاري عالم، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته شاعريءَ جي لاءِ انگريزي لفظ آهي. ”Poet.“ اهو يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي”Maker“. جيڪڏهن انهيءَ لفظ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو ”صنعت گر“ يا وري انهيءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو ”Craftsman“. علامه صاحب،‘ اڳتي لکي ٿو ته ”جيستائين قلب جي خون منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن، ۽ خود بخود بغير ڪوشش جي زبان تائين نه  پهچن، ۽ آلاپ اهڙيءَ  بي خبريءَ جو نه هجي، جهڙو قمري يا بلبل جو سرود، تيستائين ان کي شعر چئي ڪو نه سگهبو.

 شمس العماء مرزا قليچ بيگ پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته ”حديث موجب، عالم نبين جا وارث آهن، تڏهن جي نبين جي علم مان به ڪجهه هنن کي ورثي ۾ ملي ٿو ته معجزي يا ڪرامت جي به ڪا نشاني هنن کي به ورث ۾ي ملندي هوندي. جيئن حضرت موسيٰ کي فرعون ۽ ٻين ڪافي باقي مقابلي لاءِ عصا ۽ يد بيضا  يعني لٺ ۽ روشن هٿ ٻه هٿيار مليل هئا، تيئن عالم يا شاعر کي ٻه هٿيار آهن:”هڪڙو قلم ۽  ٻي زبان.“

انهيءَ مان ظاهر ٿيو ته شاعري ڏات الاهي آهي ۽ اها ڏات (شاعريءَ)  عورت وانگر نازڪ، نفيس، سندس محبوبا واري روپ جهڙي ارڏي ۽ نخريلي، ونيءَ جي روپ جهڙي وفادار، ڀيڻ جي روپ جهڙي جان نثار ڪندڙ ۽ ماءُ جي روپ جهڙي بي ضرر ۽ بي انت پيار ڪندڙ احساس لڳندي آهي. عورت ۽ شاعريءَ  جو هڪ ٻئي سان جسم ۽ روح وارو ڳانڍاپو آهي، جيئن ته شاعري رنگين ۽ گهرن جذبن جي اظهار جو نالو  آهي، ۽ وري دنيا ۾ جيڪي به رنگينيون آهن انهن کي قائم رکڻ ۾ عورت جو وڏو دخل آهي. ڪائنات جي خوبصورتي به عورت جي وجود سان دائم ۽ قائم آهي.

اسان جي پياري خلقڻهار انساني تخليق ۽ پالنا جي ذميواري عورت کي سونپي، انساني وجود کي برقرار رکڻ جهڙو عظيم ڪارنامو عورت کان سر انجام ڏياريو آهي، ۽ رب العزت انهيءَ ڪارنامي جي عيوض سندس پيرن هيٺان جنت (بهشت) جي ڏيڻ جو اقرار ڪيو آهي. ڇا انهيءَ کان وڌيڪ ٻي مڃتا آهي؟،

 اسان جي سماجي جوڙجڪ مطابق عورت کي اهي موقعا ميسر ناهن، جيڪي مرد کي  مليل آهن، عورت پنهنجي ذات جي سڀني سٺاين ۽ سچاين جي باوجود مرد اڳيان بيوس ۽ لاچار آهي، ڇو ته مرد پنهنجي جسماني طاقت جي زور تي عورت کي هيسائي ڇڏيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ اڄ به عورت سان وڏا ويل وهايا  ٿا وڃن. اخبارن ۾ ڇپجندڙ خبرن موجب، هڪ پاسي  بي گناهه عورت کي ”ڪاري“ ڪري ڪُٺو ٿو وڃي، ته ٻئي پاسي  معصوم نياڻين جي ”پڙي“ لڳائي وڪرو ڪيو ٿو وڃي، ته ٽئين پاسي عورت کي ننگو ڪري نچايو ٿو وڃي. لڄالٽ جهڙي لعنت ۾ ته چارئي پاسا هڪ ٻئي کان گوءِ کنيو بيٺا آهن. اهو سڀ ڪجهه انهيءِ ڪري آهي، جو مرد سوچڻ واري  حس کي ”ٽرينڪولائيزر“ ڏيئي سمهاري ڇڏيو آهي. باقي هن ڏتڙيل معاشري جڏهن به عورت کي موقعو ڏنو آهي ته هن Struggle ڪري پنهنجي وجود جي  هجڻ جو احساس ڏياريو آهي. اچ جي پڙهي لکي عورت، پنهنجي اندر مان سڀئي خوف ۽ حراس ڪڍي، پنهنجن ڏکن، سکن، لڙڪن، سڏڪن، مرڪن ۽ محبتن جو بي ڊپائي ۽ بهادريءَ سان اظهار ڪري سگهي ٿي، ڇو ته هوءَ پنهنجي اهميت کان واقف آهي.

هي شاعري نمبر عورت جي ذهانت جو ثبوت آهي. هن مان خبر پوي ٿي، ته هن سنڌ ڌرتيءَ جهڙي ماٺيڻي ۽ سنڌوءَ جهڙي پاڪ  ۽ پوتر عورت کي پنهنجن احساسن، جذبن ۽ خيالن کي اظهار جو روپ ڏيڻ جي ڪيڏي قوت ۽ ڏانءُ آهي، ڪنهن شاعر چواڻي ته:

”تنهنجي خاموشي ٿي ڏئي تقرير کي شڪست“ سو، عورت جا سُندر احساسَ شعرن جي رنگ  ۾ پني تي ائين ٿا لڳن جيئن سون ۾ سچن هيرن جو جڙاءُ.

اسان ”سرتيون“ طرفان شايع ڪيل ڪهاڻي نمبر  ۾ شاعري نمبر جو اعلان ڪيو هو. جنهن جي موٽ ۾ شاعرن ۽ شاعرائن اسان سان ڀرپور تعاون ڪندي، پنهنجو مواد بر وقت ڏياري موڪليو. پر ، جيئن ته اسان جي اداري جي”مهراڻ، رسالي طرفان  شاعر نمبر شايع ٿيل آهي، ان ڪري عورت جي الڳ نمبر شايع ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت محسوس ٿي. اسان هن پرچي ۾ سنڌ جي گهڻين کان گهڻين شاعرائن کي شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جن جو مواد شايع نه ڪري سگهيا آهيون. انهن سان معذرت ڪريون ٿا. سندن موڪليل مواد ايندڙ شمارن ۾ شايع ڪندا رهنداسين.

هي نمبر واعدي مطابق وقت سر نه ڏيئي سگهيا آهيون، جنهن جو ڏک آهي. پر، ”دير آيد درست آيد“ جي مصداق پرچو حاضر آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا. اوهان جي صلاحن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.

آئون ٿورائتي آهيان محترم محمد ابراهيم جويي، چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي، جنهن نمبر شايع ڪرڻ ۾ مون سان تمام گهڻو تعاون ڪيو ۽ محترم غلام رباني آگري ميمبر، اعزازي سيڪريٽريءَ  جي، سندس تعاون ۽ مفيد مشورن لاءِ. ازانسواءِ  شگر گذار آهيان، محترم امداد حسيني جي به جنهن شعرن جي اصلاح ۾ منهنجي مدد ڪئي. ان کانسواءِ پنهنجي گهري سرتي ۽ ساٿي نجمه پنهور ۽ ٻين سڀني جي ٿورائتي آهيان، جن شاعري نمبر شايع ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو. آخر ۾ شاهه سائينءَ جي لفظن ۾ هيئن چونديس:

ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.

گلبدن جاويد

’لوڪ گيت‘ هر ملڪ ۽ ان جي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو اهم ۽ قيمتي سرمايو آهن. سنڌي  لوڪ گيت،سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌين جي عوامي ادب جو آئينو آهن، جن ۾ سنڌ وارن جي عام زندگي جو عڪس نمايان طور نظر اچي ٿو. عوامي ٻولن ۽ جذبن جو هيءُ عظيم سرچشمو روايتي شاعرانه تصور کان خالي هئڻ جي باوجود سهڻن ۽ نماڻن خيالن سان ڀرپور آهي، عوام مان ڪن سٻوجهن جي دل تي جيڪي گذري ٿو ۽ زبان تي جيڪي تَري اچي ٿو، سو لَئه  جي آڌار  تي ٻولن جي شڪل اختيار ڪري، ’لوڪ گيت‘ بنجي ٿو.

چئي نٿو سگهجي ته لوڪ گيت ڪڏهن جڙيا، ڪنهن جوڙيا ۽ ڪڏهن کان ڳايا ويا؛ البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته لوڪ گيت عوام جي اجتماعي زندگيءَ جا اُهڃاڻ آهن: جڏهن کان انسانن ۾ پيار جو جذبو پيدا ٿيو، ته منجهن  محبت جون پچارون پيون،  ۽ ورهه وارن وڇوڙي ۾ گيتن ذريعي پنهنجن  جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو؛ جڏهن مندون موٽيون، واهوندا وريا، يا سانوڻ جي کنوڻ ٿي، ته پرديس ويل سڄڻن جون مندائتيون صحبتون ساري سڪ مان گيت چيائون؛ جڏهن کان پورهيتن گڏجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪم ڪندي گيت ڳايائون: جڏهن کان شاديون ۽ محفلون شروع ٿيون، ته خوشيءَ جا گيت  ڳايائون: ۽ ڪي گيت وري ماحول جي ڪن اهم واقعن ۽ حادثن کان متاثر ٿي جوڙيائون.

-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

علامه آءِ. آءِ. قاصي رحه

شاعري

”اديب  بي ادب“- سو اهڙو  ئي مضحڪ خيز معاملو  آهي، جهڙو آهي” شاعر بي شعور“ . شعر لفظ جي معنيٰ عربيءَ ۾ آهي” ڄاڻ “. انگريزيءَ ترجمو ان جو ڪجي ته ٿيندو”Perceive“، شاعر جي  لاءِ انگريزي لفظ آهي ”Poet“. يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”Maker“. جيڪڏهن  انهيءَ لفظ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو ”صنعت گر“، يا وري انهيءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي  ته ٿيو”Craftsman“ .

يورپ ۾ هينئر جيڪڏهن ڪو شعر تتبع تي ويهي ٺاهي ته پاڻ کي کلڻهارڪو ڪندو، ڇا لاءِ ته ائين سمجهيو ٿو وڃي ته جي شاعر پنهنجي دل مان بغير ڪوسش جي ڪا نئين معنيٰ نه پيدا ڪئي  ته بيجان شعر بيڪار آهي.

جنهن قوم ’صنعت گريءَ‘  کي پهرين شعر سڏيو هو، سا هينئر شعر جي حقيقت کي پهچي وئي آهي، اگرچه ”شعر“ واسطي سندس ڪم آندل لفظ اڃا غلط آهي: ۽ جن وٽ صحيح لفظ مستعمل هو، تن وٽ هن وقت غلط استعمال آهي.  اتي به ’حافظ‘ اسان جي حمايت ٿو ڪري، ۽ انهيءَ مسئلي تي روشني ٿو وجهي:

آن راکه خواندي استاد، گر بنگري به تحقيق،

صنعت گريست اما، طبع روان نه دارد.

هتي هو”صنعت  گر“ ۽ ”شاعر“ جي معنيٰ کي متعين ٿو ڪري. شاعر ته ٺهيو پر حقيقي انسان جي جي مقام جو غرض به اهو آهي. جيئن اقبال چيو آهي:

حيات چيست، جهان را اسير جان کردن. “It is the soul that body makes.”  اسان وٽ عروض ۽ قافي کان سواءِ، شعر جي ٻين حقيقتن جو خيال به ڪو نه ٿو ڪيو وڃي، ڄڻ ته اهي ضروري آهي ئي ڪو نه: بمصداق  هن  جي ته ”هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي“، ۽ انهيءَ ڪري اسان جا شاعر اقبال جي زد ۾ اچن ٿا.

حيات چيست جهانُ را اسير جان کردن.
تو خود اسير  جهاني، کجا تواني کرد!
 

هاڻي اسين انهيءَ نتيجي تي پهتاسين ته جيئن اسان جو علم آدب جي خوشبوءَ کان خالي  آهي، تيئن اسان جو شعر بي شعور آهي.

شعر جي معنيٰ آهي ’ڄاڻ‘. عربيءَ ۾ ”ليت شعري“ جي معنيٰ آهي ”ڪاش آءُ ڄاڻان!“ اسان جي شعر گوئن ۾ ته معنيٰ جو خيال ئي ڪونهي، نه وري دل منجهان ڪو آلاپ ٿو نڪرين. تتبع تي صنعت گري ڪرڻ- انهيءَ کي شعر چيو وڃي ٿو. پر حقيقت ڇا آهي ته جيستائين  قلب جي خون منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن، ۽ خودبخود بغير ڪوشش جي زبان تائين نه پهچن ۽ آلاپڻ  اهڙي بيخبريءَ جو هجي، جهڙو قمري يا بلبل جو سرود، تيستائين ان کي شعر چئي ڪو نه سگهبو، سانگيءَ ويچاري جنهن پڇاڙيءَ جي جاءِ اسان جي شاهه جي پيرن وٽ مقرر ڪئي، تنهن ڇا چيو آهي: ”جو تون، ٿو ڪريان، سو ٿو ڪريان مستيءَ ۾.“ ڏک  ته اهو آهي ته  اسان وٽ اهي مست رهيائي ڪو نه افسوس!

”کز قبيلہء مجنون ڪسي نه ماند!

[”علم ادب“ مهراڻ 3-4/ 1965ع]

شمس العماء قليچ بيگ مرزا

 

شعر جو شرف ۽ شان

شعر جو شرف ۽ شان ان جي عجيب غريب حالت ۽ شعرن جي حيرت جهڙيءَ خاصيت ۽ فضيلت مان ثابت ٿي سگهي ٿو: شعر جو شرف ساڳيو علم جو شرف آهي. علم جي شريف هئڻ ۾ ڪنهن  کي شڪ نه هوندو، جو اها عام قبول  ڪيل ڳالهه آهي. عالم ۽ شاعر لفظي يا لغوي معنيٰ موجب ٻئي برابر آهن: ٻنهي جي اصلي معنيٰ ’ڄاڻندڙ‘ آهي. جيڪا تعريف قرآن ڪريم ۽ حديث شرف ۾ عالمن جي نسبت ۾ آهي، سا شاعرن جي نسبت ۾ به سمجهڻ گهرجي. قرآن ۾ ڪٿي ’يعلمون‘ آيو آهي ۽ ڪٿي ’يشعرون‘- ٻئي لفظ ڄاڻڻ جي معنيٰ ٿا ڏين. حديث موجب، عالم نبين جا وارث آهن. تڏهن  جي نبين جي علم مان به ڪجهه هنن کي ورثي ۾ ملي ٿو ته معجزي يا ڪرامت جي به ڪا نشاني هنن کي به ورثي ۾ ملندي هوندي، جيئن حضرت موسيٰ کي فرعون ۽ ٻين ڪافرن جي مقابلي لاءِ عصا ۽ يدبيضا يعني لٺ ۽ روشن هٿ ٻه هٿيار مليل هئا، تيئن عالم يا شاعر کي ٻه هٿيار آهن:  هڪڙو قلم ۽ ٻي زبان .انهن ٻنهي جي نسبت ۾ حديثون موجود آهن: هڪڙي آهي ته ”مدادالعلماءِ خير من دماء انشهداءِ“ اها حديث عالمن واري شاعرن سان به لڳي ٿي؛ ۽ ٻي؛ ”ان  الله تعاليٰ ڪنز تحت العرش مفاتيحه السنة الشعراء “- اها حديث شاعرن واري عالمن سان به لڳي ٿي. انهيءَ طرح علم ۽ شعر برابر آهن. تڏهن به شعر ۾، علم کان خاصيت زياده آهي. اها موزونيت آهي، جي ٻنهي کي نوريا مانيءَ سان مشابهت ڏجي. جنهن جي کاڌي، جسم توڙي روح کي قوت حاصل ٿئي ٿي ته علم سلوڻي ماني آهي، يعني جنهن ۾ لوڻ پيل هجي، جنهن کانسواءِ جيڪي  ڦڪي ۽ بيسواد هجي . شعر مٺي ماني آهي، يعني جنهن ۾ لوڻ جي بدران مٺاڻ يا کنڊ پيل هجي. جنهن کانسواءِ جيڪر ڦڪي ۽ بيسوا دهجي، شعر مٺي ماني آهي، يعني جنهن ۾ لوڻ جي بدران مٺاڻ يا کنڊ پيل آهي. اڳئين زماني ۾ ماڻهو شاعرن کي وڏو عالم ڄاڻندا هئا، بلڪ ڄاڻندا  هئا ته عالم کي  علم ظاهري تعليم مان حاصل ٿو ٿئي ۽ شاعر کي خدائي. اها به حقيقت آهي ته شاعرن کي ماڻهو اهڙي عزت ڏيندا هئا، جهڙي عالمن کي، بلڪ زياده؛ ڇالاءِ ته هو ٻنهي کي نبي يا اولياء  يا ڪو فوق البشر بزرگ ڪري ڄاڻندا هئا، ۽ شعر کي الهام يا خدائي ڪلام شمار ڪندا هئا، جو پاڻهي هنن جي دلين ۾ ٿو اچي، بيت آهي ته

شاعري پيغمبريءَ جي آهي، ديباچي مثال،

وحي هن ۾ ٿو اچي، هن ۾ اچي الهام ٿو

پيغمبرن ۾ حضرت دائود کي شاعر چئي  سگهجي ٿو، جنهن جا  زيور يا مزاسير  مشهور آهن، جي عبراني ٻوليءَ ۾ هئا ۽ پوءِ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا.

اولياء شاعر ته تمام گهڻا ٿي گذريا آهن. جهڙا هند ۽ سنڌ ۾، تهڙا ٻين ملڪن ۾، شاعرن کي تلا ميذالرحمان جو لقب مليل آهي- يعني خدا جا شاگرد، خواجه حافظ شيرازي کي لسان الغيب چوندا آهن ۽ سندس ديوان مان فالون وجهندا آهن. مولانا رومي، جڪو پاڻ وڏو اولياء به هو ۽ وڏو شاعر به هو، سو چوي ٿو ته

چوي ٿو ته

شاعري جزو يست از پيغمبري،

جا هلانش ڪفر دانند از خري.

جنهن مان ظاهر آهي ته شعر، نبوت جو هڪڙو جز آهي ۽ جيڪي جيڪي انهيءَ کي ڪفر ٿا ڄاڻن سي گڏهه آهن. اهڙا ماڻهو خدائي يا طبيعي  شاعر هئا ۽ سندن ڪلام برابر الهامي هو. انهن مان گهڻا ته اُمي يعني لکڻ پڙهڻ نه ڄاڻندا هئا، ته عجيب شعر  چوندا هئا، هڪڙو مثال انهن جو شيخ احمد ڄام مشهور اولياء بابت ڏيان ٿو، جو اصل اُمي هو ته به وڏو شاعر ٿي گذّريو آهي ۽ ڪتاب”سراج السائرين“ سندس تصنيف  آهي، سندس واتان ٻڌي ٻين لکيو. اسان جي شاهه ڀٽائيءَ جي نسبت به ائين چيل آهي ته اڻ پڙهيل هو، يا گهڻو پڙهيل نه هو. اهڙا ڪيترائي مثال آهن. سچا  پچا  خدائي شاعر اهي هئا ۽ سندن شعر به خدائي هو، اگرچه انهن کي علم عروض جي ڪا به  خبر ڪا نه هئي،جو عروضي قانون مصنوعي ۽ انساني آهن.

شعر تنن جو هو مٺو جهڙي نبات،

 پر نه چاتئون فاعلاتن فاعلات

اهو’فاعلاتن فاعلاتن‘ وارو مصنوعي شعر ٻين هنرن وانگي هڪڙو هنر آهي، جو ڪو به سکي سگهي ٿو ۽ گهڻي استعمال کان پوءِ، انهيءَ ۾ ڪاريگر يا استاد ٿي سگهي ٿو.انهن سچن شاعرن جا ڪي ڪلام اهڙا عجيب آهن ،جو سواءِ الهامي دماغي  مدد جي ڪنهن جي خيال ۾ اچڻ جهڙا ناهن.

اهڙو الهام آڻڻ وارو وهڪرو، ’روحاني موڪل‘ ملائڪ کي آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ’ملهم‘ يا ’هاتف‘ چوندا آهن ۽ فارسي ۾ ’سروش‘.اهڙا گهڻا ڪلام ته انهن کي سستي ’خواب‘ ۾ (ڪن جو اعتقاد آهي) ۽ جاڳندي ’رؤيا‘ ۾ پيدا ٿيندا آهن. ڪڏهن شاعر کي ڪنهن خاص شعر جي ٺاهڻ جي انتظار ۾، ننڊ کڻي ويندي هوندي: رات جو ستي ئي،  اکين پوريل حالت ۾ هنڌ مان اٿي، مس قلم کڻي، ڪاغذ تي سڄو شعر لکي، وري وڃي سمهي رهيو هوندو،۽ صبح جو اٿي تيار ٿيل  شعر ڏٺو هوندائين ۽ حيران ٿيو هوندو ته الاجي هي ڪنهن لکيو! شعر جي غيبي يا الهامي هئڻ جي ٻي وڌيڪ ڪهڙي ثابتي آهي.

(لاڙڪاڻي مشاعري واري ڪانفرنس 1920ع ۾ پڙهيل خطبي جو هڪ اقتباس )

[”مهراڻ“- 1963ع ].

علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو

قديم سنڌي شاعري

        سڀ ڪنهن قوم جو علم ادب (ساهت  پهريائين  پهريائين شعر سان شروع  ٿيو آهي. اوائلي حالت ۾ انسان جا جذبا ۽ شعور، صحيح ۽ صاف رهن ٿا. جيئن سُرندي جي تارن کي ٿوري ئي ڇُهڻ سان سرود نڪروندو، تيئن سالم دل تي ٿوري ئي جهٻي اچڻ سان عظيم اثر ٿئي ٿو. قدرت جي من موهيندڙ نظارن پسڻ ڪري جا قلب ۾  رقت ۽ خوشي پيدا ٿئي ٿي، تنهن جي اظهار ڪرڻ لاءِ شعر ئي هڪ مناسب وسيلو آهي. شعر سان گڏ وزن ۽ قافيي جي شموليت ڪري، ان مان دل جي رقص ۽ راڳ جي مدعا پوري ٿئي ٿي. جنهن صورت ۾ دل مان نڪتل  سخن دل تي اثر ڪنٿا،  تنهن صورت ۾ شعر جو  پڻ دل جي پيدائش ۽ اندر جي آه آهي- تنهن جو اثر دل تي گهڻو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري  ئي ابتدائي حالت ۾ نثر کان اڳ نظم وجود ۾ آيو. شعر جو اصل بنياد مذهب آهي. قدرت  جي غيبي طاقتن ڀر ڊڄي، ڀورڙن انهن جي خاطر ۽ رضا منديءَ لاءِ ڳيت ڳايا ۽ ڪرم ڪريائون بجا آندائون؟

 سنڌ ملڪ ۾ قديم الايام کان ماڻهن جي ٻولي سنڌي هئي، جيئن عربي تاريخ نويسن جي ليکن مان پڌرو آهي....... بهر حال سن 92 هه کان وٺي، جنهن ۾ عرب سنڌ فتح ڪئي ويندي 777هه (1375ع) تائين، جنهن سال ۾ ڄام تماچي سمون سنڌ جو حاڪم ٿيو، سنڌي شعر جو پتو ڪو نه ٿو پوي- اگرچه يقين سان چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ ساري عرصي ۾ عام ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائيندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com