سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :4

اقتباس:

ڪي رنگين ڦٽل خواب،
ڪي ڇپرن اڙيل آب
اڃا به اندر جي ٻيلن ۾
سرءُ جي آخري وا
ءُ جيان
سرڙاٽ ڪندا ٿا رهن
ڪي اندر جا بند باب
ڪي خوابن جا محراب
اڃا  به ماٺ جي گنبذ کي
سٽ  سان اڏائڻ لاءِ
ٿا اُتا ولا رهن
ڪي لوڪ جا عذاب
ڪي پنهنجن جا ئي تاب
اڃا به قلم جي ڪتُ ۾
ڪنڪر ڀري
کرکر پيا ڪن.

شگفته شاهه: چترڪاريءَ کان ڪهاڻي ۽ ڪمپيئرنگ کان شاعري Satisfication جي تلاش ۾ نڪتل هيءَ  ذهين ۽ سُلڇڻي ڇوڪري حيدرآباد ۾ رهي ٿي. هيءُ سڄاڻ شاعره جيڪڏهن شاعري ڪندي رهندي ته اهم جڳهه والاريندي . اسين سندس شاعريءَ کي اهم جاءِ ڏينداسين.

ڇُٽن منهنجا گهاءُ، آءُ  وري تون آءُ

هيڪر موٽي آءُ.

هڪڙي ننڍڙي ڳالهه تان، ڪيڏو ٿيو انياءُ

هيڪر موٽي آءُ.

آشا: حساس، ذهين، خوبصورت.Extra Mod.  آشا نوابشاهه ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاعريءَ جو پاند نه ڇڏيو آهي. هوءَ سٺو لکي ٿي، ڇو جو هن وٽ سٺا لفظ آهن. پنهنجن سٺن احساسن کي خوبصورت لفظن جو لباس پارائڻ ڄاڻي ٿي. آءُ کيس وڏي شاعره نه چوندس ڇو جو کيس وڏي شاعره بڻجڻو آهي. اسين اميد ڪريون ٿا ته هوءَ اسان جي اميدن تي پوري لهندي، هوءَ چوي ٿي:

راتيون منهنجي اکين ۾ سڙن ٿيون

منهنجي شاعري سرد لاش ٿي ويئي آ

۽ هي مڙهه به منهنجي اندر ۾ دفن ٿيندو.

ڪجهه به چوڻ جي وچ ۾

هڪ لمحي کان به گهٽ فاصلو آ۽ تو

اهو فاصلو ورهين تائين ويڪرو ڪري ڇڏيو آ.

تنهنجي اقرار ۽ انڪار جي منزل به شايد ساڳي هئي،

فرق ته فقط منهنجي سمجهه جي پکيءَ جو هو، جيڪو گهڻو اڏامي نه سگهيو.

امرسنڌو: سڄاڻ، ذهين ۽  فلسفياڻي Approach جي مالڪياڻي امر هڪ منفرد شاعره آهي. قومپرست سياست جي وقت پابند شاعري ڪيائين، جيڪا خاص نه هئي، مگر اڄ ڪلهه آزاد ۽ نثري نظمن ۾ ڏاڍي سگهاري شاعري ڪري پئي. اسين اميد ٿا ڪريون ته فلاسافيءَ جي ڄاڻ کي شاعريءَ ڏانهن منتقل ڪندي رهندي.

پشپا ولڀ: ڊاڪٽر پشپا آزاد ۽ نثري شاعري جي زبردست حامي آهي، سندس نثري شاعري خوبصورت آهي، اڄڪلهه لکڻ/ ڇپجڻ جي رفتار گهٽ اٿس، اسين کانئس وڌيڪ سٺي شاعري جي ڊمانڊ ٿا ڪريون سندس مجموعو ڪلام ”دري کان ٻاهر“ ڇپيل آهي.

منهنجي اندر جي ننڍڙي رُڪي

تنهنجي سهڻي ۽ آسائش واري گهر ۾

رهڻ نه ٿي چاهي:

نفرت آهي هن کي

تنهنجي گهر کان جنهن ۾ سڀ ڪجهه آهه،

اها رُڪي وڏي ساره شگفته بنجي ويندي.

۽ گاڏيءَ هيٺ اچي پنهنجي سڀن خوابن کي

هڪ دفعي  ۾ چچري ڇڏيندي.

گؤري ولڀ: گورؤ هڪ سلجهيل ڇوڪري آهي، ذهين آهي ۽ ذهانت سان لکندي آهي، اسين کانئس به اميد ڪريون ٿا ته اسان کي وڌيڪ سٺيون لکڻيون پڙهڻ لاءِ ڏيندي.

ڪٿي ڪو ڏيئو

ڪا مشعل ٻرندي

نظر نه ٿي اچي

هلندي ٿي وڃان

پيرن مان رت

سرايت ڪندو پيو وڃي

پر مان پنهنجي ڌُن ۾

انڌيرن غارن ۾

پنهنجي منزل

پئي ڳوليان!

جيڪا شايد.....

پارس عباسي: تنوير عباسيءَ جي نياڻي پارس سٺو لکيو آهي. سندس  ڪتاب ”ريشمي آواز،“ سٺي شاعري جو مجموعو آهي، اميد آهي ته هوءَ آئينده وڌيڪ سٺو لکندي. ڇو جو کيس گهر مان ئي رهنمائي  به ملي ته اتساهه به..

ڪويتا هوليءَ کيل جيان
چوڙين جي ڄڻ  ميل جيان
چانڊوڪي ناريل جو پاڻي
چنڊ ڪٽيل ناريل جيان
چنچل ٻار  آ  تارو تارو
اُڀ ڦريو چوڏيل جيان
سُپنا ڏاڍا ٿڪجي پيا هن
هلندي هلندي ڀٽڪي پيا هن
لڙڪ ڳلن تان مرڪي ويا پر
ڏک ته دل کي چهٽي ويا هن.
سپنا ڀي ڄڻ برف محل هئا
 اسجي تيک تي پگهري ويا هن
.
 

حسينه ساند: ميرپورخاص جي هڪ سياسي ورڪر ڇوڪري، جيڪا ڪچي ڦڪي شاعري ڪندي هئي، پر اڄڪلهه  پُر اثر شاعري ڪري رهي آهي، جنهن ڪلاس جي شاعري هوءَ اڄڪلهه ڪري پئي. سدا ڪنن به لحاظ کان وڏين شاعرائن کان پوئتي ناهي. اسين اميد رکون ته هوءَ اسان جي ذهنن ۾ قائم ان Image کي برقرار رکندي.

 

سپنا تنهنجا ساهن ساڻ
ڪيئن ڇڏايان تن کان پاڻ

هيل ته خوشيون آڻ
 

پيار پلي وئين تون ئي پاڻ
پوءِ هي لڙڪ ڪنهن جي ڪاڻ

هيل تو خوشيون آڻ

سلميٰ پنهور: اڄڪلهه جي شاعرائن ۾ سڀني کان وڌيڪ محنتي شاعره، سٻاجهڙي ڇوڪري سلميٰ، لکڻ سان پيار ڪري ٿي. ڏات ۽ ڏانءُ اٿس. وڏي ڳالهه  ته Pick ڪرڻ جي سگهه اٿس. نوجوانن ۾ جيتري شاعري سلميٰ جي ڇپي  آهي، ايتري ڪنهن ٻي جي نه ڇپي هوندي” هاڻ هوءَ ميچوئر شاعره آهي. اميد آهي هوءَ Quality کي اهميت ڏيندي. هونئن   به مون کي ذاتي طور تي سلميٰ جي شاعري وڻندي آهي.

آءُ اڪيلي ڳايان ڪيئن،
يادن کي پرچايان ڪيئن.
هو جو ايڏو چپ چپ آهي،
تنهن سان مان ڳالهايان ڪيئن؟
تنهنجي آس پاس ٿا گهاريون،
پوءِ به ڪيڏو اداس ٿا گهاريون.
 

گلبدن جاويد مرزا: ادي گل جي شخصيت مختلف خانن ۾ ورهايل آهي، هڪ ننڍي خاني ۾ شاعري اٿس. پابند شاعريءَ سان گڏ آزاد ۽ نثري نظم ڏاڍا سٺا لکيا اٿس.

شعر

 

حاصلات

مون کي چاهڻ ڏي

مون کي چاهڻ ڏي

مون کي اڃا اڃا به وڌيڪ

تو کي چاهڻو آهي

تو سان پوڄڻ جي حد تائين

پيار ڪندي به، مون کي ائين لڳي ٿو.

مون اڃا اڃا به وڌيڪ توکي چاهيو آهي

تون سان پوڄڻ جي حد تائين

پيار ڪندي به، مون کي ائين لڳي ٿو،

مون اڃان ايڏو تو کي چاهيو ئي ناهي،

تون جنهن لائق آهين،

اوترو اڃان پوڄيو ئي ناهي.

تنهنجيءَ چاهت منهنجيءَ ان خوشفهمي کي

ميساري ڇڏيو آهي

ته مان  وڌيڪ ٿي توکي چاهيان

تون منهنجي تصور  جي ابتڙ

منهنجي سوچيل آئيڊيل کان مٿانهون آهين

تنهنجي پيار ۽ نڀاءَ جي ڍنگ

منهنجي جذبن ۽ احساسن کي

ڇيڙي ڇڏيو آهي

منهنجون چاهتون هرپل، هر ويل

توکي چاهيندي به

چاهڻ سان نٿيون ڀرجن.

مون کي هر پل، پيار جي پهرئين پل جهڙو لڳندو آهي

تنهنجي روين منهنجي ان خوف کي تڙي ڪڍيو آهي.

جيڪو هر ڪنهن کي ان خيال سان هوندو آهي ته هميشه لاءِ هڪ ٻئي جو ٿي رهڻ ۾

اي چاهتون، اهي محبتون نٿيون رهن،

پر مان ان سوچ کي غلط ٿي سمجهان

منهنجي خيال ۾

وڇوڙو

ٻن گڏ ڌڙڪندڙ دلين ۾ طوفان

اٿندڙ پيار جي اٿاهه طوفان ۾

ماٺار آڻي ٿو ڇڏي،

ته اها ماٺار شڪست ۽ موت کان سواءِ ڪجهه به ناهي.

محبت ۾ ميلاپ ۽ نڀاءَ جو سرور ئي ٻنهي جهانن جي حاصلات آهي.

 

زيب نظاماڻي: زيب گهڻ پاسائڻ شخصيت جي مالڪ آهي. کيس شاعره Consider  نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي.هوءَ سنڌي شاعريءَ جو اهم نالو آهي، کيس وڏي شاعره بڻجڻو آهي يا ڪجهه ٻيو اهو هن تي Depend ٿو ڪري.

پولارن ۾ پاڻ

ڳولين پئي ڳهيلي

چنڊ آ ڳاهون الهي ويو

هيئنڙي هڻي پاڻ

پولارن ۾.........

ڀيڄ ڀنيءَ جو رات رُني

نيڻن منجهه لالاڻ

پولارن ۾............

روبينه آرزو ناريجو: متاثر ڪندڙ شاعري ڪري پئي، فڪري  ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ کان اڳڀري آهي، اسين کانئس سٺي شاعره طور Exist ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. هونئن سندس مقام سٺو ٺهيل آهي، ڳالهه برقرار رکڻ جي آهي،

دل چور نگاهون خاموشيءَ ۾ ڳالهائين ٿيون،

ڪي بند بزارون اونداهيءَ ۾ ڳالهائين ٿيون.

دور جديد کي ڀل تون قيد ڪري ڇڏ،

پر ڳالهيون گولائيءَ ۾ ڳالهائين ٿيون.

ڪلثوم قمر ميمڻ: ڪيمسٽري سبجيڪٽ M.S. C  ۾ پوزيشن کڻندڙ ڪلثوم ڏاڍي حسساس آهي. نڪور جذبن ۽ لفظن واري شاعري ڪئي اٿائين، کيس لکڻ کپي. اسين سندس خوبصورت شاعري لاءِ ڏانهنس واجهايون ٿا.

پيٽ بکايل ٻالڪ جي لئه چنڊ ته آهي، مانيءَ جهڙو.

پيٽ ڀريل ڪنهن شاعر جي لئه چنڊ ته آهي جانيءَ جهڙو.

تنهنجي تات تند تند ۾
 پليل هڪڙو پور  ٿيو آ.
جيون آهي سڏڪا سسڪيون.
 لوڪ سڄو مسرور ٿيو

تانيا ٿيٻو: مهراڻ يونيورسِٽيءَ ۾ پڙهائيندڙ ذهين ڇوڪري تانيا ادبي گهراڻي سان تعلق رکي ٿي. سٺو مطالعو ۽ ڄاڻ اٿس،  کيس لکڻ کپي.

اي پيار مون تي ٿورو مهربان ٿي.

مون کي پنهنجي سينن تان

اهي پوپٽ پڪڙڻ ڏي

جن تي ڪائنات جا سمورا رنگ  هاريل آهن.

نجمه پنهور: هوءَ آرٽسٽڪ مائينڊ واري پر اعتماد ڇوڪري آهي. مشاهدو سٺو اٿس، جيڪا ڳالهه لکڻيءَ ۾ چوڻ چاهي ٿي. سان خوبصورتيءَ سان چئي ٿي وڃي. کيس لکڻ کپي ۽ ڇو جو هوءَ هڪ سٺي ليکڪا ٿي سگهي ٿي. اسين نجمه طرفان ڀرپور لکڻيون ڏيڻ جي توقع رکون ٿا.

آخر ڪار وقت جو اهو ئي فاصلو

جنهن جي ٻي پاسي رکيل آهي

گم ٿيل وقت ۽ لمحن جو ڪتاب

۽ هن طرف صرف خواب ئي خواب!

زيب النساءَ ”وينگس“ سومرو: ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهندڙ هيءَ حساس شاعره گهٽ مطالعي ۽ Limited  ماحول جي ڪري ڪا سگهاري شاعره نه بڻجي سگهي آهي، کيس سٺو مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ ضرور لکڻ کپي.

چوديواري چوٽ آهي، پوءِ به چرپر تي رهي ٿي

تاڙ ۾ ساري حويلي، ڇا ڪريون ڪجهه ڏسي ته ٻيلي.

هوءَ به هيڻي مان به هيڻي، پنڌ مشڪل دور منزل،

ويل ڀي آهي اويلي ڇا ڪريون ڪجهه ڏس ته ٻيلي.

 بينا مسرور: مئڊم سحر جي ڀيڻ،  بيدل جي گهر واري مئڊم بينا ٿورو لکيو آهي، ليڪن چڱو لکيو آهي. اهو ڏسڻو آهي ته پاڻ شاعره مڃرائي ٿي يا ڀيڻ ۽ ور جي ڪمپنيءَ جي ڪري لکي ويٺي آهي.

آءُ تو لاءِ

 وقت جي انهي لمحي وانگي

جيڪو  وڃي

واپس نه ايندو آهي.

هونئن سندس ننڍيون  ڀينر راحيله بلوچ ۽ فرح بلوچ به لکن ٿيون، پر کيس پاڻ مڃرائڻو آهي.

فردوس مزناڻي: فردوس کي خبر آهي ته ڪيئن لکبو آهي. کيس لکڻ کپي ڇو جو اڄڪلهه سندس ڪا شيءِ ڪو نه پڙهي آهي. خبر ناهي لکڻ/ ڇپجڻ ۾ اهو وقفو آهي يا خاتمو. اميد آهي وقفو هوندو.

هن صديءَ جا

بي حس انسانو!

زندگيءَ جي مهڪ لڙ ٿي ويئي لهرن ۾

۽ گم ٿي ويئي گلن جي خوشبو

۽ تارن جي روشني

ماٺ ٿي ويو

هوائن جو شور

۽ وکري ويا جوان ٽهڪ افق ۾،

بي حسيون ۽ بي رُخيون

 ۽ توهان جون اهي سڀئي ڏاڍايون

کٽي  ويون ۽ کسي ويون

جوان حياتيءَ جون خوشيون

۽ زندگيءَ جي مهڪ

لڙ ٿي ويئي لهرن ۾.

فرزانه ڪنول بلوچ: ريڊيو خيرپور تان انائونسمنٽ ڪندڙ پٺتي پيل علائقي جي روشن خيال ڇوڪري فرزانه هڪ نرم لهجي واري شاعره آهي. گهڻو لکي پئي، ان ڪري Quality متاثر ٿي آهي. کيس شهرت ملي چڪي آهي. هاڻ فرزانه کي گهرجي ته سٺو لکي ڀل ٿورو ئي لکي، جيئن کيس سٺي شاعره طور مڃون.

چو طرف ڌنڌ ڇانيل آهي
هر ڪا دل ڄڻ گهايل آهي
خوشيون مون وٽ ناهن پر
منهن تي مرڪ سجايل آهي.
 

ڪنول سعيد: ڪنول ۾ به شاعريءَ جا گڻ آهن. ڪافي لکي ٿي کيس سٺو پڙهڻ کپي، جيئن ٿورو ئي سهي سٺو لکي سگهي.

خوشيون

هڪ اهڙي بند

گهر ۾ پيون آهن

جنهن جون چاٻيون

مون وٽ ناهن

 

ساجده.ايس.سومرو: سٺين شاعرائن جي ڊوڙ ۾ ساجده به شامل آهي، مطالعي جي وڌيڪ ضرورت آهي.

تنهنجون راهون
تڪن پيون نگاهون
هيلو ڪي
ءَ عيد تي به
روئي پيون اکڙيون
خالي  پسي ٻانهون
هيلوڪي
ءَ عيد تي به.
 

سنڌو قاضي: ڄاڻو ۽ پڙهيل ڪڙهيل ڇوڪري آهي، سٺو لکي ٿي. کيس به وڌيڪ لکڻ گهرجي.

چوڏس ڪاري رات
پري اڃا پرڀات
درد دونهون اڃ
اڄ به ساڳي اڃ
ڪا نه وٺي برسات
پري اڃا پرڀات.
 

زرينه اداس: زرينه جي شاعريءِ ۾ نواڻ به آهي ته ٽيڪنيڪل خوبصورتي به. کيس اڃا به وڌيڪ لکڻ کپي.

سونهن ۾ سنسار جهڙو ڇوڪرو
هاءِ پهرين پيار جهڙو ڇوڪرو.
مان ته سهڻي هان سدائين سير ۾
هو مٺي ميهار جهڙو ڇوڪرو.
مان جڏهن تنهن ڏي ڏسان رويو ڏئي
آ زرينه ٻار جهڙو ڇوڪرو.
 

فضه غزل: مستقبل جي خوبصورت شاعره فضه، جنهن جي نالي جي املا ”فضا“ هئڻ کپندي هئي. صفا نئين ليکڪا آهي، سٺو لکي ٿي. اسين کيس شاعري ۾ ڀليڪار چئون ٿا. شاعريءَ ۾ فضه هڪ سٺو ۽ خوبصورت اضافو آهي.

سونهن نگر ۾ تنهنجو عڪس
من اندر ۾ تنهنجو عڪس
يادون تنهنجون ساڻ  آهن
سوچ نگر ۾ تنهنجو عڪس.
 

فهميده شرف بلوچ: نالو ڏاڍو پڙهيو آهي، اميد آهي ته آئينده به لکندي.

اڻپورا سڀ خواب رهيا هن
 ملندا روز عذاب رهيا هن
دل تان پردا کسڪيا هن پر
منهن تي پو به نقاب رهيا هن.
 

نجمه راشدي؛ ڏسو نجمه جون هي سٽون.

تو کان مليل پيار

تنهنجو ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به

منهنجي احساس ۾

سمائجي ويو آ.

سنجهار راشدي: سنجها ٿورو پئي لکي پر Quality مٿانهين آهي. ان انداز سان لکندي ته تمام جلدي سندس نالو اهم شاعرائن ۾ لکيو ويندو آهي. اميد آهي هوءَ اسان جي اميدن تي پوري لهندي.

ڪيڏو منهنجو چاهه آ تو سان
منهنجو ساهه پساهه آ تو سان.
 

شاهده کوکر: سٺو لکي ٿي کيس لکڻ کپي، اڳتي هلي ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.

مهراڻ جون موجون
ساهه منهنجي ۾
سهڻل جون سو
چون.
 

ذڪيه تسنيم عباسي: ذڪيه کي  رهنمائي جي ضرورت آهي. هونئن لکڻ جو صلاحيتون موجود اٿس،کيس لکڻ کپي.

وياڪل نيڻ نراس آسون

جيون ڄڻ ته سڏڪا آهون.

منتظر، بي ڪا، سوليءَ تي چڙهيل

تنهنجون پريتم ٿي نهاريان واٽون.

 

شاهده تارا ڀٽي:

محبت ڦاهيءَ جو تخت آهي
منهنجي حياتيءَ جو بخت آهي.
اهو ئي آ رشتو تنهنجو ۽ منهنجو
اهو ئي آ چنڊ جو – تارن جو رشتو.
 

فوزيه قاضي: منهنجا خيال

درياه جي ڪتاب تي...... لهرن جي سٽن تي 

مون هڪ نانءُ لکيو آهي

ڇا تو اهو پڙهيو آهي.

نوشا به منير:

دور  ڪٿي ڪنهن جهنگل ۾
سنڌوءَ جي مستانين موجن ۾
چنڊ جو چهرو ڇلڪي پئي ٿو
دور ڪٿي ڪنهن جهنگل ۾
هڪڙو شخص اڄ تائين تو لئه
ديوانو بڻجي ڀٽڪي ٿو.
 

سبين تنيو:

لمحا

ڪاغذ جي انيڪ
ڦاٽل ٽڪرن جيان
مون ڏانهن اڏامن.
 

سلميٰ سومرو:

اڪثر مون کان پڇندو آهين، ڪيڏو مون کي چاهين ٿي

جيڏي رب جي  آهي خدائي ايڏو تو سان پيار آ.

جيڏو  سنڌوءَ سان آهي محبت جيڏي ڌرتي آهي پياري

جيڏي موت جي آهي ارڏائي ايڏو تو سان پيار آ.

 

شبانه مغل:

زندگيءَ جي هن ڪاڙهي ۾
پيار ڏئي ٿو ڇانو ساٿي.
لڙڪ لڪائي رکجن جنهن ۾
ڪاش نيڻ هجن ڪو ٿانو ساٿي.
 

پرهه سڪينه گاد

جڏهن به ڪوئي نظم لکان ٿي

ڄڻ ڪوئي ٻار ڄڻيان ٿي

ان عورت جيان

ما به لُڇان ٿي

جنهن کي گهڻين  مرادن کان پوءِ به

ٺريل ٻار جي روپ ۾ سور مليا هجن.

نصرت جوکيو:

ائين نه ڇڙو رُل

اتر واءُ جيئن پرين

مون سان گڏجي گهل.

 

موتيا ڀٽي:

دنيا ڏاڍو ڪُرڪي

تو سان

مليس جو مُرڪي.

 

شازيه. ايم. جمالي:

چٻرا امن جي پکين تي کلي رهيا آهن

۽ اسان خوابن ۾ محبوب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن

ڇو ته دنيا شاعر محبتن جو اظهار شعرن ۾

 ۽ نفرت جو اظهار گولين سان ڪري رهيا آهن.

۽ فلسطيني ٻار

مائرن جي ڇاتين ۾ کير نه پر

رت پي رهيا آهن.

 

مٿي جن شاعرائن جي شاعريءَ مان ڪوٽيشنس ڏنل آهن، تن ۾ شاعريءَ جون صلاحيتون موجود آهن، پر کين رهنمائيءَ جي ضرورت آهي. انهن لاءِ صلاح آهي ته سٺو پڙهن ۽ ڪنهن ڄاڻ واري ماڻهوءَ کي پنهنجو لکڻيون ڏيکارين ۽ ڊسڪس ڪن ته جيئن سندن شاعريءَ ۾ نکار پيدا ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح هي شاعرائون صف اول جي شاعرائن ۾ شامل ٿي وينديون، جنهن جي سنڌي ادب کي ضرورت آهي.

ان کان سواءِ جن شاعرائن  جي شاعري گذريل  پندرهن سالن ۾ ڇپي آهي، تن ۾ هيٺيان نالا شامل آهن.

آمنه ابڙو، گلنار بدر، جوريه نظاماڻي، ڪنول قاضي، ڪويتا، قاضي، ناهيد دائود پوٽو، سحر بانو، نسرين نوري، افروس جروار، فوزيه ابڙو، ثمينه ميمڻ، صوفيا سنڌو، ايس مارئي، صفيه ابڙو، نسيم ملاح، منظور زهره انا، شبانه منگي، سڪينه سحر مير جت، راڻي بلوچ، شبنم سيلرو، ثمينه ڪانڌڙو، صنم مرزا، شگفته جبين، شيبا بلوچ، سيما بلوچ، فرزانه شاهين، زبيده ڏاهري، امينا گل، نسرين الطاف، انيلا سمون، شاهين عباسي، رضيه گلشن، آسيه گل سيوهاڻي، فرح ديبا، سپنا کوکر، الماس، روميلا جمالي، افروز ناس، ليليٰ پروين سومرو، سنڌو ڀٽي، اختيار پروين منگي، ڪونج سنڌياڻي، انيلا پنهيار، حنا غزل سومرو، زاهده گوپانگ، عروج فاطمه، سنجيده پروين، مهر النساء ابڙو، ياسمين  پتافي، فرزانه حاجاڻو، حسنه بلوچ،  نجمه نور، مريم نور سنجراڻي، فوزيه سيال، سيما  عباسي، عطيه ابڙو، شازيه ڀٽي، فرح ناز چانڊيو، حميرا شمس شيخ وغيره.

مٿئين شاعرائن ۾ ڪجهه  ته وقتي شاعرائون هيون ۽ وقت گذرڻ سان پنهنجين پنهنجين مصروفيتن جي ڪري شاعريءَ کان ڪناره ڪش ٿي ويون. ڪجهه شاعرائون لکن پيون مگر کين رهنمائي جي ضرورت آهي. هڪ ته سٺو پڙهن ۽ ٿورو ئي لکن، پر سٺو لکن، ٻيو ته ڪنهن ڄاڻوءَ ماڻهوءَ سان ڊسڪس ڪنديون رهن.

لکڻ وقت سڀني شاعرائن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته نالي ڇپرائڻ لاءِ شاعري ڪرڻ فضول آهي. لکڻ وقت پنهنجو مقابلو  انٽر نيشنل معيار تي سمجهن، ڇو جو جيستائين پنهنجي منزل کي مٿانهون نه ٺاهينداسين، سنڌي شاعريءَ کي مٿانهين منزل تائين کڻي وڃي نه سگهنداسين، جنهن جي اشد ضرورت آهي.

الحاج ولي محمد طاهزادو

شروعاتي شاعري

سُريلي شاعري زات کان شروع ٿي،

ماءُ کي اولاد: ڪارو، ڪوجهو، اناٿ  ۽ عاجز ڪهڙو به هجي دنيا جي چيز کان اُتم لڳندو آهي: پوءِ ڀل پُٽ هجي يا ڌيءَ.

ڄمڻ سان ان کي کڻي ڇاتيءَ سان لائيندي، چميو پئي چمندي ڏسيو پئي ڏسندي، ٺرندي خوش ٿيندي، اولاد ماءُ ڪاڻ وڏي ۾ وڏي خدائي نعمت آهي، هن جي هر وقت پر گهور پئي لهندي، وهنجاري  سهنجاري  ٻاروتا مٽائي،  ٿڃ پياري هندوري، لوڏ يا پينگهي ۾ سمهاري لولي مٺڙي الحان سان جهيل ۽ ڍار سان ڏيندي رهنديس. اها لولي عورت جو پهريون گيت آهي:

هن ۾ الاالله جو ذڪر ۽ دعائن دفعائن جو وستار  ويٺي ڪندي آهي.

جيئن بچن ٻچڙا:الله سائين مون ٻي وڙيءَ سان وڙڪيا! الا الله

پيارا پٽڙا پريو ٻُڍو ٿيئن! شال ته لڳنئي ڪو سو واءَ الاالله! 

ٻارڙو وڏيرڙو ٿيو ته هنج ۾ کڻي يا هٿن  ۾ سوگهو جهلي ٻانهن کي مٿڀرو جهلي کڻي  نچائي نچائي ڪوڏاڻا ڏيندي.

پٽ لاءِ ته ابک ايندم ڊوڙي، چوندو؛ امان امان پنهنجي مينهن ويائي آهي  ٺوڙهي، اُٿي هل ڀر کير سان  چؤنري.

ڌيءَ لاءِ: امي امي، چوٽيءَ لمي هي ڌيءَ اٿم ستن پُٽن کان چڱي ڪو ڏاڻو، عورت جو ٻيو گيت آهي سو پڻ سُر  سان چوي ٿي.

ڪن عورتن، کي اولاد ڪو نه ٿيندو آهي ٻار ڪاڻ پيون سڪنديون آهن. اهي ڪنهن اولياءَ جي مقبري يا ڪنهن درويش جي آستاني تي وڃي باس باسنديون آهن ته اولياءَ الله جا مون کي جيئن جاڳڻ وارو ورياءُ ڏي ته اچي تنهنجي سُکا ۽ ڀٽا ڀريندس. جي سندس سوال اگهاڻو ته راڄ وٺي  وڃي پير جي پڌر تي پهچندي، مڙئي مايون راڄ نياڻيون مجرو ياسلامي جو ڳيچ  گڏجي ڳائينديون ۽ سڪيلڌي جي سُکا ڀرينديون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com