پارس
عباسي Paras
Abbasi
هائڪا
روشن نيڻ- نهار
ڪلف لڳل ڪپڙا اڇا
اجرو ايڏو پيار
گجر سنڌي ڄاڻ
ٽه گُلي پيرن ۾ جتي
چڪني تي پهراڻ
گجري جي هٻڪار
تنهنجو هڪ هڪ ساهه آ
موتئي، مکڙين لار.
(سرتيون، جنوري 1997ع)
نور الهديٰ شاهه Nur-
ul- Huda Shah
اليڪشن
ڪيئي اليڪشنون ٿيون،
مون ۽ منهنجن ابن ڏاڏن ڪيئي ڀيرا
اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي
ووٽ وڌا
ڪيئي حڪومتون آيون ۽ ويون
ڪيترن ئي وزيرن کي مون ۽ منهنجي ابن ڏاڏن
هٿ لوڏي سلاميون ڏنيون
ڪيترن ئي ليڊرن جي بتن ۾ ساهه ڦوڪڻ لاءِ
اسين نعرا هڻي هڻي ساهه ڏيندا رهيا سين
جلوس ۾ هلي هلي پير پٿون ڪندا رهيا سين
تاڙيون وڄائيندي
هاڻي ته هٿ به پٿون ٿي ويا آهن.
پر منهنجا پٽ!
پنهنجي ڳوٺ جو رستو ڪلهه به ڪچو هئو
اڄ به ڪچو آهي
ڪلهه وانگر اڄ به
جيئڻ به پنهنجو ڍڳي ۽ ڍور جيان آهي.
(مهراڻ، جولاءِ- ڊسمبر 1994ع)
پشپاولڀ Pushpa
Valabh
ايئرپورٽ
”هيلو.....هيلو“
”ڇا هي ايئرپورٽ آهي؟“
”نه رانگ نمبر آهي“
پر ها!
هي ايئرپورٽ آهي
جتي تنهنجا سپنن جا سهڻا پکي
اڏامندا رهندا آهن.
Land
ڪري نه سگهندا آهن.
(دري کان ٻاهر، جنوري 1985ع)
پرهه سڪينه گاد Pirah Sakina Gad
شرعي حق
اڄ وري
ڪا ناري
بنا جوڙ جي نڪاح جي
ٻنڌڻن ۾ ٻڌي وئي
اڄ وري ڪنهن جا سپنا
اناخاطر نراس ڪيا ويا
اڄ وري ڪنهن ناريءَ کان
سندس شرعي حق کسيو ويو
سندس سڏڪندڙ........ ڏڪندڙ
ڪنڌ کي زوري لوڏي هاڪار
ڪرائي وئي
شاهدن مبارڪون ڏنيون
سندس ڀاءُ مبارڪون وصول ڪيون
او ڊاڪٽر ڀاءُ!
توکي ڀيڻ جي بنا جوڙ نڪاح
ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿي
ته پوءِ تون به پنهنجي ويٺل ونيءَ سان نڪاح
ڇو نه رچايو
تنهنجا ارمان ڀيڻ کان
مٿانهان آهن؟
تو کي حق پهچي ٿو
پسند ۽ نا پسند جو ته پوءِ
ڀيڻ کي به اهو حق ڏي
هن کان هن جو شرعي حق نه کس!
(سرتيون، جنوري- مارچ 1991ع)
*
راحيله امان قريشي Rahila Aman Qureshi
وائي
تو کي پئي ساريم،
تنهنجن يادن ۾
خوشبو وکري وئي!
نانءُ لکي پاڻي ۾ اڇليم
ساگر لهرن مان
خوشبو وکري وئي!
هن ٿي وار سنواريا
وکريل زلفن مان
خوشبو وکري وئي!
(مهراڻ، جولاءِ- ڊسمبر 1994ع)
روشن تبسم
Roshan Tabassum
”الاڙي! تو نه ورائي واڳ“
موٽي سانوڻ آيو سائين،
تو نه ورائي واڳ،
لاڙي
تو نه ورائي واڳ.
چڻنگ چاهت جي دکي دکي
بنجي ويئي آڳ،
الاڙي تو نه ورائي واڳ.
اڱڻ اچين جي واپس سهڻا
جاڳن منهنجا ڀاڳ
الاڙي تو نه ورائي ماڳ
جيئري جاني ڪئي جدائي
”تبسم ورتو ماڳ“
الاڙي تو نه ورائي واڳ.
(نئين زندگي آڪٽوبر 1989ع)
روبينه ابڙو
Rubina abro
غزل
ماٺو آ ماحول اندر ۾
هاءِ ٻري ڪو ٻول اندر ۾
رلندو آ تولاءِ رڳن ۾
رهندو آ ڪو رول اندر ۾
سڪ جا سڪا، سئن انو کي
ڪير جهلي ٿو جهول اندر ۾
سور سنڀاري پوءِ ٿو سرجي
گيت ڪوئي انمول اندر ۾.“
رخسانه پريت چنڙ
Ruhhsana Preet Channar
غزل
تند تپي ڪا سانت ٽٽي پئي
ديپ جلي ڪو رات ٽٽي پئي
سار اها جا پل ۾ سامهون
ساجن پنهنجي تاٽ ٽٽي پئي
سور نه ڪر سنگسار ائين جو
سپنن جي محلات ٽٽي پئي
جذبو جي اڊڙپو، ٽوپيو ويو
پر نه اسان جي ڏات ٽٽي پئي.
(مهراڻ، جولاءِ- ڊسمبر 1994ع)
سلميٰ پنهور
Salma Panhwar
منهنجي اکڙين ۾ خوب ڪونهي ڪو
چند سوالن جو جواب ڪونهي ڪو
منهنجي هڪڙي خطا بس تولاءِ ڏکي
تنهنجين هيڏين خطائن جو حساب ڪونهي ڪو
بس ڏکي ڳالهه آهي گذارڻ جيون
ان کان وڌ ٻيو عذاب ڪونهي ڪو
ڇا سندس رنگ آ، ڇا ته خوشبو مٺا
هن کان وڌ ڪوئي گلاب ڪونهي ڪو
مان ته مرڪي ويٺس، بس اها ئي خطا
هن چيو تنهنجو
جواب ڪونهي ڪو.
(مهراڻ، جولاءِ- ڊسمبر 1994ع)
سڪينه مير جت Sakina Mirgat
ساٿ ڪيسين
ڏيندا سپنا
نيٺ ته مات ڏيندا سپنا
دل ته گهايل ٿيندي رهندي
روز نوان جو جڙندا سپنا
پن ڇڻ موسم وانگر هڪ ڏينهن
نيٺ ته وکري ويندا سپنا
ڪيئن ڀلا ماڻيندا ساڀيان
سپنا آخر ٿيندا سپنا.
(ادب، فيبروري 1995ع)
سحر امداد Sahir Amdad
سندر سپنو
آ ويهه گهڙي پل سائين
ڇو من کي ٿو ترسائين؟
آ ويهه گهڙي پل سائين
مان تنهنجي سندر مورت اڳيان
ڪنڌ
جهڪائي
ويهان
من ۾ پريت جي جوت جلائي
پنهنجي سڪ ۽ سوز سجائي
تن من پنهنجو
واسيان
ڪنڌ نمائي
نيڻ جهڪائي
پريم پوڄارڻ بنجي
توکي بس پوڄيان
توکي ئي بس چاهيان
منهنجو تون ڀڳوان او سائين
ڀڳوان به آهي سندر سپنو
تون به ته سندر سپنو آهين!
(سوجهرو، ڊسمبر 1972ع)
شاني Shani
امن جو پکي حنوط ٿيل، پٿر بڻيل“
امن جو پکي!
جيڪو زيتون جي ٽاري چهنب ۾ جهلي
آيو هئو حضرت نوح جي قوم لاءِ پيغام کڻي
۽ چيائين کلي
ته امن آ، ڌرتي تي!
مان ڳوليان پئي ۽ ڳوليان پئي
امن ۽ ان
امن
جي پکيءَ کي
۽ هيل تائين
ميڙي چونڊي، اڄ جي بازن کان
هٿ ڪيا اٿم
ان جا پر، پڇ، ڌڙ، اکيون چهنب ۽ ٽاري
زيتون جي
۽ پر پر جوڙي، ڌڙ مٿان
چنبڙيا اٿم، چهنب پر پڇ ۽ اکيون ۽ حنوط ڪري رکيو اٿم
امن جو پکي ڊرائنگ روم جي
شوڪيس ۾.
(سرتيون، جولاءِ 1992ع)
شبنم گل Shabnam Gul
پريت ڄڻ
ته پهيلي آهي
درد جي ڪائي سهيلي آهي
رات سڄي
جا واٽ نهاري
ڪيڏي سا ته ڳهيلي آهي
سپنا سي ڪيئن ساڀيان ماڻين
جن جي اڳيان حويلي آهي
راهه اچي ٿي جا دل تائين
راهه
اها پٿريلي آهي.
(آخري
لفظ،
مارچ 1994ع)
*
شبنم موتي Shabnam
moti
مست الست مهراڻ الا
سنڌوءَ ۾ سرهاڻ الا
ڇوليون ڇلڪن
مرڪن مٺڙا
جهرمر جهرمر جرڪن ڏيئڙا
مڃون ڪڏهن نه آڻ الا
مست الست مهراڻ الا.
وڄ جو چمڪي دلڙي ڌڙڪي
ڇم ڇم، ڇم ڇم پايل ڇمڪي
ڳايون گڏجي پاڻ الا.
مست الست مهراڻ الا.
(سوجهرو، اپريل 1973ع)
شگفته شاهه Shagufta
Shah
ڪوئل
نما شام
هيءَ تنها ڪوئل
وڻ جي ٽاري ٽاريءَ تي اڏري
ڪنهن کي آخر ڳولي ٿي؟
من جي اونهائين مان
ڪيڏي پيڙا مان
ڪوڪو ڪوڪي ٿي
ڇو ٿي منهنجي جيون جي
ماٺي جر ۾
يادن جي راهن ۾ رولي ٿي
دردن جي نينڍ ڏئي ٿي
بهار رت جي نينڍ ڏئي ٿي
يا ته دري خزان جي کولي ٿي
تڙپي ٿي تڙپائي ٿي
گيت ڪو اهڙو ڳائي ٿي.
(سرتيون، جولاءِ ڊسمبر 1992ع)
شاهده تارا ڀٽي Shahida
Tara Bhatti
اهڙو هي دستور ٿيو ڇو؟
ماڻهو ماڻهوءَ کان ڌار ٿيو ڇو
ڪيڏو هي پيو ڪوس ٿئي
هرڪو ماٺ ۾ آهي ڇو؟
لت پت ۾ جو لاش لڇي ٿو
ونيءَ ور ورائيندو ڪو؟
ٻاٽ ۾ ڪيڏا قهر ٿين ٿا
لاٽ اچي جلائيندو ڪو.
(سرتيون، اپريل،جون 1992ع)
شميم ميمڻ shamim
memon
هاءِ ڙي جيون
آندو ماندو
اوسيئڙو... اکيون جر
ٿر
اڻڀا وار- ڳوڙها ڳل
ڪنهن لئه آ
ڪوئي پاڳل
ڪو به نه آيو
ڪو به نه ايندو
ماڻهن جي هن ميڙ ۾ ڪو ئي
هيڪل ويا ڪل
من مالڪ کي پرچائي پرڀائي
آسن جي جوت جلائي
چؤ واٽي تي نيڻ وڇائي
نهاري پل پل
ڪنهن اڻ ڄاتي آديسيءَ لاءِ.
(سوجهرو، اپريل 1973ع)
شمشاد مرزا
Shamshad Mirza
مان ئي ڪاتي، مان ئي ڪنڌ
مان ئي پانڌي، مان ئي پنڌ،
مان ئي تنهنجو سڏ او سنڌو
مان ئي تنهنجو گيت.
مان ئي سونهن ۽ مان سرهاڻ
مان ئي چنڊ ۽ مان چانڊاڻ
مان ئي تنهنجو سڏ او سنڌو!
مان ئي تنهنجو گيت.
مان ئي مومل، مان ئي آس
مان ئي رڃ، ۽ مان ئي تاس
تون ئي منهنجو سڏو او سنڌو !
مان ئي تنهنجو گيت.
(سوجهرو، ڊسمبر 1972ع) |