سنجها مهراڻ
نثري نظم
ڪاش!
مان تنهنجي
بستري جو وهاڻو
هجان ها
ٻاهران ڪٿان تون
ٿڪجي اچي
ان تي ڪنڌ لاڙي
سمهين ها
مان تنهنجن وارن ۾
پنهنجا هٿ
ڦيرايان ها
تنهنجي وجود جي
خوشبو سان
واسجي وڃان ها
هيڪلائيءِ ۾
تون جي روئڻ چاهين ها
منهن
مون ۾ لڪائي
تون روئي پوين ها
۽ مان
اُهي انمول موتي
پاڻ ۾
جذب ڪريان ها
تنهنجا سمورا درد
مان کڻان ها!
*
سيد نساء شاهه بخاري
پٿر جو بُت
ڪجهه ماڻهو
پنهنجي لاءِ پاڻ عذاب پيدا ڪندا آهن
پٿر دنيا ۾ شيشي جهڙا نازڪ سپنا ڏسندا آهن
شيشي جا محل ٺاهيندا آهن
جيڪي ڪنهن جي پٿر لڳڻ تي
ڀور ڀور ٿي ويندا آهن!
ڄڻ سانوڻ پياسو رهجي وڃي
يا وسندڙ مينهن ۾ ڪنهن جو گهر سڙي وڃي.
چوندا آهن ته انڌن جي ديس ۾ هڪڙو اکين وارو رهندو
هو
هُو گل ۽ گلشن، سج، چنڊ ۽ تارن جون ڳالهيون ڪندو
هو
وڻ ٽڻ، ٿر بر، سارنگ، نيري آڪاس، چنڊ جي چانڊاڻ
جون ڳالهيون ڪندو هو، موج ڀرئي مهراڻ جون ڳالهيون
ڪندو هو
جڏهن ته انڌا اهو سڀ ڪجهه ڏسي نه سگهندا هئا
۽ چوندا هئا ته هي ڪوڙ ٿو ڪري
هڪڙي ڏينهن اُنهن منصوبو ٺاهيو ته پاڻ هن جون
اکيون ڪڍي ڇڏيون
پوءِ نه هن وٽ اکيون هونديون ۽ نه ئي هي ههڙيون
ڳالهيون ڪندو.
بلڪل ائين آهي هيءَ پٿر دنيا
۽ پٿر جهڙا ماڻهو
نازڪ سپنا ڏسندڙ ماڻهوءَ جا
هُن جا شيشي جهڙا محل
سڀ ڪجهه ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا آهن
کي وٺندا آهن سارا
جيئڻ جا سهارا
پوءِ هُو به بڻجي ويندو آهي پٿر جو بت
صديون پراڻو موهن جي دڙي جي کنڊرن مان لڌل بُت
بلڪل اهڙو بُت
زندگي!
نه موت جي تمنا
نه زندگيءَ جي آرزو
نه مقصد نه معنيٰ
هيءَ به ڪا زندگي آهي!
اڌورا ارمان
ٽٽل ارمان
هيءَ به ڪا زندگي آهي!
هڪ ڏينهن
ڪڏهن کٽندڙ،
جستجو جو سفر-
بڻجي ويندس مان.
جدائي جي گهاون سان،
گهايل اندر،
بڻجي ويندس مان.
عبادت ڪرڻ جهڙي،
مسجد يا مندر،
بڻجي ويندس مان.
ٿيندا رهيا حادثا ته،
هڪ ڏينهن لکندڙ،
بڻجي ويندس مان.
*
پٿون ٿيا پير عذاب وک وک،
تپندي واري ۽ ڪارا ڪک،
تون موٽي وڃ تو لئه هزارين لک،
منهنجي نصيب ۾ مُور نه سک،
سڪل صحرا ٿوهر ۽ بک،
سڀئي منهنجا ساٿي،
ڌڪار ۽ اڇايل ڌرتيءَ جا ڏک.
ثمينه ميمڻ
آزاد نظم
چانڊوڪي رات ۽ اولڙو
ٻه دليون ريتن ۽ رسمن
نفرتن ۽ قدورتن کان بي نياز
پنهنجي پريم ڪهاڻي کي
ابتدا کان انتها تائين
پهچائڻ جا وچن پيون ڪن
پر افسوس... صد افسوس
جو کين اها سُڌئي ڪانهي
ته ڪي اهي وچن ۽ وعدا
سندن ئي راهه ۾
ايندڙ رڪاوٽن جي هڪ ڪڙي آهن
سياري جي سرد رات ۾
جڏهن سارو عالم
هوندو آهي
خوابن جي
دنيا ۾ گم سم
تڏهن مان
هوندي آهيان
پنهنجي ڪمري ۾
ٽڙيل پکڙيل
ڪاغذن جيان
جيڪي پنهنجي ئي
هٿن سان ٿي ويندا آهن
بي تربيت ٿي.
غزل
مُرڪي مُرڪي درد سمورو،
دل ئي دل ۾ لڪائي ڇڏبو.
ڪير ڏکي ٿئي ڇو مان چاهيان،
صبر جو ڏيئو جلائي ڇڏبو.
جنهن پل مون وٽ ايندين،
روئي پاڻ کلائي ڇڏبو.
توڏانهن ايندڙ هر رستي کي،
ذهن پنهنجي تان مٽائي ڇڏبو.
تنهنجي ياد کي ڪن لمحن لاءِ،
حڪم تنهنجي سان ڀلائي ڇڏبو.
شعر جڙيو آ
قلم ڪڏوهڪر ساٿ ڇڏيو آ،
زخم جهريو آ، تازو ٿيو آ.
پاڻهي ڄاڻي شعر جڙيو آ،
جدا جڏهن کان ٿيڻو پيو آ.
تنهنجون يادون تنهنجا سپنا،
جيون اِن بِن ڪجهه نه رهيو آ.
جلدي رات کٽي وئي آهي،
يا صبح سويرو ٿي ويو آ.
آ ته گلابي گيت آلاپيون،
سورن ساز وري ڇيڙيو آ.
*
فيري
التجا
اي وقت
تون ٿورو ترس
هي جي خزائون
ڪنهن جي مرڪ سان
بهارون بڻجي ويون آهن
متان
ايندڙ بهارون
اُن مرڪ سان
خزائون بنجي وڃن
تون ٿورو ترس
تون ٿورو ترس.
•
اڄ وري
نيڻ
تنهنجي يادن تي
برسيا آهن
۽ مون تنهنجا سمورا
سانڍيل خط
الماريءَ مان ڪڍي
پڙهيا آهن.
تو سان گذاريل گهڙيون
مون کان وڃائجي ويون آهن
مان
تنهنجي يادن ۾ جنم قيدي
بڻجي ويئي آهيان.
•
مان اُن
معاشري جي عورت آهيان
جنهن وٽ سڄي ڄمار
اهڙي ڪا ئي ايڊريس نه هوندي آهي
جنهن تي هوءَ پنهنجي اندر جو سارو ”ڪرب“
لکي موڪلي.
•
تنهنجي وڇوڙي کان
تو لاءِ خريد ڪيل
هن نئين سال جي
ڪارڊ تائين
تولاءِ ڀوڳيل تصوير
پل پل جي پيڙائن
سميت توکي
نئون سال مبارڪ!
*
مون پڪاريو
تو نه ٻڌو
مون سامهون آئينءَ
مون نه ڏٺو
ها شايد
اسان ٻنهي کي
اُن پريم کان به
وڌ پياري هئي
پنهنجي پنهنجي
اَنا.
•
منهنجي
بند اکين جا سپنا
واجهائن پيا
ساڀيان لاءِ
لوهي سيخن پٺيان بيٺل
ان قيدي وانگر
جو
پنهنجي ئي گهر ۾
لٽيو ڦريو
۽ پوءِ
قيدي به بڻيو.
•
۽ قبرون اسان کي ٺڪرائي ڇڏين ها
جيڪڏهن اسان رڳو سالن جي وت جو ڪاٿو
ڪري سگهون ها
جيڪڏهن ايترو ئي ڄاڻون ها ته ڪنهن جاءِ
سان لاڳاپو ڇا ٿيندو آهي
جيڪڏهن اسان رڳو ديوانگيءَ کان ڊنل هجون ها
جيڪڏهن سفر اسان جي زندگين جا ڳانڍاپا ٽوڙي
ها جيڪڏهن رڳو ٻين ماڻهن وانگر ئي مري سگهون ها.
ڪلثوم جوڻيجو
وائي
سڀئي منهنجا سپنا،
فضا ۾ وکري ويا،
تنهنجيءَ جدائيءَ ۾!
هي ڏينهن منهنجا،
تنها تنها گذريا،
تنهنجيءَ جدائيءَ ۾!
تنهنجي ڏنل درد تي،
لڙڪ رهندا رهيا،
تنهنجيءَ جدائيءَ ۾!
تو کي ئي ته ساريندي،
ڏينهڙا گذرن پيا،
تنهنجيءَ جدائيءَ ۾!
سيد نساء شاهه بخاري
هڪ ڏينهن
ڪڏهن نه کٽندڙ
جستجو جو سفر-
بنجي ويندس مان.
جدائي جي گهاون سا
گهائيل اندر-
بڻجي ويندس مان.
عبادت ڪرڻ جهڙو،
مسجد يا مندر-
بنجي ويندس مان.
ٿيندا رهيا حادثا ته،
هڪ ڏينهن کنڊر-
بنجي ويندس مان.
پٿون ٿيا پير عذاب وک وک،
تپندي واري ۽ ڪارا ڪک،
تون موٽي وڃ تو لاءِ هزارين لک،
منهنجي نصيب ۾ مور نه سُک.
سڪل صحرا ٿوهر ۽ بُک،
سڀئي منهنجا ساٿي،
ڏڪار ۽ اڃايل ڌرتيءَ جا ڏک.
مينا لغاري
عورت
عورت تنهنجي ڇا آهي حيثيت؟
ڪڏهن تو ڏٺا،
سکن جا پاڇا،
۽ ڪڏهن تون چچرجي وئين پيرن هيٺان
ٿين ٿي ڪڏهن
راتين جي زينت
مٺڙن مٺڙن سپنن جو جام
تو کي ڪنهن سڃاتو
ها شايد-
تون پاڻ به پنهنجي قدر نه ٿي ڄاڻين
سُڻ تون ڇا آهين
ها، تون راتين جي زينت نه پر،
اونداهين ۾ ٻاٽ آهين
جوڌن جي سرن جو تاج آهين
تون بدن جي خوشبو نه پر
بدن جو حصو آهين
ڇڏي ڏي انهن جي پچار
جي جيڪي تنهنجو قدر نه ڄاڻن
تون ڪنهن ڪتاب جو ڦاٽل ڪاڳر ناهين
۽ نه ئي ڪپڙن جو ميڙُ
تون ڪائنات جي سينگار آهين!
مينا بلوچ
چهرا
سامهون ڇٻر تي ويٺل هزار چهرا،
سڀ ڪوڙا، مئل ۽ بي بهارا چهرا.
سندن اکين ۾ ڏٺم پنهنجو عڪس،
ڀانيم پاڻ کي سچو ۽ اهي بي ميار چهرا.
موت جي تڏي تي ٽهڪن مٿان ٽهڪ،
ڪهڙا ڪهڙا ٿا روپ بدلائين بيميار چهرا.
کلڻ تي اهي به کليا مون ساڻ پر،
روئڻ تي منهن ڦيري ويٺا بيشمار چهرا.
وقت پوڻ تي کلي ويا سنگتي ۽ يار،
ٻهڪڻ لڳا جيئن مينهن مان ٿين نروار چهرا.
سامهون ڇٻر تي ويٺل هزار چهرا،
سڀ ڪوڙا، مئل ۽ بي بهار چهرا.
آزاد نظم
هي اونداهي
گگهه
ڦٽيل ۽ بکايل روح تڙپي
ڇا!
وري ڪو
منهنجي روح تي
قابض ٿيو؟
منهنجا پر ڀڃي ڦٽا ڪيا
عذرائيل جو ٽهڪ
ها! ها! ها!
ها وري ڪو
تنهنجي روح تي
قابض ٿيو.
*
شازيه شيخ
ڇرڪي پيئي ڇير
سانوري شام سانوڻ جي اڱڻ ۾ ڀريا پير
خاموشي جي پيرن ۾ ٻڌل ڇرڪي پيئي ڇير.
ماٺ جي مندر ۾ ويهي لڪي لڪي من کي،
سپنن جي پوڄا جي ڪير وجهي وياهير..
خاموشيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل ڇرڪي پيئي ڇير.
هوريان هوريان نيري اڀ مٿان ڇو اڄ،
رات جي ڪاري چادر جا پردا سُريا سوير،
خاموشيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل ڇرڪي پيئي ڇير.
اکين جي اونداهي ڱڻ ۾ ٻاري ڏيئا،
اوسيئڙن ۾ آسن جا وري رکي ويو ڪير،
خاموشيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل ڇرڪي پيئي ڇير.
*
ڳولهه باک ڦٽيءَ جو پکڙيل آسمانن ۾،
ناهي پنهنجي خوابن جي تعبير خواب نامن ۾.
ڏس ماڪ جا ڦڙا پري آهي نه اوشا،
ٻوليو آ پکيئڙو ڪنهن وڻ جي لامن ۾.
خاموشين جو هڪ اُتم شهر وسايو ٿم،
اچ تون به سڀ اوندهه ڇڏي دنيا جي دامن ۾.
ڪارن ڪڪرن کي پر انهين پرڏيهه کان،
ڪائين ٿو ڪو ڪانگ پيلن پنن جي شاخن ۾.
ڳُجهو ناهي رستو قرب جي قصر جو ڪو به،
اٽڪين نه جي دنيا جي ڪنڊن ۽ ڪانن ۾.
بينا بيدل
آزاد نظم
تون بڙ جو وڻ
جنهن جو پاڙون
پري پري تائين ڌرتي ۾ کُپيل
۽ مان نازڪ ول
تنهنجي سهاري وڌان
سائي رهان
جنهن ڏينهن تو کان جدا ٿيندس
سڪي سڙي
پن پن ٿيندس.
*
فضه غزل
غزل
آهي تنهنجي سار،
هاڻ نه رُهه تون ڌار.
ڇو تو وساريا؟
پنهنجا قول قرار.
سامهون هجين جي،
تو کي ڏيان ميار.
اکين مان اڄ آئي،
لڙڪن جي هي لار.
چنڊ کان مون تنهنجا،
رات پڇيا ها پار.
تو لاءِ راهن ۾،
هر هر نيڻ نهار.
پير ٿي ويا آهن پٿون،
راهن ۾ هُيا خار.
*
غزل
رات وري جو درد هي آيا،
سارا سيني منجهه سمايا.
ڇانيل آهن من ذهن تي،
تنهنجي سار جا سايا.
ڏس اچي تون نيڻن اڀ تي،
هن اڄ وري ڀي ڇمر ڇايا.
روئي دل جو بار گهٽايم،
ڳوڙها ٿي ويا هن سجايا.
چانڊوڪيءَ ۾ روئي روئي،
رات مون ها نيڻ جاڳايا.
پوتر پنهنجي پيار جا،
ڪيئن چئجن لڙڪ اجايا.
غزل
توکان ڪيئن آئون ڏور ٿيان،
آءُ ته تو سان گڏ هلان.
چانڊوڪيءَ ۾ تنها ٿي،
هر هر توکي ياد ڪيان.
پنهنجا لڙڪ لڪائي ڀي،
ساٿي! تنهنجا نيڻ اگهان.
خوشيون جيڪي مون وٽ هن،
سي سڀ تنهنجي جهول وجهان.
سُندر سپنا ڀٽڪن ٿا،
آءٌ ته سپنن ساڀيان ڏيان.
امر بڻائي پنهنجو پيارُ،
جيون توکي ارپيان مان.
*
زيب النساء وينگس
حيف زمانا توتي، جو نه سمجهيئي ڏوهه ثواب
ڪمزوريءَ جو ڪوٽ ڏئي، مون سا رکيئه حد حساب
وينگس جي ڪا واهه نه کوليئه، بندي ڇڏيئي باب
سارا منهنجا خواب، ڊاهي ڇڏيئه ڊوهه سان.
هٿان من هاج وئي، پئي ٿي هَٿَ هڻان،
هاري ڇڏيم هٿ سان، تنهنجا قرب ڪڻان،
سهو ڪري ساجن! ڪهڙو ڪنڌ کڻان،
وينگس شال وڻان، راڻا تو رُٺل کي!
مون ڏي سڀ ميار- تو ڏي ناهي هڪ
پر ڪٿان لاهي سڪ، زيبل تنهنجي زيارت جي.
غزل
حقيقت کان هر گز نه لهرائبو آ،
محبت سان ماڻهن کي مڃرائبو آ.
ڪُپت ڪوڙ ڪيني کان ڪترائبو آ،
مگر سّچ کولي به سمجهائبو آ.
سچائي جو پهراڻ سبرائبو آ،
ڪُدورت جو تن تان وڳو لاهبو آ.
ڪري ڪنهن تي ٿورو نه دُهرائبو آ،
وري ڳالهه ان کي نه ورجائبو آ.
پرائو ڪڏهن گهر نه ڊهرائبوآ،
رٺل پنهنجي ويڙهي کي پرچائبو آ.
ڪنن تي ڪچو ٿي اُلجهائبو آ،
جي اُلجهي پوي ڪو ته سُلجهائبو آ.
وڳو تهمتن جو نه پهرائبو آ،
بنا ڏوهه ڏوهي نه پهرائبو آ.
اي ”وينگس“ نه ڏاڍن کي چورائبو آ،
ٺهي زور جاتي اُتي لائبو آ.
*
ياسين اسماعيل ملاح
نظم
رات جو جڏهن تون ڪري اچين سينگار پيارا،
هجي چوڏهين چنڊ ۽ پنهنجو پيار پيارا.
حسن ۽ عشق جو هجي ايئن پاڻ ۾ ساٿ پيارا،
زندگي گذارڻ لاءِ هجي ڪا اهڙي واٽ پيارا.
جيئڻ ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو ديرو هجي،
جتي پريمين تي ڪو به نه پهرو هجي!
جئيڻ ڪاڻ روز مرڻو پوندو آ،
ڏک ۽ سک سهڻو پوندو آ.
هت دل کان دل جي دوري آه،
هت محبت هڪ مجبوري آه.
قيد جي زنجير آه باقي،
پنهنجو ناهي هت ڪو ساٿي.
*
تسليم اعجاز ڀٽو
غزل
ساهه ۾ سدائين جنهن جو سوجهرو رهيو،
ويجهو منهنجي رهيو، پر اوپرو رهيو.
آواز کي گهُٽيو کڻي گيتن کي موت ڏيو،
ڇو جو لهوءَ جي راند جو هي مورچو رهيو.
جلان ٿو ته اُجالو هان، مڃان ٿو ته معجزو،
اچان ٿو ته مان اوٿر هان ڄڻ ڪو دوستو رهيو.
تو تسليم جي تابش کي ڪڏهن توريو نه آ،
تون داد ڏي جو، مونجهه نه ٿي ڪوڪرو رهيو.
*
ماهرو سلميٰ
ٻهڪندڙ احساس
مون سوچيو ۽ پوءِ هن کان پڇيو
ڪجهه ئي ڪونهي ته سڀ ڪجهه آ
ڪي بينائيءَ سان نابينا
ڪي نابينا، بينا ٿا ٿين
ڪيئن ديد بنا محسوس ڪيئي؟
هن جيون وکريل وکريل کي
رنگ برنگي گلڙن جي
مشهور ڪندڙ خوشبوئن کي
ڪيئن؟ آخر ايئن محسوس ڪيئه ؟
اکين جي بينائيءَ ڌاران
هوءَ بار ڪمن جا ڪهڙيءَ طرح
آخر آهن تو پاڻ کنيا؟
۽ سي به اڪيلي سر! وه وا!
هر هڪ گذرندڙ لمحي ۾
هر هڪ کن ۾، هر هڪ پل ۾
اهي اوسيئڙا تو ڪيئن ڪاٽيا؟
اکين جي بينائيءَ ڌاران!
هن مُرڪيو، مُرڪي کلي چيو
ٻڌ، ته ٻولي سگهجن ٿا!
سي ٻول جي آهن جيون ٿيا
سي پنهنجو پاڻ مڃائن ٿا
مڃرائي سگهجن ٿا هر ڪنهن کان
لفظن جو مطلب مول بيان
سو لفظن کي معنيٰ ڏيئي
امرت رس تن ۾ پارايان ٿو
۽ پاڻ تي سي برسايان ٿو
سي لفظ، امرتا آ جن ۾
سي لڙڪن وانگي پيتا اٿم
پوءِ مون کي چري! ٻيو ڇا گهرجي؟ |