شازيه عارب منگي
Shazia Arab Mangi
پاڳل پن
ڪيڏي پاڳل آهيان، رڳو ويٺي سوچيان،
پنهنجي ننڍڙي دنيا، خيالن ۾ پئي ٺاهيان
ماضيءَ جون ڪيئي تلخيون، حال جون تڪليفون
ميڙي تن کي جيءَ ۾، روز پئي ورجايان
رڳو پئي ٿي پايان، جهاتيون پنهنجي جيءَ ۾
جهريل ڏسڻ من، پنهنجو هر هر پئي ٿي روئان.
(سرتيون، ڊسمبر 1996ع)
ثريا منير
سولنگي SuriaMunir Solangi
روز رستا نهاريان ويٺي
پلپل توکي پڪاريان ويٺي
ناهي ننڊ نيڻن ۾
روز نير وهايان ويٺي
دور ڪٿي آن تون
تنهنجو پتو پڇايان ويٺي.
(ادب، فيبروري 1995ع)
ثريا سنڌي
Suria
Sindhi
رانول آءُ نه روئينديس
نه لڙڪ لڙيءَ ۾ پوئينديس
چاهي منهنجي من جو مندر
ميٽي تون مسمار ڪرين
چاهي من جي مورت کي تون
دل ڌرتيءَ کي ڌار ڪرين
چاهي منهنجي پوتر پوڄا کي
نسڦل تون سو وار چوين
رانول آءُ نه روئينديس.
نه لڙڪ لڙيءَ ۾ پوئينديس.
(سوجهرو، جولاءِ 1974ع)
*
ثريا سوز
ڏيپلائي Suria Sooz Deeplaie
ڪهڙي پڇو ٿيون ذات
ڙي سرتيون
ڪهڙي پڇو ٿيون ذات
منهنجي ذات به آهي ڌرتي
منهنجي لات به آهي ڌرتي
ٻي نه وائي آهي وات
ڙي سرتيون
ڪهڙي پڇو ٿيون ذات
هن جي ماڻهن منجهه شرافت
هن جي ماڻهن منجهه محبت
شل نه ڪُهي ڪو ڪات
ڙي سرتيون
ڪهڙيون پڇو ٿيون ذات
هن مٽي ئي موهيو آ من
ان تان گهوريان، تن من ۽ ڌن
ڏينهن هجي توڙي رات
ڙي سرتيون
ڪهڙي پڇو ٿيون ذات.
(نئين زندگي، ڊسمبر 1989ع)
سلطانه و
قاصي Suiltana Vaqasi
منهنجون وحشتون
وٺي ويون
ان حد تائين
بي اختيار سوچيم
ڪهڙن گناهن جي
ملي آ مون کي سزا.
هر قدم تي مليا
ڪيترائي خدا
سدا سهڻا
ڳالهيون مٺيون
سوچون اعليٰ
پر اوچتو ئي اوچتو
ظاهر ٿيو پوي.
انهن جي اندر جو
ابليس.
(دونهاٽيل درشن، جنوري1984ع)
سوسن مزا Susan
mirza
دل ديول جي ديوارن سان
ڇو ٿي سر ٽڪرائين
پنهنجو پاڻ گنوائين
ڳهيلي
مور نه ايندءِ ميت
جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄائي
پوياڙيءَ جي پنڇيءَ لاءِ
پتڻ پتڻ تي ڇو ٿي پڳلي
پنهنجا پلڪ وڇائين
پنهنجو پاڻ گنوائين
ڳهيلي
مورو نه ايندءِ ميت.
(سوجهرو، جولاءِ 1974ع)
*
تانيا
ٿيٻو Tania
Thebo
غزل
بي مول شي ته ناهن
هي لفظ شاعريءَ جا
ڪيڏا نه ڏس کنيا هن
مون قرض شاعريءَ جا
پل ۾ نه گڏ ٿيا هن
هي لفظ شاعريءَ جا
هڪ هڪ ڪري کنيا هن
مون قرض شاعريءَ جا
(سرتيون، جولاءِ- ڊسمبر 1992ع)
تسليم
زنئور Tasleem
Zanour
من ۾ آنڌ مانڌ آ ڄڻ ڪا ئي راند آ.
ساهه نٿو اتساهه وڻي، نه هانءُ ڪڏهن هيڪاند آ.
ڪا گهنڊيءَ لار ڪنن ۾ ٻُري، ڪو هيڊو پن جڏهن چري
ٿا پاڇا مون پٺيان ڊڪن، هيءَ رات وڙواند آ.
رڃ ۾ واڪا روح ڪري، ڄڻ جهونجهڪڙي ۾ ڪا ٻري
ٻوهه ٻائوريءَ منجهه ارڙاٽا، ٿوهر ۾ اٽڪيو پاند آ.
منهنجي ياترا اجهاڳ آ، نڪي واٽ لڀي نڪي ماڳ
نه ڪي ساهه کڻڻ، نڪي ٿڪ ڀڃڻ، وير نه هڪ ويساند آ.
(سرتيون، آگسٽ 1996ع)
تسنيم
يعقوب Tasneem
Yaqoob
تو چيو هو
”ڪاش مان ڪوي هجان ها
تو لاءِ گيت لکان ها جيڪر
تنهنجي مرگهه نيڻن تي
جن ۾ منهنجي تصوير آ
جن مان منهنجو پيا سو من
جهاتيون پائيندو آ.“
تو چيو هو
”ڪاش مان چترڪار هجان ها
ڪو چٽ چٽيان ها جيڪر
ٻن نيرين ڪارين ڍنڍن جو
جن جي بي انت گهراين ۾
منهنجو وجود ڪنول جي گلن جيان
ٻڏندو ترندو آ.“
او هر جائي
مرگهه نيڻن جي پياس وڌائي
هن جيون جي رڻ ۾
رڃ پٺيان ڇو رولي ويو آن؟
او منهنجي من جا چور
منهنجو من گهائي
ڪهڙو ديس وسائي ويٺو آن؟
(سوجهرو، نومبر 1972ع)
ذڪيه تبسم
عباسي
Zakia Tabbassum Abbasi
ڪيڏا آهن، سهڻا سي، تو لاءِ ڏٺم جي خواب مٺا!
يادن جي دنيا ۾ اچي ٿو مون کي ڪرين شاداب مٺا!
تنهنجي ڪارڻ روز ملن ٿا مهڻا سڀ ٿا سهڻا پون
تنهنجي وفائن خاطر دنيا ڏئي ٿي ڪيڏا عذاب مٺا!
سوچن جي ٻيڙيءَ ۾ ڇهي، آيس ڪيئي بحر لنگهي
هر پل تو سان ساڻ هجان شل توکان ڪهڙا حجاب مٺا!
(سرتيون، جنوري- 1991ع)
زيب نظاماڻي
Zeb Nizamani
گيت
رات جا برسيا نيڻ، او ساٿي
رات جا برسيا نيڻ.
ڪارونجهر تي ڊيل ڊڪي ٿي
ڀٽن ڀر چانڊاڻ چڀي ٿي
ساريو ساريو سيڻ او ساٿي
رات جا بر سيا نيڻ.
ساٿ ڇڄي ٿو هانوءَ هڄي ٿو
ڪانگل ڪٿ ڪا لات لنوي ٿو
ٿيو ٿيو من آ ميڻ او ساٿي
رات جا برسيا نيڻ.
سار جا بادل ڀرجي آيا
دل ڌرتيءَ تي ڇمر ڇايا
ور وساري ويڻ، او ساٿي
رات جا برسيا نيڻ.
(بختاور، مئي 1991ع)
زيبا ڏيرو
Zeba Dero
رات جي اڪيلائي ۾ روئڻ ڏاڍو عجيب لڳو
اندر منجهه سڏڪن جو سڏڪڻ ڏاڍو عجيب لڳو
ڏکن سان جيئندي ويو آ کلڻ وسري
ٽهڪن سان ٽهڪ به ڏيڻ ڏاڍو عجيب لڳو
نه ڇرڪي ڪو اکيون ڳاڙهيون منهنجون ڏسي
اکين ۾ ڳوڙهن جو اچڻ ڏاڍو عجيب لڳو.
مون کي ڪو به ماڻهو مليو ٿي جڏهن،
ان کان تنهنجو پتو پڇڻ ڏاڍو عجيب لڳو.
(سرتيون، جولاءِ- ڊسمبر 1992ع)
زيب النساء
زيب Zebunisa Zeb
منهنجي مصنوعي مرڪ ڏسي
سوچيو هوندءِ
مان بي حد خوش آهيان
ها جان....
تو پڄاڻان
مان ڪڏهن به اڪيلي نه رهيس
تنهنجون يادون
ساهه جون ساٿي بنجي ويون.
(بختاور، مئي 1991ع
زبيده
ميتلو Zubaida
Metlo
ڏيهه ٿئي سارو سامهون
اکين پوءِ ڪهڙي ڪٽ
آتڻ آ، جنهن جو اداس
ماس منجهه ڪيڏي پَٽ
فضا گهلي،
خوشبوءِ ڦهلي
روح رڳ ۾ آئي سٽ
اوسيئڙو ڀري آهون
يادن لاتي رٽ رٽ
پسان هيڪر پاڻ
ڀل ڪا گهڙي ڀل
ڪا جهٽ
پسڻ ڪارڻ پرين
جهاڳنديس برپٽ.
(رابيل، جولاءِ 1981ع)
زهره شاهه
Zuhra
Shah
تو بنا
مان ڇا آهيان
تو بنا
مان تو بنا هڪ ويران برپٽ
جنهن تي نه ته ڪو ڪڪر وسي
۽ نه ته ڪو گل کلي
خزان هجي يا بهار
پر منهنجي اندر هميشه
پت جهڙ آهي تو بنا.
(سرتيون، ڊسمبر 1996ع)
ڊاڪٽر رفيعه
شبنم عابدي ترجمو: گلبدن جاويد
مرهٽي شاعريءَ ۾ عورت جو تصور
لطيف فنون جي ڪهڙي به شاخ هجي، ان جي فروغ ۾ عورت جو وجود، زمان
۽ مڪان جي پابنديءَ کان ٻاهر رهي، خالص فن جي
تخيليقي عمل ۾، سرت ۽ سونهن وڌائڻ جو سبب رهيو
آهي. هندستان ۾ به هڪ وڏي عرصي تائين مائيتو نظام
هلندڙ هو. ۽ هر هنڌ عورت کي مرد تي برتري حاصل
هئي، ايتري قدر جو مذهبي ويساه ۾ به عورت ديويءَ
جي روپ ۾، خدائي جي حصيدار بنجي ويئي. پيئيتي نطام
اچڻ کان پوءِ صورتحال بلڪل بلدجي ته ضرور ويئي، پر
عورت جو وجود ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ مردن ۽ خاص
ڪري فنڪارن جي سوچ ۽ احساس تي ڇانيو رهيو، جيڪو هر
دؤر ۾ هر ٻوليءَ جي ادب مان ظاهر ٿئي ٿو، اهڙي
نموني مرهٽي ادب ۽ شاعريءَ ۾ به وقت جي بدلجندڙ
گهرجن سان گڏوگڏ عورت جا بدلجندڙ روپ به موجود ڏسي
سگهجن ٿا.
مرهٽي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات تيرهين صدي عيسويءَ جي ويجهو
ٿئي ٿي، شروع کان پيشوائن جي خاتمي تائين پکڙيل
دؤر مرهٽي شاعريءَ جو ”ڪلاسيڪي دور“ سڏجي ٿو. ان
دؤر جي شاعريءَ ۾ به عام طرح ٽي لاڙا ملن ٿا، جن
جي ورهاست به اهڙيءَ طرح ڪئي وڃي ٿي. جيئن پهرين
عارفاڻي شاعري جو دور، ٻيو مُلن يا پادرين جي
شاعري ۽ ٽيون درٻاري شاعري. هيءَ ڳالهه به ذڪر
جوڳي آهي ته انهن ٽنهي لاڙن جي اثر هيٺ آيل
شاعريءَ ۾ به عورت جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾
موجود آهي.
عارفاڻي شاعري مرهٽيءَ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اوائلي
نقطو آهي، ۽ چڪو ڌر سواميءَ کي مرهٽيءَ جو پهريون
شاعر مڃيو ٿو وڃي، جيڪو گجرات کان مهاراشٽر لڏي
آيو هو، ۽ پاڻ هڪ مذهبي جماعت ”مهانو ڀائوپنٽ“ جو
اڳواڻ هو. پر ان وقت سڀني مان نمايان شعر درويش
گيانيشور آهي، جنهن مهاراشٽر ۾ ”ناٿ پنٿ“ جو بنياد
وڌو، ۽ شاهڪار تخليق ”گيانشوري“ پيش ڪئي، جيڪا
گيتا جو شعري تفسيرُ آهي، ۽ ڀڳتي رنگ سان ڀريل
آهي. دويش نام ديو، ايڪ ناٿ، تُڪارام ۽ رام داس
به ان سلسلي ۾ ثانوي ڪڙين جي حيثيت رکن ٿا. خاص
ڪري وحدت الوجود جو فلسفو انهيءَ شاعريءَ جو
ترجمان آهي، ان کانسواءِ چڪر ڌر سوامي جي پوئلڳ
شاعره ”گرڀ ڪانڍ“ وغيره جهڙا مشهور نظم، دوريش
گيانيشور جي ڀيڻ مڪتا ٻائي، درويش نام ديو جي
گهريلو خادمه جني ٻائي ۽ دوريش درويش نام ديو،
درويش ايڪ ناٿ وغيره جي شعري ڏات جي مطالعي ڪرڻ
سان اندازو ٿئي ٿو ته ان دور ۾ عورت کي سماج ۾، هڪ
معزز ۽ محترم مقام حاصل هو. مطلب ته وٽن عورت جي
وجود جو وڏو شانائتو ۽ مانائتو تصور ڪيو ويندو هو،
۽ هُن جي ذات کي روحانيت جو سر چشمو مڃيو ويندو
هو. گهريلو ذميدارين جي سلسلي ۾ جيڪو به ڪم هوءَ
ڪندي هئي ته ان مان به اهي درويش شاعر ڪشف الاهي ۽
عرفان جو ڪو نه ڪو نقطو ڪڍي وٺندا هئا. مثال تڙ
تان پاڻي ڀري، گهرن ڏانهن موٽندڙ عورتن کي ڏسي،
دوريش نام ديو پنهنجي هڪ شعر ۾ خدا سان هيئن مخاطب
ٿئي ٿو.
”جهڙي طرح عورتون پنهنجي مٿن تي پاڻيءَ جي گهڙن جو ٻيلهڙو رکي
موٽن ٿيون ۽ رستي هلندي، پنهنجين هڪ جيڏين سان
ڳالهيون ڪندي به سندن ڌيان گهڙن طرف رهي ٿو، اي
خدا! نام ديو جي خواهش آهي ته هن دل ۾ به تنهنجو
ائين ڌيان رهي.“
هن پوتر روپ ۾ شاعرن وٽ عورت جي جسماني سونهن ۽ سوڀيا کي به چڱو
مرتبو حاصل هو.
شايد ان لاءِ ئي گيتا ۽ مهاڀارت جا شعري تفسير پيش ڪندي، مرهٽي
جا درويش شاعر ايتريقدر روحانيت ڏانهن مائل رهن
ٿا، جو سيتا جي سونهن جو بيان هجي يا رڪمنيءَ جي
عشق جو ، انهن جو قلم پاڪائيءَ جي امرت ڏانهن به
اوترو ئي متوجهه رهي ٿو. درويش ايڪ ناٿ، رامائڻ جي
شعري شرح لکندي، سيتا جي سونهن کي هن طرح بيان
ڪري ٿو.
”هوءَ ايتري قدر نازڪ هئي جو لڳندو هو ته چنڊ جي روشني جي شعائن
سان سندس جسم زخمي ٿي پوندو، ڪنول جو گل سندس
مقابلي ۾ سخت هو، هن جا جسماني عضوا عرش برين کان
به وڌيڪ لطيف شيءِ جا ٺهيل هئا، ان جي چهري تي نظر
وجهڻ سان اکين تي خمار چڙهي ويندو هو.“
عورت جي پوترتا ڏانهن ايتري ڌيان هوندي به ڪجهه داستاني قصن ۽
ڪردارن جي سبب عورت جو هي پوتر وجود شڪ جي نگاهه
سان ڏسجڻ لڳو. ان ڪري عارفاڻي شاعريءَ ۾ هوءَ ڪٿي
ڪٿي نفس يا پاڪائي ۽ ڇوٽڪاري جي راهه ۾ هڪ وڏي
رڪاوٽ بنجي سامهون اچي ٿي، ۽ روحانيت عفان الاهي
جي راهه تي تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ طرف ويندڙ مرد جي
پيرن جي سنگهر بنجي، ان جو رستو روڪي ٿي. بهر حال
وري به هوءَ ديوي آهي ۽ پوڄا ڪرڻ جي لائق عورت جو
هي تصور عارفاڻي شاعريءَ جو روح آهي.
مُلن يا پادرين جي شاعري، جنهن جا نقش بهمني سلطانن جي زوال ۽
مرهٽا طاقت جي عروج سان گڏوگڏ اڀرندي ڏسجن ٿا،
جيڪي گهڻي ڀاڱي علمي داستانن ۽ داستانوي قصن جا
شاعر آهن، ان دوران رامائڻ، گيتا ۽ مهاڀارت جي
مختلف قصن کي مرهٽي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪيو ويو.
فلسفياڻي انداز ۽ بيان جي باوجود به موضوع قصن جي صورت ۾ ئي
رهيا، ۽ قديم داستانن ۽ مذهبي ۽ نيم مذهبي جنگين
جا ڪيترائي عورتاڻا ڪردار شاعريءَ جي ڪينواس تي
اڀري آيا.
اهڙيءَ طرح هڪ اهڙي عورت جو چهرو سامهون آيو، جيڪا يا ته راڻي
آهي يا ڪنهن داستان جي روايتي هيروئن، هوءَ سونهن
۽ احساسن جي خوبين سان سينگاريل آهي؛ هوءَ تير
اندازيءَ جي فن جي ماهر آهي ته تلوار هلائيندڙ به
آهي ته عالم به آهي. ذهين به آهي ته حسين به آهي.
دل جي گهرائي ۽ روح جي سچائيءَ سان محبت ڪرڻ واري
معشوقا به آهي هيءَ عورت ان دور جي تقريبا هر شاعر
جي تخليق ۾ نظر اچي ٿي. مثال ڪوي نريندر جي ارڙهن
سئو شعرن تي مشتمل مثنوي رڪمڻي ۾ رڪمڻي جي عشق
جو داستان، سندس امنگ ۽ قرباني، سندس جذبا ۽ بي
خودي ۽ سندس بي پناهه حُسن، ۽ همنشينن ۽ هڪ جيڏن
سان مذاق، ڇيڙ ڇاڙ، همدرديون ۽ ڏک ونڊڻ، مطلب ته
اهي سڀ شيون ان معاشري جي عروت جي تشبيهن ۽
استعارن کي اجاگر ڪن ٿيون. ان کانسواءِ اننت ڪوي
جي رامائڻ، مهاڀارت ۽ ڀاڳوت جي قصن تي ٻڌل سيتا
سوئمبر، درو پري سوئمبر، ڪشل آنکيا، سلوچنا آنکيان
۽ گوپي گيت جهڙا نظم، ڪوي ناگيش جي سيتا سوئمبرا
اوچت ست ڪاشيءَ جو دوپديءَ سوئمبر ۽ مورو پنت جا
جنگي نظم ”ڪشل ديويا کيان“به ذڪر جوڳا آهن. خاص
طور تي پويون ذڪر ڪيل نظم، جنهن ۾ مورو پنت ناهيءَ
منظر کي قلمبد ڪيو آهي، جنهن ۾ سيتا کي باهه جي
آزمائش جي باوجود رام جي چوڻ تي ايوڌيا ڇڏي جهنگ
جو رخ ڪرڻو پوي ٿو، جتي لو ۽ ڪش جي پيدائش ٿئي ٿي.
هي قصو در اصل عورت جي ان سانحي طرف اشارو ڪري ٿو
ته سندس سمورين روحاني پاڪاين ۽ سچاين جي باوجود
ان دور ۾ عورت کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽
سندس مرتبو ڪيترو به اعليٰ ڇو نه هجي. پر سماج کي
معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو. اهڙي ئي موقعي تي
اردوءَ جي مشهور شاعره زهره نگاهه پنهنجي هڪ شعر
۾ ڏاڍي خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي:
”اگني پار اتر کي سيتا جيت گئي وشواس
ديکها دونون ها تهه بڙهائي رام کهڙي تهي پاس
اس دن سي سنگت مين آيا سچ مچ کان بن باس“.
هنن نظمن سان عورت ۽ مرد کي سهڪاري تعلقاتن ۽ سماجي روايتن تي
به روشني پوي ٿي، ۽ خبر پوي ٿي ته ان دؤر ۾ به
ازدوا جي زندگيءَ کي اهميت حاصل هئي ۽ عورت کي
شريڪ حيات تصور ڪيو ويندو هو. ڪرشن ۽ رڪمڻيءَ جي
ازدوا جي تعلقاتن جي پس منظر ۾ مورو پنت پنهنجي هڪ
شعر ۾ هيئن لکي.
”زال ۽ مڙس هڪ مڇيءَ جي جوڙي وانگر هميشه سک جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهن
ٿا، ۽ اهي رسڻ ۽ پرچڻ ۾ ئي زندگي گذاري ڇڏين ٿا.
دکن جي اردو شاعريءَ جي نتيجي ۾ جڏهن مرهٽي ٻوليءَ
۾ درٻاري شاعريءَ جو ظهور ٿيو ته لساني ۽ فڪري
ٻنهي نقطن کان تبديلون عمل ۾ آيون. ٻوليءَ جي سطح
تي عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ داخل ٿيا ۽ فڪري سطح تي
عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ داخل ٿيا ۽ فڪري سطح تي
اردوءَ جي عشقيه ۽ جنسي موضوعن جي اظهار جو گهرو
اثر ٿيو. مرهٽي شاعريءَ ۾ لولين ۽ لاڏن (سهرن) جو
وجود پيو جيڪي ڪنهن حد تائين اردو مرثين سان ملن
ٿا. البته لاڏن جو ذڪر ناپسند معلوم ٿئي ٿو، جن جو
بنيادي موضوع عشق هوندو آهي ۽ اهو به عورت جو
پنهنجي محبوب سان عشق جي جذبن جو بي حجابائيءَ سان
بيان، ميلاپ، وڇوڙو وغيره.
انهن غير معياري لاڏن جي مقابلي ۾ شاديءَ ۾ ڳائجندڙ گيتن کي
وڌيڪ اهميت حاصل آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ناچڻين ۽
ايڪٽراياڻين جو عملي مظاهرو به شامل آهي. ان جو
وڏو سبب هي به آهي ته اهي ناچڻيون جاگيري سماج جو
هڪ حصو رهيون آهن. جيئن عصمت الله جاويد لکيو آهي
ته.
”باجي راؤ ٻئي جي زماني ۾ دربار جو سڄو انتظام عورتن جي هٿن ۾
هو، ايتريقدر جو بيگمن جي فوج قائم ٿي ويئي،گويا
پونا به زوال آيل لکنوءَ جو مثال پيش ڪري ٿو ته رد
ٿيل لاڏن ۾ به رنگيلين ۽ هوسڪار عورتن جو ذڪر هز
هر اچي ٿو ته پوءِ ان تي تعجب ڪهڙو! جيتوڻيڪ
پيشوائي دؤر جي لاڏن ۾ به ڪوٺي تي بيهي اشارن سان
عاشقن کي گهر ۾ سڏيندڙ عورتن جي ڪمي نه هئي، پر ان
سان گڏ درد فراق جي ماريل نيب پرڻلين ڪنوارين
چواڻي ته ”دور ديس متان وڃو، گهر ۾ ڌن ۽ دولت جي
ڪهڙي ڪمي آهي! اوجاني! هن اسل خوشيءَ جو ڏڻ اچي
ويو آهي.“ ائين چئي پنهنجي بهادر سپاهيءَ کي جنگ
جي ميدان ۾ وڃڻ کان روڪڻ واري وفا شعار زال جو به
ذڪر ملي ٿو.
مرهٽي شاعريءَ جي لاڏن جو هڪ مقصد ڇاڪاڻ ته جنسي جذبن جو اظهار
هو، ان لاءِ لاڏو پيش ڪرڻ واريون اداڪارائون ۽
ناچڻيون جسماني عضون جي نمائش کان بي انتها ڪم
وٺنديون هيون، تنهن ڪري ان صنف ۾ جسماني نمائش کي
رواج حاصل ٿيو ۽ ان جا ڪيترائي خوبصورت فني نمونا
منظر عام تي آيا. |