سنڌي شعر ڪڏهن شروع ٿي، تنهن جي پوري خبر نٿي پوي.
ڇو ته زماني جي خورد برد ڪري اڳين جا دفتر اسان
جي هٿ ۾ نه اچي سگهيا آهن، ۽ نڪي غفلت وچان پوين
جي ڪارنامن جي سار سنڀار لڌي اٿئون. بهر حال ان جا
پرياڻ 8 صدي هجري (14 صدي عيسوي) ۾ پڌرا ٿين ٿا.
ڄام جوڻا
خان جي ڏينهن ۾ شيخ حماد ولد شيخ رشيد الدين جمالي
نالي بزرگ ٿي گذريو آهي، شيخ تي هڪ ڀيري. هڪ عجيب
حالت طاري ٿي ۽ جولان ۾ اچي درحال هڪ سنڌي بيت وڏي
واڪي پڙهيائين. جيڪڏهن اها روايت سچي آهي ته
انهيءَ بيت جي تاريخ 777هه (1375ع) ۾ مقرر ڪري
سگهجي ٿي. ساڳئي سمي حاڪم جي ڏينهن ۾ ’ساموئي‘ جو
قصو مشهور آهي...... انهن ستن شهيدن (هفت تن ) جون
پيشنگويون- جن کي عام طرح ساموئي يا ساموئي جا
بيت ڪري سڏيندا آهن.... جي ائين آهي ته اهي بيت سڀ
کان آڳاٽا آهن. سمي خاندان جي پڄاڻي سن 1523ع ۾
ٿي. شيخ ڀريو ( بريه) ويرداس هڪ وجداني مجذوب ٿي
گذريو آهي، ان اسحاق آهنگر (لوهار) جو چيل بيت
پڙهيو. هن دوريش 2. 9 هه (1467ع) ۾ وفات ڪئي
مٿين حقيقتن مان پڌرو آهي ته سنڌي شعر جي شروعات
14 صدي جي آخر ۾ ۽ 15 صديءَ جي اوائل ۾ ٿي آهي.
[ شمس العلماءِ
علامه
علامه دائود پوٽو، سنڌي شاعري، عرفان لطيف 1949ع].
شمس العماء
علامه
ڊاڪٽر دائود پوٽو
سنڌي شاعري
علم ادب به هڪ عمدو فن آهي. جيئن لطيف فنونن حاصل ڪرڻ لاءِ، تجربو،
مهارت ۽ ڪوشش جي ضرورت آهي، تيئن علم ادب ۾ مهارت
۽ تجربو سخت درڪار آهن. نثر نويسي، شاعري ۽ مصوري
به لطيف فن آهن، جي وهبي به آهن ۽ ڪسبي به آهن.
بيشڪ ڪن فردن کي خدائي ڏات مليل هجي يا ڄاپندي ڄام
هجن. پر ڪو به ماءُ پيٽان هنر يا فن وٺي ڪو نه
آيو آهي. تربيت ۽ ماحول
جو اثر هر ڪنهن هنر يا فن تي ضرور رهيو آهي. رڳو
وهب يا ڪسب ڪنهن ڪم جو ناهي، جيستائين ٻنهي قوتن
جو پورو ميلاپ نه ٿيو آهي، تيستائين ڪو به اديب
شاعر يا مصور يا فنان ڪالميت
جي
درجي پهچي نٿو سگهي. انهن سان گڏ متواتر اورچ ڪوشش
به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به فن ۾ پير ڌري پوءِ
ان کي ڇڏي ڏبو ته اهو اڻپورو ۽ ناقص رهجي ويندو.
از انسواٰءِ هڪ کان وڌيڪ فنن ۾ ڪماليت ورلي حاصل
ٿي سگهندي، اهڙا متفنن ۽ ڪامل انسان دنيا ۾ شاذ ۽
نادر آهن. هر هڪ کي پنهنجي دائري اندر ڪنهن خاص ڪم
جي سرانجاميءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن
سڀڪو ” هر فن موليٰ“هجي ها ته قدرت جو ڪارخانو ٽٽي
پوي ها ۽ ڪائنات ۾ بي بندوبستي ۽ بي انتظامي
ڇائنجي وڃي ها. مثلاً
هڪ اعليٰ درجي جو نثر نويس اديب مشڪل سان انتهائي
درجي جو شاعر ٿي سگهي ٿو يا ان جي ابتڙ
”هر کسه رابهر ڪاري ساختند.“
علم ادب به هڪ وهبي ۽ ڪسبي ڏات آهي. سڀڪو سڌڙيو
لئي مان لٺ ڀڃي اديب يا شاعر ٿي نٿو سگهي. هڪ شاعر
يا اديب کي پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ان
جي ڪمال ۽ توڙ تي پهچڻ لاءِ سخت جهد پٽڻا پون ٿا. هڪ وهبي شيءِ ائين آهي جيئن هڪ شاعر يا اديب کي پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ان جي ڪمال ۽ توڙ تي پهچڻ لاءِ سخت جهد پٽڻا پون ٿا.هڪ وهبي شيءِ ائين
آهي
جيئن ڪو ٻيلو
چاراگاهه، جنهن ۾ وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ گل ڦل سواءِ ڪنهن ترتيب يا نظام جي ٽڙيا
۽
پکڙيا پيا هجن. اگرچ انهن کي به پنهنجو حسن ۽ جمال
آهي ۽ انهيءَ بي انتظامي ۾ به نظام آهي. پر جڏهن
انسان جو هنر مند هٿ انهن کي خاص ترتيب ڏيئي
بيهاري ٿو. تڏهن انهن جو جلوو ۽ جمال ويتر وڌيڪ
ٿئي ٿو.
هڪ پاڻيءَ جي وهندڙ ڪسي، جبل تان جرڪندي، گهر ڪندي، ور وراڪا کائيندي، نهايت خوشنما ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر جڏهن اها ڪنهن مرغزار ۽ گلستان مان لنگهي ٿي، تڏهن سندس زيب ۽ زينت دوبالا ٿيو پوي. هڪ فطرتي شاعر يا اوائلي اديب جي ڪم کي ڏسندا، جنهن کي زماني جي مروڙ ۽ اڳين جي تجربي زياده آگاهه ۽ پختو ڪيو آهي، ته زمين ۽ آسمان جو فرق معلوم ٿيندو. وهب لاءِ ڪسب
ائين آهي جيئن سوني تي سهاڳ. انهيءَ مان ثابت ٿيو
ته هر ڪنهن هنر يا فن لاءِ تربيت وٺڻ ۽ هڪ استاد
جي نظر ۽ رهبريءَ هيٺ ڪم ڪرڻ ۽ ڪيڙجڻ بلڪل واجب
سمجهيو ويندو. جيڪڏهن ڪنهن نوجوان ۾ شاعريءَ يا
مصوريءَ جو رجحان يا استعاد پاتو ويندو هو ته ان
کي اهڙي قسم جي تعليم لاءِ اتاليف ۽ استاد جي
ضرورت
پوندي هئي.
اڻ گهڙئي ڪاٺ کي سنواري سڌو ڪرڻ، هڪ لازمي امر
آهي. نظامي عروضي سمر قندي پنهنجي ”چهار مقاله“ ۾
هڪ اديب يا شاعر جون خصوصيتون ڄاڻايون آهن، لکي
ٿو ته هڪ هونهار شاعر لاءِ ضروري آهي ته سڀني
مقتدم، متوسط ۽ متاخر شاعرن جا ديوان پڙهي ۽ پڻ
ڪيترا هزار شعر ازبر ياد ڪري، تان جو هن جو ملڪو
پختو ٿئي، ازانسواءِ ٻيون به ڪيتريون وصفون بيان
ڪيون اٿس. ان جو ماحصل هيءُ آهي ته قديم ۽ حديث تي
حاوي ٿي، پنهنجي فن ۾ اصليت ۽ عبقريب پيدا ڪري ۽
اڳين جو نقال يا مقلد نه ٿئي. شعر ۾ جيڪي خيال
سمايل آهن، سي اوائل کان وٺي ساڳيائي رهيا آهن، ڇا
ڪاڻ ته ان جا سرچشما، جي انساني عواطف سان وابسته
آهن، سي گهڻو ڪري اڻوڻندڙ
آهن، اگرچ انهن ۾ زمان ۽ مڪان جي اختلاف ڪري مناسب
تبديل ۽ تغير ضرور اچي ٿو، تنهن ڪري هڪ شاعر لاءِ
لازم آهي ته جيڪڏهن ڪنهن متقدم شاعر جو خيال وٺي
ته ان کي هڪ نئين سانچي ۾ پلٽي علحده صورت بخشي
۽ ان ۾ لفظي ۽ معنويٰ جدت پيدا ڪري. جيڪڏنن ائين
نه ڪيائين ته سندس شاعريءَ کي ڪا به ترقي حاصل نه
ٿيندي ۽ ڪوريءَ وانگر ساڳيءَ تر تي پيو شعر جي
تاڻي اُڻندو. الحمدالله!
اسان جي ٻاجهاريءَ سنڌ ۾ شاعرن ۽ اديبن جي ڪمي ڪانهي، پر انهن ۾
نوعيت ۽ جدت جي قلت بيشڪ آهي. انهن جي تربيت لاءِ
ڪو خاص مڪتب نه آهي، سڀڪو لڪير جو فقير بنجي
پنهنجي نموني هلي رهيو آهي. اڪثر فارسي ۽ اردو شعر
جي نقاليءَ ۾ مهو آهن. انهن جو شعر اهڙو آهي جو هڪ
ٿورو پڙهيل آدمي ته سندن ڪلام سمجهي نه سگهندو؛ـ
بلڪ سنڌي ست درجا پڙهيل يا مئٽرڪ پاس به منجهي
پوندو. صاف سنڌيءَ ۾ زبر
اضافت آهي ئي ڪانه. موجوده اديب ۽ شاعر زير
اضافت جو ايتري قدر استعمال ڪن ٿا، جو فارسيدان ئي پڙهي سگهندا.
موجوده شاعرن مان مشڪل ڪي ٿورا هوندا، جن سشهه
جو رسالو يا سچل جو ڪلام
يا اڳين اديبن ۽ شاعرن جي سنڌي پڙهي هوندي. پوءِ
انهن کي صاف صاف سنڌي شعر گوئي ۾ ڪيئن درڪ حاصل
ٿيندو؟ تنهن ڪري طبعا کين اردو شاعريءَ جي تقليد
ڪرڻي پوي ٿي. انهيءَ سببان سندن ڪتابت ۽ ڪلام
اصلي سنڌي صورت ڇڏي هڪ عجيب شڪل اختيار ڪري رهيا
آهن. ڪانءُ وانگي مورن جي اهل ڪندي، کانئن پنهنجي
اصلوڪي رفتار ۽ گفتار وسري وئي آهي ۽ ديده دانسته
مشڪل پسندي اختيار ڪئي اٿن.
اڳين اديبن ۽ شاعرن جي نثر ۽ نظم ۾ ڏسبو ته زيراضافت ورلي ڪم
آندي اٿن.
حتيٰ
ڪه خليفه گل محمد جهڙي شاعر به پنهنجي ڪلام ۾
زيراضافت جو خيرڪو استعمال ڪيو آهي. باقي آخوند
محمد قاسم جو شعر، سو فارسي ڪيبن سان ڀريو پيو
آهي. گل خندان جو مؤلف آخوند لطف الله ته انهيءَ
ڳالهه ۾ اعتدال جو ليڪو لنگهي ويو آهي. نثر ۾ اگرچ
اضافت جو ايترو استعمال نه آهي، پر شعر ۾ هائي ڪري
ڇڏي اٿس. مثال طور:
عاشقن کي ٿي ازل کان
هيءَ پريشاني
نصيب
نوڪِ خارِ دشتِ محنت پاي عرياني نصيب،
ڪمال ذوقِ سخن جي ۽ مغز معنيٰ لاءِ،
نه هومِ فخرِ رسا ۽ هيم نه طبعِ روان؛
مگر بخاطرِ احباب و نزهتِ دلها،
لکيم هي قصه ء مطبوع بادلِ شادان.
مان ادب سان پڇان ٿو ته هي ڪيڙ بڪيڙو ڪهڙو سنڌي سمجهندو. شمس
العلماء مرزا قيلچ بيگ جو نثر به زيراضافت کان
عاري
آهي، اگرچ شعر ۾ جسته جسته انهيءَ مرض جو مشاهدو
ٿئي ٿو. موجوده اديبن ۽ شاعرن جو نثر ۽ نظم ته
زيراضافت ۽ ٻين فارسي ترڪيبن سان ٽمٽار آهي ۽
پنهنجي بار ۾ پيو ڇڄي.
منجهانئن سنڌيت جي پوءِ اصل نڪري ويئي آهي. خصوصا غزل سرائي ۽
مخمس ۽ مسدس ۽ مستزاد ۾ سو سنڌيءَ جي مٽي پليت ڪئي
وئي آهي. طرحي شعر تي بنهه سنڌي ڪلام تي هڪ بدنما
داغ آهي. مثال طور وٺو هالا ڪانفرس يا جيڪب آباد
ڪانفرنس جي طرحي مصرع، عزيزو! اوهين ايمان جي
سلامتي سان ٻڌايو ته ڪهڙو ديهاتي ماڻهوانهيءَ جو
مطلب پروڙي سگهندو. سنڌ جي موجود ۽ هتي حاضر شاعرن
کي ڇڏي مان ليکراج ’عزيز‘ جي شعرمان هڪ ٽڪرو پيش
ڪريان ٿو.
اي زمينِ سنڌ جنت آشيان،
سيلِ انجم ٿي سندءِ ريگِ روان.
هو جهان ۾ شاعرن جو بادشاهه،
آسمانِ علم جو تابنده ماه،
ڳولي جنهن کي ساري عالم جي نگاهه،
آه! دنيا ۾ نه اڄ سو شاهه آهه.
شوخيء خونِ شفق مضمون آ،
مطلعِ چرخِ برين پر خون آ.
انقلابِ گنبذِ گردون آ،
آسمان زيرِ زمين مدفون آه. (وغيره وغيره) زمين، سنڌ ۾، سنڌ
مضاف اِليه آهي، جو غلط نموني ۾ ڪم آيل آهي.”ڌڙ
ريڍ
۽
سسي ٻاڪري!“ اهڙا مثال اڪيچار آهن. ” هيءَ مٺ هزار جو نمونو آهي.“ صاحبو! منهنجو
غرض شخصي تنقيد يا نڪته چيني ناهي، بلڪ منهنجي
مراد آهي ته اصلاح ٿئي. منهنجو مقصد آهي ته اسان
جا اديب ۽ شاعر اجائي نقالي ڇڏي صحيح ادبي ذوق
ڌارين ۽ پنهنجا خيال صاف سنڌيءَ ۾ ادا ڪن، جيئن
انهن کي عوام وٽ پسندگي ۽ مقبولي حاصل ٿئي.
مان شاعر نه آهيان، پر بعضي بعضي از غيبي توارد ٿيندو اٿم ۽
ڪجهه نه ڪجهه شعر چئي وجهندو آهيان. تازو پنهنجي
هڪ پياري دوست ڏي پنهنجو هڪ سادو سودو شعر
ڏياري موڪليم. بيشڪ ان ۾ عروضي چُڪون گهڻيون ئي
هيون.پر وڏو عيب ان ۾ اهو هو جو اهو تمام سادو ۽
عام فهم هو. منهنجي محترم دوست مون ڏي لکيو ته اهو
شعر تمام سادو آهي ۽ هينئر سنڌي شعر ايڏي اوج ۽
ڪمال کي پهتوآهي، جو اهڙي شعر کي شايع ڪرڻ گويا
شعر جي بيعزتي ٿيندي. عزيزو! هي آهي موجوده
شاعراني ذوق جو هڪ جو هڪ مثال. مون کي معاف ڪندا،
جو مان پنهنجي عزيز دوست جي راءِ سان شامل نه
آهيان، منهنجي نظر ۾ سنڌي شعر عروج
جي بدران تنزل جي واٽ وٺي رهيو آهي. ان مان سادگي
۽ سنجيدگيءَ صفا نڪري وئي آهي، رڳو تڪبندي ۽ نقالي
تي ٻڌل آهي. شاعراڻا خيلا فطري نموني ۾ ادا نٿا
ڪيا وڃن. پر انهن کي ڌاريو لباس پهرائي پنهنجي اصل
کان ڌار ڪيو وڃي ٿو. اسان جو شاعراڻو ذوق نسورو
اردو شاعريءَ جي نقالي ۽ تقليد آهي. آيا اسين
ايتري قدر عاجز ٿي ويا آهيون جو اسين پنهنجي اندر
جا امنگ پنهنجي
ٻاجهاريءَ
ٻوليءَ ۾ ادا نٿا ڪري سگهون؟ اها ٻولي جا اسان جي
بزرگن جي گود ۾ پلي ۽ وڌي وڻ ٿي ۽ اهڙا شگوفا ۽گل
ڪڍيائين جو انهن جو واس اڃا به دٻيل دماغن کي دئي
ڏيئي رهيو آهي. بيشڪ ٻوليءَ کي ترقي وٺائجي، ان
۾ نون نون خيالن جو اظهار ڪجي، نون نون سانچن ۾
شعر کي پلٽجي ۽ ان کي تونگر ۽ مالا مال بنائجي؛ پر
ان جي معنيٰ
اها
نه آهي ته ان جي صورت نسخ مسخ ڪري ڇڏجي، جو ان جو
فرزند به کيس سڃاڻي نه سگهن!
هاڻي سوال آهي ته صحيح ادبي ذوق ۽ سليقو
ڪيئن پيدا ڪجي ان جي لاءِ ونگڙيون واٽون اختيار
ڪرڻ ضروري ناهن. پڌري پٽ شاهراهه لڳي پئي آهي، پر
اسين خواهه مخواهه ورن ۾ وراڪا ڪري رهيا آهيون،
سنئون رستو ته هي آهي ته شعر جي ميدان ۾ اسين اڳين
جي اڳواڻي قبول ڪريون ۽ نثر جي نيستان ۾ ڪن جيد
نثر نويسين جي تتبع ڪريون، جي اضافت جي آزار کان
آزاد آهن. شعر جو ميدان ته نهايت ڪشادو
آهي. اڳين اسان لاءِ اڳيئي رستو گهڙي صاف ڪري ڇڏيو
آهي. سنڌيءَ کي سنواري، سينگاري، اهڙو مسودو بنايو
اٿن، جو ان ۾ هر قسم جا پاڪيزا خيال ادا ڪري
سگهبا، مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته اسان مان گهڻا آهن
جن شاهه جو سڄو رسالو پڙهيو هوندو يا سچل سرمست جي
ڪلام جو مطالعو ڪيو هوندو يا شيخ عبدالرحيم
گرهوڙي ۽ ميين عيسيٰ جي سنڌيءَ جو سواد ورتو
هوندو؟ بهتر آهي ته اسان جا جواب، جن جي نازڪ طبع
نثر ۽ نظم ڏي مائل آهي، سي پهريائين انهن ماڻڪن
ڏانهن منهن ڪن ۽ انهن جي جلوي ۽ جوت منجهان ڪجهه
اُهاءُ وٺن. برٽن صاحب ڪهڙو نه خوب چيو آهي ته
”سنڌ جي پرڳڻي جو نظمي ادب، باطراوت، ورجيسن سان
ڀريل، طبعزاد، ججهو، لفظن ۽ عبارتن ۾ گوناگون ۽
ساڳئي وقت سادو ۽ فطرتي آهي.“
افسوس جو انگريزي تعليم جي سرشتي هيٺ لکندڙ اديب زياده تصنع کي
لڳي ويا آهن ۽ ٻين عالماڻين ٻويلن جي تقليد ڪرڻ ۽
انهن مان خيال اڌارا وٺڻ
لڳا آهن، انهيءَ ڪري شايد سنڌي نثر کي تقويت
پهچي، باقي شعر کي سو اهڙي قسم جي اهل ضرور زيان
رسائيندي.
صاحبو! منهنجي وس آهي پيغام پهچائڻ، ادب جون واڳون اوهان جي هٿن ۾ آهن، چاهي ان کي اسفل سافلين ڏي
گهلي وڃو. سنڌيءَ جا سمجهدار سپوت ضرور ڪنهن ڏينهن
اوهان کان ان جو جائزو وٺندا.
مرادِ ما نصِيحت بود گفتيم
[خطبه 13- سنڌي ادبي ڪانفرس- جيڪب آباد.]
ڊاڪٽر ايڇ . ايم .گربخشاڻي
شعر و شاعري
ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتريقدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر
منجهس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي، ۽ جيتري
قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن
ٿا. جمال جا پڻ ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ: طبعي،
جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. مگر
در-
حقيقت سڀ حُسن جو مول هڪ آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾
پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان
نيهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا. دنيا ۾ ادنيٰ کان
ادنيٰ انسان به حُسن تي حيران آهي، ۽ ڏانهنس رغبت
رکي ٿو. مگر اها رغبت اڪثر منجهس پنهنجي ڪامنا
پوري ڪرڻ جي اِڇا اُتپن ڪري ٿي، ڀل ته اها اِڇا
ڪيترو به اڻ لکي هجي. اهڙو ماڻهو صرف مشاهدي سان
گهڻي
تائين ريجهه رهاڻ ڪرڻ جو قابل ناهي، سُتت ئي
پنهنجي ڪامنا سِڌ ڪرڻ جي ڪوشش، ڪري ٿو، جو ئي
سندس اصلي ۽ آخرين مقصد آهي. اهوئي سبب آهي جو هو
قدري توڙي صنعتي حُسن جي نظاري مان سگهو ئي ڪڪ ٿيو
پوي. پر شاعر جي حالت ۾ پهريون ئي پهريون اثر، جو حُسن جي مشاهدي ڪري مٿس
پيدا
ٿئي ٿو، سو آهي سندس ”وجود جو ورق“ ڌوئي صاف ڪرڻ.
سندس ساري هستي سونهن واريءَ شيءِ جي مشاهدي سان
ڀرجي ٽمٽار ٿيو پوي؛ پوءِ اها شيءِ خواه ڪو قدرتي
نظارو هجي، جهڙوڪ: چمن جو چهچٽو، درياءَ جي لس
ليٽ، چنڊ جي چٽائي، تارن جي جهرمر، ڪڪرن جي
ڪارونڀار وغيره وغيره. خواهه انساني حسن جو جلوو
هجي، جهڙوڪ: سپرينءَ جي سونهن، لالن جو لبيس،
معشوقن جو ناز ۽ سندن هار سينگار وغيره وغيره.
شاعر اهڙي مشاهدي ۾ پاڻ کي محو ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي
شخصيت کي وساري خود شيءِ جي آر سي بنجيو پوي.
اهڙي وقت ۽ اهڙي حالت ۾ پروڙيل حقيقت نِس پِس اها
شيءِ ناهي، مگر خود ”سونهن جو سَرُ“، جنهن مان
اِها شيءِ ڦٽيءَ نڪتي آهي. پروڙيندڙ ۽ پروڙيل شيءِ
ٻيئي پنهنجو پاڻ وڃايو لئي ٿيو وڃن. يوسف [نانڪ]
نالي شاعر اها حالت هن ريت نروار ڪئي آهي:
محبوب کي صورت ۾ مين گم هوکي ويک نظارا، آپ سارا.
شاعر کي نه فقط اهڙو نشڪام يا لاطمعِ
۽
مشاهدو نصيب ٿئي ٿو، مگر ان جي اظهار ڪرڻ لاءِ پڻ
سندس دل ۾ هڪ زبردست جنبش جاري ٿئي ٿي، ۽ سيما بي
صورتون، جي مشاهدي بعد سندس خيال اڳيان تري رهيون
آهن، تن کي هڪ محڪم ۽ سهڻي
شڪل ڏيئي ٻين انسانن جي دلين ۾ پڻ اهڙن جذبن اٿارڻ
جي ڪوشش ڪري ٿو، جهڙا مشاهدي وقت سندس دل
۾ اتپن ٿيا هئا. هو هاڻ پاڻ
کي گويا هڪ پيغمبر يا داعي ڪري سمجهي ٿو.حق ۽ حُسن
جو هوڪو ڏئي ٿو ۽ انسان ذات جي اُنتيءَ ۽ آسائش
جو ڪارڻ بنجي ٿو؛ ۽ ماڻهو پڻ اهڙي اعليٰ انسان
وٽان حياتيءَ ۾ حياتيءَ جي سچي مقصد جو سبق ڀَليءَ
ڀت پرائي سگهن ٿا، سندس پيغام هڪ قسم جو الهام
آهي. مولانا رومي فرمائي ٿو:
شاعري جوزيست از پيغمبري،
جا هلانش ڪفر دانند از خري،
پر شاعريءَ ۾ نه فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت
هئڻ گهرجي، مگر ان سان گڏ هڪ ٻئي هنر جو هئڻ پڻ
ضروري آهي، جنهن کي شاعري صنعت چئجي ٿو. شاعر
ان صنعت جي وسيلي. پنهنجن خيالن ۽ جذبن کي اهڙن
عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾ اهڙو سليس مگر رنگين عبارت
۾، اهڙن نون ويسن ورنن ۾ ۽ اهڙي ڍنگ ۽ طرز سان
بيان ڪري ٿو، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون دليون بي
اختيار کئنچجيو
وڃن ۽ اها نقش ڪيل تصوير سندن اکين اڳيان پيئي ڦري. ازان سواءِ وزن ۽ قافيي جو پڻ ضرور آهي. جنهن جي ذريعي شاعر
جو ڪلام وڌيڪ لطيف ۽ لذيذ ٿئي ٿو، پر ڪلام اهڙو
هئڻ گهرجي، جو ماڻهن جي دلين تي بجليءَ جهڙو اثر
پيدا ڪري، انهيءَ لاءِ ڪن ٻين خاصيتن جو شاعر ۾
هئڻ پڻ واجب آهي، جن جي دوران شعر جي حسن هيڪاري
نڪريو نروار ٿيو پوي. اها ڪامل شعر جي آخرين منزل
آهي. اهي خاصيتون آهن: فصاحت، بلاغت، سلامت، جدت ۽
جوش.
فصيح ڪلام اهو آهي، جنهن ۾ هرهڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي، جنهن جي
اُچار ڪرڻ ۾ زبان کي ڪا به تڪليف يا هٽڪ نه ٿئي
اهو نمونو نه فقط ڪڏهن مگر هميشه شاعر جي ڪلام ۾
اختيار ڪيل هجي، نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه
چئبو.
بلاغت اها آهي، جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ طرحين
طرحين جا پور ۽ جذبا اٿن ٿا، ڪڏهن غم ۽ غصو، ڪڏهن
کل ۽ خوشي، ڪڏهن مستي ۽ مدهوشي، ڪڏهن عشق ۽ محبت،
ڪڏهن بيتابي، بيقراري وغيره. شاعر
کي اهي سڀئي حالتون اهڙي صفائي، چٽائي ۽ درستيءَ
سان مختصر مگر مائيدار لفظن ۾ بيان ڪرڻ گهرجن، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان کُپي وڃي، ۽ سندس سحر نگاري تي
موهت ٿي پون. |