غزل
هيڏا گهاءَ، نياءَ به هيڏا پاپي پنهنجا پل
ڳل سائي هنجون هاري، روئن نيڻ اجهل.
هرڪو ناهه اول، او سائين! هر ڪو ناهي سچل
پر ڪوڪو آهي سائين، مينديءَ سان رَتلُ.
جاڳون پيا او منهنجي جيجا، امرت پيتل،
تنهنجو ڪو به ٻچو اڄ ناهي، غفلت منجهه ستل.
سڏڙا ڏيندا سانئڻ تو کي اوکيءَ سوکيءَ ۾،
هرڪو آ انياءُ جو مارل، هر ڪو آ جاڳيل.
ٻه جوڀن پريمي، پريم ڪا،
تن جهولڻ، جاڳڻ جي هر ڪا مهل.
رتبو حسين جو
رهبر ڌارين دور ڪيو
ايڏو ڇو مجبور ٿيو!
حق گهرڻ تي، ڦاسي، ڦٽڪو
قاتل جو دستور ٿيو!
ساماڻو سقصراط نئون
سوريءَ چاڙهڻ رات نيو
ٻاٽ اوندهه ۾ نور ٿيو
ازل کي ڪهڪاءُ نه ٿيو
ويرين لاءِ لقاءُ ٿيو
ماڻي رتبو حُسين جو ڪيڏو موت حسين ٿيو.
ملڪن ۾ مشهور ٿيو
موت نه جنهن کي ماري سگهيو
ماڻهن منجهه شعور ٿيو.
قيدي هڪڙو ضمير جو
سنڌ جي مٽي خمير جو
ڳوهيل پر فولاد هيو
سنڌڙيءَ جو اولاد هيو.
*
سجاوٽ
چوڏس
ڇا پيو وهي واپري
ڳتيل منجهيل
سُٽ جيان
سماجي سٽاءُ
۽ مان ڄڻ ته
پنڊ پهڻ
اڻ گهڙيل بوتي جيان
پئي جيان
۽ مران.
*
آواز
نيري ماٺي ڪنهن چادر مان، ستل سپنن جي ساگر مان،
موتي جيڪي ميڙيا هئا مون، تن کي ڪير وکيري ويو.
سنڌ ماٿر جي گونجارن مان، ڇيڙيل سازن جي تارن مان،
نغما جيڪي ڇيڙيا ها مون، تن کي ڪير وکيري ويو.
پاڻي ڏيئي پوکيم سلڙا، پيار جي گلشن جا هي گلڙا،
سمورن ساڻ سهيڙيا هئا مون، تن کي ڪير وکيري ويو.
نازڪ نازڪ نينهن نظارا، عرش تمنا جا هو تارا،
نيڻن منجهه نکيڙيا هئا مون، تن کي ڪير وکيري ويو.
ساهه لائي، سانوڻ سيارا، سڪ جي گلشن جا ڪي ٻارا،
کلندي ڪنهن لاءِ کيڙيا هئا مون، تن کي ڪير وکيري
ويو.
*
جڏهن کان نينهن لاتو اٿم!
تڏهن کان سچ ڄاتو اٿم!
پريمي! سور سڀ تنهنجو،
ته سيني ساڻ لاتو اٿم!
وري ڪيئن موٽ کائيندين،
اصل تنهنجو به ڄاتو اٿم!
سموري سمنڊ کي جهاڳي،
فقط هڪ ڪوڏ پاتو اٿم!
ٻڌو لوڪو، ٻڌو لوڪو،
زماني ساڻ ناتو اٿم!
ساروڻين ساڻ سينگاري،
اندر پنهنجو سڃاتو اٿم!
*
گلشن ”سنڌو“سولنگي
غزل
مسرور آهيان پوءِ به مجبور آهيان،
جڏهن کان ٿي ساٿي توکان دور آهيان.
سوا تو نه ڪنهن سان ملڻ ٿو وڻي،
ماڻهو چون ٿا ته مغرور آهيان.
تو سوا مون کي ڪو سمجهي نه سگهندو،
لڳي ٿو ته تنهنجو ئي شعور آهيان.
سوا ساٿ تنهنجي ڪجهه به ته ناهيان،
ڇا ٿيو جو ٿوري مشهور آهيان.
وائي
تنهنجي چاهت جي،
رات سپنن مان،
خوشبو آئي هئي.
گيت مون سرجيا،
ڊائريءَ ورقم مان،
خوشبو آئي هئي.
تون ويندو رهين،
تنهنجي يادن مان،
خوّشبو آئي هئي..
تو ساڻ گهاريل،
شام پهرن مان،
خوّشبو آئي هئي.
ڪوٽن ۾ سڏڪا،
ناريءَ لڙڪن مان-
خوشبو آئي هئي.
*
غزل
اسان پريت تو سان جڏهن کان رکي آ،
تڏهن جند هرگس تي مُرڪي پئي آ.
نه سپنن تي ويساهه ڪوئي اسان کي،
اوهان سان محبت حقيقت ۾ ٿي آهي.
اُهي پل گهوريان جي توريءَ گذريا،
سندءِ ياد ۾ ڏات ڏاڍي ڏُکي آ.
محبت ته آپاڪ، ڄاڻن ڀلا ڇا؟
اُهي جن جي ذهنن ۾ بس گندگي آ!
معطر ته ماحول آ ساڳيو ئي،
جي آهي ڪمي ڪا ته تنهنجي ڪمي آ!
لڪل آهه صورت پٺيان ٻي به صورت،
نه ”سنڌو“ زماني کي سمجهي سگهي آ!
ٻه – سٽا
منهنجي نيڻن ۾ تنهنجا عڪس اوجهل ٿي پيا
پڪاريم توکي ته لفظ منهنجا غزل ٿي پيا
گس گس تي وکري ويا سارا سپنا
ڪيڏا نه اسان کي هئا پيارا سپنا
پرزا سپنا سارا ٿي ويا
ڏور به آهن ڪنارا ٿي ويا
محبت ڪجي هڪ سان در در نه ڪبي آ
اهڙي غلطي جيون ۾ هر هر نه ڪبي آ.
نشو خالد ٿيٻو
زندگيءَ سان پيار
اکين ۾ خواب بڻائي توکي،
روح جو راز بڻائي توکي-
اي زندگي چاهين تو کي.
خوشبو بنائي پنهنجي توکي،
ساهه ساهه ۾ سانڍيم-
اي زندگي چاهيم توکي.
ماڪ جا ڳوڙها گلاب تان اُگهي،
رُٺل رات کي پرچايم-
اي زندگي چاهيم توکي.
رات ساري پلڪن ۾ جاڳي،
چانڊوڪيءَ سان گيت ڳائي-
اي زندگي چاهيم توکي.
ڪري فنا هستيءَ کي،
جيئڻ جو راز چاڻي-
اي زندگي چاهيم تو کي.
ڪري اعتبار روح کي راهه تي،
ڳولهي توکي ماڻيم-
اي زندگي چاهيم تو کي.
نئون پل
نئين سال جو هر پل بڻجي تو لاءِ
چانڊوڪيءَ جو ڪرڻو
آسماني دُعا جو ڪرڻو
جنهن سان جرڪي تنهنجو من
جنهن سان مُرڪي تنهنجو پيار
جنهن سان مهڪي تنهنجو ساهه
جنهن سان جاڳي تنهنجو روح
ڏسي تنهنجي جيون جو
سُندر سنهري روپ
آسمان تي ويٺل خدا
مُرڪي تنهنجي دُعا
گلابي پاڪيزه امر سان
آمين ڪري
تاحيات پُر نور ابدي روپ ڏيندو.
ملڻ جو پل
پل ملڻ جو اُهو ٿيندو
جڏهن سانوري شرمائي
چوڏهينءَ جي چنڊ کان
اوڍيندي تالن جي چنري
جنهن مهل ماڪ چُمندي
رات جي راڻي ڏينهن جي راجا کي
تنهن مهل
ڳائيندي رات جي خاموشي
پنهنجي روحن جاراڳ
سڻي صحيفا دردن جا راڳ
گهرندا دُعائون رب کان
تولاءِ ۽ مون لاءِ
ڏئي هٿ فجر جي نور جو
خدا
تو کي، مون کي مُرڪي ملائيندو
پل اُهو ملڻ جو ٿيندو.
آس
آس ملڻ جي ساهه ۾ سانڍي
منهنجا ٿڪل هارايل نيڻ
روئن ماڪ سان گڏ
ساري ساري رات!
ڀري لڌا ساهه پوءِ اگهي ڳوڙها
ڏئي دلاسو خود کي
پوئي پلڪن ۾ آمين جا ٽٽل خواب
جاڳان ساري ساري رات!
شايد منهنجي ڳوڙهن تي
خدا به روئي ڏي ۽
بڻائي ڏکويل آس کي
خوشين جي اُميد
خوشين جي روشني
مٽندي جنهن سان
من جي ٻاٽ اُونداهه اُن آس اُميد تي
ها روئان ٿي ساري ساري رات
ها تو کي ڳوليان ٿي ساري ساري رات.
آزاد نظم
نه ڪجهه سمجهون
بي نور بڻجي ڏسون انڌيرا
سڪون نور ڪرڻي لاءِ
هي جيون ڇا آهي
سُڏڪندي، روئيندي
رکي پها ڳوڙهن جا رُوح تي
پنون خود کي جيون کان
ڇڏي ڪُفر، سڏيون ايمان
ڪري فنا هستيءَ کي پوءِ به ماڻيون هي جيون
يا الاهي تون ئي ٻُڌاءِ
هي جيون ڇا آهي
هي جيون ڇا آهي؟
نيڻن جو لڙڪ
رهين ٿو نيڻن ۾ بڻجي لڙُڪ
وهائي نير
ڪري پياري ڳل تي
سُڏڪن جا راڳ سڻائي
رُوح کي رُئاڙِي
پوءِ ڀي پڇين ٿو
ڪرين ٿي پيار مون کي
ته پوءِ
ڇو ٿي روئين.
سار- وسارَ
اَهو پل اکيون ٿيون نم وساري ڇڏجان،
اُهو پل اکيون مسڪرايون پنهنجون ياد رکجان.
ياد جا گل خوشبو ڇهاءُ لا ڪنهن جا،
اڄ سجائي جيون ۾ ساهن کي مهڪائجان.
من بوجهل ٿئي ختم رت سان جڏهن
يادن جا تارا گهرائي خود کي چمڪائجان.
جيڪي سمهاريا هئا خواب تو خود کي جاڳائي،
اڃ نئين پل جو هر ساهه ڏئي ان کي جاڳائجان.
منهنجو اکيون گهرنديون دُعائون سدا تولاءِ،
جڏهن بند ٿيڻ لڳن اڳتي وڌي دُعائون وٺجان.
مارئي پروين عباسي
ايندڙ سال
هن سال به
منهنجي اڱڻ ۾ بيٺل نم جي شاخن
سال جي آخري ڪرڻن کي
خدا حافظ چوندي اُن جي سڄي ٿڪ ۽ ڏکن کي سهيڙڻ
چاهيو
جيئن گرمين جي تپندڙ منجهند ۾ هو پريشان حال ماڻهن
کي سهيڙي وٺي
۽ مان اُن جي شاخن تان
ڏکن جو رنگ اُداسين جو ٺهراءُ
پنهنجي ساهن ۾ لهندو محسوس ڪندو رهيس
تمام رات گذري وئي
گهڙيءَ جي حساب ۾
ڏکن جي ترتيب ۾ يادن جي سجاوٽ ۾
اوچتو ٻڌڻ ۾ آيو پکين جو گوڙ
ڄڻ ڪجهه چئي رهيا هجن
نظر کڄي ته وڻ جي ڊگهين شاخن تي وئي ڄمي
سال جو پهريون ڪرڻو جلوه افروز ٿيو
۽ پکين جي پڪار
ياد صبا جي سڪ رفتار
شاخن جي لوڏن
پنن جي سرگم
زمين جي وسيع دامن
سڀني گڏجي اُن کي ڀليڪار چئي
شايد سڀني کي خبر پئجي چڪي هئي
ته اچڻ وارو سال
گذريل سال کان مختلف هوندو!
پر نٿا ڄاڻن
ته هٿ لڪيرون
۽ تقديرون
ڪڏهن نه آهن بدليون!
ريحانه شيخ
آزاد نظم
عورت
مان ماءُ آهيان
مان ڀيڻ آهيان
مان زال آهيان
مان اها عورت آهيان
شروعات کان پنهنجي حيثيت آهر
سارين جي سپنن ۾
پوکن ۾ ۽ فيڪٽرين ۾
عورت، جيڪا ٻج ڇٽي ٿي
ڪک سوئي ٿي
لانبارو وجهي ٿي
روزانو خسيس اجوري لاءِ
جتي به ملي ٿو ڪم
ڪير ڪري ٿو سڀ کان پهريان
سستو ۽ بچت وارو ڪم
اقتصادي ترقيءَ ۾
ڪير ڪري ٿو سڀ کان پهرين
ڪفايت نازڪ وقت ۾
ڪير ڏئي ٿو سڀ کان پهريان
قرباني ڏکين حالتن ۾
عورتن، اسي سيڪڙو
جيڪي ڪم ڪن ٿيون
زرعي جڳهين تي
۽ شڪار ٿين ٿيون
ٻه- اکيائيءَ جو
۽ محنت ڪن ٿيون
گهٽ پگهار تي
عورت، جيڪا ڪم ڪري ٿي،
ننڍين فيڪٽرين ۾
عورت، جيڪا
جا نفشاني ڪري ٿي
ڪيترا ڪلاڪ آفيسن ۾
عورت، جيڪا
آزاد نظم
عورت
صدما سهي ٿي
غربت ۾
عورت، جيڪا
ڏک سهي ٿي
جهالت ۾
عورت، جيڪا
ٻار پالي ٿي
تڪليفن ۾
مان عورت آهيان
مان ڪم ڪندڙ آهيان
اهڙي ڪم ڪندڙ
جنهن جا هٿ
موڙي ڇڏين ٿا
فيڪٽريءَ جي
وڏين مشينن کي
هر روز چيرين ٿا
منهنجي طاقت کي
عورتون، جيڪي
نرسون ماسترياڻيون
ڪلارڪ، ٽائيپسٽ
ڪم ڪن ٿيون
ڪيترائي ڪلاڪ
گڏوگڏ گهرو ڪم سان
مان عورت آهيان
جنهن سان
زيادتي ٿئي
گاريون ملن
تشدد ٿئي
جيڪي قتل ٿين
ٻن ۾ گهٽين ۾
۽ تنگ گهرن ۾
عورتون، جيڪي ڄاڻن ٿيون
ته جدوجهد هلائجي
هر ان دستور خلاف
جيڪو مظلوم آهي
۽ بيعزتو ڪري
عوام جي اڪثريت کي
عورت، جيڪي ڄاڻين ٿيون
شروع ٿيو آ عوام وٽان
دٻائڻ وڌندڙ ظلم کي
عورتون جيڪي ڄاڻن ٿيون
ته بهتر ٿيندو ملڪ تڏهن
فيصلو ڪري عوام جڏهن
عورتون، جيڪي ڄاڻن ٿيون
ته مخالفت ٿئي ٿي
قومي سلامتيءَ جي نالي ۾
دٻايو وڃي ٿو
هر تحريڪ کي
گرفتار ڪجي ٿو
هر اعتراض کي
نظر بند ڪجي ٿو
مقابلو ٿئي ٿو
۽ قتل ٿين ٿا
عورتون، جيڪي ڄاڻن ٿيون
ته ڪاميابي ماڻبي تڏهن
ڪبي اڻانگي جدوجهد جڏهن
عوام نه آزاد ٿيندو تيسين
عورتون نه ٿينديون آزاد جيسين
عورتون، جيڪي چاهين ٿيون
ته پنهنجي جدوجهد
۽ پنهنجو تجربو گڏ ڪجي انهن سان
ڪن ٿا جيڪي جدوجهد.
آزادي سان رهڻ لاءِ
عورت جي عظمت
۽ برابري لاءِ.
(ترجمو انگريزي رسالي وومن هوڊ تان ورتل)
وفا فرزانه سنڌو
غزل
ڪهڙي تنهنجي ريت پرين،
پڪي تو سان پريت پرين.
تون ئي آهين ساجن سائين،
منهنجي من جو ميت پرين.
تولئه جوڙيم راتيون جاڳي،
سندر سندر گيت پرين.
ها مقدر منهنجو آهي،
تنهنجي ٿيندي جيت پرين.
شاهه جي بيتن واين وانگر،
ڪنديس ڪا نه ڪُريت پرين.
*
غزل
تنهنجون سارون منهنجو جيون،
ڄڻ ته پڪارون منهنجو جيون.
تنهنجي وئي کان پوءِ ٿيو آهي،
لڙڪن لارون منهنجو جيون.
دردن ۾ ويو ٿي آ اڄڪلهه،
ڦارون ڦارون منهنجو جيون.
اوسيئڙي جي پن ڇڻ ۾ ڏس،
اڄ به نهارون منهنجو جيون.
هن جي هوندي وفا لڳي ٿو!
ڄڻ ته بهارون منهنجو جيون! |