سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :15

                 اعتراف

مان آهيان

تنهنجي منزل ڏانهن 

ويندڙ

هڪ ڌوڙ اُڏايندڙ

ڀڳل ٽٽل رستو ڪوئي

منزل نه!

*

خوابن  جا عذاب

جنهن سان گڏجي

مون ڏٺا ها

گهر- اڱڻ ۾

گل ٽڙڻ جا خواب!

تنهن گل ٽڙڻ کان اڳ ۾ ئي

منهنجي تن- اڱڻ ۾ ڀري ڇڏيا آهن

درد- ڪندن جا خواب

*

(Tension)

برف ٿي ويل جذبا

پن – ڇڻ ۾ ڇڻيل پنن جيان

چهرا!

اڻ کُٽ ڇڪتاڻ

تنهنجي منهنجي اندر ۾

پيار جا اڏري ويا رنگ سارا

ڪنهن ڪوري ڪاڳر تي

لکان ٿي ملهه پيار جو

ٽينشن (Tension) ۽ ڳوڙها!

*

مستور بخاري

گيت

مُرڪ تنهنجي انمول مِٺا!

جيون رنگ  رتول مِٺا!

مُرڪي ملُ!

رڻ ۾ ٿا رولائن مون کي ،

پيار جا ٻٽڙي ٻول مٺا!

مُرڪي مُل!

لُڙڪن جي مان قيدڻ آهيان،

جذبن کي نه رول  مٺا!

مُرڪي مِلُ!

پيار جي هڪ ڀي لمهي جو،

ڏئي نه سگهيو، مول مٺا!

مُرڪي ملُ!

هن جذبي جو نانءُ ۽،

ناهي ڪوئي تول مٺا!

مُرڪي مِلُ!

مُرڪ تنهنجي انمول مِٺا!

جيون رنگ رتول مٺا!

مُرڪي ملُ!

بددعا

هڪ سمي

مون کي گل ۾ ٻڏندو ڏسي

جو هيئه:

”شل ائين ئي سدا

کلندي رهين!

ٽڙندي رهين!

اهڙي جيئري کل ته

ڪوئي ڪوئي کلندو آهي،

پر اچ اچي ڏس

تنهنجي دُعا

بددعا بڻجي وئي آ.

تعارف

نازڪ الملائيڪ (عرب شاعره) نازڪ الملائيڪ بغداد(عراق ) ۾ 1923ع ۾ ڄائي  ۽ اتان جي ٽيچر ٽريننگ مان  تعليم ورتائين ۽ ڪويت يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهي آهي. سندس لکڻين ۾ (Callected Poems) جا ٻه جلد ۽ ان کانسواءِ عربي ۽ انگريزي ۾ شاعريءَ جي تنقيدي مطالعي تي ڪتاب پڻ شامل آهن، جديد عربي شاعري ۾ سندس وڏو نالو آهي(پارس حميد).

نئون سال

نوان سال اسان جي گهر نه اچجانءِ

اسان ڀوتن جي دنيا جا پڙاڏا آهيون

ماڻهن اسان کي ڇڏي ڏنو آهي

رات ۽ ماضي اسان کان وڇڙي ويا آهن

قسمت اسان کي وساري ڇڏيو آهي

چاهت جا چچريل، اُميدن جا نپوڙيل

نه اسان جا ڪي خواب نه ئي ڪا ياد آهي

اسان جا مرڪندڙ چهرا

پنهنجو رنگ روپ وڃائي چڪا آهن

اسان زمان ۽ مڪان جي بي معنيٰ حد تائين پري

ٿي ويا آهيون

معذرت جي ڍنگ کان اڻ سونهان

اسان رڳو پنهنجن گهرن ۾ ئي پيا گهاريون

نوان سال!هلندو هل

اسان جي سجاڳيءَ جي ڪائي اميد ناهي

اسان جو رڳو سامونڊي گاهه جون ٺهيل آهن

ڪير ٿو چئي روح ٽٽي سگهي ٿو

ڪاش اسان مري  وڃون ها!

*

زيب نظاماڻي

غزل

هيل موسم جيان،

موٽ مون وٽ وري-

آس جي اُڀ تي،

چنڊ وانگيان ٻَري-

ڪونج  گهايل ٻَڙي!

هاءِ! ڏاڍو ڪُري-

درد جي شام هي،

هاڻ  ويندي ٽري-

واٽ وندر مٿي،

وقت ويندو ڀُري-

وائي

آيل ڙي! اُهاءُ،

پنهون آهي پنڌ ۾!

آڌي ويل اُڀ تي،

چانڊوڪي سُهاءُ-

پنهون آهي پنڌ ۾!

ساري ويٺي سيج تي،

ساجن جو ڇهاءُ

پنهون آهي پنڌ ۾!

ڏونگر ڏئي ويئڙا،

گهرا گهرا  گهاءُ-

پنهون آهي پنڌ ۾!

 

غزل

نيڻ ٿا مرڪن ٻهڪيو من،

ڇيرڙي ڇمڪي ڇنن ڇن ڇن.

 

ڪنول ٽڙن ٿا گيت ٻُرن ٿا،

سرنهن ڦولاري برسيو بن.

 

بسنت رُت جو چولو پائي،

مهڪيو آهي گلابي بدن.

 

ڪوئل ڪوُڪي سُر آلاپي،

سُک جا سانول ساز سُرن.

 

ساڀيان بڻجي ساجن آيو،

چاهه جا چوڏس چنگ چُرن.

 

پريت جي ڌرتي جهمريون پائي،

آس اڱڻ تي دهل وڄن.

شاني

جذبا

ذهن جي قبر ۾!

دفن ڪيا اٿم،

سارا جذبا نرم ۽ گداز

جسم تي پاٿا اٿم

ڪيمخاب ۽ اطلس جا لباس

ڪير ڄاڻي؟ ڪڏهن ڪو آيو مٿان منهنجي شباب

ڪير ڄاڻي؟ وڄائڻ، منهنجي مئل آرزوئن جو

منهنجي رباب

مان سدائين!

دامن سنڀالي ٿي هلان،

ٻه ٻول ڪنهن جا، پيار وارا،

روح جي جذبن جي ڌار تي

متان اڊوڙي ۽ کولي رکن

۽ منهنجي نرم ۽ گداز جذبن کي

ذهن جي قبر مان!

ڪفن مان کولي رکن!

Brain Cancer

انڌيون، منڊيون، لوليون، لنگڙيون

تنهنجون سوچون

وڻ ويڙهي جان

تو تي!

تنهنجي مفلوج ذهن تي

ويڙهجي ويون

جنهن مان تون،

پاڻ ڇڏائي ڪين سگهين

نيٺ تون به،

Brain Cancer ۾ ناس ٿئين،

جاڙ جئين!

 

امن جو پکي حنوط ٿيل، پٿر جو بڻيل

امن جو پکي!

جيڪو زيتون جي ٽاري چهنب ۾ جهلي

آيو هيو حضرت نوح جي قوم لاءِ پيغام کڻي

۽ چيائين کلي

ته امن آ، ڌرتي تي!

مان ڳوليان پئي ۽ ڳوليان پئي.....

امن ۽ امن  جي پکيءَ کي

۽ هيل تائين

ميڙي چونڊي، اڄ جي بازن کان!

هٿ ڪيا اٿم،

ان جا پر، پُڇ، ڌڙ، اکيون، چهنب ۽ ٽاري زيتون جي!

۽ پر پر جوڙي، ڌڙ مٿان

چنبڙايا اٿم، چهنب، پر، پُڇ  ۽ اکيون

۽ حنوط ڪري رکيو اٿم

زيتون جي ٽاريءَ ساڻ

سندم ڊرائينگ روم جي،

قيمتي شين جي شوڪيس ۾

۽ هڻي ڇڏيو اٿم ڪُرف مٿان

جنهن کي اڄ باز متان؟

چيري ڇيڇاڙي  رکن

توهين سڀئي به، مون جيان

پنهنجي گهرن جي ڪرف لڳل شوڪيس ۾

اهڙائي ڪي ٺاهي رکو

سنگ مرمر ۽ پٿرن سان ٽڪيل امن جا پکي

جن جي چهنب ۾ زيتون جي ٽاري جهليل

۽ ڏسيو هر خاص ۽ عام کي، داستانِ غم هر دم

ته اهو اُحو اصل امن جو پکي آهي

جنهن اچ جي دور جي، ديون، جنن ۽ جادورگرن

جي حد ۾ وڃي،

حد اندر، بي ادبي ڪئي، پُٺتي مُڙي نهارڻ جي

 ۽ اصلي پٿر جو بڻجي پيو.

 

زبيدا ميتلو

محبت جو احساس

ٻانهون

محبت جو ڦهلاءُ!

جرئت جو جڪڙاءُ!

چپ

مرڪن جو اُڪلاءُ!

عشق جو رڻ جهاڳيندڙ پياسن جو چاهه.

اکيون

ڇوليون جو ڇُلڪاءُ!

نيل ڪنول گهرائين جو گهاءُ.

پرک بنا تون،

ڏس نه ساٿيٰ!

ڪوڙن رشتن، ناتن جو ڪيڏو انياءُ!

ماڻهو پوءِ ڀلا،

ڪيئن ماڻي،

ساهن جو هڳاءُ،

محبت جو احساس،

تن من جو  جڙاءُ،

آهي ڪنهن کي ڪو ڪهڪاءُ!؟

نذرانو

ڏات جون ڏهه ئي آڱريون

پڪڙي جُڳ جي ساري جوت،

امنگن ڀريا جوڙي گيت،

ڌرتيءَ پنهنجي کي ڏينديون!

 

ذات کان وانجهيل، سونهن ڀريون،

ڏات  جون ڏهه ئي آڱريون،

پڪڙِ جڳ جي ساري جوت،

پريت جي گيت جي امرت اوت،

ڌرتي ڪلا جا سارا ميت،

ڇيڙيندا سُر جا سنگيت.

 

ڏات ۽ ڏانءُ جا ست ئي سُر،

آلاپن ۾ گهرن ٿا سرُ،

سوڀ ڀريون سٽون، هٿيار،

امڙ ڪَر دُعا، ڏي نه  ميار.

توريءَ

توکي ڏسڻ ريءَ

ڏينهن ندورو

توکي پسڻ ريءَ

رات انڌاري

چوڏس جي

چانڊاڻ ۾ جهوري،

ايڏي  ڪائي

چري چڪوري

سج جي تيک کي

تاءُ نه آهي،

توبن جيون

چاهه نه آهي

مست هوا

هڳاءُ نه آهي،

توريءَ سڪ ۾

ساءُ نه آهي

من اندر ۾

دُکي ٿو کورو

توريءَ جيون

هاءِ اڌورو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com