احمد خان آصف ”مدهوش“
”شاعر نه هجي ها ته.....“ (قطعات)
شاعر ڪو اگر بزمِ جهان ۾ نه هجي ها،
هيءُ انس و محبت به اسان ۾ نه هجي ها،
سازن ۾ هجي سوز نڪي روح لحن ۾،
دراصل جي شاعر جي اذان ۾ نه هجي ها.
شاعر نه هجي ها ته ثقافت نه هجي ها،
هيءَ رونق محفل ۽ نزاڪت نه هجي ها،
جنهن فن تي ڪري ناز ٿي مطربہ هاڻي،
تنهن فن جو ڪوئي قدر ۽ قيمت نه هجي ها.
شاعر جي تخيل جي عنايت نه هجي ها،
تهذيب و تمدن، فن و صنعت نه هجي ها،
ترقي ٿا سڏيو جنهن کي اي اربابِ سياست،
سا ڪنهن به نموني سان سلامت نه هجي ها.
شاعر نه هجي ها ته اخوت نه هجي ها،
انصاف و مروت ۽ عدالت نه هجي ها،
قومن کي ملي ها نه ڪڏهن، درسِ صداقت،
هِن اوج تي انسان جي عظمت نه هجي ها.
شاعر نه هجي ها ته هيءَ ملت نه هجي ها،
آزاديءَ جو اعزاز ۽ عزت نه هجي ها،
شاعر نه اگر قوم کي بيدار ڪري ها،
هت نعمتِ جمهور جي دولت نه هجي ها.
شاعر نه هجي ها ته صحافت نه هجي ها،
هيءُ علم و ادب نشر و اشاعت نه هجي ها،
اسٽيج نه ڊراما نه اداڪار نه فلمون،
مطلب ته ڪوئي لطف و لطافت نه هجي ها.
نشتر ناٿن شاهي
غزل
بي وفائن سان نباهڻ ٿا گهرون،
نينهن نانگن سان لڳائڻ ٿا گهرون.
هر خوشي کي پيار تان صدقو ڪيم،
غم کي سيني سان لڳائڻ ٿا گهرون.
عشق جي هر آزمائش ۾ اسان،
پنهنجي وک اڳتي وڌائڻ ٿا گهرون.
پاڻ ڏي هُن جون خطائون ڀي ڪري،
يار رٺڙي کي مڃائڻ ٿا گهرون.
يار جون يادون به خطرا ٿي پيون،
دل جي ڌڙڪن کي دٻائڻ ٿا گهرون.
وقت گذريل جي ڪري يادن کي ياد،
دل جي آتش کي اجهائڻ ٿا گهرون.
تنهنجي محفل ۾ اسان ڀي اي سڄڻ:
اڄ نوان نغما ٻڌائڻ ٿا گهرون.
آيو مان سينگارجي مقتل ۾ هان،
پنهنجا توسان وعدا پاڙڻ ٿا گهرون.
ضبط نيڻن ۽ زبان تي پڻ ڪري،
درد کي دل ۾ دٻائڻ ٿا گهرون.
ڪان نظرن جا سمجهن ٿا تنهن ڪري،
تنهنجي نيڻن کان نٽائڻ ٿا گهرون.
پنهجي دل کي تنهنجي سيني ۾ رکيم،
تيرِ مزگان کان لڪائڻ ٿا گهرون.
تنهنجي قدمن کي چمون ٿا، ڏي چمڻ:
پنهنجي ايمان کي اجارڻ ٿا گهرون.
خنجر ۽ تلوار جو ڪهڙو ضرور!
دل کي گهرون آڏو گهائڻ ٿا گهرون.
تو ڪئي ’نشتر‘ زني نقصان ٿيو:
پاڻ زخمن کي ڇڏائڻ ٿا گهرون.
محمد حسن ”بيوس“ بازيدپوري
غزل
اسان جي عيب اوڻايُن ۽ ارمانن سان تنهنجو ڇا،
اسان مجذوب متوالن ۽ مستانن سان تنهنجو ڇا.
ڏکن ۾ ڏينهن ٿا گُذرَن، ڏکيا ڏاڍا ڏسي ڏاتر،
ڏٺا مون ڏاڍَ ڏک ڏاڍا، ڏکن منهنجن سان تنهنجو ڇا.
ڪنڍيون، ڪجليون، ڪڪوريل، ڪارڙيون ڪن قربُ ڪنهن
ڪنهن تي،
اکيون اهڙيون عجيبن جون، انهن اکڙين سان تنهنجو ڇا.
سڄڻ جي سينڌ سهڻي ڄڻ ته آهي سير سنڌوءَ جي،
سراپا سونهن جو سردار آ، ساجن سان تنهنجو ڇا.
مٺو ماهِ لقا منهنجو مٺو آهي مٺايُن کان،
مٺو محبوب جو مرڪڻ، مٺن منهنجن سان تنهنجو ڇا.
اسين اڄ يار اڻ پيتي نشن ۾ پُر خمار آهيون،
نشا ٿئون نينهن جا ڏاڍا، اسان نشئِن سان تنهنجو ڇا.
مٺي محبوب جي دَرَ جا اسين منڱريا مڙئي ماڻهو،
اسين منڱريا آهيون ’بيوس‘ اسان منڱرين سان تنهنجو ڇا.
سيد اڪبر
غزل
ڪاري رات کان ڪهڙو ڊِڄُ،
نيٺ تــــه نڪري ايندو سِجُ.
دل جا داڻا، من جا موتي، ماروئڙن کي ميڙي ڏِجُ.
پيار منجهاران پيارئي سپجي، پوکج پيارا اهڙو ٻِجُ.
لوهه به آخر ڳري وڃي ٿو، راڻا ٿورو تون به ته رِجُ.
پارس سان ئي سون ٿئي ٿو، ٿورو ٿوڪ ٿڪيءَ تي ٿِجُ.
ماٺ چون ٿا موت ٿئي ٿي، ڀُلَ نه ڀائو اهڙي ڪجُ.
ايئن نه ايندو هو اربيلو،
ڪجهه ته ’اڪبر‘ کپ ۽ کِجُ.
حيدر شاهه
غزل
ڏکن ۾ کلي ٿا گذاريون اسان،
پيا پيار پنهنجو جياريون اسان.
هي اکڙيون اوهان لاءِ ارپي ڇڏيون،
ٻه ٽي لُڙڪ محبت جا هاريون اسان.
حياتي پريشان وارن جيان،
گهڙي پل ٿا جنهن کي سنواريون اسان.
اندر ۾ اچي جيڪو پيهي وڃي ٿو،
کلي نانءُ اهڙو اُچاريون اسان.
مصيبت اڳيان ’شاهه‘ طوفان بڻجي،
اُميدن جي ٻيڙي کي تاريون اسان.
نظام الدين زائر
غم کان ڪو آزاد نه آهي،
ڪير آ جو ناشاد نه آهي.
دل ۾ تنهنجي ياد آ ليڪن،
لب تي ڪو فرياد نه آهي.
ڪو ڪو کير جي نهر ڪڍي ٿو،
هر ڪوئي فرهاد نه آهي.
پيار ۾ جيڪو لُٽجي وڃي ٿو،
هر گز سو برباد نه آهي.
جانِ غزل جي محفل ۾ اڄ،
مون کي غزل ڪو ياد نه آهي.
ڪهڙو واءُ لڳو آ يا رب،
دنيا ۾ ڪو شاد نه آهي.
ممڪن آهي شعر ۾ غلطي،
’زائر‘ ڪو استاد نه آهي.
نياز پنهور
ذهن تي وريا ياد جا سايا،
اُڌما سُڏڪي سُڏڪي آيــا.
وکريل سوچون، گم ٿيل سپنا،
ڪويءَ جي اهائي مايا.
اڄ به چپن تي هُريا آهن،
تو آڏو مون جي گيت ڳايا.
تنهن ڏينهن سپنا ساڀيا چئبا،
جنهن ڏينهن مون وٽ پيارل آيا.
ڪوي تو پنهنجي دل جا اُڌما
ڪجهه سپنن ۾ ڪيئن سمايا.
علي نواز صابر نظاماڻي
ڪافي
اکيون يار تنهنجيون ٻه ڪوثر جا پيالا،
ٻــئــي نــيــڻ نـــــروار نــرمـــل نــرالا.
اکين ساڻ دلبر دلين کي ڦٽين ٿو،
عقابي اکين سان دلين کي جهٽين ٿو،
ڏسن تنهنجا عاشق ٿا ڪيئي ڪشالا....
اکيون تنهنجون اسرار اونها رکن ٿيون،
ڌتاريو وٺن جهٽ دليون سي لکن جون،
ٿين زور وارا به ٿا زير و بالا....
اکيون تنهنجون ڪاريون وڏي شان واريون،
وڃي دهلجو دل جي توڏي نهاريون،
سڌا هَڻ نه ’صابر‘ کي بڻڇيون ۽ ڀالا....
عزيز الله عزيز بروهي
ڇڏي محب مٺو منٺار ويو،
دکــي دل ڪــري دلدار ويو.
هاڻي ڪيئن گذاريان مان يار بنا،
ٿيو آهيان پريشان پيار بنا،
حق ڪين ٺهي حقدار بنا،
لُٽي منهنجو سڄڻ سينگار ويو.
پيو ڪونه پتو اهو سُور اٿم،
مٿان پور جي ٻيو هڪ پور اٿم،
دل دردن ۾ چور چور اٿم،
هليو سونهن ڀريو سردار ويو.
روئي روئي گهڙيون مان گذاريان ٿو،
ويٺو واٽ سڄڻ جي نهاريان ٿو،
پنهنجي پيارل کي مان پڪاريان ٿو،
وجهي ڏکن ڏجهن ۾ يار ويو.
هت ويٺو ’عزيز‘ ٿو آهه ڀري،
ساري سيني ۾ ٿي باهه ٻري،
شل قربن وارو قرب ڪري،
پنهنجو پاڙي نه جو اقرار ويو.
مختيار گهمرو
کسي دل ٻين کي ڏيڻ ڪار ناهي،
گهڻن سان الفت رکڻ ڪار ناهي.
سڳو سِڪ جو سوري محبت وڌائي،
وري تار دل جي ڇنڻ ڪار ناهي.
جدا ٿي نه جاني جدائي ٿي ماري،
محبت ۾ منهنڙو مٽڻ ڪار ناهي.
ٻُڌي راز دل جو ڪري رازداري،
وري سور ٻئي سان سلڻ ڪار ناهي.
وفا جا افسانا وساري نه ڇڏ تون،
وفا ۾ جفائون ڏيڻ ڪار ناهي.
تڪيندي ستارا گذاريان ٿو راتيون،
سوا تنهنجي سک سان سمهڻ ڪار ناهي.
نه ’مختيار‘ کان ٿي پري يار جاني،
”رسي وڃ نه پيارا رسڻ ڪار ناهي.“
ميوو خان ”موج“ لغاري
صاف دل جون سڀ سڻايون، ٻي ٻيائي ٻانگ چٽ،
قدرتاً اهلِ ڪدورت جون سٽائون سانگ چٽ.
صلح سان اصلاح ايندي ۽ سدا سالم سلوڪ،
ور نه جهيڙن جهري ٿين، چار چوکا چانگ چٽ.
ڪڍ ڏڪاريا ڏيهه مان ۽ ڏاهه! جي ڏونگر کي ڏار،
ڏاڍ سان ڏاڍو ٿي لڙ، پوءِ ڏاڍ چٽ يا ڏانگ چٽ.
دوبدو آهي ميانِ عاشق و معشوق جنگ،
برسرِ پيڪار ٻئي، مشتاق چٽ يا مانگ چٽ.
حسن جي فوجن ڪري حملا، مارايا مير مور،
نينهن جي ناتي نمائي، ڪيا اٽل اڙٻانگ چٽ.
منتظر مان هت مران، ۽ هي اڏيو تنهنجو عجيب،
جي ڀرين ٻيلانگ! لِک لحظي ۾ لنگهه فرلانگ چٽ.
مام ۾ قاصد مڪم، پر در تي چوڪيدار چست،
يا ته چاريءَ چور، جي نه ته ڪانگ سوڌو ڪانگ چٽ.
قرب جو پيغام قاصد کان، قريبن جو مليو،
ٿيا رقيبِ روسيہ جا، آسرا آسانگ چٽ.
ٿيو محب سان ’موج‘ ميلو، ويو لهي ڏولائو ڏجهه،
اهلِ ڪينه ڪل جا ڪل، ڪيانت نيت جي نانگ چٽ.
منظور ظفر
گيت
اي جانِ من پرين پرين،
اي مہ جبين اي دلنشين.
(1) (3)
هي رات جو ٺرڻ ڏسي، دور دور جا بجا،
هي ساهه جو کڄڻ ڏسي، جيولن جا چهچٽا،
هي پيار جو مچڻ ڏسي، حسين حسين اڇا اڇا،
اچين اچين نٿي اچين، ۽ تون نٿي چيو وٺين،
اي جانِ من پرين پرين. اي جانِ من پرين
پرين.
(2) (4)
هي روپ رنگ سانولا، ڳالهه ڳالهه تي ڳريون،
هي جوش جوش ولولا، نشيليون اکيون کڄيون،
حسين حسين هي سلسلا، مري ويون پريون ٻريون،
رات رَتُ جان رنگين، اڃا نٿي نچين نچين،
اي جانِ من پرين پرين. اي جانِ من پرين
پرين.
خليل لاکير
وائي
ٻيرين جهليو ٻُور او مٺڙا،
موٽ تون پنهنجي ماڳ وري.
روئي روئي نير وهائي، نيڻ به ٿيڙم جهور او مٺڙا،
موٽ تون پنهنجي ماڳ وري.
توريءَ آٿت ڪير ڏئي، ڇوڪره ٿو گهارين ڏور او مٺڙا،
موٽ تون پنهنجي ماڳ وري.
مند وري ڪا راس نه آئي، جنهن سان ساجن سور او مٺڙا،
موٽ تون پنهنجي ماڳ وري.
هر ڪا ڳالهه ’خليل’ امر آ، موت به آ منظور او مٺڙا،
موٽ تون پنهنجي ماڳ وري.
”مسرور“ سومرو
غزل
ساز دل جي سان سڄڻ سائين کي اڄ ساري ڏٺم،
مست المستي ۾ ٿي مستي کي پڻ جياري ڏٺم.
زندگي جي پُر خطر ساگر ۾ اڇلي پاڻ کي،
ريءَ ترهي، بازوئن تي پاڻ کي تاري ڏٺم
’نحن اقرب‘ سان ملائي ڇڏجي ’من حبلِ وريد‘،
منهن کي مونن ۾ وجهي ان مام ۾ گهاري ڏٺم.
عشق وارن جي اکين مان اشڪ نت جاري ڏٺم،
’ليس الانسان‘ الا ماسعيٰ ساري ڏٺم.
ڪنهن طرف کان ڀي پيو ناهي پنهل جو ڪو پتو،
رڻ پٽن جهنگن جهر ۾ ۽ جبلن ۾ جهونگاري ڏٺم.
يا جي اکين ۾ مون خود کي لڪائي دوستو!
شاعري ڀٽ جي ڌڻي جو ورق هڪ واري ڏٺم.
زندگي آ موت جي الفي ۾ پنهان اي عزيز!
دود ڪي دل ۾ دکائي پاڻ کي ٻاري ڏٺم.
نياز نوڙت آ حيات _ خضر کان ”سرور“ وت،
زندگي جي لاءِ خطرن کي صفا ٽاري ڏٺم.
زيب سنڌي
غزل
زيبَ اچن ٿيون کائڻ هاڻي تنهايون
چئني پاسي ڦهليل آهن اونداهيون.
تو لئه جيڪي گيت لکيا مون آهن سي،
هلي اچين جي ساجن! ٻئي گڏجي ڳايون
ياد پوئي شل پيارا، تو جو چيو هو:
”تو ريءَ سائين! اسان ته ڄڻ، ڪجهه ڀي ناهيون“
رات سُهائي، رُت مستاني آئي آ،
گذري رُت يا دور ٿين هي تنهايون.
اوهين وساريو، ڀلي وساريو، خوش هجو،
ممڪن ناهي، اسان ڪنهين ٻئي کي چاهيون.
پهرين واري بستيءَ کان هل دور هلي،
ننڍڙو ننڍڙو پيارو ڪو گهرڙو ٺاهيون.
راهي چنا
جل ٿل ۾ جوت نه ڪائي
من مندر ڀي ڀورا ڀورا،
چانڊوڪي جي گهاگهر ٽڪرا،
چنڊ ڀي ٽڪرا:
ماٺ ستارا.
رات رني آ ماڪ وسي آ،
لهر لهر سان ڇاتي ڇيهون،
جل ٿل ۾ جُوت نه ڪائي،
ماڻهو ماڻهو، پٿر پٿر،
پيڙا پيڙا،
سڏ پڙاڏا.
پنهنجا سمورا پاند پسيل،
سرنهن جا پيلا پيلا پن ڇڻيل،
اوسيئڙو ئي اوسيئڙو!
نراسائي_
هاءِ ڙي هي تنهائي،
واءِ ڙي هي تنهائي.
محمد رمضان ڪمبوهه ”زلفي“
شال رسان
تنهنجي سونهن ثنا مان ڪيئن لکان؟
تنهنجي زلفن جا پيچ و خم ٿو ڏسان،
منهنجي دل ۾ رهي ٿو اهو ئي گمان،
تو ايڏو حسن آندو آهي ڪٿان؟
تنهنجي ديد لئه ٿيا حيران سوين،
جيئن قرب مان ڪنهن ڏي نيڻ کڻين،
تنهنجو رخ ٿئي چنڊ ستارن جان،
تو ايڏو حسن آندو آهي ڪٿان؟
تنهنجي حسن جو هرڪو طالب ٿيو،
منهنجي من ۾ آگ لڳائي تو،
تنهنجي سونهن کي ٿو مان سلام ڪيان،
تو ايڏو حسن آندو آهي ڪٿان؟
تنهنجي هجر ۾ مان ٿيو آن ديوانو،
جيئن پيار ۾ بيوس پروانو،
تنهنجي ديد لئه هرپل سڪندو رهان،
تو ايڏو حسن آندو آهي ڪٿان؟
مون تي نازل تنهنجو جمال ٿيو،
منهنجا پير ٿڙيا، ۽ هوش ويو،
شل عشق جي منزل تي مان رسان،
تو ايڏو حسن آندو آهي ڪٿان؟
پنهنجي هستي تنهن جي لئه وقف ڪريان،
تنهنجي لاءِ جيان، تنهنجي لاءِ مران،
تنهنجي سونهن جي ’زلفي‘ ثنا ڪريان،
تو ايڏو حسن آندو آهي ڪٿان؟ |