اَدل سومرو
وائي
بُٺيءَ جهڙي بُٺِ ۾.
منهنجو روح رڙي.
ساهه سدائين ڪانئر جو، موت سنديءَ مٺِ ۾_
منهنجو روح رڙي.
ڪهڙو تنهن سان پريتڻو، ڪاني جنهن جي پُٺِ ۾_
منهنجو روح رڙي.
مانَ جو مانُ، سي ڇا ڄاڻن، جيءُ جَڙيو جن جُٺِ ۾_
منهنجو روح رڙي.
ذوالفقار سيال
وائي
شهر سڄي ۾ چرچو آهي، چونڪ چونڪ تي واڪ،
دل وارا نيلام ٿين ٿا.
هر ڪنهن پنهنجو پاڻ آ ماريو، سينا سڀئي چاڪ،
دل وارا نيلام ٿين ٿا.
مينديءَ رتڙا، ابهم جذبا، سڙي بڻيا راک،
دل وارا نيلام ٿين ٿا.
سوري توتي سينگاريا ويا، ڪي معصوم ۽ ماڻهو پاڪ،
دل وارا نيلام ٿين ٿا.
سوز هالائي
غزل
سُور سانڍيندا وَتون ۽ پُور پاليندا وَتون،
لُڙڪ پيئندا، پوءِ به کِلندا، مُسڪرائيندا وَتون.
حال محرم ناهه ڪو، جنهن ساڻ سَلجن سُور ڪي،
پاڻ سان پنهنجا سڀئي احوال اوريندا وتون.
راز جون رمزون سڀيئي راز ۾ رکندا اچون،
نينهن جي ناسور کي لوڪئون لڪائيندا وتون.
زندگيءَ ۽ موت جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڪيا هلون،
روز مَرندا، روز جُهرندا، زخم کائيندا وتون.
زهر جو پيالو ڀري، سقراط پيتو هڪ دفعي،
وَرَ ڏيو وهه جا وٽا، چپڙن تي چاڙهيندا وتون.
عشق جي آري ڪڏهن بندش قبولي ڪانه ڪا،
ان حقيقت سان سڀيئي ناتا نڀائيندا وتون.
”سوز“۾ سڪندا وتون،گوندر ۾ گهاريندا وتون،
پوءِ به سڄڻن کي سنڀاريندا ۽ ساريندا وتون.
ملڪ نديم
غزل
نه غم ۾ ڪو ساٿي سڀ گڏجي خوشي ۾،
اڪيلا اڪيلا اسان زندگي ۾.
رُٺل يار پرچي سڄي عمر پنهنجي،
گذاري ڇڏي سي اسان بندگي ۾.
اسان کان پڇو ڪين صدمن جون ڳالهيون،
اسان بي وفا کي ڏني جاءِ جيءَ ۾.
ڪنهن سهڻي ۽ مٺڙي محبت آ موهيو،
بڻايو آ مجنون حياتي سڄي ۾.
اسان جو دکن ۾ ڪو ساٿي به ٿيندو؟
ڪئي آ نديم سدا هي سنڌيءَ ۾.
غلام هالائي
ڪافي
منهنجو دلبر سو دلدار اٿئي.
جيڪو سهڻن جو سالار اٿئي.
جنهن ڏي نماز ڀريا ٿو نيڻ کڻي،
تنهن کي نينهن بَڇي ٿو جادو هڻي،
منهنجو ساجن سڀ کي ڏاڍو وڻي،
اهڙو محب مٺو منٺار اٿئي.
منهنجي رانجهن جي اٿئي رمز سُٺي،
جنهن سان مرڪي سا مُرڪ مُٺي،
جنهن تي راز ڪري سا قُرب ڪُٺي،
اهڙي پيارل جو مون سان پيار اٿئي.
جيڪا وٽس وڃي تنهن کي اڏيو ڇڏي،
جيڪا مُنهنڙو مَٽي تنهن کي وريو سڏي،
جيڪا مديون ڪري تنهن کي بخشيو ڇڏي،
اهڙو ٻاجهه ڀريو منهنجو يار اٿئي.
جنهن سان پرچي پوي تنهن جي پاٽ ڀري،
جنهن تي ڏمر ڪري ته به نظر ڌري،
جيڪا جهولي جهلي خالي ڪين وري،
اهڙو ڏيهه ڌڻي ڏاتار اٿئي.
توتي خاص غلاما هُن جو ڪرم،
توکي ويجهو اچي ڪيئن درد ۽ غم،
تنهنجو ڪهڙو ڀلا ڪنهن ٻئي سان ڪم،
بس هڪڙو سخي سردار اٿئي.
محمد حاجن ابڙيجو ”خوشتر“
سوين سُور صنم، تنهنجي لاءِ سَٺم،
ويهي رات سڄي، تو لاءِ يار رُنم.
ڇو پيار ڀلا پهرين اهڙا ڏنئه،
سي جهٽ پٽ ۾ سڀ وسري ويئه،
مان ته تنهنجو هُيس، تنهنجو يار قسم.
ساري رات مِٺا مون سان وِهندو هئين،
ڏاڍا ٻول مِٺا، مون کي چوندا هئين:
هاڻي روئي ڪيم تو لاءِ اکڙيون نم.
جڏهن مون کان ٿئي تون يار جدا،
ڪهڙو حال ٿيو، سو ڄاڻي خدا،
پر ڪين ڪڏهن ڪنهن کي دانهن ڏنم.
نه ڪي پل ٿي سري منهنجي توکان سوا،
هاڻي ’خوشتر‘ تي ڪر تون ڪا عطا،
نه ته توکان سوا ويندو نڪري دم.
محمد خان مجيدي
اڃا به اڳتي
اهي سُکن جون بهار بستيون،
دُکن جا ديرا اڃا به اڳتي.
اهي ته چڻگون اٿن اڏامن،
ڄڀيون ۽ ڄيرا اڃا به اڳتي.
اهي ته ميرن لَٽن سان ماڻهو،
مَنن جا ميرا اڃا به اڳتي.
اهي ته انگڙيون اڙيون اُراٽون،
مَلهن جا ڦيرا اڃا به اڳتي.
اهي پکي سڀ سُکيا ستابا،
غريب ڳيرا اڃا به اڳتي.
اهي ته هلڪا وڏن جا واهي،
وڏا وڏيرا اڃا به اڳتي.
اهي ته ليڪا ٽپڻ ۾ سَولا،
گهٽن تي گهيرا اڃا به اڳتي.
اهي اڏامي لڳن ٿيون ڪڪريون،
ڇَڙاڪ ڇيرا اڃا به اڳتي.
اِها ته ننڊ مان اٿڻ سان نڪتي،
اٿيا سويرا اڃا به اڳتي.
اهي ته پَٻ جا پَهاڙ اوري،
پُنهون جا پيرا اڃا به اڳتي.
هَٿن سان هٿڙا مليا ته ڇا ٿيو؟
دليون ۽ جيرا اڃا به اڳتي.
اِهي ته ڀؤنرا ڀِرن گُلن تي،
ڀَلن جا ڀيرا اڃا به اڳتي.
اهي ڀلايون ڪندا اچن ٿا،
ڀَلا ڀَليرا اڃا به اڳتي.
احمد خان آصف مصراڻي
غزل
بنائي عشق کي رهبر، عجيبن کي ڏسي ورتم،
محبت جي سهاري سان حبيبن کي ڏسي ورتم.
سمايو درد جو دل ۾، دوائون ان جون دلبر وٽ،
سوين حيلا حڪيمن جا، طبيبن کي ڏسي ورتم.
نه باغن ۾ بهار آيو، نه گلڙن ۾ نکار آيو،
خزان جي خوف ۾ اڄ عندليبن کي ڏسي ورتم.
سُڪونِ قلب حاصل ناهه ڪنهن کي، هرڪو حيران ٿيو،
پڇيم سرمائيدارن کان، غريبن کي ڏسي ورتم.
رڍن جي روپ ۾ ڪيئي بگهڙ بلڪل نظر آيا،
وڃي ويجهو شريفن ۽ نجيبن کي ڏسي ورتم.
جُدائي جي عذابن ۾ گذر ٿي عمر اي ’آصف‘،
نه آهي بخت ياور ٿيو، نصيبن کي ڏسي ورتم.
جوهر بروهي
غزل
هاڻ جيون ۾ ڪو مزو نه رهيو،
حال ڀائي ۽ ڀرجهلو نه رهيو.
شهر واسين ۾ مان به ڳڻجان ٿو،
شهر سان پو به واسطو نه رهيو.
ڪنهن ٻئي ۾ اميد ڪهڙي رکان،
پاڻ تي پنهنجو ڀروسو نه رهيو.
ايترو انتظار ڪرڻو پيو،
نيٺ ڪنهن جو به آسرو نه رهيو.
دل جي ڌڙڪن به نيٺ رڪجي وئي،
هاءِ هاڻي ڪو مامرو نه رهيو.
زندگيءَ جي ڪَٺن ٽه واٽي تي،
مون جيان ڪوئي هيڪلو نه رهيو.
بدنصيبي آ اوج تي پهتي،
شعر منهنجي ۾ سلسلو نه رهيو.
سوچ تڙپائي ٿي اڙي ’جوهر‘،
بي غمي جو ڪو مرحلو نه رهيو.
نثار بزمي
غزل
جلائي شمع ٻجهائڻ مان فائدو ڪهڙو،
نه لائي سگهجي ته لائڻ مان فائدو ڪهڙو.
ملن ته، پاڻ ۾ دليون ٻه ڪي يارو!
رڳو اکين جي ملائڻ مان فائدو ڪهڙو.
ٻرن ٿا لڙڪ ته، ٿي روشني ٿئي جڳ ۾،
ته پوءِ لُڙڪ لِڪائڻ مان فائدو ڪهڙو.
جُهڪي نه دل ٿي اگر سر سان گڏ ڪا سجدن ۾،
ته پوءِ نِرڙ گَسائڻ مان فائدو ڪهڙو.
نه دل رکي جا محبت ته، دل اُها ڪهڙي،
انهيءَ کي گهر ۾ ٽڪائڻ مان فائدو ڪهڙو.
هُجي خريدڻي ڪا شيءِ ته پوءِ وٺي ڇڏجي،
ڪا چيز خالي چُڪائڻ مان فائدو ڪهڙو.
هُجي جا دل ۾ ته کولي ڪجي اها ظاهر،
مگر بهاني بنائڻ مان فائدو ڪهڙو.
نه بوند ڪنهن کي ملي، جام ڪي پِيَن ويٺا،
ته پوءِ اهڙي ورهائڻ مان فائدو ڪهڙو.
هُجي مٺاس ڪو آواز ۾ ته پو وه وه،
اجائي بي سُري ڳائڻ مان فائدو ڪهڙو.
ملي جتي نه محبت جو ڪو صلو ’بزمي‘،
اُتي ڪا آس لڳائڻ مان فائدو ڪهڙو.
عاجز اُڄڻ
ڪافي
نام ڌڻيءَ جي جيڏيون مون کي، پنهل ڏيو پرچائي،
پنهل ڏيو پرچائي مون کي، ساجن ڏيو سرچائي.
رانول مون کان رات رسي ويو، منهنجي ننڊ ڦٽائي.
ڏاڍيءَ ڌر کان ڏوهارڻ جون، بَديون ڏيو بخشائي.
سڪندي ڪيئي سج لَهي ويا، واٽن تي واجهائي.
روئي تن کي ريجهائينديس، پاند ڳچيءَ ۾ پائي.
دل کسي هُو دور هليا ويا، ’عاجز‘ کي تڙپائي.
مريم مجيدي
غزل
ڪجن ڇا نِکاريل نظارن جون ڳالهيون؟
پَڄاريل پَڊن تي بهارن جون ڳالهيون.
اکين جي وٿين ۾ ته اُلڪا لُڇن ٿا،
ڪري ڪيئن سگهجن قرارن جون ڳالهيون؟
ڪٿي ساهه سُڏڪن، ڪٿي روح راڙا،
اهي ويل واڪا، ڏُکارن جون ڳالهيون.
امن جي اُڊوڙيل هڏن تي به هاڃا،
ڪريون ڇا سگهارن، هچارن جون ڳالهيون؟
ڏُکن ڏيهه ۾ سڀ ڏکويا وتون ٿا،
مٺي مُرڪ ۾ ڀي ميارن جون ڳالهيون.
گـــنــاهــــن ثـــــوابـــن جــــــا گــهــيرا لــتــــاڙي،
ڪُڏي ٿا ڪهون عشق وارن جون ڳالهيون
ج. ع. منگهاڻي
وائي
ڏي تون ڏونگر واٽ ميان، آئون نه بيهڻي آهيان.
تنهنجي اندر کان ڀي اونهان، منهنجي اندر ڦاٽ ميان.
آئون نه بيهڻي آهيان.
جوتي منهنجي جيءَ سندي، ماڳ جي ٿيندي لاٽ ميان،
آئون نه بيهڻي آهيان.
پٻ مٿان ’منگهاڻي‘ گذري وينديس اُچي ڳاٽ ميان،
آئون نه بيهڻي آهيان.
مهر پروين
بيت_ (سر سارنگ)
(1)
ساريو سڄڻ يار کي، روئان راتو ڏينهن،
محب موٽيو ڪين ڪي، نيزي چڙهيو نينهن،
مڙي ويو مينهن، پڳو نه ’پروين‘ سان.
(2)
چوٽي ڪري چنڊ جيئن، بادل ڪئي بهار،
ڪڪرن سندي ڪار، سڏي پيئي سڄڻ کي.
(3)
آئي آهي بهار، کڻي نياپو نينهن جو،
ملڻ جي ملهار، سگهي ٿيندي سڄڻ سان.
(4)
من ماندو ڪيو ’مهر‘ جو، محب هڻي مَنڊ،
اهڙي سونهن سڄڻ جي، جهڙو چوڏهينءَ چنڊ،
گهورن سان ڪو گِهنڊ، ويو وڄائي وجود ۾.
(5)
وَڄائي وجود ۾ سڄڻ شهنائي،
رهي نه سڌ ڪائي، ’مهر‘ کي ڪنهن ملڪ جي.
(6)
سڪ سڪايو سڄڻ جي، حال وڃايو هِير،
شل سڄڻ اچيم سيج تي، ويلي انهيءَ وِير،
پرين سندا پير، چُمنديس آئون چاهه مان.
(7)
الله آڻ پرينءَ کي، جو ساريان سڄو ڏينهن،
اکيون وَسن ايئن ٿيون، جيئن ساوڻ وسي مينهن،
ننڍپڻ وارو نينهن، شل ڇڄي نه ڇيهون ٿئي.
(8)
مُندون موٽي آئيون، سڄڻن ڪيا سانگ،
اُڏرن پيا ڪانگ، سگها ايندم سپرين.
(9)
جانب آيو جُوءِ ۾، ويو ڏرت ڏڪار،
ساڻيهه ٿيو سڪار، اچڻ سان عجيب جي.
(10)
جانب آيو جُوءِ ۾، سرهو ٿيڙم ساهه،
پورو ٿيم پساهه، سپريان جي سيج تي.
(11)
محب موٽي آئيو، ڪري ڀلايون ڀال،
لٿو جيءُ جنجال، جانب مليو جيڏيون.
(12)
دلبر اچي ديرو ڪيو، ’مهر‘ سندي من،
ڪانه ڪندي ڪن، وسندي پنهنجي وصل ۾.
(13)
مَر ته وسان محب سان، جو مشفق مهربان،
اچڻ سان احسان، محب ڪيو ’مهر‘ تي.
(14)
محب ٿيو ’مهر‘ جي ساهه سندو سينگار،
ساٿ ڏنو سردار، ڪري وڙ ولهيءَ تي.
سرفراز راڄڙ
آءُ تــه مٺڙي کيڏيون رانــد،
مون جي کَٽيو، تون وٺج پلاند.
ڪالهه به مون وٽ ڪين تون آئين،
راند جي ڇو تون مهل وڃائين،
وڻي ويئي ڪيئن هيءُ ويڇاند.
چنڊ پيو چمڪي ۽ ستارا،
ڇو هي گهارين پري پيارا،
ورهه کان ناهيم ڪا ويساند.
آءُ ته ويهي ڍارو ڍاريون،
واري واري گوٽون هاريون،
راند ۾ گهرجي ٿي ٻي راند.
توکي هرگز مات نه ڏيندس،
کٽيم تڏهن ڀي مات مڃيندس،
کيڏڻ لئه ٿو پايان پاند.
هن ۾ ڪير کٽي ٿو پيارا،
ماڻهن جا ٿيا اندر ڪارا،
چون ٿا دنيا ٿي وڻواند.
راند ’فراز‘ جو آهي بهانو،
جنهن کي تون آن ياد روزانو،
توسان گهرجي ٿي هيڪاند.
ناظم منگي
غزل
سڄڻ جدائي ڪئي خوب انقلاب رُنو،
آ بي رخي تي حقيقت ۾ انتخاب رُنو.
صنم جي مُرڪ نصيبن جي آ سنوار،. مگر
هو سنگدل ٿيو وفا منهنجي بي حساب رُنو.
جڏهن به سامهون گذريو نقاب سان گذريو،
اُداس سمجهي پو محبوب بي حجاب رُنو.
وصالِ يار ليءِ شب روز بيقرار رهيس،
پريشان حال تي مهتاب آفتاب رُنو.
خدا گواهه وفا جو وٺي جفا نه ڇڏينءَ،
مان بي گناهه هيس تنهن ڪري عذاب رُنو.
ستم جا داستان تحرير ڪيئن نقاد ڪريان،
قلم کنيم ته رقم تي ڏٺم ڪتاب رُنو.
نزاڪتون ٿيون گلن کي ملن بهار منجهان،
آجڙ چمن کي ڏسي خود بخود سراب رُنو.
تمام عمر محبت ۾ ڏک ڏٺا ’ناظم‘
سکن نه ساٿ ڏنو تنهن ڪري شباب رُنو.
محمد اسحاق ”راهي“
قطعا
چنڊ ڌرتيءَ تي ٿو اڀري دوستو!
زلف مُنهن تان ٿو ڪري دلبر پري،
آسمان جي چنڊ کي نياپو ڏيو،
گم وڃي ٿي يا ڀڄي پاسو ڪري.
جت ڏٺم تنهنجا قدم سجدو ڪيم،
راهه تنهنجي ۾ صنم سجدو ڪيم،
تون بجا، پر تنهنجي دلبر پار جو،
جو مليم ۽ جو ڏٺم سجدو ڪيم.
مون کي نينهن نماڻي پيڙيو،
يعني: يار جي ماڻي پيڙيو،
هڏ هڏ پيار جي پيچ ۾ آهي،
گُهورن جي يَرَ گهاڻي پيڙيو.
قدم ان جا مون ڏي اچڻ کان نه روڪ،
اکيون عشق واريون ڏسڻ کان نه روڪ،
قبولي آ هڪٻئي کي دلين ڇڏيو،
زمانا! اسان کي ملڻ کان نه روڪ.
رباعيون
جَلون جي خدائيءَ ۾ فقط يار ٿو ڳوليان،
بازارِ محبت ۾ خريدار ٿو ڳوليان،
ڪو دام ڪٿيندڙ کي ٻڌائي ’راهي‘،
دل ڏئي جو وٺي دل سو طلبگار ٿو ڳوليان.
اوسيئڙو آ آمد جو ڪيان ويٺو ٿو،
پرچائي اچي ڪير رئان ويٺو ٿو،
تقدير جو اي ’راهي‘ سهارو آهي،
تقدير جي مالڪ کي ڏسان ويٺو ٿو.
حورن جي ستائش ٿو ڪيان پيو مان،
جَلون جي ٿو تعريف لکان پيو مان،
اي دوست: قلم تنهنجي اشارن سان هلي ٿو،
ڄڻ يا فدا توتي ٿيان پيو مان.
حسرت جي ڪچهري ۾ اچي ويٺاسين،
مايوس طبيعت کي ڏسي ويٺاسين،
مدت کان ڀريل نيڻ هيا اي ’راهي‘،
اڄ اوچتو اي يار وسي ويٺاسين. |