حبيب الله رحيم بخش مرزا
حيدرآباد جـو اڳيون اوج
(قسط _1)
حيدرآباد شهر جا رستا، بازاريون، چؤنڪ، ڳوٺ، چاڙهيون، مقام ۽
باغ.
هينئر ته سڀ شهر وڌندا ٿا وڃن. ڳوٺن جي آبادي منتقل ٿيندي شهرن
۾ پئي اچي، اهو سلسلو تقريباً ٽيهن يا چاليهن سالن
کان هلندڙ آهي. اڳي ائين نه هوندو هو. اڳي جيڪو
ماڻهو جتي هو، اهو اتي رهڻ پسند ڪندو هو. ڏکيو
سکيو هرڪو پنهنجي جنم جي جاءِ _ ڳوٺ يا شهر ۾ ئي
رهڻ چاهيندو هو. ان سبب جي ڪري اڳي _ شهر گهڻي
ڀاڱي وڌندا ئي ڪين هئا. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا،
اهي ان شهر جي آبادي هوندا هئا. آدمشماري جي وڌڻ
جو فقط اهو ذريعو هو، جو ڄم ٿيندا هئا ۽ گهٽجڻ جو
سبب موت، قحط، يا شهرن جي حالت ۾، وبا ۽ ٻيا اهڙا
سبب هوندا هئا. جنهن کي مائگريشن يا هجرت چئجي، ان
جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هو.
حيدرآباد ۾ ٽي گهمرا ”پليگ“ جي بيماريءَ وبائي صورت اختيار ڪئي
هئي. جنهن سبب کان به هن شهر جي آبادي جيتري وڌي
هئي اوتري وري گهٽجي به وئي هئي، تاهم موجوده
صديءَ جي شروعات ۾ هن شهر جي آدمشماري پنجهتر هزار
کن هئي، شهر جي ايراضي به گهٽ هئي. آباد علائقا
سروگهاٽ، فقير جو پڙ، قلعو در هوندا هئا. شهر جي،
يا شاهي بازار جي اولهه ۽ اوڀر طرف ٿوري ڪچي آبادي
هوندي هئي. هينئر جنهن کي هيرآباد يا ٽنڊو ولي
محمد ٿا چون، اهي صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۽ ٻئي
ڏهاڪي ۾ آباد ڪيا ويا هئا. شهر جي گنجان آبادي فقط
”شاهي بازار“ تائين محدود هئي. ٻيو وري شهر جا
مختلف چوندڪ، پڙ ۽ محلا آباد هئا. کيانتو چونڪ،
نهاين جو پڙ، خير شاهه جو پڙ وغيره هن شهر جا آباد
۽ شاداب محلا هوندا هئا.
شاهي بازار کان علاوه ٻيون جيڪي بازاريون يا گهٽيون هيون، اهي
ايترو اهم نه هونديون هيون. تاهم ڪا نه ڪا گهٽي،
يا بازار ڪنهن نه ڪنهن سبب کان مشهور هئي، مثلاً:
خاطو بندن جي گهٽي (موجوده ريشم گلي) ۾ اهڙا دڪان
هئا، جي خاطوبندي ڪم ڪندا هئا. هن صنعت کي اڄ ڪلهه
جي زبان ۾ ”فريم سازي“ سڏي سگهجي ٿو. خاطوبند گهڻو
ڪري آرسين ۽ اهڙين ٻين شين کي ڪاٺ جي چوکٽ ۾ فٽ
ڪندا هئا.
ساڳيءَ طرح، ڦڻي گرن جي گهٽيءَ ۾، جيڪا سيد ڏتل شاهه جي مزار وٽ
هئي، انهن ماڻهن جا گهر هئا، جي ڦڻيون ٺاهيندا
هئا، نعل بندن جي پڙ ۾ نعل بند رهندا هئا. اهڙيءَ
طرح واڍن جو پڙ، ساٽين جو پڙ ۽ ٻيا محلا ۽ پاڙا
هئا.
جيڪڏهن وڏين ۽ اهم گهٽين يا بازارن کي ڳڻجي، ته انهن جي شروعات
به حيدرآباد جي شاهي بازار کان ئي ٿي سگهي ٿي.
قلعي دروازي کان شروع ڪبو ته اوڀر طرف، سڀ کان
پهرين بَٺين جي گهٽي ايندي، اولهه طرف ٺاٺارن جي
گهٽي ايندي. ان طرح ترتيبوار اڀرندي طرف لونگ
بازار، سٿرن جي گهٽي، کهنباٽي لين ۽ فقير جي پڙ
وارو چوراهو ايندو. هن هنڌ تائين، اولهه طرف
ٺاٺارن جي گهٽيءَ کان پوءِ، يتيم شاهه جي گهٽي ۽
پوءِ ”جمن شاهه جو پڙ“ ايندو. ان کان پوءِ ٻه
ننڍيون گهٽيون، بنام ”سونارن جون گهٽيون“ ۽ خاطو
بندن جي گهٽي اچي ٿي. ان کان پوءِ ساڳيو فقير جي
پڙ وارو چوراهو يا چوسول ايندو.
وڌيڪ اڳتي هلڻ سان، اوڀر طرف، پهرين ”مُکڪي گهٽي“ ۽ پوءِ ”سرور
جي قبي“ جي گهٽي اچي ٿي. هن هنڌ ”ڇوٽڪي گهٽيءَ جو
چوراهو“ آهي، جنهن کي شهر جو مرڪز چئجي ٿو. اڃا به
اڳتي هلجي ته اوڀر واري پاسي ”سانول شاهه جو پڙ“
واري گهٽي، پراڻا مڇي هَٽ بازار، امير شاهه پڙ جي
گهٽي، لعلواڻي گهٽي ۽ آخر ۾، ”سوچي بازار“ آهي.
ڪنهن زماني ۾ هن هنڌ شاهي بازار اچي ختم ٿيندي
هئي.
جيڪڏهن فقير جي پڙ جي چوراهي کان اولهه طرف وڃجي، ته سڀ کان
پهرين بير بُلاڻي گهٽي ايندي. اڄڪلهه هن کي ”چوڙي
والي گلي“ چون ٿا. ان کان پوءِ مولو ٻٻر جي گهٽي،
ڇوڏڪي چاڙهي، ميري گهٽي، آڏواڻي گهٽي، چنديراماڻي
گهٽي، دونهي واري گهٽي ۽ آخر ۾ سرو گهاٽ اچي ٿو.
سري گهات کان پوءِ مارڪيٽ جو چوراهو اچي ٿو، وچ ۾
هڪ يا ٻه ننڍيون گهٽيون به آهن، پر اهي اهڙيون اهم
ناهن.
مارڪيٽ واري چوراهي جي اڀرندي طرف ”گاهه مارڪيٽ“ روڊ ۽ الهندي
طرف ”پگٽ اسڪول“ وارو رستو اچي ٿو. هي سڀ شاهي
بازار کان نڪرندڙ گهٽيون ۽ رستا آهن. انهن کان
علاوه، ٻيون به ڪيتريون سارون گهٽيون ۽ گليون آهن.
اهي ايتريون گهڻيون آهن ۽ ايتريون ڳتل آهن، جو
انهن جا فقط نالا لکي سگهبا. ڪٿان شروع ٿيون ٿين
يا ڪٿي ختم ٿيون ٿين، سو ٻڌائڻ مشڪل آهي. تاهم مان
چند مشهور گهٽين جا نالا لکان ٿو. طاهر بازار، گنج
بخش پڙ جي گهٽي، گدواڻي محلو، هاٿيراماڻي محلو،
شهواڻين جو پاڙو، پشوري پاڙو، کٽين جو پاڙو
(گرونگر وٽ)، کٽين جو ويڙهو (نهاين جي پڙ وٽ)،
ساٽين جو پاڙو، کوکرن جو پاڙو، ڪنڀارن جو پاڙو،
ميمڻ محلو، ٽنڊو ولي محمد، هيرآباد، منسکاڻي گهٽي،
لعلواڻي گهٽي، گدواڻي گهٽي وغيره وغيره.
مشهور پڙ جا چونڪ هي آهن: جمن شاهه جو پڙ، نهال شاهه جو پڙ،
پرور شاهه جو پڙ، فقير جو پڙ، سانول شاهه جو پڙ،
بوچالو شاهه جو پڙ، امير شاهه جو پڙ، جمال شاهه جو
پڙ، خاڪي شاهه جو پڙ، خير شاهه جو پڙ، ولائت علي
شاهه جو پڙ، سخيءَ وارو پڙ، ڇٽيءَ وارو پڙ، امام
علي شاهه جو پڙ، ڪورين جو پڙ، ڪاساين جو پڙ، واڍن
جو پڙ، نهائين جو پڙ، هوروالن جو پڙ، پڃرا پور،
خچر پور، الهداد چنڊ جو ڳوٺ، ٽنڊو طيب، ٽنڊو آغا،
ٽنڊو ٺوڙهو، ٽنڊو يوسف، ٽنڊو مير محمود، بلڪه ٽنڊو
مير نور محمد ۽ ٽنڊو غلام حسين ۽ گدوءَ جي ڀرپاسي
وارا ٻه _ چار ڳوٺ.
حيدرآباد جو شهر چاڙهين جي ڪري مشهور آهي. هاڻي مان شهر جي ڪن
چاڙهين جا نالا لکندس. جيڪڏهن قلعي دروازي کان
شروع ڪجي ته اوڀر طرف ڏتل شاهه جي چاڙهي، هيمو
چاڙهي، ٺوڙهي واري چاڙهي، چٽيل چاڙهي، سخي پير جي
چاڙهي ۽ ڪاري موريءَ جي چاڙهي اچي وڃن ٿيون.
جيڪڏهن قلعي دروازي جي الهندي پاسي کان شروع ڪجي ته پهرين پهرين
قدم گاهه واري چاڙهي ايندي، پوءِ همسٽيڊ هال واري
چاڙهي، ڀائي خان واري چاڙهي، پکو ۽ پير چاڙهي،
چاڙهي بلاول (زناني اسپتال)، بوچالو شاهه چاڙهي،
ڇوڏڪي چاڙهي، عيدگاهه واري چاڙهي ۽ سرفراز شهيد
واري چاڙهي اچي وڃن ٿيون.
حيدرآباد شهر ۾ درگاهون به ڏاڍيون آهن. هتي مان چند مشهور
درگاهن ۽ مزارن جا نالا ڏيندس. شاهه محمد مڪئي،
سيد عبدالوهاب، پرور شاهه، نهال شاهه، سيد جمن
شاهه، سيد ڇٽن شاهه، سيد تاج محمد شاهه ”سخي“،
سرفراز ڪلهوڙو، سيد گل شاهه، سيد اشرف شاهه بخاري،
جڙيل شاهه، حاجي شاهه ۽ ٻيا.
حيدرآباد شهر ۾ پهرين ٽي وڏا مقام هوندا هئا. سڀ کان پراڻو ۽
وڏو قبرستان ”شهيدن جو مقام“ آهي. هيءُ ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي جي زماني کان استعمال ٿيندو اچي. ان
کان پوءِ ٽنڊي آغا وارو قبرستان آهي؛ جنهن کي
”پراڻو مقام“ ڪري چون ٿا. ٽيون وڏو مقام ٽنڊي يوسف
وارو آهي، هن کي ”نئون مقام“ ڪري چوندا آهن.
انگريزن جي دؤر ۾ سواءِ هن وڏي مقام جي، ٻين مقامن
۾ دفن ڪرڻ ممنوع هوندو هو. اهڙو بورڊ خاص ڪري
پراڻي مقام جي اڳ کان الڳل هوندو هو، پر جيئن
پاڪستان قائم ٿيو، تيئن اهو بورڊ به ڪنهن پٽي
اڇلائي ڇڏيو.
هنن جاين کان سواءِ حيدرآباد شهر ۾ ”گل شاهه“ وٽ به مقام هوندو
هو. اهو مقام ميرن جي دؤر کان وٺي انگريزن جي دؤر
تائين، مسلمان ۽ هندو، ٻئي استعمال ڪندا هئا، ان
ڳالهه کان، نه ته مسلمانن کي نفرت هئي، نه وري
هندن کي ئي نفرت هئي. گهڻو پوءِ خود هندن ان تي
اعتراض ڪيو ۽ ٽنڊي ولي محمد وٽ هڪ خالي پلاٽ وٺي،
ان کي مساڻ طور استعمال ڪيو. ان کان پوءِ ”گل
شاهه“ وارو مقام به بندش هيٺ اچي ويو. هندن جو هڪ
مساڻ ٻيو به هو، جو ٽنڊي آغا جي ڀر ۾ سيٺ اجو مل
جي ڪپهه جي ڪارخاني جي ويجهو هو، اهو گهڻو اڳي بند
ڪيو ويو هو.
حيدرآباد شهرن سان لاڳو، چند اهڙا به محلا يا پاڙا آهن، جي بذات
خود ننڍا قصبا يا ڳوٺ آهن. انهن کي به ٽنڊا ڪري
چوندا آهن. هاڻي اهي ميونسپالٽيءَ جي حدن اندر اچي
ويا آهن. ٽنڊن ۾، اسٽيشن لڳ ”ڪلهوڙن جو ڳوٺ“، شهر
جي اڀرندي طرف ”الهداد چنڊ“ جو ڳوٺ، ٽنڊو طيب،
ٽنڊو يوسف، ٽنڊو مير محمد، ٽنڊو آغا، ٽنڊو ٺوڙهو،
۽ ٻيا ننڍا پاڙا اچي وڃن ٿا. شهر جي الهندي طرف
ٽنڊو ماهي مياڻ، ٽنڊو مير نور محمد، ٽنڊو غلام
حسين، حسين آباد (گدو) ۽ دواٻي جا ڳوٺ اچي وڃن ٿا.
هي سڀ ڳوٺ شهر جي حدن اندر اچن ٿا، اگرچ انهن مان
هر هڪ کي پنهنجي تاريخ آهي، جا ڏاڍي دلچسپ آهي.
مثال طور: گدوءَ جو ڳوٺ ان لاءِ ٻڌو ويو هو، جو
هتي سنڌ جو مشهور سفارتڪار ديوان گدومل ڪابل مان
واپس اچڻ مهل منزل انداز ٿيو هو. ٽنڊو ولي محمد،
موجوده هنڌ تڏهن ٻڌو ويو هو، جو اصل جاءِ تي _
يعني سول لائينس ويجهو _ انگريز آفيسرن جا بنگلا
ٺهرائڻ مقصود هو. گدوءَ جي شهر لڳ ننڍا هڪ يا ٻه
ڳوٺ به آهن: هڪڙو ڪلهوڙن جو (ٻيو) ڳوٺ ۽ هڪ پٺاڻن
جو ڳوٺ.
پراڻي حيدرآباد جي ارد گرد، باغات هوندي هئي، انهيءَ ۾ اڪثر ڪري
سڀني ميون جا وڻ هوندا هئا. اهي گهڻو ڪري خانگي
باغ هئا. بعضي ميونسپالٽي به باغ رکائيندي هئي.
اڳي ميونسپل باغن ۾ به ميوي جا ئي وڻ هوندا هئا،
خواهه گلن وارا وڻ به هوندا هئا. خانگي باغن ۾ سڀ
کان وڏو ۽ مشهور باغ، افندي باغ هو. هن کي تڏهن
”تروٽ جو باغ“ ڪري سڏيندا هئا. ٻيو وڏو باغ، مکي
پريتمداس جو باغ هو. ان کان علاوه هڪ ٻئي هندو مکي
صاحب جو به هڪ باغ هو جو هن ”گئو شالا“ ۾ تبديل
ڪيو هو. شايد مکي هرڪشنداس نالو هئس. اهو باغ پوءِ
گئو شالا باغ جي نالي سان سڏجڻ لڳو هو. ڦليليءَ جي
پرئين پاسي _ڪاري موري طرف هڪ عاليشان ۽ خوشنما
باغ هو، جنهن کي ڍولڻ داس جو باغ ڪري چوندا هئا.
ساڳي طرح اڇي موري، ڦليلي پار، ان کان به وڌيڪ
خوشنما ٻيو هڪ باغ هو جنهن کي ”سيٺ ڪريم خواجي جو
باغ“ ڪري چوندا هئا. حيدرآباد جي شهرين لاءِ هي
هنڌ، گهمڻ جي لحاظ کان بهترين باغ هئا. ميوي وارن
باغن ۾، مٿين باغن کان علاوه ٻيا ڪيترائي باغ هئا
مثلاً اسٽيشن پار، ديوان جو باغ. ڪالي روڊ تي هڪ
وڏو ميوي جو باغ. ساليانو يا سرڪاري باغ، موجوده
راڻي باغ، ۽ ٻيا ننڍا ننڍا اڪيچار باغ.
مٿي ذڪر ڪيل باغن کان علاوه، هن شهر ۾ ڪيترا سارا پارڪ ۽ گلن جا
باغيچا به هوندا هئا. هنن ۾ سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان
شاندار پارڪ، اسٽيشن وارو باغ هو، جنهن کي تڏهن
”راڻيءَ جو باغ“ چوندا هئا. موجوده راڻي باغ کي
تڏهن ”سرڪاري باغ يا داس گارڊن“ سڏيندا هئا.
حالانڪه ڪنهن به ”داس“ جو هن باغ سان ڪوبه تعلق
ڪونه هو. ٻيو شهر پارڪ ”شامداس پرومينيڊ“ جي نالي
سان هو، جو ڏاڍو وڏو تمام ڊگهو باغ هو. ان کان
علاوه هومسٽيڊ هال، ست پتالو باغ، پريم پارڪ ۽
ساڌو هيرانند پارڪ به سٺا گهمڻ جا هنڌ هئا. اهڙيءَ
طرح حيدرآباد جي شهر ۽ ان جي آسپاس رڳي ساوڪ ۽
گلڪاري ڏسڻ ۾ ايندي هئي. ماڻهن ۾ گهمڻ جو ايترو
شوق هوندو هو، جو ڪن ڪن پارڪن ۽ باغن ۾ شام جي مهل
ايتري پيهه هوندي هئي، جو وهڻ جي جاءِ به نه ملندي
هئي. خاص ڪري پريم پارڪ ۽ هومسٽيڊ هال ۾ روز شام
جو ڏاڍي پيهه ٿيندي هئي. هڪ پارڪ گدو بندر ۾،
درياهه جي ڪناري کان به هوندو هو، جو گرچه ننڍو
هو، پر هڪ سهڻو پارڪ هو. حيدرآباد جا شوقين گاڏين
۾ چڙهي، هيءُ پارڪ ڏسڻ ايندا هئا. هن پارڪ جي ڪري
گدو بندر جو شان دوبالا ٿي پيو هو. هڪ شاعر ته ان
تي ڏاڍو سٺو هڪ نظم به ٺاهيو هو:
گدو بندر گلشن ۾ بيشڪ بهاري آهه،
پئي پيهه پارڪ ۾ گهڻي، شام جو جت روز،
ڪرسيون لڳن جنهن جي ڪپ تي، وه وه جي واري آهه.
تڏهن گدوبندر ۾، درياهه جي ڪپ تي، شام جو ڪرسيون رکيون وينديون
هيون، جتي ماڻهو اچي وهندا هئا ۽ درياهه جو نظارو
ڏسندا هئا.
مٿي ذڪر ڪيل پارڪ درياهه جي ڪپ تي هو. ان جي برعڪس شامداس
پرومينيڊ ڦليلي واهه سان برابر هلندو هو، جو
تقريباً هڪ ميل ڊگهو هو. هي ٻئي پارڪ هاڻي ويران
ٿي ويا آهن. اگرچه انهن جا اهڃاڻ موجود آهن،. پر
باغ نه آهن.
حيدر آباد شهر ۾ روشني ۽ پاڻيءَ وغيره جو اڳيون بندوبست:
ويهين صديءَ جي شروعات جي وقت کان وٺي ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته
اول ته تڏهن هي شهر ايڏو وڏو نه هو، ٻيو ته ان جو
ارد گرد اڪثر ٻنيون ۽ ميدان هوندا هئا ۽ ٽيون ته
اهي شيون يا ڳالهيون، جن کان موجوده زماني جا
ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، سي لازماً نه
هونديون هيون، مثال طور بجلي يا اليڪٽرسٽي اڃا نه
پئي هئي ۽ نه وري تڏهن ڪي نل ئي لڳل هوندا هئا.
جنهن صورت ۾ موجوده دؤر جي سائنسي ايجادن مان ڪو فائدو نه ورتو
ويندو هو، تنهن صورت ۾ هتي جا رستا، چوراها ۽
گهٽيون، فانوس جي روشنيءَ ۾ روشن رکيا ويندا هئا.
ويهين صديءَ جو پهريون چوٿو، يعني سال 1901ع کان
1925ع تائين ائين هوندو هو. هر روز شام جو
ميونسپالٽيءَ جا ماڻهو، ڪلهي تي ڏاڪڻ ۽ هٿ ۾
گاسليٽ جو دٻو کنيون، هر فانوس جي اڳ کان اچي
بيهندو هو ۽ ڏاڪڻ ڪلهي تان لاهي، فانوس جي ٿنڀ سان
چپسان ڪري، مٿي چڙهي ويندو هو. سندس ڪلهي تي پراڻي
ڪپڙي جو ٽڪر رکيل هوندو هو. هو ڪپڙي سان زور سان
فانوس جي شيشن کي ۽ اندر رکيل چمنيءَ کي اگهندو
هو، پوءِ ٿورو گاسليٽ وجهي، وٽ کي ٺيڪ ڪري، فانوس
ٻاري، لهي ويندو هو. محلي جا ٻار، عام طرح سان،
فانوس جي ڀر ۾، سانجهيءَ جي مهل رانديون ڪندا هئا،
تان جو رات گهاٽي ٿيندي هئي، پوءِ سڀ ٻار گهرن ۾
ويندا هئا.
شاهي بازار ۾ دڪانن تي به گاسليٽ جون بتيون ٻرنديون هيون. دڪانن
۾ اهڙيون ئي بتيون هيون، جهڙيون اڃا تائين سنڌ جي
ڳوٺن ۾ ٻاريون وينديون آهن. ٽوپيءَ واريون بتيون
هنن جي وَٽ گول سلينڊر جهڙي هوندي آهي، جنهن ڪري
چئني پاسن ڏانهن هڪ جيتري روشني پوندي آهي. اهي
بتيون تڏهن اهڙيون تِکيون محسوس ٿينديون هيون، جو
سنهو سنهو ڪم، مثلا درزي يا سوناري جو ڪم به
آسانيءَ سان ٿي سگهندو هو. حيدر آباد شهر جي گهرن
۾ تڏهن لالٽين يا شمعدان ٻرندا هئا. غريب ماڻهن جي
گهرن ۾ گاسليٽ جون ڪُپريون ٻرنديون هيون.
شاهي بازار جي دڪانن تي ۽ بعضي گهرن ۾ به بجاءِ بجليءَ جي فئن
جي، هٿ جي ڇڪڻ جا پنکا لڳل هوندا هئا. بازار،
آفيسن يا ٻين اهڙن هنڌن تي، ڪڇي ۽ ڪولهي نينگرا
”سائين پکو ڇڪايو، سائين پکو ڇڪايو“ چوندا، گهمندا
ڦرندا نظر ايندا هئا. هڪ ٽڪو يا وڌ ۾ وڌ ته آنو
ڏبو هئن ته خوش ٿي پکو ڇڪيندا هئا. وڏين آفيسن ۾
اهو ڪم ”پنکا ڪولي“ ڪندا هئا. ڪن ڪن اسڪولن ۾ به
ڇت ۾ پنکا لڳل هوندا هئا، اتي پٽيوالا يا غريب
شاگرد رسي ڇڪندا هئا. جن اسڪولن مان پڙهيو هئس،
انهن مان ڪنهن ۾ به پکو لڳل نه هو.
بجلي نه هئڻ ڪري اٽي پيهڻ جون انجڻيون ۽ ڪُتر وغيره جا ڪارخانا
به هٿ سان هلايا ويندا هئا. بعضي آئل انجڻ جي
ذريعي، بعضي ڪنهن وهٽ کي ٻڌي ائين ڪندا هئا. خاص
ڪري ڪُتر جا ڪارخانا، اُٺ کي ٻڌي هلايا ويندا هئا.
جهڙيءَ طرح سان نار ۾ يا گهاڻي ۾ اُٺ ٻڌبو آهي،
اهڙيءَ طرح سان ڪُتر جي مشين ۾ ٻڌو ويندو هو.
هڪ ڳالهه کي محسوس ڪيو ويندو هو، ته تڏهن هن شهر ۾ فانوس سهائين
راتين جو نه ٻاريندا هئا، فقط اونداهين ۾ ٻاريندا
هئا. سهاين راتين ۾ حيدرآباد شهر جا رستا ۽
گهٽيون، چنڊ جي ٿڌي روشنيءَ ۾ منور ٿي ويندا هئا.
تڏهن آمد رفت گهٽ هئي ۽ نه وري چوريءَ جو ڊپ هوندو
هو، جنهن ڪري ميونسپالٽي بچت ڪري، فانوس فقط
اونداهين راتين ۾ ٻاريندي هئي. هيءَ پر، بجليءَ جي
پوڻ کان پوءِ به هلندي آئي، چنانچه ورهاڱي کان اڳ
هن شهر حيدرآباد ۾ ڪابه ميونسپل بجلي نه ٻرندي
هئي.
ننڍي وهيءَ وارا خاص ڪري سهائين راتين ۾ ونجهه وٽي يا اهڙيون
ٻيون رانديون ڪندا هئا. ننڍي هوندي اسان به چنڊ جي
ٿڌي روشنيءَ ۾ رانديون ڪيون هيون. بلڪه اها روشني
راند لاءِ وڏيڪ موزون سمجهي ويندي هئي. ماڻهو
ڳالهيون ڪندا هئا ته اڳي هتي اُڻويهين صديءَ جي
آخر ۾، حيدرآباد جي گهرن ۾ مايون رات جي مهل
چانڊوڪيءَ ۾، ستاري ۽ بادلي جي ڀرت جو ڪم ڪري
سگهنديون هيون. اڱڻ وڏا هوندا هئا. چانڊوڪيءَ جي
ڪابه ڪمي ڪين هئي، سو ان مان باقاعدي ڪم ورتو
ويندو هو. اڄڪلهه اهڙيءَ ڳالهه تي کِل ڪجي. اڄڪلهه
ته روشنيءَ ۾ به اهڙو ڪم، سنهو سنهو ڪم ڪري نٿو
سگهجي. جي هڪ ڪلاڪ لاءِ بجلي بند ٿي ٿئي ته ڪم ته
ٺهيو، بازار به بند ٿيو پوي ٿي. سو چانڊوڪيءَ ۾ اڄ
جو ماڻهو ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو.
جيسين هن شهر جي پاڻي وغيره جي مهيا ڪرڻ جو تعلق آهي ته پتو ٿو
پوي ته اٽڪل سال 1920ع ڌاري شهر ۾ باقاعدي نلن جي
ذريعي پاڻي مهيا ڪيو ويندو هو. جيئن معلوم ٿيو آهي
ته پهرين روزانه پنج هزار گئلن پاڻي شهر لاءِ ڇڪيا
ويندا هئا، جي ٿوري آباديءَ جي ڪري پورا ٿي ويندا
هئا، بلڪ بچت هوندي هئي. جڏهن اڃا نل نه پيا هئا،
تڏهن پراڻن طريقن سان اهو پورائو ٿيندو هو. اول ته
حيدرآباد شهر جي ڀرسان ڦليلي ڦاٽ وهندو هو، اڃا
واهه نه ٿيو هو. ان جو پاڻي شايد اڇي موريءَ وٽان
موڙي، شهر جي اڀرندي طرف هڪ کڏ ۾ جمع ڪيو ويندو
هو. ميرن واري زماني ۾ هيءَ کڏ ئي شهر جي اڀرندي
طرف هڪ کڏ ۾ جمع ڪيو ويندو هو. ميرن واري زماني ۾
هيءَ کڏ ئي شهر جي پاڻيءَ جو واحد ذريعو هئي.
انگريزن جي دؤر ۾ ڄام شوري کان هڪ واهه جنهن کي
پوءِ نئين ڦليلي سڏيو ويو هو، کوٽي هن پراڻي
ڦليليءَ ۾، رشي گهاٽ وٽ ملايو ويو هو. ان واهه مان
هڪ ننڍي شاخ شهر ڏي رکي ويئي هئي. هن شاخ جو پاڻي
پهرين ”ڊومڻ واهه“ ۾ گڏ ٿيندو هو، اتان اهو تازو ۽
سٺو پاڻي وڃي ”سنگت واهه“ ۾ پوندو هو. هي واهه
جنهن هنڌ هو، اتي هينئر سٽي ڪاليج ۽ ڪپڙي مارڪيٽ
آهي. البت هن هنڌ واهه جو پاڻي هڪ تلاءُ جي صورت ۾
ٿي پکڙجي ويندو هو، جنهن ڪري هتي يعني جٽيل چاڙهي
کان وٺي ڪنڀارن جي پاڙي تائين هڪ وڏو ۽ ويڪرو
تلاءُ هوندو هو. هن کي بعضي تلاءُ نمبر پهريون به
چوندا هئا. هتي شهر جا ماڻهو وهنجڻ يا ڪپڙن ڌوئڻ
لاءِ ايندا هئا. ماڻهو چوندا هئا ته جڏهن ڦليلي
چڙهندي هئي ۽ سنگت واهه ڀريو هو، تڏهن شهر وارن کي
خوشي ٿيندي هئي. هندو زالون، سوَن جي تعداد ۾ اکو
پائڻ يا سنان ڪرڻ يا پاڻي ڀرڻ لاءِ قطارن ۾ سنگت
واهه جي ڪپ تي ڏسبيون هيون. ڪن ڪن هنڌن تي پٿر جون
پئوڙيون به ٺهيل هونديون هيون، جتان ماڻهو لهي
تلاءُ جو پاڻي ڀريندا هئا.
سنگت واهه کان پوءِ اهو پاڻي تلاءَ نمبر ٻئي ۾ ايندو هو. هي
تلاءُ ٺوڙهي واري چاڙهي واري رستي ۾ گرونگر واري
رستي جي وچ ۾ هوندو هو. هن هنڌ شهر جي ڏاکڻي پاسي
وارا، فقير جي پڙ ۽ قلعي دروازي جا ماڻهو، پاڻي
ڀرڻ يا وهنجڻ لاءِ ايندا هئا.
تلاءُ نمبر ٻئي کان پوءِ، اهو پاڻي تلاءَ نمبر ٽئين ۾ ايندو هو.
هي تلاءُ سڀني کان وڏو، ويڪرو ۽ ڪُشادو هوندو هو.
اڃا تائين، جڏهن ته تلاءَ ڏٽجي ويا آهن، اتي جايون
ٺهي ويون آهن، تڏهن به اتي جي ماڻهن يا جاين کي
”تلاءَ نمبر ٽئين جا ماڻهو يا جايون“ سڏيو وڃي ٿو.
هيءُ هڪ اهم ۽ مشهور محلو آهي. سچ ته سواءِ هن
محلي جي سنڌي مسلمان ٻئي ڪنهن هنڌ ايترا نه ملندا.
|