سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1981ع (3)

 

صفحو :13

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي

 

        سنڌ جي عظيم مؤرخ مير علي شير قانع جا سنڌ جي رهاڪن تي ايترا ته احسان آهن، جو هو صدين تائين لاهي نه سگهندا. هي اهو مؤرخ آهي، جنهن سنڌ جي تواريخ کي صحيح نموني ۾ جيئرو رکيو ۽ اسان تائين پهچايو.

سنڌ جي سرزمين وقت به وقت جيڪي وڏا عالم، فاضل، بلند پايه شاعر، باڪمال مؤرخ ۽ اهل دل بزرگ پيدا ڪيا آهن، انهن جو مفصل احوال مير علي شير قانع اسان تائين پهچايو آهي. مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ”مقالات الشعراءِ“ ۽ ”مڪلي نامه“ ۾ سنڌ جي انهن باڪمال هستين احوال قلمبند نه ڪري ها، ته هوند اسان پنهنجي بزرگن جي حالات کان اڻواقف رهون ها، ۽ سنڌ جو اهو شاندار ماضي، جنهن تي اسان کي بجا طور فخر آهي، ان کان بيخبر هجون ها.

هن شيرازي سيد کي سرزمين سنڌ جي ڀلاري ڀونءَ سان بي انتها پيار هو، جنهن جو ثبوت سندس تصانيف: ”تحفة الڪرام“ ”مقالات الشعرا“ ۽ ”مڪلي نامه“ ڪتاب آهن، جيڪي سنڌ جي سرزمين جي تاريخ ۽ ثقافت کي نکيڙي نروار ڪري اسان جي آڏو آڻين ٿا؛ ۽ چٽيءَ طرح ٻڌائين ٿا ته سرزمين سنڌ علم جي کاڻ هئي، جنهن جي جواهرن جي جوت جي جلوي نه صرف سرزمين سنڌ کي منور ڪيو، پر پري پري تائين پنهنجي جمال جي جوت جو جلوو پهچايو.

مير علي شير قانع اهو محسوس ڪيو ته سنڌ جي وڏي ۾ وڏي خدمت اها آهي ته، انهن عظيم شخصيتن ۽ هستين جي ياد محفوظ رهي، ۽ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين جي تواريخ ۽ جاگرافيائي حيثيت بيان ڪئي وڃي، جيئن پويان پنهنجي تواريخي روايتن کان واقف ٿين. انهيءَ ڪري هن نه فقط سنڌ جي سياسي تواريخ لکي، پر سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين، واهن ۽ درياهن تي به وس آهر، جيڪا معلومات ملي سگهيس، اها قلمبند ڪيائين. نه فقط ايترو، پر سنڌ جي مکيه شهرن جي عالمن ۽ فاضلن، بزرگن ۽ ولين، شاعرن ۽ سورهين تي به تفصيل لکيائين، ايتري قدر جو سنڌ جو ڪوبه اهڙو ناليرو شهر نه ڇڏيائين، جنهن جي بزرگن ۽ اهم شخصيتن جو احوال پنهنجي تواريخ ۾ محفوظ نه ڪيائين.

هن جي آڏو سنڌ جي سرزمين جون پراڻيون حدون هيون، جنهن ۾ ملتان جو علائقو ۽ سبي جو ڀاڱو به اچي ٿي ويا. انهيءَ ڪري سنڌ جي شهرن ۽ بزرگن جو احوال ملتان کان شروع ڪيائين ۽ وڃي منگهي جي طوق تي دنگ ڪيائين.

مير علي شير قانع جو اهو وڏو ڪمال آهي جو هن اهو مواد گهر ويٺي هٿ ڪيو آهي. هن ان ڏس ۾ ڪي ڪشالا ڪڍي، اهي ماڳ ۽ مڪان ڏسي احوال قلمبند نه ڪيو آهي، پر واسطيدار ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري احوال ۽ بيان قلمبند ڪيا آهن. ان ڳالهه جو اعتراف هن ”تحفة الڪرام“ جي جلد ٽين جي ڀاڱي ٻئي جي منڍ ۾ ڪيو آهي. لکي ٿو:

”جنهن صورت ۾ هيءُ ٿورڙيءَ معلومات وارو (مصنف) اڪثر جاين جي ڏسڻ کان سواءِ غائبانه، رڳو ڪتابن مان چونڊي يا زبانن کان ٻڌي، هن سلسلي جي تحرير ڪري ٿو، باوجود يڪ وس پڄندي، روايتن جي صحت ۾ ڪوبه قصور ڪونه ڪيو اٿس، تاهم جيڪڏهن بشري تقاضا موجب، جنهن سان سهو ۽ نسيان لازمي آهي. ]ڪا غلطي ۽ ڪوتاهي ٿي ويئي هجي ۽[ ڪنهن پياري کي وڌيڪ تحقيق جي توفيق ٿئي، ته انهيءَ کي اصلاح لاءِ عرض آهي.“([1])

ان جي باوجود سندس بيان ۽ احوال گهڻي ڀاڱي صحيح آهن، ۽ سنڌ جي تاريخ لاءِ اهم ۽ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکن ٿا.

سنڌ جي هن  باڪمال مؤرخ هڪ علمي خاندان ۾ اک کولي. سندس نسب جو سلسلو امير سيد فضل الله المحدث الحسيني  الدشتڪي الشيرازيءَ تائين ملي ٿو. سندس خاندان جا سمورا بزرگ وڏا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن. مير صاحب پنهنجي بزرگن جو احوال ”تحفة الڪرام“ جي ٽين جلد ۾ قاضي سيد شڪر الله اول کان وٺي پاڻ تائين ڏنو آهي. فقط خاندان جي انهن فردن جو ذڪر ڪيو اٿس، جيڪي سنڌ ۾ وارو وڄائي ويا. قاضي سيد شڪر الله، مرزا شاهه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ سنه 927هه ۾ ٺٽي ۾ پهتو ۽ قضا جي عهدي تي سرفراز ٿيو.

مير صاحب پنهنجي ايراني بزرگن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراءِ“ ۾ ڏنو آهي. سندس معلومات جا ماخذ ”تاريخ حبيب السير“، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن.

مير صاحب جا وڏا اصل ۾ شيراز ۾ رهندا هئا. ان کان پوءِ ان خاندان جو بزرگ سيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله، اٺين صدي هجريءَ ۾ شيراز مان لڏي اچي هرات ۾ ويٺو. ان خاندان جو بزرگ قاضي سيد شڪر الله شيرازي ولد سيد وجہ الدين هرات کان قنڌار آيو ۽ سندس سمورا بزرگ وڏا عالم ۽ فاضل هئا ۽ دين و ايمان جا روشن ڏيئا هئا، انهن جي وجود ٺٽي جي شهر کي علمي فيض رسايو. قاضي سيد شڪر الله جي نالي پٺيان ٺٽي ۾ شڪر الاهي ساداتن جو سلسلو شروع ٿيو، انهيءَ موتين جي مالها جو هڪ منور موتي مير علي شير قانع آهي. سندس علم جو درياءُ اڄ تائين جاري آهي؛ جنهن مان هينئر به سنڌ جي تاريخ جا پياسي پنهنجي اُڃ اجهائين ٿا. هن سنڌ جي علمي فيض کي روشن ڪري پاڻ کي به لافاني بڻائي ڇڏيو. هينئر سنڌ جي تاريخ ۽ مير علي شير قانع لازم ۽ ملزوم آهن. جيستائين هن ڪائنات ۾ سنڌ جو وجود سلامت آهي، تيستائين هن بي مثل مؤرخ جو نالو به دائم ۽ قائم رهندو.

مير علي شير قانع سنه 1140هه مطابق سنه 1727ع ۾ تولد ٿيو. هي اهو زمانو هو، جڏهن سنڌ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪومت ڪري رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ ٺٽو علم جو هڪ عظيم مرڪز هو ۽ علمي اوج جي سلسلي ۾ قرطبه، دمشق ۽ بغداد سان ڪلهو هڻي رهيو هو. بي شمار مدرسا آباد هئا ۽ ڪي ئي ڪتبخانا علم جي پانڌيئڙن جي ڪشش جو سبب هئا. مير علي شير قانع جي ولادت کان 30 سال اڳ هڪ انگريز سياح هيملٽن سنڌ ۾ آيو هو، جنهن جي بيان موجب ٺٽي ۾ 400 وڏا مدرسا موجود هئا، جن کي اڄ جي مفهوم موجب ڪاليج چئي سگهجي ٿو. ان مان ٺٽي جي علمي فضيلت جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. اهڙي علمي ماحول ۾ مير علي شير قانع جي تعليم ۽ تربيت ٿي. هن پنهنجي تحصيل علم جو تفصيل بيان نه ڪيو آهي، البته وچ وچ ۾ پنهنجي چند استادن جو احوال ڏنو اٿس، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ان زماني جي جيد عالمن کان تعليم حاصل ڪئي. هن ميان عبدالجليل جي فرزند ميان نعمت ۽ ميان محمد صادق جي مدرسن ۾ علم حاصل ڪيو. ان کان سواءِ هن آخوند محمد شفيع جو نالو به پنهنجي استادن ۾ کنيو آهي، جنهن کان هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. فارسيءَ جو شاعر آخوند ابو الحسن ”بي تڪلف“ به سندس استادن مان هو. مولوي مرزا جعفر شيرازي انهن ڏينهن ۾ سير ۽ تفريح جي خيال سان ٺٽي ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت رهيو. مير صاحب ان بزرگ وٽ به وڃي ڪجهه پرايو.

مير صاحب جو خاندان شروع کان وٺي خوش حال ۽ فارغ البال رهيو، سڀني حڪمرانن کين وظيفا، خلعتون ۽ انعام اڪرام ملندا رهيا. ميان نور محمد جي طرفان، مير علي شير قانع والد سيد عزت الله کي جڳت پور ۽ ڪڪرالي ۾ ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا، ان کان سواءِ هن خاندان کي وقت بوقت ڪيترائي انعام اڪرام ملندا رهيا. اهي انعام اڪرام ٽالپرن جي زماني ۾ به کين ملندا رهيا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مير علي شير قانع فارغ البال زندگي گذاري. کيس معاشي مونجهاري جي ڪنهن به وقت تڪليف نه هئي. سندس سڄي زندگي ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان گذري. انهيءَ ڪري معاش جي فڪر کان بي پرواهه ٿي سڄي عمر لکندو رهيو. ننڍڙو ئي هو، جو 12 سالن جي عمر ۾ قلم هٿ ۾ کنيائين ۽ ويندي وفات کان هڪ سال اڳ تائين لاڳيتو لکندو رهيو.

ڪلهوڙن جي زماني ۾ ميان غلام شاهه سندس صلاحيتون پرکي کيس پنهنجي خاندان جي تواريخ لکڻ لاءِ پاڻ وٽ خدا آباد گهرايو. مير صاحب جو تقرر تواريخ نويسيءَ جي عهدي تي سنه 1125هه مطابق سنه 1721ع ۾ ٿيو. هن فردوسيءَ جي ”شاهه نامي، جي طرز تي فارسي نثر ۾ ڪلهوڙن جي تواريخ متعلق لکڻ شروع ڪيو، پر معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب ٿوري وقت کان پوءِ ٺٽي موٽي آيو ۽ هيءُ ٻئي ڪتاب مڪمل ڪري نه سگهيو. افسوس جو اهي ڪتاب لکجي نه سگهيا ورنه سنڌ جي تواريخ جو هڪ اهم ماخذ اڄ اسان جي آڏو هجي ها. ميان غلام شاهه جي درٻار کان موٽي اچي مير صاحب سنه 1180هه مطابق سنه 1766ع ۾ ”تحفة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيو. ان ۾ ڪلهوڙن جو ذڪر مختصر نموني ۾ ڪيو اٿس ۽ ڄاڻايو اٿس ته ڪلهوڙن جي تواريخ بابت هو جدا ڪتاب لکندو، پر معلوم ٿئي ٿو ته هو اهو ڪتاب لکي نه سگهيو.

مير صاحب خدا آباد جي سفر کان سواءِ سنه 1160هه مطابق سنه 1747ع ۾ ”سورت“ ويو، جتي مير سعد الله سورتي ۽ ان جي فرزند مير عبدالوالي ”عزلت“ سان سندس ملاقات ٿي. ”تحفة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سورت ۾ رهندو هو. ان کان سواءِ واٽ تي ٻين به ڪيترن عالمن ۽ شاعرن سان سندس ملاقات ٿي. سورت بندر کان موٽڻ وقت ”مفلس“ شاعر به ٻيڙيءَ ۾ ساڻس همسفر هو، جيڪو سنڌ ڏانهن قلندر لال شهباز جي زيارت لاءِ اچي رهيو هو. انهيءَ سفر کان سواءِ مير صاحب ٻيو ڪيڏانهن به نه نڪتو، بلڪه سموريون مشغوليون ختم ڪري تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ رڌل رهيو. لکڻ سان گڏ کيس مطالعي جو به تمام گهڻو شوق هو. ان زماني ۾ ٺٽي ۾ تمام وڏا ڪتب خانا هئا، جن ۾ دنيا جا سمورا مشهور ڪتاب موجود هئا. خود مير صاحب وٽ به پنهنجو وڏو علمي ذخيرو هو. مير صاحب نه فقط پنهنجي علمي ڪتب خاني جا سمورا ڪتاب پڙهيا، پر ٻين عالمن جي ڪتب خانن مان به مستفيض ٿيندو رهيو.

فارسي نثر ۽ نظم ۾ مير صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا. هو نثر نويس، مؤرخ ۽ تذڪره نويس هجڻ سان گڏ، فارسيءَ جو بلند پايه شاعر به هو. هن ٻارهن ورهين جي عمر ۾ ان وقت شعر لکڻ شروع ڪيو، جڏهن اڃا مدرسن ۾ پڙهندو هو. انهيءَ ئي زماني ۾ اَٺن هزارن شعرن تي مشتمل ”ديوان“ لکيائين، جيڪو پوءِ ضايع ڪري ڇڏيائين. پوءِ ڪجهه وقت شعر لکڻ کان خاموش رهيو. سنه 1155هه ۾ وري کيس شعر لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ ٺٽي جي مشهور شاعر مير حيدر الدين ڪامل کي شاعريءَ ۾ استاد ڪري قبوليائين، جنهن سندس تخلص ”مظهري“ رکيو، جنهن مان شاعريءَ جي نئين دؤر جو سال 1155هه نڪري ٿو. مير صاحب ڪجهه وقت ”مظهري“ تخلص قائم رکيو، پر پوءِ ”قانع“ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو آخري عمر تائين سندس نالي سان شامل رهيو ۽ هينئر به سندس نالي جو لازمي جُز معلوم ٿئي ٿو.

مير صاحب جيڪي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا، انهن جي صحيح تعداد جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. البته جن ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن جو تعداد ٻائيتاليهه آهي. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي ڪتاب نامڪمل رهجي ويا. ڪتاب ”مقالات الشعراءِ“ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن سنه 1174هه تائين ٽيهه هزار بيت لکيا هئا. 28 سال پوءِ به اهو سلسلو جاري رهيو. خبر نه آهي ته ان مان ڪيترو ذخيرو ضايع ٿي ويو آهي ۽ ڪيترو باقي بچيو آهي.

مير صاحب جو خاندان اهل تشيع ڏانهن مائل هو. مير صاحب جي ڪتابن ”مختارنامه“، ”اعلان غم“، ”زبدة المناقب“ ۽ ”منقبتن ۽ سلامن“ جي ڪثرت مان به اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته مير صاحب جي تشيع ڏانهن مائل هو. ليڪن هو وڏو فراخ دل، غير متعصب ۽ وسيع المشرب هو. ڪن جاين تي هن ٽن يارن جي تعريف به ڪئي آهي. سندس والد ته نقشبندي طريقي ۾ بيعت ٿيل هو، جنهن جو ذڪر مير صاحب پنهنجي ڪتاب ”طومار سلاسل گزيده“ ۾ ڪيو آهي. ان ۾ ڏيکاريو اٿس ته سندس والد مخدوم آدم جي ڏهٽي ميان محمد جو مريد هو، جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو. لُواري شريف درگاهه جو باني سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان قدس سره به ساڳئي بزرگ ميان محمد جو مريد هو. انهيءَ لحاظ کان مير عزت الله سندس پير ڀائي هو. انهيءَ کان سواءِ مير صاحب جي ناناڻن مان سيد رحمت الله عزت سيد مٺو به مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو. اهڙيءَ طرح سندس خاندان جا ٻيا فرد به نقشبندي سلسلي سان وابسته هئا.

مير صاحب چوهٺ سالن جي عمر ۾ سنه 1203هه مطابق سنه 1788ع ۾ وفات ڪئي. آخوند غلام محمد ٺٽويءَ ”عليه الرضوان“ مان سندس وفات جو سال ڪڍيو. کيس چار فرزند ٿيا: مير غلام علي ”مائل“، غلام ولي الله، مير امير ۽ سيد ڪاظم.

مير صاحب جي جن ٻائيتاليهه ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن مان ڪن ڪتابن ۾ سندس شعر آهي جهڙوڪ: مثنوي ”قصئه ڪامروپ“، ديوان قالِ غم، ساقي نامه، چهار منزله، اشعار متفرقه در صنايع و تواريخ،  مثنوي ختم السلوڪ، قصاب نامه، غوثيه، زينت الاخلاق، ميزان افڪار، مثنوي ڪان الجواهر، ديوان اشعار ۽ قصائد و منقبت.

مير صاحب سنڌ جي تواريخ ۽ بزرگن جي ذڪر متعلق جيڪي ڪتاب لکيا آهن، انهن مان ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعرا“، ”بوستان بهار“ معروف به ”مڪلي نامه“، ”تواريخ عباسيه“، ”طومار السلاسل گزيد“، ”شجره اطهر اهل بيت“  ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ قابل ذڪر آهن.

”مقالات الشعرا“ ۾ سنڌ جي فارسي شاعرن جو تذڪرو آهي. هن ۾ انهن شاعرن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهيا يا سنڌ مان لانگهائو ٿيا. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي هيءُ پهريون تذڪرو آهي. ان کان اڳ ۾ سنڌ جي فارسي شاعرن تي ڪوبه تذڪرو نه لکيو ويو هو. هيءُ تذڪرو محترم پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي.

”طومار السلاسل گزيده“ ۾ سنڌ جي بزرگن جي طريقت ۽ بيعت جو سلسلو بيان ڪيو ويو آهي ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ سنڌ جي بزرگن ۽ صوفياءِ ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو ويو آهي.

”مڪلي نامه“ ۾ مڪليءَ جي نظارن، مقبرن، ميلن ۽ ٺٽي جي رنگينين جو ذڪر نظم مقفع نثر ۾ ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب به محترم پير حسام الدين شاهه راشديءَ ايڊت ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل بزرگن، عالمن، فاضلن، حڪمرانن، ماڳن ۽ مڪانن جا جيڪي نالا آيا آهن، محترم پير صاحب ان تي مفصل حاشيا لکيا آهن. انهيءَ لحاظ کان حواشي مڪلي نامه سنڌ جي تواريخ جي سلسلي ۾ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿي.

”تحفة الڪرام“:_ مير علي شير قانع جو هيءُ مشهور ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ لکيل آهي. پهرين ٻن ڀاڱن ۾ دنيا جي ۽ اسلامي تواريخ بيان ٿيل آهي، اهي ٻئي ڀاڱا به ڏاڍا قيمتي آهن ۽ ضرورت آهي ته انهن جو اردو ۽ سنڌي ترجمو شايع ڪرايو وڃي. خاص طور سان ٻيو ڀاڱو اسلامي تواريخ تي نهايت اهم ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. ٽين ڀاڱي ۾ سنڌ جي تواريخ بيان ٿيل آهي، جيڪا راءِ گهراڻي کان شروع ٿئي ٿي ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي تي ختم ٿئي ٿي.

مير صاحب هي ڪتاب سنه 1180هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ سنه 1181هه ۾ ختم ڪيائين. ان کان پوءِ 1188هه تائين ان ۾ اضافا ڪندو رهيو. ”تحفة الڪرام“ جو ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو سنه 1304هه ۾ بمبئيءَ مان هڪ جلد ۾ شايع ٿيو. ڇاپي ۾ گهڻيون غلطيون آهن ۽ هينئر اهو ناياب به آهي. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جلد ٽين جو سنڌي ترجمو سنه 1957ع ۾ شايع ڪرايو. هي ترجمو مخدوم امير احمد صاحب جو ڪيل آهي. جيئن ته ڇاپي جي نسخي ۾ گهڻيون غلطيون هيون، انهيءَ ڪري فاضل مترجم، مير علي شير قانع جي هٿ اکري نسخي سان ان کي ڀيٽي، ان جو ترجمو ڪيو آهي. مير صاحب جو هٿ اکري لکرل نسخو لاهور ۾ ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. ان نسخي جي بنياد تي پير حسام الدين راشدي ”تحفة الڪرام“ جو فارسي متن ايڊٽ ڪيو آهي، جنهن جو پهريون حصو 1971ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. ان فارسي ڇاپي ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب نهايت قيمتي حاشيا لکيا آهن.

”تحفة الڪرام“ جلد ٽين جا وري ٽي ڀاڱا آهن. پهرين ڀاڱي ۾ سنڌ جي سياسي تواريخ مختصر طور بيان ڪئي وئي آهي. هن ڀاڱي لکڻ وقت مير صاحب آڏو هي ماخذ هئا: پهريون ”فتح نامه سنڌ“ عرف ”چچ نامه“، ٻيو، ”منتخب التواريخ“، ٽيون ”تواريخ معصومي“، چوٿون ”بيگلار نامه“ ۽ پنجون ”تواريخ طاهري“. هنن ڪتابن مان، سواءِ ”منتخب التواريخ“ جي ٻيا سمورا ڪتاب ڇپجي منظر عام تي آيا آهن، پر افسوس جو اڃا تائين ”منتخب التواريخ“ ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه ويو آهي. ”منتخب التواريخ“ سنڌ جي هڪ فاضل مورخ محمد يوسف جي لکيل آهي. مير معصوم هن ڪتاب تان وڏي مدد ورتي آهي.

 مولانا ابو ظفر ندويءَ جيڪا اردوءَ ۾ سنڌ جي تواريخ لکي آهي، ان به هن تواريخ تان گهڻي مدد ورتي آهي. مير قانع سومرن جي احوال کان سواءِ ٻين هنڌن تي به ”منتخب التواريخ“ جو نالو کنيو آهي، جهڙوڪ: مغل گورنرن جو احوال لکندي، هن ڪتاب جو نالو کنيو اٿس. ”منتخب التواريخ“ کان سواءِ مير طاهر محمد نسيانيءَ جي ڪتاب ”تواريخ طاهري“ جا حوالا به آندا اٿس.

ترخان گهراڻي جو احوال لکندي به هن ڪتاب تان مدد ورتي اٿس. شروع ۾ حوالي طور مير طاهر محمد جو نالو به کنيو اٿس. ڪن هنڌن جيڪڏهن انهن ٻنهي ڪتابن ۾ غلطي محسوس ڪئي اٿس ته انهن ٻنهي ڪتابن جا نالا کڻي تنقيد به ڪئي اٿس. ترخاني امير مير ابوالقاسم سلطان جو احوال لکندي ڄاڻايو اٿس ته ”منتخب التواريخ“ ۽ ”تواريخ طاهري“ واري غلطيءَ وچان ”چنيسر نامه“ مير ابو القاسم سلطان جي تصنيف ڄاڻائي آهي، حالانڪه اهو ڪتاب ادراڪي بيگلار جو منظوم ڪيل آهي ۽ مير ابو القاسم سلطان ڏانهن منسوب ڪيل آهي. سندس چوڻ آهي ته هن ”چنيسر نامه“ پاڻ ڏسي تصديق ڪئي ته اهو ڪتاب مير ابوالقاسم سلطان جو لکيل نه هو، پر ان ڏانهن منسوب ڪيل هو.

ان مان معلوم ٿيندو ته مير علي شير قانع تحقيق ۽ تدقيق، جستجو ۽ جدوجهد کان ڪم ورتو آهي. هن روايتن کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪيو آهي، پر انهن کي پنهنجي وس آهر درايت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو مير صاحب جي بيان ڪيل سنڌ جي سياسي تواريخ جيتوڻيڪ مختصر آهي، پر ان جي باوجود جامع آهي ۽ گهڻي قدر غلطين کان پاڪ آهي. المختصر ته سنڌ جي تواريخ تي هيءُ ڪتاب اهم بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. خاص طرح سان ڪلهوڙن جي دؤر تي سندس معلومات نهايت قيمتي ۽ مستند ماخذ جي حيثيت رکي ٿي.

”تحفة الڪرام“ جي ٽين ڀاڱي جو ٻيو حصو نهايت ئي قيمتي آهي. هن ۾ سنڌ جا مکيه شهر ۽ انهن جي مشهور ماڻهن جو احوال آيل آهي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو“ جو اهم ۽ بنيادي ماخذ تحفة الڪرام جو هيءُ ڀاڱو آهي. مير صاحب جيڪڏهن هيءَ خدمت سرانجام نه ڏئي ها ته اسان کي سنڌ جي مکيه شهرن جي تواريخ ۽ سنڌ جي مشاهير جي احوال متعلق معلومات ملي نه سگهي ها. هن ئي ڀاڱي ۾ پهريون ڀيرو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو احوال ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال آيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي احوال جي سلسلي ۾ قديم ترين ماخذ ”تحفة الڪرام“ ليکيو وڃي ٿو.

سنڌ جي عالمن ۽ فاضلن جي احوال جي سلسلي ۾ هن ڪتاب کي انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت حاصل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ تي لکندڙ مورخ جڏهن به ڪجهه لکي ٿو، تڏهن هن ڪتاب کي لازمي طور مطالعو ڪري ٿو. عالمن ۽ فاضلن جي احوال سان گڏ سنڌي زبان جي ڪيترن ئي شاعرن جو احوال به هن ڪتاب ۾ ملي ٿو، جي گمناميءَ جي گوشي ۾ لڪي ويا هئا ۽ انهن جو ڪوبه شعر محفوظ رهي نه سگهيو آهي، جهڙوڪ: شيخ حماد جمالي، لوح هوٿياڻي، اسحاق آهنگر، راڄو ستيو دل، درس علاؤ الدين، سيد هارون، يوسف سهتو وغيره.

انهن خوبين جي باوجود ڪٿي ڪٿي تواريخ جي لحاظ کان اڻ لکيون اوڻايون به آهن ۽ احوال ۽ بيان ۾ به تشنگي محسوس ٿئي ٿي. ڪٿي سن ۽ ڪٿي نالا نه آهن، ته ڪٿي وري ضروري وضاحت ڪانهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ به اهي ڳالهيون محسوس ڪيون وڃن ٿيون. هن تذڪري ۾ مير صاحب جي ذاتي پسند کي وڏو دخل آهي. ڪيترن بلند پايه شاعرن تي ايتريو نه لکيو اٿس، جيترو لکڻ جو حق هو ۽ ڪيترن پنهنجي پسند يا تعلق وارن شاعرن تي ايترو گهڻو لکيو اٿس، جو طوالت پئي محسوس ٿئي. بهرحال مير صاحب اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي، جو سنڌ جي تواريخ، جغرافيه۽ سنڌ جي مشاهير تي اهم ۽ قيمتي مواد قلمبند ڪري اسان تائين پهچايو اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي تواريخ ۾ سندس نالو سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي.

       (ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان)


([1] ) ”تحفة الڪرام“ (سنڌي ترجمو) صفحو 286.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com