ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“
فقير هدايت علي ”تارڪ“
جا لکيل ڪتاب
فقير هدايت علي نجفي تارڪ جا وڏا محمد بن قاسم جي
پوئين دؤر ۾ سنڌ ۾ آيا. لعلورانڪ ڳوٺ ۾ اچڻ کان اڳ
سندن وڏا هنڱورجا، ضلعي خيرپور ۾ رهندا هُئا. تارڪ
فقير جو والد ميان الهداد عرف تراب علي فقير وقت
جو هڪ عالم ۽ اهل دل صوفي بزرگ هو.
تارڪ فقير جو جنم 25 صفر 1312هه مطابق 1894ع خميس
ڏينهن ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان
حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ مدرسي ٺوڙهي شريف پيچوها
۾ تعليم حاصل ڪيائين. فارسي تعليم مدرسه دارالعلوم
شهر کنڊو، تعلقي وارهه ۾ مولانا عبدالعزيز خارانيءَ
کان حاصل ڪيائين. بعد ۾ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ مولوي
محبت الله کان عربي جي اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ
تفسير، حديث ۽ تصوف ۾ ڪمال حاصل ڪيائين.
تارڪ فقير زندگيءَ جو گهڻو وقت تصنيف ۽ تاليف ۽
ترجمي ۾ مشغول رهيو. جڏهن لکڻ ويهندو هو ته دنيا و
مافيها کان بي خبر ٿي لکڻ ۾ محو ٿي ويندو هو.
محويت جو مٿن اهڙو عالم طاري ٿي ويندو هو، جو ان
دوران کيس آئي وئي، کائڻ پيئڻ طرف ڪوبه ڌيان نه
رهندو هو. ان سلسلي ۾ ۾ سندس عزيزن کان هڪ مزيدار
واقعو معلوم ٿيو، جو سندس محويت جو اعليٰ مثال آهي.
فقير صاحب تارڪ الدنيا بڻجي، هر شيءِ ترڪ ڪئي،
ايتري قدر جو گهر جو سامان سڙو به غريبن ۾ ورهائي،
اچي پنهنجو اوتارو وسايائين. هڪ ڏينهن سندس سؤٽ
فقير صاحب لاءِ گهران نيرن جي ماني کڻي آيو. فقير
صاحب چيس ته ”ابا، رک ته پوءِ کائون ٿا.“ ٿوري دير
کان پوءِ هڪ واٽهڙو اچي موٽيو. ڀرپاسي جو هيو. پتو
هئس ته جڏهن فقير صاحب لکڻ ۽ پڙهڻ ويهندو آهي، ته
ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ هليو ويندو آهي. هنِ اشراف به
نڪا ڪئي هم ۽ نڪا ڪئي تم، اچي ڀتو مانيءَ کي. فقير
صاحب جو ڪنڌ هيٺ، لکڻ ۾ مشغول، همراهه ماني کائي
هيڏي هوڏي نهاري ٿانو کڻي هنيا هَڙَ ۾. جڏهن سندس
سؤٽ هن لاءِ منجهند جي ماني کڻي آيو، ته کانئن
پڇيائين ته ”فقير سائين، نيرن وارا ٿانوَ ڪٿي آهن؟“
فقير جواب ۾ چيس ته ”ابا، هوندا اتي ڪٿي.“ خير
سوٽهنس ماني رکي هليو ويو. ماني پاسي سان پئي هئي.
ساڳيو ئي همراهه شهر مان ڪم ڪار لاهي موٽي ڏسي ته
فقير صاحب جي ڀرسان ماني پئي آهي، اهي ٿانوَ به هڙ
۾ ٻڌي، پوءِ رکيائين کڙين تي زور. شام جو فقير جو
سؤٽ آيو، پڇيائينس ته ”فقير صاحب ٿانوَ ڪٿي؟“ فقير
جو جواب ساڳيو ئي ته ”ابا ڳولهه، هوندا اتي ڪٿي.“
ٽن _ چئن ڏينهن کان پوءِ ساڳيو ئي ماڻهو بيل _
گاڏي ڪاهيون شهر ڏانهن ڪنهن ڪم سان پئي ويو. ڏسي
ته فقير صاحب بستري مٿان ويٺو لکي. همراهه جي دل
بيمان ٿي پيئي ته بسترو کڻان. پر فقير صاحب بستري
تي ويٺو هو، کڻي ته آخر کڻي ڪيئن! دل جهلي همراهه
فقير صاحب جي پٺيان کٽ جي پيرن کان بسترو ويڙهڻ
شروع ڪيو. جڏهن فقير صاحب جي چيلهه وٽ پهتو ته
چيئاين ته ”فقير سائين، ٿورو هيڏانهن ٿي ويهجو.“
تارڪ فقير ”حاضر بابل سائين“ چئي پوئتي سرڪي ويٺو.
ڪنڌ اهو ئي هيٺ، قلم اهو ئي هٿ ۾. همراهه به بسترو
گاڏي تي رکي کڻي ڏاندن کي ’آءُ‘ ڪئي. فقير صاحب جو
سؤٽ صبح جو نيرن کڻي اچي ڏسي ته ماڳهن بستروئي
ڪونهي. فقير صاحب کان پڇيائين ته فقير سائين، ”بسترو؟“
فقير جو اهو ئي جواب ”ابا، هوندو اتي ڪٿي.“ فقير
صاحب جي سؤٽ پڇا ڳاڇا شروع ڪئي. معلوم ٿيس ته ڪو
ماڻهو گاڏي ته بسترو رکيو صبح شهر پئي ويو. ڀڳا،
سو ان همراهه کي بستري سميت کنڀي کڻي آيا، جنهن
بسترو به موٽايو ته ٿانوَ به ڏنا. اهي ڪي ڳالهيون
نه آهن، پر اها هڪ حقيقت آهي ته اهڙي محويت وارا
ماڻهو ئي لکڻ جو ايترو گهڻو ڪم ڪري سگهندا آهن.
فقير صاحب زبردست خوشخط هو. جيڪا شيءِ کيس پسند
ايندي هئي، پوءِ توڙي جو اها پريس جي ڇپيل هجي،
پنهنجي هٿ سان ضرور لکندو هو. اهڙيءَ طرح شاهه
ڪريم، شاهه عبداللطيف، سچل سرمست، بيدل فقير، بيڪس
فقير، حمل فقير ۽ نواب ولي محمد لغاري جو ڪلام
پنهنجن هٿن سان لکيائين.
افسوس جو سندس زندگي ساڻس وفا نه ڪئي، ٿورو بخار
ٿيس، آسمان ڏانهن نهاري دل ئي دل ۾ ڪجهه پڙهڻ لڳو.
پوءِ چيائين ته ”هينئر تارڪ جي وڃڻ جو وقت اچي ويو
آهي.“
دوست احباب جڏهن وٽس طبع پرسيءَ لاءِ آيا، ته کين
موتوا جي مام سمجهائڻ لڳو. کين هي شعر ٻڌايائين:
ڇڏيم جي جسم هي فاني ته سارو ساهه ٿي پوندس،
سراپرده عدم جي راهه کان آگاهه ٿي پوندس.
آخر فقير فاني جهان ڇڏي، وڃي بقا جي بستي ۾ آرامي
ٿيو. سندس وفات خميس جي ڏينهن سج اڀرڻ وقت تاريخ
18 ماهه محرم 1358هه مطابق 9 مارچ 1939ع آهي. سندس
شاگرد رشيد سيد اظهر گيلاني سندس تاريخ وفات هن
ريت ڪڍي آهي.
سال رحلت جو پڇيم هاتف چيو ”صورت پرست“
1358هه
دهر فاني کي ڇڏي سوءِ جنان ويندو رهيو.
نائين مارچ ڏينهن و پست هائي ”باغ _ نخل _ نور“
فصل گل ۾ آه ٿي نذر خزان ويندو رهيو.
1939ع
فقير هدايت علي تارڪ نجفي (متوفي 1939ع) نه صرف
هڪ باڪمال شاعر هو، پر هڪ قابلِ قدر مصنف، مؤلف ۽
مترجم پڻ هو. هن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو سنڌي
ادبي جي خدمت ۾ گذاريو. لکڻ پڙهڻ ئي سندس محبوب
مشغلو هو. جيئن عطار جي قصيدي جو ترجمو ڪندي شروع
۾ چيو اٿس ته:
ٿو لکان مان قصيدهء عطار،
جو مون کي ريءَ لکڻ نه آهي ڪار.
سيد اظهر گيلاني اڪثر وٽن ويندو رهندو هو. شاهه
صاحب جو چوڻ آهي ته فقير صاحب اٽڪل هڪ سؤ ڪتاب
لکيا هئا، جن مان چاليهه ڪتاب وٽس موجود آهن، باقي
ڪتاب هيڏي هوڏي ٿي ويا. ڪي ڪتاب مرزا اسد بيگ ۽
سندس ڀاءُ مرزا اجمل بيگ وٽ موجود آهن ته ڪي حڪيم
عبدالڪريم ’نصرت‘ وٽ محفوظ آهن. شاهه صاحب وڌيڪ
ٻڌايو ته نجفي جڏهن تارڪ تخلص رکي تارڪ الدنيا ٿيو
ته پنهنجو سمورو سامان غريبن، مسڪينن، عزيزن ۽
دوستن ۾ ورهائي پاڻ الفي پائي ويهي رهيو. سندس
دوست سندس ذاتي ڪتاب به کڻي ويا، جي وري فقير صاحب
کي واپس ڪين مليا.
بهرحال، تارڪ فقير جيڪڏهن هڪ سؤ ڪتاب کڻي نه لکيا
هوندا، پر منهنجي قياس ۽ اندازي موجب سندس تصنيف،
تاليف ۽ ترجمي جو تعداد پنجاهه تائين ضرور پهچندو.
ان ڳالهه جو ڪجهه ثبوت تارڪ مرحوم جي قلمي مسودن
مان ملي ٿو، جن مان ڪن ڪتابن جي ڪيترائي وچ وارا
صفحا غائب آهن. ممڪن آهي ته ڪنهن ظالم پورو ڪتاب
چورايو هجي. ٻيو ثبوت اهو ٿي سگهي ٿو ته تارڪ،
بيدل فقير، حمل فقير، صوفي خير محمد، دريا خان،
نشان علي، نواب ولي محمد لغاري ۽ صوفي فيض درياهه
جو ڪلام پڻ مرتب ڪيو هو. سيد اظهر گيلاني جي چوڻ
موجب اهي شعري مجموعا تارڪ جي دوستن ۽ عزيزن وٽ
محفوظ آهن. انهن مان راقم الحروف صرف صوفي فيض
درياهه ۽ نشان علي فقير جا شعري مجموعا ڏٺا. هڪ
مجموعي جو ذڪر محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب
’ڪلام ولي محمد لغاري‘ ۾ ڪيو آهي.
تارڪ فقير ويهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي شاعريءَ جو
مجموعو ’ديوان نجفي‘ نالي سان لکي تيار ڪيو، جيڪو
1922ع ۾ پوڪرداس ڇپرايو. ظاهر آهي ته اهڙي باذوق،
عالم فاضل شخص گهڻائي ڪتاب لکيا هوندا.
هن هيٺ تارڪ جي لکيل ڪتابن جو مختصر طور تعارف
ڪرايو وڃي ٿو. سندس ڪتاب ٻن حصن (نظم ۽ نثر) ۾
ورهائي، سن وار ترتيب ڏيئي، تبصرو ڪيو ويو آهي. جن
ڪتابن تي سن لڳل نه آهن، تن بابت قياس کان ڪم وٺي
ترتيب ڏني ويئي آهي.
نظم ۾ ڪتاب
(1) ديوان نجفي
تارڪ جو پهريون سنڌي ديوان آهي، جڏهن سندس تخلص
”نجفي“ هو. هيءُ ديوان 1922ع ۾ پوڪرداس شڪارپور
واري شايع ڪرايو هو، جو هن وقت ناياب آهي. هن
ديوان جي ڪتابت تارڪ مرحوم شڪارپور وڃي پاڻ ڪئي
هئي. ديوان جو مقدمو ان دؤر جي مشهور شاعر جمع خان
غريب لکيو هو. هيءُ ڪتاب 161 صفحن تي پکڙيل آهي.
ديوان نجفي جي قطع تاريخ شمس العلماء مرزا قليچ
بيگ جي لکيل آهي، ان مان ڪجهه شعر پيش ڪيا وڃن ٿا:
خوشيءَ جو ڏينهن آيو سنڌ جي لئه،
جڏهن پورو ٿيو ديوان نجفي،
علي ٿيو فخر موجودات بيشڪ،
نبيءَ کان پوءِ صفت ايءَ ٿي وصي جي.
انهيءَ کان فخر موجدات آهي،
1340
سندس ديوان جي تاريخ عمري.
اچي لذت پڙهڻ مان شعر ان جي،
نمونو ٿيو نئون ۽ طرز تازي.
(2) بياض تارڪ (فارسي)
هيءَ بياض تپدارن جي وصوليءَ وارو بوڪ آهي. جنهن
تي تارڪ ڪجهه ڪتاب لکيا آهن. جيئن ته هن بياض جي
منڍ وارا ۽ ڪجهه وچ وارا ڪيترائي پنا غائب آهن
تنهن ڪري اهو ٻڌائڻ مشڪل ٿيو پوي ته هن بياض ۾ ڪل
ڪيترا ڪتاب هئا. هن وقت ان بياض ۾ جيڪي ڪتاب ملن
ٿا، سي هي آهن:
(الف) ”مقولات رسولي“ هيءُ ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيل
آهي، جنهن ۾ حضور نبي ڪريم جا ارشادات عاليه لکيا
ويا آهن.
(ب) ”جلوهء توقف“ هن ڪتاب جو مضمون تصوف آهي.
فارسي زبان ۾ تصوف جي سهڻي نموني سمجهاڻي ڏني اٿس.
بياض تارڪ، ڪُل 180 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي
پوري ٿيڻ جو سن ڄاڻايل نه آهي.
(3) جلوس التارڪين
هيءُ سنڌي عروضي شاعريءَ جو هڪ منفرد ديوان آهي.
هن جهڙو ديوان سنڌي زبان جي ٻئي ڪنهن به شاعر ڪونه
لکيو آهي. صرف فارسي زبان ۾ فقير قادر بخش بيدل
’سلوڪ الطالبين‘ جي نالي تي لکيو هو: ان ديوان جو
شروع وارو شعر هن ريت آهي.
الهيٰ موج وحدت بخش دريائي خيالم را
به بحر حال گم گردان حباب قيل و قالم را
تارڪ پنهنجي ديوان جي شروعات هن شعر سان ڪئي آهي.
ازل کان جي شراب عشق سان سرشار ٿي آيا،
وڏاسي رتبئه توحيد کان سردار ٿي آيا؛
هن ديوان جي خاص خصوصيت اها آهي ته جنهن حرف سان
پهرين مصرع شروع ٿئي ٿي، سموري غزل جي هر شعر جي
منڍ ۾ اهو حرف اچي ٿو ۽ رديف به اهو ئي حرف آهي.
هن ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ ڄاڻايل نه آهي.
تارڪ فقير ۽ سندس والد کي بيدل سائين بي پناهه
عقيدت هئي. ٻئي ڄڻا اڪثر روهڙي وڃي زيارت ڪندا هئا.
گمان غالب آهي ته تارڪ اتي بيدل سائينءَ جي فارسي
ديوان ’سلوڪ الطالبين‘ کان متاثر ٿي، سنڌيءَ ۾ ان
قسم جو ديوان تيار ڪيو، جيڪو 78 صفحن تي مشتمل آهي.
هيءُ ديوان سيد خادم حسين شاه ڊائريڪٽر نيشنل
سينٽر لاڙڪاڻه وٽ موجود آهي.
(4) نظم مقبول
هيءُ ڪتاب منظوم ترجمو آهي. تارڪ مثنوي
بهلول بغداديءَ جو منظوم سنڌي ترجمو ڪري ان جو
نالو نظم مقبول رکيو. هيءُ ڪتاب 14 رمضان المبارڪ
1349هه مطابق اڱاري ڏينهن 3 فيبروري 1931ع ۾ لکي
پورو ڪيو ويو. ڪتاب 88 صفحن تي مشتمل آهي.
(5) چمڪندڙ گوهر
هيءَ منظوم سنڌي مثنوي آهي. تارڪ مشهور
مثنوي بو علي قلندر کي سنڌي نظم جو ويس ڍڪائي، ان
جو نالو چمڪندڙ گوهر رکيو. هيءُ 24 صفحن تي پکڙيل
آهي. مرحوم تارڪ 22 شوال 1350هه مطابق 1 مارچ
1932ع لکي پورو ڪيو.
هيءُ ڪتاب تارڪ جي شاگرد رشيد سيد اظهار گيلاني
شايع ڪرايو آهي، جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي
سنڌي جي نصاب ۾ شامل آهي.
(6) آه سرد (رُباعيات درد)
هن ڪتاب ۾ اردو زبان جي مشهور صوفي شاعر
خواجه مير درد جي 217 فارسي رباعين جو منظوم سنڌي
ترجمو ڪيو ويو آهي. ڪتاب 42 صفحن تي مشتمل آهي.
هيءُ ڪتاب 7 ذوالقعد سنه 1350هه مطابق 15 مارچ سنه
1932ع تي مڪمل ڪيو ويو.
(7) غناءِ ٽارڪ
مختلف سرن تي چيل ڪافين جو هي مجموعو 56
صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ ڪتاب 20 ذوالحج 1300
مطابق 27 اپريل 1932ع تي مڪمل ڪيو ويو آهي.
(8) قوة المدرڪ (فارسي)
تارڪ فقير غوث الاعظم شيخ عبدالقادر
جيلانيءَ جي تصنيف ’تحفة الصوفيه‘ جي شرح ۾ لکيو
آهي. اها شرح فقير صاحب فارسي مثنويءَ جي صورت ۾
ڪئي آهي. ڪتاب 89 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي مڪمل
ٿي جو سن 1351هه ڄاڻايل آهي.
(9) ڪليات تارڪ (سنڌي)
هن ڪتاب ۾ بيت، ڪافيون، قصيدا، غزل، قطعا،
مستزاد، مثلث، مربع، مخمس، مسدس،ترڪيب بند، ترجيح
بند، رباعيون، مثنويون، شبد، جهولڻا، ٻارهن ماه ۽
هفتي جا ڏينهن شامل آهن. هيءُ ڪتاب 412 صفحن تي
مشتمل آهي، جيڪو تارڪ فقير 20 ذوالحج 1350 هه 27
اپريل 1932ع ۾ لکي پورو ڪيو.
(10) مثنوي بُرهان الواصلين
هن مثنويءَ جي منڍ ۾ حمد، نعت، منقبت، مدح
۽ ساقي نامو ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ قرآن مجيد
جي ڪن آيتن جو منظوم ترجمو ڪيو ويو آهي. تارڪ فقير
قرآن مجيد جي ڪن آيتن جو ترجمو ۽ تفسير تصوف جي
رنگ ۾ منظوم ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾، خاص طور سنڌ جي
ديني ادب ۾ هيءَ مثنوي وڏي اهميت رکي ٿي. هيءَ
مثنوي 198صفحن تي مشتمل آهي، جيڪا تاريڪ 7 جمادي
الثاني سنه 1351هه مطابق 9 آڪٽوبر 1932ع ۾ لکي
پوري ڪئي.
(11) مثنوي آثار الفرقان
هيءَ مثنوي 60 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾
سورة فرقان جو منظوم ترجمو ۽ تفسير تصوف جي رنگ ۾
ڪيو ويو آهي. هيءَ مثنوي راقم الحروف برهه جي
بنديءَ تان نقل ڪئي. هن مثنويءَ جي پوري ٿيڻ جو سن
1351هه ڄاڻايل آهي.
(12) گوهر آبدار (سرائڪي)
هن ڪتاب ۾ الف _ ب رديف وار سرائڪي زبان ۾ غزل ڏنا
ويا آهن، يعني هيءُ سرائڪي زبان جو پهريون ديوان
آهي، جو هڪ سنڌي شاعر لکي پورو ڪيو.
هيءُ ڪتاب 15 صفحن تي پکڙيل آهي، جو تارڪ مرحوم 2
صفر المظفر 1351هه مطابق 7 جون 1932ع ۾ لکي پورو
ڪيو.
(13) زوائد صورت
هيءَ هڪ نياري ۽ نهايت ئي خوبصورت ۽ پياري مثنوي
آهي، جنهن ۾ محبوب جي سراپا سهڻي نموني بيان ڪئي
وئي آهي. هيءَ مثنوي تارڪ فقير ”شاهد عشرت“ نالي
هڪ ڪتاب تان سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪئي، پر اهو معلوم
ٿي نه سگهيو ته ڪتاب ”شاهد عشرت“ ڪهڙيءَ زبان ۾ ۽
ڪنهن جو لکيل آهي، پر ايترو وري به چوندس ته محبوب
جي انگ انگ جي تعريف سهڻين تشبيهن ذريعي ڪئي ويئي
آهي.
هيءُ ڪتاب 22 صفحن تي مشتمل آهي. ان جي پوري ٿيڻ
جي تاريخ 9 ذوالقعد 1353هه مطابق 14 فيبروري 1935ع
آهي.
(14) آئينهء قصد گنجينهء خرد (فارسي)
تارڪ فقير مير علي نواز ناز جي اردو رباعين جو
فارسي منظوم ترجمو ڪري، ان کي مٿيون نالو ڏنو. هيءُ
ڪتاب جمادي الاول 1354هه مطابق سيپٽمبر 1935ع ۾
لکيو ويو.
(15) ديوان تارڪ (فارسي)
هيءُ تارڪ مرحوم جو فارسي ديوان آهي.
ديوان جي آخر ۾ هڪ سؤ تاريخي مادن وارا شعر ڏنا
ويا آهن، جنهن کي تارڪ ”قطعه تاريخيه“ سڏيو آهي.
تارڪ فارسي شعرن ۾ عالم اسلام جي مشهور هستين ۽
سنڌ جي بزرگن، اديبن ۽ شاعرن جي ولادت ۽ وفات جون
تاريخون ڪڍيون آهن.
هن فارسي ديوان ۾ ٻه اردو غزل به ڏنا ويا آهن. هيءُ
ڪتاب 130 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪتاب مڪمل ٿيڻ جو سن
ڄاڻايل نه آهي.
(16) ميثاقي عنبر شمامه اعجازي
تارڪ فقير حافظ شيرازيءَ جي ڪلام کان گهڻو متاثر
هو. هن ڪيترائي فارسي غزل حافظ جي زمين ۾ چيا آهن.
تارڪ حافظ شيرازيءَ جي ساقي نامي ۽ ٻن غزلن جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ان جو نالو ”ميثاقي عنبر
شمامه اعجازي“ رکيو.
هيءُ ڪتاب 14 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو تارڪ فقير
11 ذوالقعد 1353هه مطابق 16 فيبروري 1935ع ۾ لکي
پورو ڪيو.
(17) ڪليات تارڪ (فارسي)
تارڪ جي هن فارسي ڪليات ۾ غزل ۽ نطم شامل
آهن. هيءُ ڪتاب 244 صفحن تي مشتمل آهي. ڪليات جي
مڪمل ٿيڻ جو سن ڪونه ڄاڻايل آهي. ڪليات جو پهريون
شعر هيءُ آهي:
به بسم الله دارم زينت مضمون ديوان را،
کشيدم در خط شيرازه اوراقِ پريشان را.
ڪليات جي آخر ۾ مسدس حالي جو منظوم فارسي
ترجمو ڏنو ويو آهي.
(18) قطعات تارڪ
هن ڪتاب ۾ عربي ۽ فارسي قطعا ڏنل آهن. ان
کان علاوه هڪ انگريزي زبان ۾ لکيل قطعو به شامل
آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته تارڪ فقير انگريزيءَ
جي به ڄاڻ رکندو هو.
هيءُ ڪتاب 15 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪتاب جي پوري ٿيڻ
جو سن ڄاڻايل نه آهي.
(19) محمود نامه نيچرل
هيءَ منظوم مزاحيه تصنيف آهي. جيئن شمس
الدين بلبل مرحوم ”ڪريما نيجرل“ لکي هئي، تيئن
تارڪ فقير شيخ سعدي جي ”محمود نامه“ جي مصراعن کي
تضمين طور آڻي، مزاحيه شاعريءَ جو مثال پيش ڪيو
آهي.
هيءُ ڪتاب 16 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪتاب جي وري ٿيڻ
جو سن ڄاڻال نه آهي.
(20) ديوان تارڪ (اردو)
هيءُ تارڪ جي اردو غزلن جو نامڪمل ديوان
آهي. هن ڪتاب ۾ رديف ’خ‘ تائين غزل ڏنا ويا آهن (راقم
باقي رهيم غزل برهه جي بنديءَ تان نقل ڪري ديوان
مڪمل ڪيو آهي).
هيءُ ڪتاب 40 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ ان جي پوري ٿيڻ
جو سنه ڪونه ڏنو ويو آهي.
(21) مسودات
هيءَ ڪتاب ۾ سنڌي اردو غزل، مستزاد ۽ هفتي
جا بيت ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب 263 صفحن تي پکڙيل آهي.
هن ڪتاب جي پوري ٿيڻ جو سن ڪونه ڄاڻايل آهي.
(22) مراثيه تارڪ
هي ڪتاب راقم الحروف ڪونه ڏٺو آهي. هن لاءِ
سيد اظهر گيلانيءَ کان زباني معلوم ٿيو ته پاڻ اهو
ڪتاب تارڪ فقير وٽ ڏٺو هئائون، جو هينئر گم آهي.
اظهم صاحب ٻڌايو ته تارڪ هن ڪتاب ۾ مرثيه، نوحه ۽
سلام لکيا هئا.
(23) ڪشڪول
هن ڪتاب ۾ عربي، فارسي غزل ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾
ٿيندڙ طرحي سنڌي ۽ اردو مشاعرن جي طرحن تي چيل غزل
شامل آهن. ان کان علاوه ڪجهه سنڌي قطعا ۽ ڪجهه
اردو غزل ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب 35 صفحن تي پکڙيل آهي.
ڪشڪول جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ ڪانه ڄاڻايل آهي.
(24) گلزار تارڪ (سنڌي)
هن ڪتاب ۾ سنڌي قصيدا ۽ ڪافيون ڏنل آهن.
ڪتاب ڪل 20 صفحن تي پکڙيل آهي، پر ان جي پوري ٿيڻ
جي تاريخ ڪانه ڄاڻايل آهي.
25) برهه جي بندي
هيءَ واڻڪي وهي آهي، جنهن تي شروع ۾ تارڪ
پنهنجو سنڌي، فارسي، عربي، هندي، اردو ۽ سرائڪي
ڪلام لکندو هو. ائين کڻي چئجي ته هيءُ سندس رف بوڪ
هو، جتان هن پنهنجا مختلف ڪتاب فيئر ڪري، ٻين نوٽ
بوڪن تي نقل ڪيا.
’برهه جي بنديءَ‘ ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي.
مختصر ته هن هڪ ئي ڪتاب ۾ نازڪ فقير جا گهڻائي
ڪتاب شامل آهن، جن مان مرحوم ڪي ڪتاب نقل ڪري
سگهيو ته ڪي نقل ٿيڻ کان رهجي ويا. هن بنديءَ ۾ ڪن
ڪتابن جي مڪمل ٿيڻ جو سن ڄاڻايل آهي، پر بنديءَ جي
پوري ٿيڻ جو سن ڪونه ڄاڻايل آهي.
هن بنديءَ مان ڪي پنا غائب آهن. ائين معلوم ٿئي ٿو
ته ڪو ظالم هن بنديءَ مان اهي پنا چورائي ويو آهي.
خبر ناهي ته انهن پنن تي ڪهڙا ڪتاب لکيا هئا.
(26) رازِ اظهار
تارڪ فقير کي عطار ڪلام تمام گهڻو پسند هو. عطار
جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو هئائين. ’راز اظهار‘
عطار جي مشهور تصنيف ”بيسرنامه عطار“ جو منظوم
سنڌي ترجمو آهي.
هيءُ ڪتاب 16 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو 1362هه
مطابق 1940ع ۾ لکجي پورو ٿيو.
نثر ۾ ڪتاب
(27) تحفه اصفيا في بيان الاوليا (اردو)
هن ڪتاب ۾ مشهور اولياء ڪرام جو ذڪر آهي.
ڪتاب ڪل 96 صفحن تي پکڙيل آهي، ڪتاب جي پوري ٿيڻ
جو سن ڪونه ڄاڻايل آهي.
هيءُ ڪتاب راقم الحروف جي نظر مان ڪونه گذريو آهي.
ان بابت سيد اظهر گيلاني کان معلومات حاصل ٿي،
جنهن آڌار تي هن ڪتاب جو تعارف ڪرايو اٿم. سيد
اظهر گيلانيءَ ٻڌايو ته ”اهو ڪتاب تارڪ فقير جي
شاگرد رشيد مرزا اجمل بيگ وٽ موجود آهي.“ پر جڏهن
مرزا صاحب سان ملاقات ڪئي وئي ۽ کانئس ان ڪتاب
بابت پڇيو ويو ته هن صاحب ٻڌايو ته ’وٽس اهو ڪتاب
ڪونه آهي.“ اها خبر پئجي ڪانه سگهي آهي ته هينئر
اهو ڪتاب ڪنهن وٽ آهي.
(28) ارشادات حڪمت
تارڪ فقير طب جي مشهور ڪتاب ”ميزان الطب“
جو آسان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ان جو نالو ’ارشادات
حڪمت‘ رکيو. هيءُ ڪتاب ستن جزن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب
جي ضخامت 407 صفحا آهي.
هيءُ ڪتاب تارڪ فقير جمادي الاول سنه 1351هه مطابق
سيپٽمبر 1931ع ۾ لکي پورو ڪيو.
(29) مضامين تارڪ
هيءُ اردو زبان جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾
مذهبي، ادبي، تاريخي ۽ عام معلومات جي موضوعن تي
مضمون لکيل آهن. اهي مضمون ان وقت جي اردو اخبار
’رهنماءِ بلوچ‘ ۾ شايع ٿئي هئا. هيءُ ڪتاب 78 صفحن
تي مشتمل آهي ۽ ان جي پوري ٿيڻ جو سن ڄاڻايل ڪونه
آهي.
(30) حديقة الاصفيا
فقير هدايت علي تارڪ فارسي ڪتاب ”روضة
الشهداء“ جو ترجمو ڪري، ان جو نالو ’حديقة الاصفيا‘
رکيو. هن ڪتاب ۾ ڪل ڏهه باب آهن ۽ اهو 802 صفحن تي
مشتمل آهي، جيڪو تارڪ فقير 12 ربيع الاول سنه
1352هه مطابق ڇهين جولاءِ 1933ع تي هن ڪتاب جو
ترجمو مڪمل ڪيو.
هيءُ ڪتاب تارڪ مرحوم جي هڪ عزيز زوار بهادر علي
توليه وٽ موجود آهي، جو لعلو رانوڪ ويجهو ’چودري‘
جو ويٺل هو، پر اڄڪلهه لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو. بهادر
عليءَ ٻڌايو ته هيءُ ڪتاب مرحوم کيس تحفي طور ڏنو
هو، جو دوست جي نشاني سمجهي، اڃا سوڌو ساهه سان
سانڍيو اچي.
(31) المڪاتيب الجديده
هن ڪتاب ۾ عربيءَ ۾ لکڻ جي سکيا ڏني ويئي
آهي. هن ۾ مختلف قسمن جا عربي زبان ۾ خط ڏنا ويا
آهن، جيئن پڙهندڙ عربيءَ ۾ خط و ڪتابت ڪري سگهي.
خطن ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ ڪتاب جي حاشيه ۾
فارسي زبان ۾ ڏني وئي آهي.
هيءُ ڪتاب 27 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي پوري ٿيڻ
جي تاريخ ڪانه ڄاڻايل آهي.
(32) رموز السالڪين
هيءُ ڪتاب عربي زبان ۾ لکيل آهي، جنهن ۾
تصوف جا نڪتا آسان عربيءَ ۾ بيان ڪيا ويا آهن. هيءُ
خالص تصوف جو ڪتاب آهي، جيڪو 61 صفحن تي مشتمل آهي.
هن ڪتاب جي پوري ٿيڻ جي تاريخ ڪانه ڄاڻايل آهي.
(33) عجيب معلومات
عام معلومات جي سلسلي ۾ سنڌي زبان جو هڪ
بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب ڇهن حصن ۾ ورهايل آهي. هن ۾
طب، تاريخ، ادب ۽ فلسفي تي ڪافي مفيد مواد موجود
آهي.
هيءُ ڪتاب 740 صفحن تي پکڙيل آهي، جيڪو 7
شعبان 1353هه مطابق 15 نومبر 1933ع ۾ لکجي پورو
ٿيو.
(34) عمدة المقال
فقير هدايت علي تارڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي
مشهور ڪتاب ”لواريءَ جا لعل“ جو فارسي زبان ۾
ترجمو ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب 148 صفحن تي مشتمل آهي،
جيڪو 19 جمادي الاول 1354هه مطابق 19 آگسٽ 1935ع ۾
لکي پورو ڪيو ويو.
(35) اقوال شرعي
هن ڪتاب ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه
وسلم جن جي ڪن حديثن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.
تارڪ هن ڪتاب ۾ اهڙين حديثن جو ترجمو ڪيو آهي، جن
۾ فقہ جا اصول سمجهايل آهن.
هيءُ ڪتاب 29 صفحن تي پکڙيل آهي. 4 جمادي الثاني
1353هه مطابق 15 سيپٽمبر (1935ع تي ڪتاب مڪمل ٿيو.
(36) عاشقانه خطوط
هن ڪتاب ۾ عاشق ۽ معشوق جا خيال خط ڏنل
آهن. خطن جو ڪل تعداد 32 آهي. خطن جي زبان عاشقانه
بلڪ شاعرانه آهي. رنگين عبارت ۽ موزون شعرن جي
ميلاپ عشقيه خطن کي وڌيڪ دلچسپ بڻايو آهي.
هيءُ ڪتاب 47 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي پوري
ٿيڻ جو سن ڪونه ڄاڻايل آهي.
(37) شهنشاهه جارج ششم
هيءُ فارسي نثر جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ جارج
ڇهين جي حياتيءَ جو احوال ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب 12
صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو 15 سيپٽمبر 1935ع تي لکجي
پورو ٿيو.
(38) پرجوش خم
تارڪ هيءُ ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيو. هن
ڪتاب ۾ راڻي نورجهان جي سوانح حيات رنگين عبارت ۾
لکي وئي آهي. هيءُ ڪتاب 77 صفحن تي پکڙيل آهي. هن
ڪتاب جي تڪميل جي تاريخ ڪانه ڄاڻايل آهي.
(39) گفتگو نيڪو
تارڪ مرحوم سنڌي ڪتاب ’سچ جو صدقو‘ کي
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري، ان جو نالو ’گفتگو نيڪو‘
رکيو. هيءُ ڪتاب وعظ ۽ نصيحت سان ڀريل آهي. هن
ڪتاب جي ضخامت 47 صفحا آهي.
هيءُ ڪتاب 26 جمادي الاول 1354هه مطابق 6 آگسٽ
1935ع ۾ لکي پورو ڪيو ويو.
(40) تحفة الڪرام
تارڪ مير علي شير قانع جي مشهور تواريخي
ڪتاب تحفة الڪرام جو سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو،
ڪتاب 400 صفحن تي پکڙيل آهي. هن ڪتاب جي پوري ٿيڻ
جو سن ڪونه ڄاڻايل آهي.
هيءُ ڪتاب تارڪ مرحوم جي دوست ۽ ڳوٺائي حڪيم
عبدالڪريم نصرت وٽ موجود آهي.
(41) عمدة المطالب في انساب آل ابي طالب
هيءُ ڪتاب اصل ۾ لکنو جي هڪ شيعه عالم
لکيو هو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو تارڪ فقير ڪيو.
هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ آيل سيدن جو تذڪرو ڏنل آهي. ڪتاب
تمام سنهن اکرن ۾ لکيل آهي، جو مشڪل سان پڙهڻ ۾
اچي ٿو. ڪتاب جي ڪل ضخامت 190 صفحا آهي، پر ان جي
مڪمل ٿيڻ جو سن ڪونه ڄاڻايو ويو آهي.
(42) سنڌي ٻولي، شعر ۽ شاعرن جي تواريخ
هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، شعر جي تعريف ۽
ڪن مشهور سنڌي شاعرن جو تذڪرو ڏنو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب بهاولپور جي هڪ صحافي محمد حفيظ الرحمان
اردوءَ ۾ ترجمو ڪري سنه 1945ع ۾ ’تاريخ شعراءِ سنڌ‘
جي نالي سان شايع ڪرايو.
هيءُ ڪتاب تارڪ مرحوم مارچ 1930ع ۾ لکي پورو ڪيو
هو. راقم الحروف اصل نسخو ڪونه ڏٺو آهي، صرف ان جو
اردو ترجمو نظر مان گذريو آهي، جيڪو 45 صفحن تي
مشتمل آهي.
|