سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1981ع (3)

 

صفحو :1

مهراڻ 1981ع (3)

ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

پيغام

 

(1) مهراڻ جي سيرت نمبر جي اشاعت ۾ بورڊ جيڪا محنت ۽ ڪوشش ڪئي آهي، اها قابل تحسين آهي.

سي. ايم. ايل. اي سيڪريٽريٽ،

راولپنڊي.

ليفٽيننٽ ڪرنل محمد ظهير ملڪ

مليٽري سيڪريٽري صدر پاڪستان.

(2) ”مهراڻ“ مليو. خوشي ٿي. اهو معلوم ڪري پڻ خوشي ٿي ته اوهان جا عالم قرآن ڪريم جي هڪ ناياب نسخي تي ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن اهو پڻ شايع ٿئي ته مون کي اطلاع ڏيندا.

ڊاڪٽر محمد افضال

         چيئرمن يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۽ مشير

                     براءِ اعليٰ تعليم صدر پاڪستان، اسلام آباد.

 (3) مهراڻ جو سيرت نمبر مليو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ ۽ اسلامي تعليم ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ بورڊ جي علمي ڪوششن جو مان قدر ڪريان ٿو.

جسٽس سيد غوث علي شاهه

 وزير تعليم، ثقافت، رانديون ۽ قانون

حڪومت سنڌ.

(4) مير صاحب اڄڪلهه ڪن ڪتابن، خاص طرح مهراڻ جي ”سيرت نمبر“ کي نهايت دلچسپيءَ سان مطالع ڪري رهيو آهي. موصوف ان باري ۾ اوهان کي ستت پاڻ به خط لکندو.

  محمد صديق ويڙهو

پوليٽيڪل سيڪريٽري ڊفينس منسٽر

حڪومت پاڪستان.

(5) مهراڻ جي”سيرت نمبر“ کي جناب الاهي بخش سومري وزير صنعت حڪومت پاڪستان تمام گهڻو پسند ڪيو آهي ۽ هن نمبر شايع ڪرڻ تي اوهان کي مبارڪباد ڏني آهي.

       علي نواز ڪلهوڙو

    پرائيويٽ سيڪريٽري وزير صنعت

حڪومت سنڌ

(6) سيرت نمبر جي شاندار اشاعت تي مبارڪباد قبول ڪندا. سنڌي ۽ ديني ادب جي اشاعت لاءِ اوهان جون ڪوششون قابل قدر آهن.

ڊاڪٽر سعيد مطلوب حسين

پاران: وزارت مذهبي امور،

     حڪومت پاڪستان.

(7) مهراڻ جو سيرت نمبر پڙهي خوشي ٿي. اوهان سيرت نمبر کي وڏي محنت ۽ محبت سان مرتب ڪيو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 اعزازي وائيس چانسيلر اسلاميه يونيورسٽي،

                          اسلام آباد.

        (8) سيرت نمبر ۾ رسول ڪريم جن جي حيات طيبه جي سڀني پهلوئن تي سير حاصل مواد موجود آهي. منهنجي تجويز آهي ته ملڪ جي سڀني لئبررين ۾ سيرت نمبر رکڻ گهرجي. اهڙي شاندار نمبر شايع ڪرڻ لاءِ بورڊ جون ڪوششون قابل تعريف آهن.

نجم الدين منڱريو

اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل ايڊوائيزر،

وزارت تعليم حڪومت پاڪستان اسلام آباد.

(9) مهراڻ جو سيرت نمبر اسلامي ادب ۽ علم جو نشان آهي. ان جو مواد هر لحاظ کان مسلمانن ۽ خاص طرح اهل سنڌ لاءِ نهايت مفيد معلوماتي سرمايو آهي.

سيد وصي مظهر ندوي

ميئر، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن.

(10) سيرت نمبر مهراڻ جو نهايت قيمتي پرچو آهي. ان جي شاندار اشاعت لاءِ اوهان جي ڪوششن ۽ محنتن کي آءٌ بخوبي سمجهي سگهان ٿو. اوهان کي مبارڪ هجي.

امداد جوڻيجو

         ميمبر، پاڪستان بئڪنگ ڪائونسل، ڪراچي.

(11) سيرت نمبر ۾ اهي مڙئي خوبيون آهن، جيڪي اهڙي ”خاص نمبر“ ۾ هئڻ کپن. ان جي سهڻي سٽاء ۽ مقامات مقدسه جي نادر تصويرن جي اشاعت مون کي ڏاڍي وڻي.

پروفيسر غلام رباني عزيز

     اٽڪ، صوبه سرحد.

(12) سيرت نمبر  جهڙي يادگار پرچي جي اشاعت تي مبارڪباد قبول ڪندا.

شيخ نياز احمد

مالڪ، شيخ غلام علي اينڊ سنس، لاهور.

(13) سيرت نمبر جهڙي جامع ۽ اهم علمي خدمت جي تعريف لاءِ مون کي لفظ ڪونه ٿا سجهن.

          ڪشور ناهيد

ريزيڊنٽ ڊئريڪٽر پاڪستان نيشنل سينٽر،

   لاهور

(14) سيرت نمبر ۾ آيل مضمون نهايت جاندار، حيات پرور ۽ روح افزا آهن.

نور شاهين، حيدرآباد.

(15) سيرت نمبر ۾، مواد جي معيار ۽ ضخامت جون ضرورتون پڻ پوريون ڪيون ويون آهن. معمولي وقت ۾ اوهان واقعي غير معمولي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڪراچي.

(16) سيرت نمبر ۾ سرورق تي سچي سردار جي روضي مبارڪ جي ديدار نيڻن کي ٺاري ڳڱ ڪيو ۽ حضور پرنور جو خط باعث سرور ثابت ٿيو.

احمد خان آصف مصراڻي

    خيرپور ناٿن شاهه.

(17) سيرت نمبر تمام معياري پرچو آهي. اهو اڳتي هلي سنڌ جي ديني ادب ۾ تاريخي دستاويز جي حيثيت حاصل ڪندو.

 منير سولنگي

پير جو ڳوٺ، ضلعو خيرپور

(18) مهراڻ جو سيرت نمبر هر لحاظ کان تعريف جي قابل آهي. بفضل الله تعاليٰ مهراڻ هن وقت صحيح راهه تي، صحيح نموني ۾، صحيح ادب پيش ڪري، سڀني رسالن کان ڪامياب وڃي رهيو آهي.

گل حسن گوپانگ ”شاد“

شهدادڪوٽ.

(19) سيرت نمبر ڏسي دل خوش ٿي. اهڙو شاندار ”خاص نمبر“ شايع ڪري اوهان ادبي بورڊ ۽ پاڻ کي مبارڪ جو مستحق بنايو آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري

ڪراچي.

(20) سيرت نمبر ۾ آيل سڀ مضمون قابل قدر آهن.

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي

لاڙڪاڻو.

(21) سيرت نمبر، جهڙو ٻاهران اکين جو ٺار آهي، تهڙو اندران هنئين جو هار آهي. سيرت نمبر ۾ هر مضمون پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.

حافظ خير محمد اوحدي

شڪارپور

(22) حضور اڪرم صلعم جن جي سيرت مبارڪ تي هر پهلوءَ کان تقريبن چڱو ۽ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ هن زماني ۾ مسلمانن کي پنهنجي پيغمبر جي سيرت کان واقف ڪرڻ وڏو ۽ ضروري ڪم آهي. الله تعاليٰ اوهان جي اداري کي جزاء خير سان نوازي.

مولانا جان محمد ڀٽو، منصوره.

(23) سيرت نمبر مهراڻ جو معياري ۽ تاريخي پرچو آهي.

قمر الزمان شاهه، حيدرآباد.

(24) سيرت نمبر جي سهڻي سٽاء تي روح کي جيڪا راحت رسي، ان جي اظهار کان رهي نٿو سگهجي.

عزيز الرحمان ٻگهيو، حيدرآباد.

(25) سهڻي سيرت نمبر جي يوم باب الاسلام جي موقعي تي مبارڪ اشاعت کير ۾ کنڊ مثل آهي.

رحيم بخش ”قمر“، نواب شاهه.

(26) سيرت نمبر ۾ حضور پاڪ جن جي سيرت مبارڪ جي هر پهلوءُ تي منثور ۽ منظوم روشني وڌي ويئي آهي. شايد ئي ڪا اهڙي ڳالهه رهجي ويئي هجي، جنهن تي ڪا تحرير موجود نه هجي. اسان ان نمبر ڇپائڻ تي بورڊ جي سڀني ڪارڪنن کي مبارڪون ڏيون ٿا.

     روزانه ”مهراڻ، حيدرآباد.

(27) سنڌي ڪتاب پڙهندڙن، خاص ڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي سيرت نمبر جي اشاعت مان فائدو وٺڻ گهرجي.

      روزانه ”آفتاب“، حيدرآباد.

(28) سيرت نمبر بورڊ جي مطبوعات ۾ هڪ سٺي واڌاري طور ئي نه، پر تحقيق لاءِ پڻ هڪ معياري اشاعت تصور ڪيو ويندو.

سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جو هڪ قديم تحقيقي ادارو آهي، جنهن بيشمار مضمونن تي سوين ڪتاب شايع ڪيا آهن. تاريخ، طب، سائنس، لغت، لوڪ ادب، قديم و جديد ادب، تمام ميدانن ۾ ضخيم ۽ تحقيقي ڪتابن کان وٺي ٻارن جي ادب تائين هڪ طويل فهرست، ان جي ڪارڪردگيءَ کي ثابت ڪري ٿي.

        روزانه ”جنگ“، ڪراچي.

(29) سيرت نمبر جي اشاعت تي اسان اداري کي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته ذڪر مصطفيٰ جا چراغ ائين ئي روشن رهندا، ڇو ته دلين جا انڌيرا انهن چراغن جي روشنيءَ کان سواءِ دور ٿي نه سگهندا.

روزانه ”جسارت“، ڪراچي.

        (30) سيرت نمبر کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ عين ثواب آهي.

هفتيوار ”همدرد“،

  ميرپورخاص

(31) بورڊ ڪيترائي ديني ڪتاب شايع ڪيا آهن. سيرت نمبر انهن ۾ هڪ معياري اضافو آهي.

هفتيوار ”صبح صادق“

نواب شاهه.

(32) هر مسلمان مرد ۽ عورت لاءِ مهراڻ جي سيرت نمبر جو مطالعو ضروري آهي.

      هفتيوار ”آواز سنڌ“، دادو.

(33) ”سيرت“، عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جون معنائون عادت، خصلت ۽ خو  وغيره آهن. اسان کي گهرجي ته اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ جو مطالعو ڪريون ۽ سندن سنت تي عمل ڪريون.

”مهراڻ“ جو ”سيرت نمبر“ ايتريقدر سيرت تي جامع آهي، جنهن جو سنڌي رسالن ۾ ڪو مثال ڪونهي.

حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

سجاده نشين،

درگاهه حضرت مخدوم نوح سرور رحه،

   هالا سنڌ.

(34) سنڌي ادبي بورڊ جيڪا علم ۽ ادب جي خذمت ڪئي آهي، ان جو مثال سنڌيءَ جي ٻئي ڪنهن به اشاعتي اداري ۾ نٿو ملي. بورڊ جي علمي ادبي خذمتن ۾ شايع ٿيو آهي، ان کي مهراڻ جي وقت تائين شايع ڪيل سڀني نمبرن ۾ خاص نمبر شمار ڪري سگهجي ٿو. هن نمبر ۾ حضرت محمد رسول صلي الله عليه وسلم جن جي زندگيءَ مبارڪ جي جداد جدا پهلوئن تي تحقيقي مضمون ۽ مقالا ۽ نعتيه ڪلام شامل ڪيل آهن. اهي تحريرون موجوده وقت جي سٺن ليکڪن جي رشحات قلم جا شاهڪار آهن.

سيرت نمبر بورڊ جي هر وجهه يادگار ۽ ڪامياب ڪوشش آهي ۽ ان لاءِ بورڊ جي چيئرمن ميان غلام مصطفيٰ قاسمي، سيڪريٽري ميان غلام رباني، ميان نفيس احمد ايڊيٽر انچارج ۽ ٻين مڙني ڪارڪنن کيرون لهڻيون. مهراڻ رسالي پنهنجي اسم بامسميٰ هجڻ جو پورو ثبوت ڏنو آهي. اميد ته سنڌي زبان جو هيءُ رسالو آئنده به اهڙا نمبر اشاعت هيٺ آڻيندو رهندو.

      حضرت پير وهب الله شاهه راشدي صاحب

                         سجاده نشين، درگاهه ڳوٺ پير جهنڊو.


 

سنڌي ادبي بورڊ جي مسجد شريف ۽ پرنٽنگ پريس

جي سنگ بنياد رکڻ واريءَ تقريب ۾

جسٽس سيد غوث علي شاهه

وزير تعليم، ثقافت، رانديون ۽ قانون، حڪومت سنڌ، ڪراچي جي صدارتي تقرير

 

بسم الله الرحمان الرحيم

جناب چيئرمن ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

معزز خواتين و حضرات

السلام عليڪم:

        اول ته مان رسمي طرح نه، پر خلوصِ دل سان اوهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جو اوهان مون کي اڄوڪيءَ تقريب ۾ سڏي، هيترن سارن دوستن، تعليمدانن، عالمن ۽ اديبن سان چار گهڙيون روح رهاڻ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.

دوستو، قرآن ڪريم ۽ رسول پاڪ جن کي الله پاڪ طرفان هڪ خاص دعا سيکاري ويئي هئي _ اها آهي:

رب زدني علما.

”يا الله منهنجو علم وڌاءِ“. اها دعا ان ڪري سيکاري ويئي، جو علم روشني آهي ۽ جهالت اوندهه آهي. ڪوبه سفر ۽ سو به وري سڄيءَ زندگيءَ جو سفر اوندهه ۾ ته ڪري ڪونه ٿو سگهجي.

منهنجي اها خوشنصيبي هئي، جو سنڌ جي وزارت ۾ جيڪي شعبا مليا، تن ۾ تعليم سرفهرست هئي. اوهان کي معلوم آهي ته تعليم_گاهه اها جاءِ آهي، جتي ٻار جي ذهني نشوونما ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي، ته تعليمگاهه اها اهم جاءِ آهي، جتي قوم جي مستقبل جو سنگ بنياد رکجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو استاد کي قوم جو معمار ڪوٺبو آهي. پر تعليم رڳو حرف شناسيءَ جو نالو ڪونهي. ان ڪري هر ملڪ ۾، حڪومتن طرفان، تعليمي درسگاهن سان گڏ، علم جي هر شاخ ۾، اهڙا اعليٰ تحقيقي ادارا پڻ قائم ڪيا ويندا آهن، جيڪي قوم جي ذهني نشوونما جو ڪم اتان کان اڳتي هلائيندا آهن، جتي دستوري طرح درسگاهن جو ڪم پورو ٿيندو آهي. اهڙا ادارا بظاهر ڏسڻ ۾ ننڍا ايندا آهن، پر انهن جو بنياد وڏا وڏا عالم وجهندا آهن.

سنڌي ادب جي ميدان ۾ بورڊ اهڙو ئي هڪ علمي ۽ تحقيقي ادارو آهي. جن لائق صد احترام اديبن ۽ عالمن بورڊ جو بنياد رکيو يا ان جي ڪم ڪار جو طريقو رٿيو هو، سي ويهينءَ صديءَ جي سنڌ ۾ علم ۽ ادب جي آسمان تي چَمڪيا. مثلاً: علامه آءِ. آءِ. قاضي، سيد ميران محمد شاهه، شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو، مولوي دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مولوي عبدالڪريم چشتي، آغا تاج محمد ۽ عثمان علي انصاري صاحب... وغيره.

سنڌي ادبي بورڊ جو ڪم، جيئن بورڊ جي چيئرمن ۽ سيڪريٽري اوهان کي ٻڌايو، ته سنڌي ٻوليءَ، علم ۽ ادب جي تحقيق ڪرڻ ۽ اهي ڪتاب لکائڻ، ڇپائڻ ۽ شايع ڪرڻ آهي، جيڪي ڪوبه فرد واحد سولائيءَ سان ڪري ڪونه سگهندو. هونئن به سنڌ جي علمي روايت ايڏي قديم ۽ وسيع آهي، جو ان جي علمي ۽ ادبي سرمايي کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي وڌائڻ لاءِ گهڻي کان گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو ڪم فقط اعليٰ علمي ۽ تحقيقي ادارا ڪري سگهن ٿا.

سنڌي ادبي بورڊ هن وقت تائين سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ تقريباً ٻه سؤ معياري ڪتاب ۽ سؤ کن کان مٿڀرو مهراڻ ۽ گل ڦل رسالن جا پرچا پر منهنجو عرض آهي ته سنڌ جو علمي ۽ ادبي سرمايو، صحيح معنيٰ ۾، ايترو ته وسيع آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ جهڙا ٻيا ٻه _ چار ادارا به ان کي سنڀالڻ ۽ گهربل پيداوار کي وڌائڻ جو هڪ مؤثر طريقو اهو به آهي، ته بورڊ کي هڪ جديد سُٺي پرنٽنگ پريس ڏني وڃي. اها بورڊ جي بنيادي ضرورت آهي ۽ ان جي پورائي ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي.

بورڊ گذريل ڏهن ورهين کان به وڌيڪ عرصو پريس لاءِ اِلتجا ڪندو رهيو آهي. پر حقيقت اها آهي ته بورڊ جي اها ضرورت موجوده حڪومت ئي پوري ڪئي آهي. انشاء الله تعاليٰ بورڊ جي ٻئي مطالبي يعني سالياني گرانٽ وڌائڻ تي به موجوده حڪومت همدرديءَ سان ويچار ڪندي. اها ڳالهه مون کي خيال ۾ آهي. خدا ڪندو ته سڀ سڻائي ٿي پوندي.

قدرت کي ائين ئي منظور هو ته پرنٽنگ پريس جي جاءِ جو سنگ بنياد مون عاجز جي هٿن سان رکجي. مان ان کي پنهنجي خوشقسمتي سمجهان ٿو. پر مسلمان جي حيثيت ۾، اهو سڀڪجهه قدرت جو امر ڀانئيان ٿو _ بقول حافظ:

قرعه فال بنام من ديوانه _ز دند

 مهينو ماسو اڳ، مان بورڊ گهمڻ آيو هئس. مسٽر ربانيءَ کي صلاح ڏنم ته پريس سان گڏ، ڪنڊ پاسي سان ڪا مسجد شريف به تعمير ڪريون ته سٺو. ڪجهه منهنجي صلاح، ڪجهه هنن همراهن جي همت _ الحمد الله اڄ پريس سان گڏوگڏ مسجد شريف جي پيڙهه جو پٿر به رکجي رهيو آهي.

دوستو ۽ بزرگو! هر مسلمان جو اهو اعتماد ۽ ايمان آهي ته علم جو سرچشمو قرآن ڪريم آهي ۽ فيض جو مرڪز نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ذات مبارڪ. مون کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي آهي ته سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي رٿيل پروگرام موجب، جتي علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ڪري رهيو آهي، اتي قرآن ۽ سيرت کي مڙني تي مقدم رکيو ويو آهي.

اوهان کي معلوم آهي ته تازو بورڊ جي رسالي مهراڻ جو هڪ ضخيم سيرت نمبر شايع ٿيو آهي، جنهن کي ملڪ جي علمي حلقن ۽ نون توڙي پراڻن سنڌين گهڻو پسند ڪيو آهي. اوهان جي شهر جي ميئر، مولانا وصي مظهر ندويءَ ته ان کي ”اسلامي ادب ۽ علم جو نشان“ ۽ ”سنڌ جي تواريخ“ جهڙن وڻندڙ نالن سان سڏيو آهي.

اڄ مون کي ٻيو اهم اطلاع مليو ۽ ڏاڍي خوشي ٿيم ته انشاء الله هن ئي هجري سال ۾، قرآن ڪريم جو اهو فارسي ترجمو پڻ شايع ٿيڻ وارو آهي، جيڪو برصغير پاڪ و هند ۾ قرآن ڪريم جو جيڪڏهن اولين فارسي ترجمو نه آهي، ته شروعاتي ٻن _ چئن ترجمن ۾ ضرور شامل آهي. ان تواريخي نسخي تي بورڊ جا عالم ورهين کان ڪم ڪري رهيا هئا.

دوستو! قرآن شريف جي انهيءَ ترجمي جي اشاعت تي رڳو سنڌي ادبي بورڊ نه، پر ساري سنڌ ۽ پاڪستان فخر ڪري سگهندو. ليڪن ٿوريءَ دير لاءِ مهرباني ڪري ان ڳالهه تي به سوچيو، ته اسان پنهنجي اسلاف جي ايڏيءَ وڏيءَ ۽ شاندار علمي روايت کي قائم ڇو نه رکي سگهيا آهيون؟

عارفن جو قول آهي ته سنڌ الله وارن جو گهر آهي. ڪن تواريخ نويسن جو خيال آهي ته سنڌ باب الاسلام آهي. ٻين عالمن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ پهريون پهريون قرآن شريف جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ٿيو. ساڳيءَ ريت اها روايت به آهي ته نبي ڪريم جن جي خطن جو پهريون پهريون مجموعو ديبل جي هڪ سنڌي عالم مرتب ڪيو هو. چون ٿا ته بخاري شريف جي شرح لکڻ ۾ جيڪو بيمثال ڪمال ابوالحسن سنڌيءَ کي نصيب ٿيو، ان جو عرب ۽ عجم اعتراف ڪيو. ابو معشر سنڌيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندس جنازي ناز خود خليفي هارون رشيد پڙهائي. سبحان الله! سنڌ جي علمي عظمت جا ڪهڙا ڪهڙا ڳُڻ ڳائجن! آخر ڀٽ ڌڻيءَ به بي سبب ته سنڌ کي دعائون ڪونه ڪيون هيون:

سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،

دوست  تون  دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

پر منهنجا دوستو ۽ بزرگو _ سوال آهي ته اڄ اسان وٽ ڪو مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر پيدا ڇو نه ٿو ٿئي؟ اڄ ساڳيءَ سنڌ ۾ مخدوم معين، مخدوم محمد هاشم ۽ ابو الحسن ڪبير ۽ صغير جي پايي جا ڪل گهڻا عالم موجود آهن؟ سونهاريءَ سنڌ جي  ڪُک مان ڀلاري ڀٽائيءَ ۽ سچل سائينءَ جو ڪو حقيقي روحاني وارث هاڻي ڇو نٿو نڪري؟

دوستو، مان جڏهن ان ڳالهه تي غور ڪندو آهيان، تڏهن مون کي سنڌ جي سپوت، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي جا لافاني الفاظ ياد ايندا آهن:

”اسان جي پياري سنڌڙي، ڪنهن سَمي املهه ماڻڪن جي کاڻ هئي ۽ سُرهن گلن جو چمن هئي.

پر ڪٿي آهن اهي غواص، جي پاتال ۾ پيهي، سپون سوجهي ڪڍن؟ ڪٿي آهن اهي واس وٺندڙ ڪوڏيا، جي بيابان جهاڳي، نازڪ گلن جي سرهاڻ سنگهن!

ڪٿي آهن اهي ڪانِي ڪرامت جا صاحب، جن جي فيض مان پِرت جا پهيڙا پُرجام پيئندا هئا؟

اڄ انهن جا روح تاڻي رهيا آهن ته آهي ڪو جو سُڪل ڪَسيءَ ۾ پاڻي آڻي، ۽ وڃايل وٿون واري، هٿ ڪري!“

منهنجا ڀائرو،  منهنجا عزيزو دوستو ۽ ساٿيو! باوقار قومون ماضيءَ جي شاندار روايتن کي نه رڳو تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڪنديون آهن، پر اڳتي وڌائينديون آهن. ياد رکو ته الله پاڪ جي رحمت مان نا اميد فقط ڪافر ٿيندا آهن، ان ڪري مون کي آس آهي ۽ الله پاڪ ۾ اميد آهي ته سنڌ جا لائق ۽ فائق تعليمدان، عالم ۽ا ديب پنهنجن نيڪ نام بزرگن جي شاندار روايتن کي وري قائم ڪندا ۽ الله پاڪ جي ڪرم سان سنڌي ادبي بورڊ جي هن ئي پرنٽنگ پريس مان سندن گهڻي کان گهڻا علمي ۽ ادبي شهه پارا شايع ٿيندا. (آمين)

وري ورندو واءُ، وري وسندا مينهڙا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com