تلاءَ نمبر ٽئين وٽ ٻين ڌنڌن ڪندڙ ماڻهن سان گڏ، ڪيترا سارا
پخالين جا به گهر هوندا هئا. اڃا به انهن جو اولاد
اتي رهندو اچي. اهي ماڻهو ڍڳن تي وڏيون پخالون
ڀري، شهر وارن کي پاڻي پهچائيندا هئا. جڏهن ته
تلاءَ ڏٽجي ويا هئا ۽ نل عام ٿي ويا هئا، تڏهن به
اهي ماڻهو پنهنجن ڍڳن تي پخالون رکي، انهن ۾ نل جو
پاڻي ڀري ماڻهن کي پهچائيندا هئا. اسان جي ننڍي
هوندي هڪ شخص، اسان جي پاڙي ۾ ايندو هو، کيس هڪ
سهڻو ڍڳو هوندو هو. ان تي پخال رکيل هوندي هئي. ان
مان ساندارا ڀري، في ساندارو هڪ پئسي ۾ ڏيندو هو.
اسان جي گهر ۾ تڏهن نل لڳل هو، پر ٻين گهرن وارا،
جن وٽ نل لڳل نه هئا، کانئس ڀرائيندا هئا. پاڙي جا
ٻار کيس ”مامو جمعو“ ڪري سڏيندا هئا.
نلڪي جو پاڻي، شروع شروع ۾ فقط شهر جي ماڻهن لاءِ رکيو ويو هو.
يعني حاج ڪم ۽ پيئڻ لاءِ، جو اڃا هن شهر ۾ وڏا
ڪارخانا ڪين هوندا هئا. اهو پاڻي گدوءَ کان،
درياهه مان ڇڪي، پڪي قلعي ۾ آندو ويندو هو. هتي
سرن جي ٺهيل هڪ ٽانڪي هوندي هئي. ان مان وڏن
پائيپن جي ذريعي، شهر ۾ موڪليو ويندو هو. ان
ٽانڪيءَ کي، حيدرآباد جا ماڻهو ”ٺل“ ڪري چوندا
هئا. سڀ کان وڏو پائيپ، جو ٽانڪيءَ مان نڪرندو هو،
سو شاهي بازار کان ويندو هو. هاڻي ان جاءِ تي ٻه
وڏا پائيپ لڳل آهن. هڪ ننڍو پائيپ، قلعي کان
اڀرندي طرف گرونگر ڏي ويندو هو. ٻيو وري الهندي
طرف، گاڏي کاتي ڏانهن ويندو هو. ننڍا پائيپ ۽ نل
هنن مان نڪرندا هئا.
جيئن ته تڏهن حيدرآباد جو شهر ايڏو وڏو نه هو، نڪو وري ڪي
ڪارخانا ئي وڌا ويا هئا، جنهن ڪري نلن جو پاڻي
چوويهه ڪلاڪ پيو وهندو هو. البته اڳي پاڻيءَ کي
ائين ضايع ڪين ڪيو ويندو هو، جنهن ڪري پاڻيءَ جي
اڻاٺ ڪڏهن به ڪين ٿي هئي. جهڙيءَ طرح حيدرآباد جو
شهر سٺي ۽ ٿڌي هوا کان مشهور آهي، تهڙيءَ طرح اڳي
گهڻي ۽ تازي پاڻيءَ جي ڪري به مشهور هو. هندو
ماڻهو ته ائين به چوندا هئا: ”حيدرآباد جي شهر ۾
گهر گهر ۾ پئي گنگا وَهي.“ اهو فقط پاڻيءَ جي
گهڻائي ۽ درياهه جي مٺي، تازي ۽ سٺي پاڻيءَ جي
بدولت هو.
جيتريقدر معلومات ملي سگهي آهي، اوتري مان پتو ٿو پوي ته، جڏهن
نل پيا هئا، تڏهن هن شهر جي واسطي پهرين پنج هزار
گئلن ۽ پوءِ ڏهه هزار گئلن روزانه پاڻي موڪليو
ويندو هو. پوءِ جيئن جيئن شهر ترقي ڪندو ويو،
آبادي وڌندي وئي، تيئن اهو ڌنڌو پنجاهه هزار گئلن
ٿيو. ليڪن اهو به هن شهر جي لاءِ گهٽ ٿي پيو هو،
جنهن لاءِ ان کي وڌائي هڪ لک گئلن ڪيو ويو. اهو به
هن شهر لاءِ پورو نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته آبادي تيزيءَ
سان وڌي رهي آهي. هينئر جي خبر ناهي ته روزانو
ڪيترا لک گئلن پاڻيءَ جا هن شهر لاءِ موڪليا ٿا
وڃن
حيدرآباد شهر جا پوليس ٿاڻا، چنگي ناڪا، باهه وسائڻ جون جايون،
عبادت جون جايون آفيسون، وغيره وغيره:
موجوده صديءَ جي شروعاتي پنجويهن سالن دوران، جڏهن حيدرآباد جو
شهر گهڻو ننڍو هو، تڏهن، ڏوهن کي روڪڻ لاءِ جاءِ
بجاءِ ننڍا پوليس ٿاڻا، يا چونڪيون ٺهيل هونديون
هيون. پوليس جو عملو به تڏهن گهٽ هوندو هو. ننڍين
پوليس چونڪين کي هاڻي ختم ڪيو ويو آهي، ۽ وڏين
اسٽيشنين جي عملي جو تعداد وڌايو ويو آهي. اهڙي
چونڪي اڃا تائين کاهي روڊ تي موجود آهي. ان ڪري
”چڪلو پوليس چونڪي“ چيو وڃي ٿو. انگريزن واري دؤر
۾، هن شهر ۾ جي مشهور پوليس چونڪيون هيون سي هي
هونديون هيون:
(1) تروٽ پوليس پوسٽ. هيءَ هڪ ننڍي پوليس چونڪي يا گهاٽ هوندو
هو؛ هتي فقط هڪ يا ٻه جمعدار، ۽ چار کن سپاهي مقرر
هوندا هئا. هي پوسٽ گرونگر روڊ تي يونيورسٽيءَ جي
بي ايڊ جي شاگردن جي هاسٽل، جي نزديڪ هئي. هينئر
اتي هڪ ننڍي مسجد بيٺي آهي، جا تڏهن ٺاهي وئي هئي.
(2) فقير جو پڙ پوليس اسٽيشن. هيءُ هڪ وڏو ٿاڻو هو جو بلڪل ان
هنڌ جو هو جتي هينئر ڀاڄيءَ وارا وهندا آهن.هتي
عموماً هڪ سينئر صوبيدار ۽ ٻه کن جمعدار ۽ ڪيترا
سارا سپاهي مقرر هوندا هئا.
(3) ريلوي اسٽيشن پوليس ٿاڻو. هيءُ هڪ ننڍو گهاٽ هو، ۽ اسٽيشن
روڊ ۽ شاهه مڪي رستي جي سنگم تي هوندو هو. هتي اڃا
تائين پوليس آفيسر ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
(4) ڪنٽونمينٽ پوليس اسٽيشن. هيءُ هڪ وڏو ۽ مشهور ٿاڻو آهي. هتي
ڪيترائي آفيسر هوندا آهن. اڃا تائين شهر جي هڪ اهم
پوليس اسٽيشن آهي.
(5) مارڪيٽ پوليس اسٽيشن. شهر جي سڀ کان وڌيڪ گنجان علائقي ۾
آهي. هتي هميشه سينئر پوليس آفيسر ۽ گهڻو عملو
رکيو ويندو آهي.
(6) ڦليلي پوليس اسٽيشن. هي به هڪ وڏو ۽ اهم پوليس ٿاڻو آهي. هن
ٿاڻي جي ايراضي _رينج _ سڀني کان وڏي آهي. هتي به
سينئر پوليس آفيسر مقرر هوندا آهن.
(7) حيدرآباد سٽي پوليس اسٽيشن. هي شهر جو سڀ کان وڏو ۽ مرڪزي
ٿاڻو آهي. شهر جو فوجدار ۽ ٻيا وڏا پوليس آفيسر
هتي مقرر هوندا آهن. اڳي هن ٿاڻي کي چائڙي به ڪري
سڏيندا هئا. انگريزن جي دؤر ۾، سٽي ٿاڻي تي رڳو
انگريز آفيسر رکيا ويندا هئا.
(8) گدو پوليس اسٽيشن. ٿاڻو گدو شهر ۾ آهي. هيءَ به هڪ اهم ۽
پراڻي پوليس اسٽيشن آهي.
(9) سرو گهاٽ پوليس چونڪي. هيءَ ننڍو ٿاڻو يا چونڪي آهي جا گهڻو
اڳي قائم ڪئي وئي هئي. حقيقت ۾ هن چونڪيءَ تي قائم
ٿيڻ کان پوءِ، شاهي بازارجي هن هنڌ جو نالو
”سروگهاٽ“ پيو هو. اڃا تائين هتي ننڍا پوليس آفيسر
مقرر ڪيا ويندا آهن.
مٿي ذڪر ڪيل پوليس ٿاڻن کان علاوه، هن شهر ۾، يا شهر جي آسپاس
ٻيا به ننڍا ٿاڻا آهن. مانا ڍوري پوليس پوسٽ: هيءَ
ننڍي چونڪي شهباز بلڊنگ جي سامهون رستي جي ٻئي طرف
آهي. ان کان سواءِ ڀائي خان جي چاڙهيءَ وٽ به هڪ
چونڪي هئي، جا هاڻي ختم ڪئي وئي آهي: هاڻي ان
چونڪيءَ تي خانگي ماڻهن جو قبضو آهي.
ٿوري آباديءَ جي ڪري، تڏهن ٽريفڪ به گهٽ هوندي هئي. اڳي ڪو ورلو
حادثو ٿيندو هو. تاهم ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ
هيٺين چوراهن تي پوليس آفيسر مقرر هوندا هئا.
(1) قلعي دروازي واري چوراهي تي. (2) گاڏي کاتي وارو چوراهو،
سلطان هوٽل وٽ. (3) ڇوڏڪي چاڙهي، سٽي پوليس ٿاڻي
وارو، چوراهو. (4) تلڪ چاڙهيءَ جي هيٺ، سينٽ ميري
اسڪول وارو چوراهو (5) مارڪيٽ ٽاور وارو چوراهو.
(6) فقير جي پڙ وارو ٺوڙهي جي چاڙهيءَ جي هيٺ جو
چوراهو. (7) اسٽيشن وٽ زميندار هوٽل جي سامهون
چوراهو. هتي عموماً شام جو پنجين وڳي کن رات جو
نوين تائين، ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ جا پوليس آفيسر
بهندا هئا. هنن آفيسرن لاءِ ڪا خاص يونيفارم ڪين
هوندي هئي. اها ئي ڊريس جا عام سپاهي ڍڪيندا هئا.
سا هي به ڍڪيندا هئا، هاڻي سوال اهو آهي ته اڳي جا
سپاهي ڪهڙي قسم جي ڊريس ڍڪيندا هئا. ان جو جواب هي
آهي: اڳي هڪ سپاهيءَ کي مٿي تي ڪاري رنگ جي ڪُلاه
سان ڳاڙهو پٽڪو، بُت تي هڪ بشرٽ جهڙو گِڊلو، ٽنگن
۾ چَڍي يا نڪرس ۽ گوڏن تي پٽيون ويڙهيل هونديون
هيون. پيرن ۾ هميشه وڏو لانگ بوٽ هوندو هئس. اڳي
سپاهيءَ کي چنپل نه ڏيندا هئا. سپاهيءَ جي چيلهه
جي گرد هڪ چمڙي جو پٽو هوندو هو، جنهن تي سندس
نمبر اڪريل هوندو هو. سياري ۾ هر سپاهيءَ کي هڪ
وڏو ڪوٽ برانڊي ڏنو ويندو هو. اڄ واري لباس کان
اهو لباس وڌيڪ مهانگو، شانائتو ۽ سٺو هوندو هو.
جمعدار به اهڙو ئي لباس ڍڪيندا هئا. وڏا آفيسر، انسپيڪٽر يا سب
انسپيڪٽر عموماً خاڪي پينٽ ۽ هئٽ يا خاڪي نڪرس ۽
هئٽ پائيندا هئا. اڳي هڪ صوبيدار يا سب انسپيڪٽر
کي تلوار به ڏني ويندي هئي؛ جا اگرچه سونهن لاءِ
هوندي هئي، پر ڏاڍي پئي ٺهندي هئي. صوبيدار کي هڪ
پستول به ڏنو ويندو هو. حيدرآباد جو هڪ آزمودگار
پوليس آفيسر آغار ڪرم علي شاهه جڏهن خاڪي پينٽ،
هئٽ ۽ تلوار پائي، ڊيوٽيءَ تي ويندو هو، تڏهن اهڙو
ٺهندو هو جو ماڻهو کيس فقط هڪ نظر ڏسڻ لاءِ حيران
هوندا هئا. هو ڳچ وقت لاءِ فقير جي پڙ جو سينئر
پوليس آفيس ٿي رهيو هو.
جيسين هن شهر جو تعلق آهي، ته ائين ٿو معلوم ٿئي ته اڳي جتي هڪ
پوليس ٿاڻو يا چونڪي هئي، اتي ڀر ۾ ئي هڪ چنگي يا
ناڪو به هوندو هو، حالانڪه پوءِ ڪي ناڪا ويران به
ٿي ويا هئا، تاهم هن صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾
هيٺيان ناڪا هوندا هئا:
(1) راجا واري گاڏيءَ جو نالو. هيءُ ناڪو اسٽيشن جي ڀر ۾، پوليس
چونڪيءَ وٽ هڪ چنگي ناڪو هو، جو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽
مشهور هوندو هو.
(2) گڊس ناڪو. هيءُ به اسٽيشن واريءَ ايراضيءَ ۾، پڪي قلعي جي
پُٺ کان هوندو هو.
(3) تلاءُ نمبر ٽيون ناڪو. هيءُ گرونگر جي سامهون هڪ وڏو ناڪو
هو، جو هاڻي ويران آهي.
(4) ٽنڊي يوسف وارو ناڪو. هيءُ ٽنڊي يوسف واري ڦاٽڪ جي اڳ کان
هڪ وڏو ۽ مشهور ناڪو هو، جو اڃا تائين ٻئي هنڌ تي
قائم آهي.
(5) اڇي موريءَ وارو ناڪو. هيءُ ڦليلي جي ڪپ تي، اڇي موريءَ وٽ
آهي.
(6) ڪاري موريءَ وارو ناڪو. هيءُ وري ڪاري موريءُ وٽ نهر جي ڪپر
تي آهي.
(7) دواٻي وارو ناڪو. هيءُ مشهور ناڪو اڳي حيدرآباد جي سول
اسپتال جي ڀرسان هو، هاڻي ان کي ڪنهن ٻئي هنڌ
منتقل ڪيو ويو آهي.
هڪ ٻيو ناڪو به هو، جو هاڻي ويران آهي. اهو شهر جي وڏي پوسٽ
آفيس جي بلڪل سامهون هوندو هو. هاڻي ان هنڌ تي
ريڊيو اسٽيشن آهي.
هاڻي هن شهر جي چنگي ناڪن ۾ به خاصو اضافو اچي ويو آهي. جيئن
شهر وڌندو ٿو وڃي، تيئن نون نون هنڌن تي چنگيءَ جي
ضرورت پوندي ٿي وڃي. انهن سان منهنجو واسطو ڪونهي،
باقي جيسين پراڻن ناڪن جو تعلق آهي، ته سواءِ هڪ _
ٻن ناڪن جي، ٻيا سڀ اڃا تائين ڪم ۾ ايندا رهن ٿا.
حيدرآباد شهر ۾ ميونسپالٽيءَ جي طرفان چند اسپتالون، مسافرخانا
۽ اهڙيون ڪي ٻيون عوام جي فائدي ۾ ايندڙ جايون به
قائم هيون، انهن مان ڪي اڃا تائين قائم آهن ۽ ڪن
جو وجود ختم آهي. مثلا تارا چند واري اسپتال، شهر
جي اڀرندي طرف ۽ ڊاڪٽر لڳيءَ جي ميونسپل اسپتال،
شهر جي الهندي طرف اڃا تائين ڪم ڪري رهيون آهن.
حيدرآباد جي ميونسپالٽيءَ جو قائم ڪيل، فقير جي پڙ
وارو مشهور آبرويدڪ دواخانو هاڻي بند آهي. ساڳيءَ
طرح ڀائي وسيامل جو ٺهرايل مسافر طانو (اسٽيشن لڳ)
به هاڻي بند آهي، اتي ڪو اسڪول ڪيو ويو آهي.
مارڪيٽ وارو اسپتال جي مريضن جي مائٽن وارو
مسافرخانو پڻ ختم ڪيو ويو آهي. گاهه مارڪيٽ وٽ،
ميونسپالٽيءَ جو بيل خانو هاڻي هميشه لاءِ ختم ڪيو
ويو آهي.
حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جون، اڳي ٻن هنڌن تي باهه وسائڻ جون
جايون هيون. وڏي جاءِ فقير جي پڙ وٽ، بصر _ ڀاڄيءَ
جي پڙيءَ وٽ هئي. اگرچه هن جاءِ تي پراڻي طرز جي
پمپ واري باهه وسائڻ جي مشين رکيل هئي، تاهم اڳ
کان هڪ وڏي ۽ اوچي لوهي ٿنڀ ۾ لڳل هڪ شاهي گهنڊ
هوندو هو. باهه جي لڳڻ جي صورت ۾، اول اهو گهنڊ
وڄايو ويندو هو ۽ ان سان گڏ مشين کي تيار ڪري، ان
طرف ڏي موڪليو ويندو هو؛ تا ته باهه وسائي وڃائي.
بعد ۾ سال 1920ع کان پوءِ، شهر ۾ باهه لڳڻ جي صورت
۾ گُهگهو (سائرن) وڄايو ويندو هو، ليڪن پوءِ به
هيءُ شاهي گهنڊ ضرور وڄائيندا هئا. اسين پنهنجي
جاءِ جي کُڏ تان بيهي ڏسندا هئاسين ته اهو لوهي
ٿنڀ ۽ ان جي مٿان لڳل پِتل جو شاهي گهنڊ ڏسڻ ۾
ايندا هئا. گهڻو پوءِ ان گهنڊ کي لاٿو ويو هو.
حيدرآباد ۾ هڪ ٻي به اهڙي جاءِ هئي، جنهن کي باهه وسائڻ جي جاءِ
ڪري چوندا هئا. اها مارڪيٽ جي ٽاور جي ڀر ۾ هوندي
هئي. هتي هڪ گئريج جهڙي دڪان ۾ باهه وسائڻ جي موٽر
بيٺل هوندي هئي. هن موٽر جي اها خاصيت هئي، جو هن
جي هلڻ ڪري پاڻي خود بخود نلڪن ۾ چڙهندو هو، جتان
پوءِ باهه وسائي ويندي هئي. شايد هاڻي اتي هڪ جي
بجاءِ ٻه کن موٽرون آهن. حيدرآباد جي ميونسپالٽيءَ
جي آفيس ساڳئي هنڌ، يعني سٽي پوليس ٿاڻي وٽ هئي.
ٻيون آفيسون هن طرح جون هيون:
هڪ وڏي ڪورٽ، يعني سيشن ڪورٽ. هڪ فوجداري ۽ ٻي ديواني ڪورٽ. ٻين
لفظن ۾ هڪ مئجسٽريٽ جي ڪرمنل ڪورٽ ۽ ٻي سول ڪورٽ.
ڪليڪلٽر، ڊپٽي ڪليڪٽر، مختيار ڪار، هڪ سٽي
مختيارڪار، هڪ ڪورٽ آف وارڊس ۽ انڪمبرڊ اسٽيٽس
ڪورٽ (جنهن کي اڻ پڙهيل ماڻهو کٽل کاتو چوندا
هئا). لئنڊ رڪارڊ آفيس، سٽي سروي آفيس ۽ ايس _
پيءَ جي آفيس وغيره وغيره.
جيسين هن شهر جي عبادت گاهن، يعني مسجدن ۽ مندرن جو تعلق آهي،
ته هڪ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته حيدرآباد ۾ تڏهن
مسجدون ته کوڙ هيون، پر جنهن کي مندر چوندا آهن،
اهي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا، باقي ٽڪاڻا قدري هوندا هئا.
منهنجيءَ راءِ ۾ مندر جو اکر بعد ۾ ٻاهران ڪٿي آيو
آهي. سنڌ جي هندو شاعرن به ٻيا ته اهڙا ڪيترا لفظ
ڪم آندا آهن، مثلا: مڙهي يا ڏيوِ، وڌ ۾ وڌ ته
ٽڪاڻو. دلپت چيو آهي: ”مڙهي ۽ مسجد ۾ روشن هڪ
ڏيو.“ بهرحال مان هن موضوع تي ڪو اٿارٽي نه آهيان،
ليڪن هن شهر ۾ اڳي هندن جون جي پوتر جايون هيون،
انهن جا نالا هي آهن:
(1) ڀائي اِيسرداس جو بازار وارو مشهور ٽڪاڻو. (2) سري گهاٽ
وارو ٻائي گرپت جو ٽڪاڻو (3) قلعي دروازي وارو
ٽهلرام وارو ٽڪاڻو. (4) شاهي بازار، جمن شاهه جي
پڙ ۾ ”سوائيءَ“ جو ٽڪاڻو. (5) گرونگر واري مشهور
درٻار. (6) ٻائي پهلاج جي درٻار وغيره.
جڏهن حيدرآباد ۾ هندستان جي مختلف علائقن مان هندو ماڻهو ڪثرت
سان اچڻ لڳا هئا، تڏهن هتي جي هندن انهن کي شهر
کان ٻاهر ڦليليءَ طرف ۽ قلعي جي پٺ ڏانهن شوالا ۽
مندر ٺهرائي ڏنا هئا. اهڙا مندر ته ڪافي هئا، ليڪن
انهن جا پوڄاري غير سنڌي هندو هوندا هئا. ڦليليءَ
جي ڪپ تي ”لڇمي نارائڻ جو مندر“ قلعي جي پٺ طرف
راڻي باغ ۾ شوالو يا ٽنڊي طيب ۾ شوالو، اهي ئي
ماڻهو سنڀاليندا هئا، جي غير سنڌي هندو هئا.
انگريزن واري دؤر ۾ هندستان جي علاقي يو پي،
راجسٿان، بمبئي وغيره مان، هندن جو ڪافي تعداد آيو
هو. منهنجي خيال ۾ مندرن جو ڪلت هتي انهن آندو هو.
حيدرآباد جي قديم مسجدن ۾ هيٺيون مسجدون اهم سمجهيون وڃن ٿيون:
(1) مير ڪرم علي خان واري مسجد، شاهي بازار سٿرين جي گهٽي. (2)
مائي خيريءَ جي مسجد، فقير جو پڙ. (39 مسجد مائي
شهربانو، ڀائي خان جي چاڙهيءَ جي مٿان. (4) مسجد
گل جان، ٻن قبرن ويجهو. (5) قديم مسجد، شاهه مڪي،
ڪچو قلعو. هي سڀ پراڻيون مسجدون آهن. جيڪي بعد ۾
انگريزن جي دؤر ۾ ٺهيون تن ۾ هيٺيون مشهور مسجدون
آهن:
جامع مسجد صدر، سلاوٽ مسجد مارڪيٽ، پنورهن جي مسجد ٽنڊو ولي
محمد، جاڙي مسجد شاهي بازار، زوار حسين شاهه مسجد
ٽنڊو آغا، کٽين جي مسجد گرونگر وٽ، نعلبندن واري
مسجد پڪو قلعو، لوهارن جي مسجد ڏتل شاهه چاڙهي،
تيورن جي مسجد لونگ بازار، واڍن جي مسجد واڍن جو
پڙ، مسجد سيد محمد شاهه قاضي صالح گهٽي، گنج بخش
واري مسجد فقير جو پڙ، گنج بخش جي گهٽي، نهاين جي
پڙ واريون ٻه مسجدون، کاهي روڊ تي ٻه مسجدون، ڇٽن
شاهه جي مسجد، ميمڻن جي مسجد، مسجد پير سخي، مسجد
شاهه عبدالوهاب، مسجد سيٺ حافظ نهال شاهه جو پڙ
وغيره وغيره.
انهن مسجدن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون مسجدون آهن، سڀ نالا ڏيئي
نٿا سگهجن. تاهم هي اهي مسجدون آهن، جي پاڪستان جي
ٺهڻ کان اڳ جون آهن، يعني تڏهن جون آهن، جڏهن جو
احوال لکي رهيو آهيان. قيام پاڪستان کان پوءِ هن
شهر ۾ ايتريون ته گهڻيون مسجدون ٺهيون آهن جو انهن
جا نالا يا انهن جي ڳڻپ هڪ ڪٺن ڪم آهي. اسان جو
مقصد فقط انگريزن واري زماني جي وڏين مسجدن سان
آهي. |