سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1981ع (3)

 

صفحو :18

داد محمد ”خادم“ بروهي

 

سبيءَ جي سنڌي ۽ سندس اهميت

 

        واديء مهراڻ جي پياري سنڌي زبان پنهنجي مٺاس ۽ خوبين سبب ملڪ جي مختلف زبانن مٿان اثر انداز ٿئي ٿي ۽ ڪيتريون ئي قومون ۽ انهن جون ٻوليون پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ هن مٺڙيءَ ٻولي کي قبول ڪن ٿيون، جنهن سبب انهن قومن ۽ زبانن ۾ هي ٻولي اهڙي ته جذب ٿي وڃي ٿي جو هن پياري ٻولي کي پنهنجي مٺڙي ۽ مادري زبان طور قبول ڪري هن ٻولي جا لفظ استعمال ڪرڻ ۾ ذري برابر به هٻڪ محسوس ڪونه ٿا ڪن. پر ڪٿي ڪٿي ته هي ٻولي پنهنجو رنگ بدلائي ٿي ڇڏي پر سندس اصليت ۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي ۽ جيڪڏهن فرق آهي ته اِهو ٻين علائقن جي مختلف ٻولين جو رنگ ۽ اثر آهي جيڪو هن ٻولي مٿان ظاهر ٿئي ٿو. اها حقيقت آهي ته هر ڏهن ڪوهن کان پوءِ هر ٻوليءَ ۾ ٿورو فرق هوندو آهي انهي ڪري اسان جي پياري سنڌي ٻولي کي مختلف علائقن ۾ مختلف روپن اندر مختلف طريقن سان ڳالهيو وڃي ٿو، جنهن سبب هر علائقي جا پنهنجا پنهنجا لهجا ۽ محاورا آهن.

سبيءَ جو علائقو سنڌ جي اترئين سرحدي شهر جيڪب آباد کان اٽڪل سؤ ميلن کان به وڌيڪ مفاصلي تي واقع آهي، ۽ هن علائقي ۾ بيل پَٽ، گندا واهه، ڀاڳ، هرنائي، نورالائي، ڍاڍر، تلي، ڪڇي، مري ۽ بگٽي، علائقا اچي وڃن ٿا، جتي بروهي، بلوچي، پشتو ۽ سرائڪي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر عام طور هنن علائقن جي ماڻهن جي زبان تي سنڌي ٻوليءَ جو اثر خود هنن جي پنهنجين ٻولين کان وڌي آهي، ايتريقدر جو سنڌ جي سرحد کان سؤ ميلن کان به وڌيڪ مفاصلي هئڻ جي باوجود هن علائقي جي اڪثريت عام طور سنڌي ٻولي ڳالهائي ٿي پر سندن لهجن ۽ محاورن مان هن ٻولي جي اصلي صورت ۾ بگڙيل نظر ايندي. مثال طور جيڪڏهن ٿر يا لاڙ علائقي جو ڪو ماڻهو هن علائقي ۾ ايندو ته هو چڱي طرح سان هنن جي سنڌي ٻوليءَ کي سمجهي ڪونه سگهندو، بلڪ هو ڳالهائيندڙن مٿان شايد کلي ڏيندو يا ڀوڳ سمجهي مٿن ناراض ٿيندو، پر حقيقت ۾ هن علائقي جا سڀئي ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ئي ائين ٿا، جنهن ۾ هنن جا لهجا ۽ محاورا سنڌ جي ڪنهن به ماڻهو کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪونه ايندا ۽ هن علائقي جا لهجا ۽ محاورا هتان جي ماڻهن جي زبان تي اهڙي طرح چڙهي ويا آهن جو هي ڪيتري به ڪوشش ڪن تڏهن به هي لهجا بدلائي ڪونه سگهندا، پر جيڪڏهن سبي جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڏهن سلان تائين به سنڌ جي سرحدي علائقي يا خود سنڌ جي وچ تي رهائبو تڏهن به منهنجي خيال ۾ هن جو هي لهجو ختم ڪونه ٿي سگهندو.

بلوچستان جي ٻين سرحد وارن علائقن جهڙوڪ مانجهي پور، سئي گيس، جهٽ پٽ، گندانه، جهل مگسي يا لس ٻيلي جهڙن علائقن ۾ به سنڌي ٻولي عام طور ڳالهائي وڃي ٿي پر انهن ۽ سبي وارن علائقن جي سنڌي ٻولي ۾ گهڻو فرق آهي، پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته بيل پٽ شهر کان پوءِ هن ٻوليءَ تي سبيءَ جي علائقي جو اثر شروع ٿئي ٿو، جيڪو سبي کان پنجاهه ميل اڃا به اڳتي مچ شهر تائين هن ٻولي تي پنهنجو اثر رکي ٿي ۽ ان کان پوءِ اڳتي خود سنڌي ٻولي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ بروهي بلوچي ۽ پشتو ٻوليون ڳالهائجن ٿيون. مچ جو شهر جيڪب آباد کان 150 ميل پري اولهه ۾ ۽ ڪوئٽه کان 50 ميل اورتي اوڀر ۾ واقع آهي.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سنڌي ٻولي مختلف لهجن ۽ طريقن سان ڳالهائي وڃي ٿي. جنهن ڪري هي انهن علائقن جي نالن سان سڏي وڃي ٿي، جهڙي طرح سنڌ جي لاڙ ۾ هن کي لاڙي ٻولي، وچ ۾ وچولي، ٿر ۾ ٿري، اولهه ۾ ڪوهستاني، ڏکڻ ۾ ڏاکڻي ۽ اتر ۾ اتراڌي ٻولي جي نالي سان مشهور آهي. اهڙي طرح سبي واري علائقي جي هن ٻولي کي وري ”فراڪي“ ٻولي سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته هن علائقي ۾ بروهي، بلوچي، پشتو ۽ سرائڪي ٻوليون به خاص طور ڳالهايون وڃن ٿيون، انهي ڪري هتان جي سنڌي ٻولي تي انهن ٻولين جو هي خاص اثر ايترو ڪونهي جو هي ٻولي پنهنجي اصليت وڃائي ڇڏي. منهنجي خيال ۾ هن ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جو ٽيهه سيڪڙو کان به وڌيڪ اثر آهي. هاڻي مان هن ٻولي جا ڪجهه مثال، جملا، لهجا ۽ محاورا پيش ڪندس.

1. لکندو: هي لفظ هن علائقي ۾ وڏي فرق سان ڳالهايو وڃي ٿو، يعني ”لکندو“ بدران ”لکنو“ استعمال ٿئي ٿو. جملي ۾ هيئن ٿيندو. ”اسلم سڄو ڏينهن لکنو آ“ يعني ”اسلم سڄو ڏينهن لکندو آهي.“ اهڙي طرح هت ”لکندو“ جو ”د“ گم ڪري ”لکنو“ ڳالهايو وڃي ٿو. اهڙي نموني جي ٻين لفظن ۾ ”ايندو“ بدران ”اينو“، گهمندو بدران ”گمنو“، سمهندو بدران ”سمهنو“، ڀڄندو بدران ”ڀڄنو“، ڪرندو بدران ”ڪرنو“، وڙهندو بدران ”وڙهنو“، اٿندو بدران ”اٿنو“ ۽ لٽيندو بدران ”لٽينو“ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ڪجهه ٻيا لفظ به آهن جن جو ”د“ ۽ ڪجهه ٻيا اکر گم ڪيا وڃن ٿا. مثال طور پيئندو بدران ”پينو“ استعمال ٿئي ٿو، يعني هن لفظ ۾ ”د“ ۽ ”ء“ ٻئي ختم ڪيا وڃن ٿا. اهڙي طرح جيئندو بدران ”جينو“ يا ”جيندو“ ڪم آڻجي ٿو. ان کان سواءِ رئندو بدران ”روئينو“ ۽ کائيندو بدران ”کائينو“ ۽ ڳالهائيندو بدران ”ڳالهائينو“ استعمال ٿئي ٿو. هت ”روئندو“ جي ”د“ ڪٽي ”و“ ۽ ”ي“ وڌيڪ ڏيئي ڳالهايو وڃي ٿو ۽ جمع لاءِ ”پڙهندا“ بدران ”پڙهنا“ ۽ مونث ۾ ”پڙهني“ استعمال ڪجي ٿو. جملي ۾ هي لفظ هن طرح استعمال ٿيندا آهن: ”اسلم، تون شربت پينو آن“ يعني ”اسلم، تون شربت پيئندو آهين“ ۽ مونث لاءِ پيئندي بدران ”پيني“، کائيندي بدران ”کائيني“ ۽ کلندي بدران ”کلني“ وغيره استعمال ڪيو وڃي ٿو.

2. هئڻ يا هوس: هن علائقي ۾ هي لفظ به فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا. هت ”هوس“ بدران ”هَم“ يا ”هس“ استعمال ٿئي ٿو، يعني ”و“ گم ڪيو وڃي ٿو ۽ ”س“ جي جاءِ تي ”م“ به ڪٿي ڪٿي ڏنو وڃي ٿو. اهڙي قسم جي ڪجهه ٻين لفظن ۾ کائيندس بدران ”کائيندم“ ۽ ايندس بدران ”ايندم“ استعمال ٿئي ٿو.

3. وڃڻ _ اچڻ: هي لفظ به جدا نموني سان استعمال ڪجن ٿا. مثال طور ”وڃجو“ لاءِ ”وينجو “ ۽ ”اچجو“ لاءِ ”اينجو“ استعمال ڪجي ٿو.

4. ڪڏهن _ جڏهن _ تڏهن: هنن لفظن ۾ به فرق آهي. هت ”ڪڏهن“ لاءِ ”ڪڏين“، جڏهن لاءِ ”جڏين“ ۽ تڏهن لاءِ ”تڏين“ استعمال ٿئي ٿو، يعني ”هه“ ڪڍي ”ي“ ڏجي ٿو.

5. جهڙو _ تهڙو _ ڪهڙو _ اهڙو: هنن لفظن ۾ به وڏو فرق آهي. هت جهڙو لاءِ ”جيڙو“، تهڙو لاءِ ”تيڙو“، ڪهڙو لاءِ ”ڪيڙو“، اهڙو لاءِ ايڙو، استعمال ڪجي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو لاءِ ”ايجهو“ ۽ ڪهڙو لاءِ ”ڪيجهو“ به ڪم اچي ٿو، يعني هت جهڙو جي ”هه“ جي جاءِ تي ”ي“ ڏنو وڃي ٿو. هنن لفظن تي سرائڪي ٻوليءَ جو اثر آهي، يعني سرائڪي ۾ ڪهڙو لاءِ ”ڪيڙها“ ۽ جهڙو لاءِ ”جيڙها“ لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا.

6. ۽_ مان_ کان _ مٿان _ هتان _ اتان _ اڳيان _ پويان ۽ هائو: هي لفظ به وڏي فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا، يعني ”۽“ بدران هت ”آئون“، ”مان“ بدران ”مئون“، ”کان“ بدران ”کئون“، ”مٿان“ بدران ”مَٿئون“، ”هيٺان“ بدران ”هيٺئون، ”اتان“ بدران ” اتئون“، ”هِتان“ بدران ”هِتئون“، ”اڳيان“ بدران ”اڳيئون“، پويان بدران ”پويئون“ ۽ ”هائو“ بدران ”هئو“ استعمال ٿئي ٿو، يعني ”الف“ گم ڪري ان بدران ”ء“ ۽ ”و“ ڏيئي ڳالهايو وڃي ٿو. جملي ۾ هيئن ڳالهائبو: ”هئو انور، ماکي اسلم جي اڳيئون پٿر کڻي هنيئين“ يعني ”هائو، انور مون کي اسلم جي اڳيان پٿر کڻي هنيائين.“ هت ”هائو“ بدران ”هَئو“، ”مون کي“ بدران ”ماکي“، ”اڳيان“ بدران”اڳيئون“ ۽ ”هنيائين“بدران ”هنيئين“ ڪم آندو ويو آهي.

ٻيو جملو آهي: ”هَئو، انور اسلم کي هروز مارينوهس“ يعني ”هائو، انور کي اسلم کي روزانو ماريندو هيو.“ هت ”هر روز“ بدران ”هروز“، ”هوس“ بدران ”هَس“ ۽ ”ماريندو“ بدران ”مارينو“ استعمال ڪيل آهي.

ٽيون جملو آهي: ”اسلم هروز سڪول وڃي ڇڙو گهمنو هَئي.“ هت ”هر روز“ بدران ”هروز“، ” اسڪول“ بدران ”سڪول“، ”رڳو“ بدران ”ڇڙو“ ۽ ”گهمندو“ بدران ”گهمنو“ استعمال ڪيل آهي، يعني سموري جملي جي معنيٰ آهي ”اسلم هر روز اسڪول وڃي رڳو گهمندو آهي.“

7.  اُنهيءَ _ هِن_ اُن: هي لفظ هت وڏي فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا، يعني هت ”انهيءَ کي“ بدران ”اُڻين کي“، ”هِن“ بدران ”هِڻ“ ۽ ”ان“ بدران ”اُڻ“ استعمال ٿئي ٿو، يعني ”انهيءَ“ واري لفظ ۾ اکر ”هه“ ختم ڪري ”ن“ بدران ”ڻ“ ڏيئي، آخر ۾ به ”ن“ ڏنو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح سان ”هِن“ جو ”ن“ ڪٽي ”ڻ“ ۽ ”ان“ جو به ”ن“ ڪٽي ”ڻ“ ڏنو وڃي ٿو. مطلب ته هت ”ن“ جي جاءِ تي گهڻو ڪري ”ڻ“ ڪم آڻجي ٿو.

8. کيس _ سندس _ هينئر: هي لفظ ته هت بلڪل آهن ئي ڪونه، انهن بدران ٻيا لفظ ڪم آڻجن ٿا. مثال طور ”کيس“ بدران ”اڻين کي“ يعني ”انهيءَ کي“. ”سندس“ بدران ”اڻين جو“ يعني ”انهيءَ جو“ ۽ ”هينئر“ بدران ”هاڻي“ يا ”هُڻ“ استعمال ڪجي ٿو.

9. مون کي _ مون_ مون کان ۽ آءٌ: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهائجن ٿا، يعني هت ”مون کي“ بدران ”ماکي“، ”مون“ بدران ”مان“، ”مون کان“ بدران ”ما کان“ يا ”ماکئون“ ۽ ”آءٌ“ بدران ”مان“ ئي ڪم آڻجي ٿو. مثال طور جملي ۾ هيئن ٿيندو: ”ماکي ڪيڙي کبر جو مان رهجي وينو هان.“ معنيٰ ”مون کي ڪهڙي خبر جو مان رهجي ويندس.“ هت ”مون کي“ بدران ”ما کي“، ”ڪهڙي“ بدران ”ڪيڙي“، ”آءٌ“ بدران ”مان“، ”خبر“ بدران ”کبر“ ۽ ”ويندس“ بدران ”وينو هان“ استعمال ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح هو ”ويندو آهيان“ بدران به ”وينو هان“ استعمال ڪن ٿا.

10. هيڏانهن _ ڪيڏانهن _ جيڏانهن _ هوڏانهن: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا. مثال طور ”هيڏانهن“لاءِ ”هيڏي“، ”ڪيڏانهن“ لاءِ ”ڪيڏي“ يا ”ڪاڏي“، ”جيڏانهن“ لاءِ ”جيڏي“ يا ”جاڏي“ ۽ هوڏانهن لاءِ ”هوڏي“ استعمال ڪجي ٿو ۽ ”هيڏانهن“ جو ا_ن_هه_و ڪڍي صرف ”ي“ ڏجي ٿي. هنن لفظن ۾ ”ڪيڏانهن“ ۽ ”جيڏانهن“ وارن ٻنهي لفظن ۾ ”ڪيڏي“ ۽ ”جيڏي“ ٻئي لفظ سرائڪي ٻوليءَ جا ورتا ويا آهن، يعني هنن لفظن تي سرائڪي ٻوليءَ جو رنگ چڙهيل آهي.

11. آهين _ آهيان _ آهي _ آهن: هي لفظ به هت فرق سان استعمال ڪجن ٿا. مثال طور ”آهين“ بدران هت ”آن“، ”آهيان“ بدران هت ”هان“، ”آهي“ بدران ”هَئي“ ۽ ” آهن“ بدران هت ”هن“ طور ڪم آڻجي ٿو. جملي ۾ هينئن ٿيندو: ”انور سڪول وَئو هَئي.“ يعني ”انور اسڪول ويو آهي.“ هت ”اسڪول“ بدران ”سڪول“، ويو بدران ”وئو“ ۽ آهي بدران ”هَئي“ استعمال ٿيل آهي.

ٻيو جملو آهي: ”تون مسيت ويني هان؟“ معنيٰ ”تون مسجد ويندي آهين؟“ هت ”مسجد“ کي ”مسيت“، ”ويندي “ کي ”ويني“ ۽ آهين کي ”آن“ طور استعمال ڪيو ويو آهي.

12. جيستائين _ هيستائين _ ڪيستائين _ اوستائين تائين ۽ جيتوڻيڪ: هي لفظ به فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا. مثال طور ”جيستائين“بدران ”جيستوئين“ يا ”جيستوڻي“،”هيستائين“ بدران ”هيستوئين“ يا ”هيستوڻي“، ”ڪيستائين“ بدران       ”ڪيستوئين“ يا ”ڪيستوڻي“، ”اوستائين“ بدران ”اوسيتوئين “ يا ”اوستوڻي“، ”تائين“ بدران ”توئين“، ”توئي“، ”توڻي“ يا ”توڻين“، ”جيڪڏهن“ بدران ”جيڪر“، ”جيتوڻيڪ“ بدران         ”توڙي“، ”توڻي“ ۽ ”توڻين“ استعمال ڪجي ٿو. هنن لفظن جي پوئين ”ئين“ بدران ”ڻين“ يا ”ڻي“ استعمال ڪجي ٿو.

13. موڪل _ موڪلڻ _ وڪڻڻ: هي لفظ هت تمام وڏي فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا. مثال طور هت ”موڪل“ بدران ”منج“، ”موڪلڻ، بدران ”منجڻ“ ۽ ”مولڪجڻ“ بدران ”منججڻ“ ڪم آڻجي ٿو ۽ ”وڪڻڻ“ بدران ”ويچڻ“ ڪم اچي ٿو. ڪڏهن وري ”موڪلڻ“ بدراڻ ”نِيَڻ“ به ڪم اچي ٿو. هي لفظ به سرائڪي جا آهن، جيڪي گهڻو ڪري سبي واري علائقي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ به استعمال ڪيا وڃن ٿا. جملي ۾ هينئن ٿيندو: ”ڪاٺيون گڏي گهر منج“. يعني ”ڪاٺيون ڪپي گهر موڪل“. هت هنن ”موڪلڻ“ لاءِ ”منجڻ“ ۽ ”ڪپڻ “ لاءِ ”گڏڻ“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. هي لفظ بلوچي ۽ بروهي زبانن جو آهي، جيڪو هت سنڌي ٻوليءَ ۾ پوريءَ طرح سان جذب ٿي ويو آهي ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي استعمال ڪيو وڃي ٿو.

14. جتي _ ڪٿي _ هتي: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا، يعني هت ”جتي“ لاءِ ”جاٿي“ يا ”جاتي“، ”ڪٿي “، لاءِ ”ڪاٿي“ ۽ ”هتي“ لاءِ ”هتڙي“ ڪم آڻجي ٿو. پهرين ٻن لفظن جي پهرين اکر کان پوءِ ”الف“ ڏيئي ”ت“ بدران ”ٿ“ ڏنو وڃي ٿو ۽ پوئين لفظ جي ”ت“ ۽ ”ي“ جي وچ تي ”ڙ“ ڏيئي ”هتڙي“ ڪري ڪم آڻجي ٿو.

15. سو به _ جو به _ ڪو به: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا، يعني هت ”سو به“ لاءِ ”سوئي ڀي“ يا ”اوهوئي ڀي“، ”جوبه“ لاءِ ”جوئي ڀي“ يا ”جيڪو ڀي“ ۽ ”ڪوبه“ لاءِ هت ”ڪوئي ڀي“ يا ”ڪير ڀي“ استعمال ڪجي ٿو ۽ ”اهڙو به“ لاءِ ”ايجهوڀي“ ۽ ”ڪهڙو به“ لاءِ ”ڪيجهوئي، ڪم آڻجي ٿو هت ”ڪيجهو“ ۽ ”اِيجهو“ ٻئي لفظ سرائڪي ٻوليءَ جا آهن ۽ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا.

16. اُٿڻ _ هلڻ: هي لفظ به فرق سان ڳالهائجن ٿا، يعني هت ”هلڻ“ بدران ”ڄلڻ“ ۽ ”اٿڻ“ بدران ”اُٺڻ“ استعمال ڪجي ٿو. هي لفظ به سرائڪي ٻوليءَ جا آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن گاڏيءَ جي هلڻ لاءِ ڪجهه چوڻو هوندن ته هو ”چلڻ“ يا ”چلدي“ استعمال ڪندا. جملي ۾ هيئن ٿيندو: ”گاڏي چلدي ڇو ناهي؟“ يعني ”گاڏي ڇو ڪونه ٿي هلي؟“ ٻيو جملو: ”تون ڄُل، مان اينوهان“ يعني ”تون هل، مان اچان ٿو.“ هت ”هل“ بدران ”ڄل“ استعمال ڪيل آهي ۽ ”اٿ“ لاءِ هت ”اُٺي“ استعمال ڪندا آهن. هي لفظ به سرائڪي ٻوليءَ جا آهن.

17. اِهو _ اُهو: هي لفظ به فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا، يعني ”اِهو“ بدران ”اِيهو“ ۽ ”اُهو“ بدران ”اُوهو“ ڪم آڻجي ٿو. جملي ۾ هينئن ٿيندو: ”اِيهو گِدرو کاشو آ“ يعني ”اهو سٺو گدرو آهي.“ هت ”اِهو“ جي جاءِ تي ”اِيهو“، ”سٺو“ جي جاءِ تي ”کاشو“ ۽ ”آهي“ بدران ”آ“ استعمال ڪيو آهي.

ٻيو جملو آهي: ”اهو ڪاڏي ڀرڪنو پئو آ“ يعني ”اهو ڪيڏانهن ڦري رهيو آهي.“ هت ”اهو“ بدران ”اوهو“، ”ڪيڏانهن“ بدران ”ڪاڏي“،    ”ڦرندو“ بدران ”ڀِرڪنو“، ”پيو“ بدران ”پئو“ ۽ ”آهي“ بدران    ”آ“ استعمال ڪيل آهي. يعني هن جملي جا پنج ئي لفظ سبي واريءَ سنڌيءَ جا استعمال ڪيل آهن.

ٽيون جملو آهي: .اِيهو ريئو ماکي ڏي ته ڌونئرو وٺنو هان“ معنيٰ ”اهو رپيو مون کي ڏي ته ڌونئرو وٺندس.“ هت ”اِهو“ لاءِ ”اِيهو“ ”رپيو“ لاءِ ”رُپَئو“، ”مون کي“ بدران ”ماکي“، ”لسي“ بدران ”ڌونئرو“ ۽ ”وٺندس“ بدران ”آندس“ استعمال ڪيل آهي.

”آڻ خير وٺي آندس“ يعني ”هُن آخر وٺي آيس“، هت ”هُن“ بدران ”اُڻ“ ”آخر“ بدران ”آخير“ ۽ ”آيس“ بدران ”  آندس“ استعمال ڪيل آهي.

پنجون جملو آهي: ”رات سِيوي تي ٿيو هَم“. يعني ”رات سبي ۾ رهيو هوس.“ هت ”۾“ بدران ”تي“، ”رهيو“ بدران ”ٿِيو“، ”هيس“     بدران ”هم“ ڪم آندل آهي. اهڙيءَ طرح هي ”وَيو هُيس“ کي ”وَئو هَم“ طور استعمال ڪندا آهن.

18. جيڪر، جيڪڏهن: هي لفظ به فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا. هت ”جيڪر“ بدران ”جي“ يا ”جو“ ۽ ”جيڪڏهن“ ته هت بلڪل آهي ئي ڪونه. اِن لاءِ به هت ”جيڪر“، ”جو“ يا ”جي“ ڪم آڻجي ٿو. جملي ۾ هيئن ٿيندو: ”جي تون ڪلٿون اينو هَئين“ يعني ”جيڪڏهن تون ٽيون ڏينهن اچين ها.“ معنيٰ هت ”جيڪڏهن“ بدران ”جي“، ”ٽيون ڏينهن“ بدران ”ڪلٿون“ ۽ ”اچين ها“ بدران ”اينو هئين“ ڪم آندو آهي.

19. وت، وتو: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهائجن ٿا، يعني هت ”ت“ جي جاءِ تي ”د“ ڏنو وڃي ٿو. مثال طور جملي ۾ هيئن ٿيندو: ”سارو ڏينهن رلنو ودو هان“ معنيٰ ”سڄو ڏينهن رلندو وتو آهي“، يعني ”رلندو“ بدران ”رلنو “، ”وتو“ بدران ”وَدو“، ”آهين“  بدران ”هان“ استعمال ڪيل آهي. هي لفظ يعني ”وَدو“ به سرائڪي جو آهي ۽ هن سرائڪي واري لهجي مطابق هت ”وري“ لاءِ ”وَت“ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

20. تنهنجو، منهنجو، ڪنهن جو، پنهنجو: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا. هت ”پنهنجو“ کي ”پانجو“، ”منهنجو“ کي ”منجو“، ”ڪنهن جو“ کي ”ڪينجو“ ۽ ”تنهنجو“ کي ”تنجو“ طور استعمال ڪن ٿا، يعني هت ”پنهنجو“ لاءِ ”پانجو“ معنيٰ ته ”هه“ ۽ ”ن“ ٻئي گم ڪري پهرين اکر کان پوءِ ”الف“ ڏيئي ڳالهايو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ”منهنجو“ لاءِ ”مانجو“ استعمال ٿئي ٿو. پر ”ڪنهن جو“ لاءِ وري ”ڪينجو“ استعمال ٿئي ٿو، يعني ”ن“ ۽ ”هه“ گم ڪري ”ي“ ڏيئي ڳالهايو وڃي ٿو ۽ ”تنهنجو“ لاءِ به ”هه“ ۽ ”ن“ گم ڪري ڳالهايو وڃي ٿو.

جملي ۾ آهي: ”تنجو گڏون ڪاٿي آ“، يعني ”تنهنجو لوٽو ڪٿي آهي،“ يعني هت ”تنهنجو“ لاءِ ”تنجو“ ”لوٽي“ لاءِ ”گڏون“، ”ڪٿي“ لاءِ ”  ڪاٿي“ ۽ ”آهي“ لاءِ ”آ“ ڪم آندو ويو آهي.

21. ڪيڏانهون، تيڏانهون، هيڏانهون، اوڏانهون، جيڏانهون: هي لفظ به هت فرق سان استعمال ڪجن ٿا. مثال طور هت ”ڪيڏانهن“ بدران ”ڪاڏئون “، ”تيڏانهون“ بدران ”تاڏئون“، ”هيڏانهون“ بدران ”هيڏئون“، ” اوڏنهون“ بدران ”اوڏائون“ ۽ ”جيڏانهون بدران ”جاڏئون“ استعمال ڪجي ٿو. يعني هت ”ڪيڏانهون جو“ ”ا_ن_ هه_ و _ ن“ بدران صرف ”ئون“ ڏنو وڃي ٿو ۽ ”ڪ“ کان پوءِ ”الف“ ڏيئي ”ڪاڏئون“ ڪجي ٿو. اهڙيءَ طرح ”تيڏانهون“ لاءِ ”تاڏئون“، ”هيڏانهون“ لاءِ ”هيڏئون“، ۽ ”اوڏانهون“ لاءِ ”اوڏئون“ ڪم آڻجي ٿو. يعني ”انهون“ بدران ”ئون“ ڏجي ٿو. جملي ۾ هيئن ٿيندو: ”جاڏئون وِيني هان تاڏئون اِيني ها“، يعني ”جيڏانهون ويندي آهيان تيڏانهن ايندي آهيان.“ معنيٰ هت ”جيڏانهون“ بدران ”جاڏئون“، ”ويندي“ بدران ”ويني“،      ”آهيان“ بدران ”هان“ استعمال ڪيل آهي ۽ ”تيڏانهون“ بدران تاڏئون ڪم آندل آهي.

22. جنهنکي، ڪنهنکي، تنهنکي: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهائجن ٿا. مثال طور هت ”جنهنکي“ بدران“ جينکي“، ”ڪنهنکي“ بدران ”ڪينکي“ ۽ ”تنهنکي“ بدران ”تينکي“ ڪم آڻجي ٿو، يعني هت ”جنهن کي“ جي کان پوءِ ”ن“ ۽ ”هه“ جي جاءِ تي ”ي“ ڏني وڃي ٿي. جملي ۾ هينئن ٿيندو: ”جينکي بال کپي تينکي ملنو“ معنيٰ ”جنهنکي بال کپي تنهن کي ملندو.“ هت ”جنهنکي“ بدران ”جينکي“، ”تنهنکي“ بدران       ”تينکي“ ۽ ”ملندو“ بدران ملنو“ استعمال ٿيل آهي.

23. اتم، اٿس: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهائجن ٿا، يعني هنن جو پهريون اکر ”الف“ استعمال ۾ ڪونه ٿو اچي. مثال طور ”اٿم“ بدران هت ”ٿم“ ”اٿس“ بدران ”ٿس“ استعمال ڪجي ٿو. جملي ۾ هينئن ٿيندو: ”مارينو ٿس“ معنيٰ ”ماريندو اٿس.“ اهڙيءَ طرح هت ”ڏنو ٿي مانس“ بدران ”ڏنو ٿمانس“، ”ڏيندو“ بدران ”ڏينو“ ۽ ”آهيانس“ بدران هانس“ ڪم آڻجي ٿو. ”کائيندو آهيان“ بدران ”کائينو هان“ استعمال ڪبو آهي.

24. ڳولهيو، کوليو: هي لفظ به هت فرق سان ڳالهائجن ٿا. مثال طور هت ”ڳولهيو“ بدران ”ڳولو “ يا ”ڦولو“ ۽ ”کوليو“ بدران ”کولو“ ڪم آڻجي ٿو.

25. ساڄو، کاٻو: هي لفظ به فرق سان ڳالهائجن ٿا، يعني ”ساڄو“ بدران ”سجو“ ”کاٻو“ بدران ”کٻو“ ڪم آڻجي ٿو.

26. وَيو، پِو، هُيو: هي لفظ به هت وڏي فرق سان ڳالهايا وڃن ٿا، مثال طور هت ”ويو“ بدران ”وَئو“، ”پَيو“ بدران ”پَئو“ ۽ ”هُيو“ بدران      ”هُئو“ استعمال ٿئي ٿو. يعني هنن لفظن جي پوئين ”ي“ ۽ ”و“ جي جاءِ تي ”ء“ ۽ ”و“ ڏيئي ”ئو“ استعمال ڪجي ٿو. جملي ۾ هينئن ٿيندو: ”اسلم پر سُنيو ٿي وئو هَئو“ يعني ”اسلم پرسال سڃيو ٿي ويو هيو“. هت ”سڃيو“ بدران ”سُنيو“، ”ويو“ بدران ”وئو“ ۽ ”هُيو“ بدران ”هَئو“ ڪم آندل آهي. ”اسلم هروز گهر وينو هَئو“ يعني ”اسلم هروز گهر ويندو هيو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com