حيدرآباد جي ماڻهن جي پوشاڪ بابت:
انگريزن واري دؤر ۾، هن شهر جا هندو ڪافي ترقي ڪري ويا هئا. هو
بلڪل ماڊر نائيزڊ ٿي ويا هئا. نتيجو اهو نڪتو ته
پڙهيل هندو ماڻهو ڀلي ته هڪ هٽ واڻئي جو پٽ هجي،
ان دؤر ۾ ڪڏهن ڪڏهن انگريزي لباس، هئٽ ۽ پينٽ به
ڍڪيندو هو. هندو عامل ته هونءَ ئي ٻي جي تقليد ڪرڻ
جا هوشيار هئا، سي بلڪل انگريز لڳندا هئا. فقط وڏي
عمر وارا هندو، خصوصاً ڀائيبنڊ پنهنجي پراڻي پوشاڪ
پائيندا هئا. عالمن جا به بزرگ ماڻهو، اگرچ
انگريزي ڪپڙا ڍڪيندا هئا، تاهم غلاميءَ جو ٽوپلو
نه پائيندا هئا. مثال طور ديوان سنتداس هميشه ٽوپي
ڍڪيندو هو، حالانڪه هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ ماڻهو هو. هن
شخص جي نالي سان اڃا تائين هيرآباد وارو ”جيل روڊ“
سڏجي ٿو. اسان جو پرنسپال مسٽر ايس. ايڇ. ڀارواڻي
به ساڳيءَ طرح ڪاري ٽوپي ڍڪيندو هو.
عاملن کان پوءِ حيدرآباد جي هندن ۾ ڀائيبندن جو نالو اچي ٿو.
ڀائيبند ماڻهو عموماً ڌنوان پرش هوندا آهن. هو
ڊگهو ڪوٽ، ڌوتي ۽ مٿي تي اڇي پڳ پائيندا آهن. بعضي
پڳ جي بدران اچي بخمل جي ٽوپي به پائين. مکي
بگومل، جو حيدرآباد جي هندن جو پريو مڙس جو، هميشه
اهڙي ٽوپي ۽ پائجامو پائيندو هو. مکي صاحب کي ڪڏهن
به ڌوتي پائيندي نه ڏٺو ويو هو. مکي مينگهراج مل
يا ڀائي ڍولڻداس به ساڳيا اهڙا ڪپڙا ڍڪيندا هئا.
جيسين زالن جي پوشاڪ جو تعلق آهي ته مان ائين چوندس ته اسان جي
ننڍي هوندي، يعني هن صديءَ جي شروعات ۾، هندو
عورتون پوتي، چولو ۽ سٿڻ ڍڪينديون هيون. پائجامي
کي هندو سٿڻ ئي چوندا آهن. ليڪن هندن جي زالن جا
پائجاما ننڍي پانچي وارا ۽ اڳي هندو عورتون گهر
مان ٻاهر نڪرڻ مهل، مٿان پڻئي جي اڇي چادر ويڙهي،
شام جي وقت نڪرنديون هيون. ڪنهن ڀاءُ برادر جي گهر
مان ليئو پائي، ڏيئي ٻرئي کان اڳ واپس پنهنجي گهر
اچي وينديون هيون. مايون عموماً منهن ويڙهي فقط
اکڙي ڪڍي پوءِ ٻاهر اينديون هيون. اکڙيءَ جي پَر،
ته گهڻو اڳي، اوچ ذات هندن جي عامل فرقي ۾ به هئي،
پر بعد ۾ رڳو هندو ڀائيبندن جون مايون اکڙي
ڪڍنديون هيون. شروع شروع ۾ هندن جي زالن ۾ ساڙهي
پائڻ جو رواج بلڪل نه هو. عاملن جو زالون به ساڙهي
ڪين ڍڪينديون هيون، ليڪن بعد ۾ انهن جو اهو فئشن
اختيار ڪيو هو. هن فئشن جي ته شروعات عاملن کان ٿي
هئي. گهڻو پوءِ ٻين هندن، ڀائيبندن وغيره ساڙهي کي
اختيار ڪيو هو.
عاملن جون عورتون عموماً اهڙيون ساڙهيون ڍڪينديون هيون جن تي ڪو
گل يا چِٽ وعيره نه هوندو هو. اهي ساڙهين کي بارڊر
به نه هڻائينديون هيون. سادگي سندن ورثو هئي. پر
عامل عورتن جي ساڙهيءَ پائڻ جو ڍنگ اهڙو اعليٰ
هوندو هو، جو ڏاڍيون خوبصورت پيون لڳنديون هيون.
حيدرآباد جي عامل، مرد خواه مايون، ڏاڍا حسين،
ذهين ۽ فئشن وارا هوندا هئا. انهن جي ئي ڪري هن
شهر کي تڏهن ”سنڌ جو پئرس“ ڪري چوندا هئا.
ساڙهيون پائڻ کان پوءِ انهن وري وار ڪترائڻ به شروع ڪيا هئا، ۽
مٿا اگهاڙا رکنديون هيون. پر هڪ ڳالهه سندن خاص
خوبي هئي، جو هو پنهنجين ساڙهين جون ڪوٽيون
(بلائوسز) هميشه فُل سائيز رکنديون هيون. اڄڪلهه
وانگر پيٽ اگهاڙو ڪري ٻاهر نه نڪرنديون هيون.
ساڙهيون پوءِ حيدرآباد جي هندو ڀائيبندن جي زالن به پائڻ اختيار
ڪيون هيون. هن قوم ۾ پئسو نسبتاً وڌيڪ هوندو آهي،
سو اهي اُچيون ۽ گهڻي ڀرت واريون ساڙهيون
پائينديون هيون. بعضي انهن جي ساڙهين تي بادلي ۽
ستاري جو ڪم به ٿيل هوندو هو ۽ انهن جا بارڊر به
وڏا هوندا هئا. ڀائيبندن جون زالون ساڙهي پائي،
مٿو ڍڪي ٻاهر نڪرنديون هيون: پر عاملن جون زالون
مٿو اگهاڙو ڪري هلنديون هيون. اگرچه ٻنهي کي ڀيٽ
ڪجي، ته ڀائيبندن جون زالون ساديون سوديون، ٿوري
فئشن واريون، مايون هيون. گهرن کان ٻاهر عموماً
گهٽ نڪرنديون هيون: عامل عورتن تڏهوڪو نوڪريون ڪرڻ
شروع ڪري ڇڏيون هيون. هو گهڻو ڪري يا ته اسڪول
ٽيچر يا ته ڊاڪٽر هونديون هيون. منهنجيءَ راءِ ۾،
سڄي بر اعظم ۾، اهڙي ذهين يا خوبصورت قوم ٻي ڪابه
نه هوندي، جهڙي حيدرآباد جي عامل قوم هئي. البت ڪن
هنڌن ۽ خطن ۾ مثلاً پنجاب ۾ خوبصورتي آهي، پر اُتي
نزاڪت اڻلڀ آهي. بمبئي ۽ هندستان جي ٻين صوبن ۾
اتي جي زالن ۾ اگرچه نفاست آهي، ليڪن حُسن ناهي.
ان جي برعڪس حيدرآباد جي عاملن ۾ اهي ٻئي گڻ موجود
هئا. هر عامل شخص هر لحاظ کان حسين ۽ خوش پوش
هوندو هو.
جيسين ڀائيبندن جي عورتن جو تعلق آهي، ته اهي منهنجيءَ راءِ ۾،
سنڌ ۾ مقيم ڪاٺياواڙي قوم جي عورتن جهڙيون هيون.
صورت ۾ به ۽ ڪردار ۾ به. ٻنهي قسمن جي ماين جا
منهن ويڪرا، اکيون وڏيون، پيشانيون ڪُشاديون، بت ۾
نسبتاً ڀريل هونديون آهن.
ننڍي عمر جي نينگرن کي، هندو ماڻهو پائجامو ۽ قميص پهرائيندا
هئا. ليڪن مٿي تي ٽوپي ۽ پير ۾ جتي پائڻ هڪ لازمي
ڳالهه هئي. بلڪ اسڪول ۾ وڃڻ مهل ڪورٽ به ڍڪيندا
هئا. بعد ۾، هندو نينگرن نڪرس پائڻ شروع ڪيون ۽
مٿا به اگهاڙا ڪيا. هاءِ اسڪول جي سطح تي بعضي
پينٽ به پائيندا هئا. ڪانگريس تحريڪ جي اثر هيٺ،
بعضي مٿي تي گانڌي ٽوپي به ڍڪيندا هئا؛ يا ڪاري
ولائتي بخمل جي ٽوپي استعمال ڪندا هئا.
هندن جون نياڻيون، عموماً، پٽي سان پائجامو ۽ چولو، يا وري فراڪ
پائينديون هيون. جنهن کي اسين پائجامو چئون ٿا،
هندو اُن کي سُٿڻ چوندا هئا، تمام ننڍي هوندي، مان
ڏسندو هئس، ته هندو نينگريون عاملن ۽ ڀائيبندن
جون، مٿي تي هلڪي، ڪاري ٽوپي به پائينديون هيون.
اها ٽوپي بخمل جي هوندي هئي، مٿس موتين جي مڙهت جو
سهڻو ڪم ٿيل هوندو هو. وارن تي ٽوپي ڏاڍي پئي
ٺهندي هئي. گهڻو پوءِ انهن مٿو اگهاڙو ڪيو.
هاڻي مان هن شهر جي مسلمانن جي لباس جو ذڪر ڪندس. مسلمان مرد
تڏهن مٿي تي سنڌي پٽڪو، جهولدار سلوار، ڊگهي قميص
يا پاسي تي ڳچيءَ سان پهراڻ ڍڪيندا هئا. غريب توڙي
امير جو لباس تقريباً ساڳيو هو. وڌ ۾ وڌ، ته امير
ماڻهو مٿان ڊگهو ڪوٽ يا پيرن ۾ ولائتي بوٽ پائيندا
هئا. رفتي رفتي، ڊگهي قميص جي بدران ننڍي قميص يا
شرٽ، ۽ پٽڪي جي جاءِ تي ”تُرڪي ٽوپي“ پائڻ لڳا.
تڏهن ترڪي ٽوپيءَ جون جنون سڄي براعظم ۾ ڦهليل هو.
شايد انگريز جي ٽوپلي کان نفرت ڪري، مسلمانن هيءَ
ٽوپي اختيار ڪئي هجي، بهرحال، ٻار کان ٻڍي ۽ پڙهيل
کان اڻ پڙهيل تائين، پوءِ هر فرد اها استعمال ڪرڻ
لڳو هو. ساڳئي وقت، حيدرآباد جا مسلمان، سلوار به
گهٽائي، ٻه تختي يا وڌ ۾ وڌ چو تختي پائڻ لڳا.
مسلمانن جا نينگر به سلوار، قميص ۽ ترڪي ٽوپي
پائيندا هئا. اسين ننڍي هوندي سلوار جي بدران
پائجاما ڍڪيندا هئاسين. اُن زماني ۾ ڪوٽ ٽوپيءَ
کان سواءِ، ڇوڪرا به گهر کان ٻهر ڪين نڪرندا هئا.
مون کي ياد آهي ته اسين نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ
۾ پڙهندا هئاسين. گرمين جا ڏينهن هوندا هئا. ماتر
صاحب ۽ شاگرد، ڪوٽ ٽوپين سان ڪلاس ۾ ايندا هئا.
ڀلي ته پگهر پيو نڪري. ڪوٽ يا ٽوپيءَ جي لاهڻ جي
ڪنهن کي به اجازت ڪين هئي. گهڻو پوءِ، تقريباً
1930ع ۾ انهن يعني مسلمانن سوٽ پائڻ شروع ڪيا.
پڙهيل مسلمان اگرچه سوٽ پائيندا هئا، ته به مٿي تي
اها ئي مسلمانڪي ٽوپي (ترڪي ڪيپ) ڍڪيندا هئا، جيئن
خبر پوي ته هو ڪير آهن. ان جي برعڪس پڙهيل هندو،
يا مٿو اُگهاڙو رکندا هئا، يا هئٽ پائيندا هئا. ڪي
ڪي هندو سوٽ تي به گانڌي ٽوپي پائيندا هئا.
جيسين مسلمانن جي زالن جو تعلق آهي، ته مان چوندس ته گهڻو اڳي
اهي سُوسيءَ جي سٿڻ، چوڙ واري، چولو ۽ رئو
ڍڪينديون هيون. پير ۾ ٽئونر واريون سنڌي جُتيون
پائينديون هيون. بعد ۾ سوسيءَ جي بدران ٻئي ڪپڙي،
مثلا ساٽين ۽ پاپلين، وغيره جون سٿڻون ۽ سنڌي چولي
جي بدران، جپان جا ٺاهيل آڳا ڍڪينديون هيون. آڳن
جو فئشن ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو گهڻو هو. هن قسم جي
چولي جو اڳ ڀريل هوندو آهي. اڃا تائين حيدرآباد ۾
مقيم سنڌي پشوري ماڻهن جون مايون آڳا ڍڪينديون
آهن.
رفتي رفتي، مسلمانن جي زالن ۾ ٻين قسمن جي ڪپڙن جو رواج پيو.
مثلاً سڻيءَ يا ريشم ۽ سڻيءَ جي ملاوٽ جي ڪپڙي،
جهڙو دل ڪي پياس، پائڻ جو رواج ٿيو. ان سان گڏ
سوسيءَ جي سوڙهي سٿڻ جي جاءِ تي وڏي پانئجي واري
سلوار جو رواج ٿيو: ويڪري پانچي واري سلوار کي
”علي ڳڙهه سلوار“ ڪري چوندا هئا. پاڪستان جي قيام
ٿورو اڳ، حيدرآباد جي مسلمان عورتن ۾ ساڙهيءَ جو
به رواج پئجي چڪو هو. سنڌي ٽئونر واري جتيءَ جي
بدران انگريزي سئنڊل مقبول ٿي چڪا هئا. مگر هي سڀ
جنسار گهر جي چوديواريءَ جي اندر هوندو هو. ٻاهر
نڪرڻ مهل سخت پردو رکڻو پوندو هو. ڪن ڪن خاندانن
جون مايون، جڏهن ٻاهر نڪرنديون هيون تڏهن گاڏين کي
چادرن يا کيسن سان بند ڪري پلاند سوتلن سان ٻڌي
سوگها ڪري، پوءِ انهن کي اندر ويهاريو ويندو هو.
حيدرآباد جي شاهي بازار ۾ ڪابه عورت ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي. هندو
زالون ئي بازار ۾ پر ورلي ڏسڻ ۾ اينديون هيون، سو
مسلمانن جي زالن جي نڪرڻ جو سوال ئي نٿو ٿئي.
البته اهڙيون زالون، جن کي ضرورت ٻاهر نڪرڻ تي
مجبور ڪيو هجي، مثلا دايون، ته اهي به رئي جي مٿان
چادر ۽ ٻين ڪپڙن سان گڏ پيشگير پائي، پوشيديون ٿي،
پوءِ ٻاهر نڪرنديون هيون. اهڙيون زالون به منهن تي
”روءِ بند“ رکي پوءِ نڪرنديون هيون.
حيدرآباد جي مسلمانن جي زالن ۾ ”ڪاري چادريءَ“ جو رواج اڃا نه
پيو هو، تاهم ننڍي ٽهيءَ جي زالن ۾ اڇو، پڻئي جو
بُرقعو مروج ٿي چڪو هو. جيئن ته برقعو اصل ۾ سنڌ
کان ٻاهران آيل هو، تنهن ڪري ان کي ”پشوري برقعو“
ڪري چوندا هئا. موجوده برقعو جنهن کي فقط چادري
چئجي، گهڻو پوءِ مروج ٿيو هو. تاهم چادريءَ واري
برقعو به هن شهر ۾ ورهاڱي کان گهڻو اڳ مقبول ٿي
چڪو هو.
حيدرآباد جا هندو، انهن جون ذاتيون، فرقا ۽ عبادت ڪرڻ جو طريقو.
حيدرآباد جي هندن ۾ اگرچه ڪيتريون ذاتيون هيون، تاهم انهن ۾
مکيه فرقا يا ٽولا فقط ٻه هئا: هڪڙا ”عامل“ ۽ ٻيا
”ڀائيبند“؛ ٻيا ٽولا يا فرقا ايتري قدر اهم نه
هئا. هي ٻئي چند سنڌي ماڻهو هئا. ٻيون هندو قومون
يا فرقا عموماً هندستان جي ٻين خطن مان اچي
حيدرآباد ۾ آباد ٿيا هئا. مثلا ڀيل، ڪولهي، سوچي
وغيره، جن کي هتي جا هندو پاڻ کان گهٽ سمجهندا
هئا. ڪم از ڪم آهي ڌاريا هئا، سواءِ جيسلميري
برهمڻن جي، جي خود ٻاهران آيا هئا. ٻين سڀني کي
هندو عامل خواه ڀائيبند ڌاريا ڪري، پاڻ کان گهٽ
سمجهندا هئا.
جيسين سنڌي عامل قوم جو تعلق آهي، ته مان چوندس ته هيءَ قوم
پڙهيل، مهذب ۽ ترقي يافته هئي. هندو قوم جي سڄي
انٽيليجنشيا عامل تي مشتمل هوندي هئي. ڪم از ڪم
ڪلهوڙن جي زماني کان وٺي، حيدرآباد جا عامل، اعليٰ
عهدن تي فائز هئا. عاملن ۾ حيدرآباد جي آڏواڻي
۽گدواڻي سر فهرست سمجهيا وڃن ٿا. انهن کان علاوه
ٻيا به ڪيترائي عامل خاندان آهن: شهاڻي، لعلواڻي،
چنديراماڻي وغيره. عاملن جو هڪ فرقو اهڙو به آهي،
جيڪي چند حيدرآبادي نه آهن، انهن کي هو ”ساهتا
عامل“ ڪري سڏيندا آهن. حيدرآباد وارا پاڻ کي
”خدابادي عامل“ سڏائيندا آهن.
جيسين ڀائيبند ماڻهن جو تعلق آهي، ته ٿلهي ليکي ائين آهي ته
جيڪڏهن عامل سرڪاري ملازمت ڪرڻ ۽ ٻين وڏين
پروفيشنس، مثلا ڊاڪٽري، انجنيئرنگ ۽ پروفيسرشپ ۾
ڪامياب هوندا هئا ته ڀائيبند وري بزنيس، انڊسٽري ۽
ڪارخانيداريءَ ۾ ڪامياب هوندا هئا. ان ۾ ڪو شڪ
ڪونهي ته حيدرآباد جا ڀائيبند پهرين ننڍا دڪاندار
هئا، پر بعد ۾ هو ترقي ڪري وڃي ڪارخانيدار ٿيا
هئا. تاهم پئسي گڏ ڪرڻ ۽ مادي ترقي ڪرڻ ۾ برِ اعظم
جي ڪنهن به واپاري قوم کان پوئتي نه هئا. سنڌ ورڪ
وارو واپار، جيڪو پهرين ننگر ٺٽي جي ميمڻن ۽
حيدرآباد جي حافظن جو ورثو هو، ان کي بعد ۾ هتي جي
ڀائيبندن ئي سنڀاليو ۽ ان کي عروج تي آندو. ڀائي
پوهومل ۽ ڀائي کيئومل، جن جا نالا سنڌ ورڪ جي
مشهور پيشي سان وابسته آهن، حيدرآباد جا ئي هئا. |